
آيو ڦوڪڻي وارو،
آيو ڦوڪڻي وارو،
اچو اچو ڙي ٻارو،
آيو ڦوڪڻي وارو.
ڦوڪڻو منهنجو رنگ رنگيلو،
ڳـاڙهــو ســــــائـو پيــــازي پـيـــلــو،
لـــيـــمــــــائـــي، نـــاســــي ۽ نـيـــلـــو،
اڇـو اڇـو يـا ڪـارو،
آيـو ڦـوڪـڻـي وارو.
ڦـوڪـڻـي ســان ٿـا ٻارڙا کيڏن،
کيڏندي هرگز ڪين ٿا ٿڪجن،
روئندڙ ٻار انهيءَ سان پرچن،
ڦوڪڻو اهڙو پيارو،
آيـو ڦـوڪـڻـي وارو.
دنيــــــا آهـــــي ڦــوڪـــــڻي وانگـــر،
ڦوڪ سان آهي ساري چرپر،
ڦوڪ نه آهي ختم ٿيو يڪ سر،
دنـيـــــــا جــــو خــــاســــارو،
آيو ڦوڪڻي وارو.
آواز: روبينه قريشي شاعر: سيد منظور نقوي
(1997- 1924ع)