
جيڪو نينگر محنت ڪندو،
پاس به ٿيندو جهٽ پٽ ۾!
جهٽ پٽ ۾ ها، جهٽ پٽ ۾!
جيڪر ٻالڪ ورزش ڪندو،
بال جهٽيندو جهٽ پٽ ۾،
جهٽ پٽ ۾ ها، جهٽ پٽ ۾.
علم جو ڏيئو اونداهيءَ جي،
پاڙ پٽيندو جهٽ پٽ ۾،
جهٽ پٽ ۾ ها، جهٽ پٽ ۾.
جيڪو نينگر محنت ڪندو،
پاس به ٿيندو جهٽ پٽ ۾،
جهٽ پٽ ۾، ها جهٽ پٽ ۾.
آواز: تعمير حسين شاعر: ادل سومرو