
ديسَ کي گڏجي زورُ وٺايون،
زورُ وٺايون!
رات جي پويان ڏينهن اَچي ٿو،
شام وڃي ٿي، صُبح اچي ٿو،
وقت سان گڏ جي ڊوڙ پُڄايون:
ڊوڙ پڄايون!
ديسَ کي گڏجي زور وٺايون،
سوڀَ اسان جي، جـِيتِ اسان جي،
ملڪ سان آهي پريت اسان جي:
پــاڪ وطـن جــو مـانُ وڌايـون.
مانُ وڌايون!
ديس کي گڏجي زور وٺايون.
علم هُنر ۾ ڀَڙُ ٿينداسين،
ملڪ جي خاطر سـِرُ ڏينداسين،
اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون.
پاڻ ملهايون!
ديس کي گڏجي زور وٺايون،
همت سان ۽ قربانيءَ سان،
هـــر مـــشــڪــل ۾ آســـانــيءَ ســــان،
دشــمــن کـــي ٿـــا آڻِ مـــڃــايــون،
آڻِ مڃايون!
ديـس کـي گـڏجـي زور وٺـايـون.
آواز: رجب علي شاعر: بلاول پرديسي