
سوچ سمجهه جو کيل نرالو،
سوچ سمجهه جو کيل نرالو،
ڀڃـــو ڳجهـــــارت، پيــــارا ٻــــارو!
هڪ پکيءَ جو پيارو ڍنگ آ،
چهنب ڊگهي ۽ ڪارو رنگ آ،
جنهن اوهان کان لولي کسي آ،
ٻڌايو ٻارو ڪهــــڙو پکي آ؟
اها ڳجهارت اسان ڀڳي آ،
اهو ته سائين ڪانگ پکيءَ آ.
پوشاڪ سائي، ڳاڙهو ڳانو،
ٻوليون ٻولي ڳائي ترانو،
چُوري جنهن جي لاءِ رکي آ،
ٻڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ،
اها ڳجهارت اسان ڀڳي آ،
اهو ته ســــائيـــن طوطو پکـــي آ.
ٿرن برن ۾ رهندو آهي،
بادل ڏسندي نچندو آهي.
سونهن انهيءَ جي صاف سچي آ،
ٻڌايو ٻارو ڪهڙو پکي آ،
اها ڳجهارت اسان ڀڳي آ،
اهـو تـه سائيـن مـور پکـي آ.