
مـُرڪـندا شـل رهو،
شــــالَ ٽــــڙنـدا رهــــو!
آسمان تي سدا چنڊ بڻجي کـِڙو،
گلستان ۾ گُلابن جيان شل ٽڙو.
مُرڪندا شل رهو!
ٿر جي واريءَ مٿان بوند بڻجي وَسو،
آهه دل جـي دعـا مـنـزلـن کـي رَسـو.
مرڪندا شل رهو!
سمنڊ جي تهه منجهان موتي ماڻڪ کڻو،
۽ پـهـاڙن مـٿـان پـنهنـجــا جهـنڊا هڻو.
مرڪندا شـل رهــو.
شـــــــال ٽـــڙنــدا رهــــــــو!
آواز: عذرا رياض شاعر: امداد حسيني
(جنم: 1940ع)