
ڪُڪُڙُ اسان هـڪ ڌاريو آهي،
مــون کــي ڏاڍو پـيــارو آهــي.
رنگ بـرنـگـي، پـيـارو پـيـارو،
پـکـيـن ۾ ڄــڻ آهـه نـيــارو.
صُـبحَ ســويـرو پـاڻ اُٿــي ٿــو،
ڪڏهن به غفلت ڪـِين ڪري ٿو.
اُٿي فَجُر جو ٻانگَ ڏِئي ٿو،
مـٺي ڌڻيءَ کي ياد ڪري ٿو.
پـاڻ اُٿـي ۽ ٻـيــا بـه اُٿـاري،
سـڀ کـي يـادِ خُـدا جـي ڏيـاري.
اچو ته هـِن مان سبق پـِرايون،
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون!
آواز: ماسٽر محمد ابراهيم شاعر: مظفر حسين جوش
(1995-1991ع)