ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275909   ڀيرا پڙهيو ويو

اشتهارن جو مقصد


ميڊيا تي نشڙ يا شايع ٿيندڙ اشتهارن جو مقصد ڇا آهي؟ انهيءَ ڳالهه سان اسان سڀ متفق آهيون ته اِنهن اشتهارن جو مقصد ڪنهن شئي، خيال ۽ خدمت بابت عوام يا خاص گروهن تائين ترغيبي ڄاڻ پهچائڻ آهي.يعني اهڙي ڄاڻ جنهن ۾ ترغيب به شامل هجي. ميڊيا جي اشتهارن کي اسان ڪنهن ”سيلز مين“ يا ”سيلز وومين“ واري ڪردار سان ڀيٽي نٿا سگهون. اشتهارن جو ڪم گهر گهر ۽ درد شيون وڪڻڻ نه آهي. اسان ڪنهن بئنڪ جو اشتهار ميڊيا تي ڏسون ٿا، جنهن ۾ ويزا يا ماسٽر ڪارڊ بابت ترغيبي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي ۽ ائين ٻين بئنڪن طرفان به ساڳين ڪارڊن جا اشتهار ڏنا ويندا آهن، پوءِ به اسان ڏسون ٿا ته انهن بئنڪن جا ”سيلز مين“ يا ”سيلز وومين“ آفيسن ۽ گهرن ۾ اچي اسان کي مذڪوره ڪارڊن جون خاصيتون ٻڌائي، ريجهائي ريجهائي اهو ڪارڊ خريد ڪرائين ٿا يا اهڙي ڪوشش ڪن ٿا. ائين ڇو آهي؟ ڇا اشتهار پنهنجو مقصد وڃائي ويٺا آهن؟ ائين هآهي، مارڪيٽ ۾ ٻن قسمن جا گراهڪ هوندا آهن. هڪڙا گراهڪ اهي هوندا آهن، جن اڃا مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪنهن نئين شئي کي خريدڻ جو فيصلو ئي نه ڪيو هوندو آهي ۽ ٻيا اهڙا هوندا آهن، جن نئين شئي خريدڻ جو فيصلو ته ڪري ورتو هوندو آهي پر اڃا اهو فيصلو نه ڪيو هوندو اٿن ته ڪهڙي، ڪمپني يا بئنڪ وغيره جي شئي يا خدمت حاصل ڪجي. اشتهار جي علم ۾ انهن گراهڪن کي گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين گروپ ۾ پهريان گراهڪ شامل آهن ۽ ٻئي گروپ ۾ ٻيان گراهڪ شامل آهن. هاڻ جيڪواشتهار يا ڪمرشل تيار ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ۾ ٻنهي گروپن کي سامهون رکيو ويندو آهي. پهرين گروپ کي اِها ترغيب ڏني ويندي آهي ته هو نئين شئي ڇو نه خريد ڪري ۽ اِها شئي يا خدمت هن لاءِ ڪيئن اهم آهي، انهيءَ ڪري هن کي اِها خريدڻ گهرجي ۽ ٻئي گروهه کي اِها ترغيب ڏني ويندي آهي ته هو مارڪيٽ ۾ موجود ٻين ڪمپنين وغيره جي شئي جي مقابلي ۾ فلاڻي يا هن ڪمپني جي شئي يا برانڊ ۽ خدمت کي ترجيح ڏئي. جڏهن مارڪيٽ ۾ مقابلي جو اهڙو ماحول پيدا ٿي وڃي ته پوءِ ريجهائڻ (Persuasion) لاءِ منهان منهن (Face to Face) ڪميونيڪيشن جي ضرورت پوندي آهي ۽ اهو ڪم ڪمنين طرفان ”سيلز مين“ ۽ ”سيلز وومين“ جي حوالي سان ڪيو ويندو آهي. اهڙا مثال اسان انشورنس ڪمپنين، تعميراتي ڪمپنين، گهريلو ۽ ڌرڻي جو سامان تيار ڪندڙ ڪمپنين ۾ ڏسون ٿا. هي ترغيبي ٽيڪنڪ اشتهارن سان گڏ هلائي ويندي آهي.

