
آيو آيو،
آيو................ ميلو آيو!
ڪٻريون، ڪانگَ، ڪَبوتر آيا،
جهرڪين، هيڙهن سانگ رچايا،
ڳيرن ويٺي ڳايو!
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
سـِرڻيون، شِڪرا ۽ ڪُونجون،
بَدڪون،ڪُڪڙيون،آيون ٽَرڪيُون،
ڪويل راڳُ ٻڌايو.
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
ڪالهه کٽياڻيون، ڪُمريون آيون،
ڪاٺ- ڪُٽي پئي ڦيريون پايون،
هُد هُد سازُ وڄايو.
آيو آيو!
آيو .............. ميلو آيو!
آواز: رجب علي شاعر: سيد منظور نقوي
(1997- 1924ع)