
نــنـــــڍڙا مـــٺـــڙا ســـهـڻـــا ٻـــــار،
آس وطـــن جـــــــي ۽ آڌار!
هاڻي پڙهڻ جي ڪريو تياري،
ديس جي ٿيندي ناماچاري،
ننــڍڙا مــٺـڙا ســهـڻــا ٻـار،
آس وطــــــن جـــــــي ۽ آڌار.
لفظ پڙهــــون ٿــا سولا سولا،
گيت سکون ٿا مٺڙا مٺڙا،
نــنــــڍڙا مـــــــٺـــــڙا ســـــهــڻــا ٻــار،
آس وطــــــن جـــــي ۽ آڌار.
راند ڪندي ٿا عـِلم پرايون،
علم پرايون سمجهه وڌايون،
نـنــڍڙا مــٺــڙا، سـهـڻــا ٻـــار،
آس وطــن جــي ۽ آڌار.
]نصاب جي ڪتاب مان کنيل[