”دٻلي ٿي ڇڻڪي“ ٻارن لاءِ ريڊيائي گيتن جو اهڙو مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان گهڻن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو ۽ جيڪي ٻار هي گيت پڙهندا ته انهن ۾ موجود خوبصورت ٻول کين ضرور موهيندا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اهي سمورا گيت آڊيو ڪيسٽن/ سي ڊين تي پڻ محفوظ ڪيا پيا وڃن. محترم نصير مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا رڪارڊ ڪرايل هي گيت گڏ ڪري هڪ دؤر جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي ۽ ريڊيو پاڪستان جي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ ڪردار کي پڻ ظاهر ڪيو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران هنن گيتن جي اشاعت ٻاراڻي ادب واري رٿا هيٺ ڪرائي وئي آهي ته جيئن سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي. اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙ اٿارٽيءَ جي هن ننڍڙيءَ ڪوشش کي ضرور مان ڏيندا.
ڊاڪٽر فهميده حسين
2010- 5- 5 چيئرپرسن