
ســرڪــس آئـــي نـيـــاري،
ڪَريو ڏسڻ جي تُرت تياري.
ڏسو هي ٻارو رنگ نرالو،
هاٿي آ اِسٽولَ تي بيٺو،
تاڙين جا آوازَ چوڌاري،
وه وا سَرڪس آئي نياري!
شِينهُن ٻَڪرَ سان ويٺو آهي،
ڄڻ ته ٻـِنهي ۾ ويڇو ناهي،
خوب اُنهن جي آهي ياري:
وه وا سرڪس آئي نياري!
تارَ تي بيٺو ڊوڙي ڇوڪر،
گاڏِي ويٺو ڪاهي باندر،
کيلُ اهوئي آهي جاري:
واه وا سرڪس آئي نياري!
هن سرڪس جا کيلَ تماشا،
آهن ڏاڍا پيارا پيارا،
شهرَ سڄي ۾ ناما چاري:
واه وا سرڪس آئي نياري.
واه وا سرڪس آئي نياري!
ڪَريون ڏِسڻ جي تُرت تياري.
آواز: استاد محمد جمن شاعر: بلاول پرديسي
(1999ع- 1931ع)