اشتهار ڪميونيڪيشن جو هڪ عمل آهي، جيڪو ڪنهن چونڊيل ميڊيا (Selected Media) ذريعي مڪمل ٿئي ٿو. اشتهارن جي بنيادي ڪمن ۾ ڪنهن نئين شئي يا برانڊ جي خاص نالي متعارف ڪرائڻ به آهي. اهو انهي ڪري جو انهي برانڊ جو خاص نالو ماڻهن جي ذهنن ۾ ايترو ته گهرو ٿي وڃي، جو ڪو ماڻهو جڏهن بازار، اسٽور يا هائپر مارڪيٽ ۾ وڃي ته نئين شئي جي نالي ۽ شڪل شبهه کان اڳيئي واقف هجي ۽ ان شئي کي ڏسڻ سان ئي اُها نئين شئي نالي سميت هن جي ذهن تي تري اچي ۽ هو سوچي ته هي اُها شئي آهي، جنهن جو اشتهار مون انٽرنيٽ تي ڏٺو هو يا منهنجي ايميل باڪس ۾ آيو هو يا رسالي ۽ اخبار ۾ ڇپيو هو ۽ سئٽلائٽ چئنل تان ٽيليڪاسٽ ٿيو هو.

خدمت وارن اشتهارن ۾ اڪثر اسان جي رهبري ڪئي ويندي آهي، مثال اسان ”هلال احمر“ جو اشتهار ڏسون ٿا ته هن جو مقصد هن اداري جي سهوليتن کي استعمال ڪرڻ بابت اطلاعڏيڻ هوندوآهي. ساڳي نموني ڪنهن خيراتي اسپتال، مفت طبي ڪئمپ يا ڪنهن ٻئي خيراتي اداري جا اشتهار اسان کي انهن خدمتن مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيکاريا ويندا آهن. اهڙا اشتهار عام ماڻهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن. اهڙا اشتهار ڪن رعايتي شين بابت به ڏنا ويندا آهن، جن جي رعايت ڪنهن خاص وقت تائين هوندي آهي.

اشتهارن جا قسم

ماهرن اشتهارن کي مختلف قسمن ۾ ورهايو آهي، انهن جي ورهاست ۾ مختلف طريقن کي استعمال ڪيو ويو آهي. انهن کي سماجي گروهن جي حوالي سان ورهائي سگهجي ٿو، ميڊيا جي حوالي سان ورهائي سگهجي ٿو ۽ انهن جي ورهاست مختلف ڌنڌن ۽ اقتصادي ونڊ ورڇ جي حوالي سان به ڪري سگهجي ٿي. اشتهارن کي پيداوار (Product) ۽ خدمت (Service) جي حوالي سان به ورهايو ويو آهي. ماهرن جيڪي قسم ڄاڻايا آهن، انهن ۾ هڪ پيداواري اشٽهار ٻيو ڪلاسيفائيڊ اسٽهار، ٽيون سماجي خدمتن وارا اشتهار، ڇوٿون صنعتي اشتهار، پنجون ڪارپوريٽ اشتهار ڇهون ڊسپلي اسٽهار، ستون معاهداتي اشتهار، اٺون وقتي اشتهار، نائون جاگرافيائي اسٽهار ۽ ڏهون اشتهارن جا ڪي ٻيا ننڍا قسم شامل آهن.

انهن ڏهن ئي قسمن جو ترتيبوار جائزو هيٺين طرح وٺون ٿا.

(1)پيداواري اشتهار: هن قسم جا اشتهار عام جام جاري ٿين ٿا. هنن اشتهارن ۾ عام شين جي تشهير ڪئي ويندي آهي، جيڪي شيون سماج ۾ عام استعمال ٿين ٿيون. هنن اشتهارن ۾ شئي ٺاهيندڙ ڪمپني يا ڪارخاني بجاءِ صرف تيار ٿيل شئي کي مشتهر ڪيو ويندو آهي ۽ نئين شئي جي خوبين بابت تفصيل ڏنو ويندو آهي ۽ هڪ خاص انداز ۾ انهن شين جي ساک ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، هنن اشتهارن ۾ ڪن شين جو مرڪزي خيال اهڙو رکيو ويندو آهي، ڄڻ ته اهي تصوراتي دنيا جون شيون هجن، جن کي اوهان لاءِ حقيقتاً تيار ڪيو ويو آهي.

هن اشتهارن ۾ لفظي هير ڦير گهڻي رکي ويندي آهي، اهڙا اشتهار مڪمل ڄاڻ نه ڏيندا آهن، اهي ڄاڻ جي لحاظ کان ڪمزور پر اسٽائيل جي لحاظ کان مضبوط هوندا آهن. هن قسم جي اشتهارن ۾ مختلف ڪپڙن، ريفريجريٽرن، ٽي وين، گهريلو سامان ۽ ٻين اهڙين ئي شين جا اشتهار شامل هوندا آهن. هنن شين جي اشتهارن سان رهڻي ڪهڻي، گهريلو طرز عمل ۽ روين ۾ به تبديلي ايندي آهي، ڪٽنب جي بجيٽ جو وڏو حصو اهڙين شين تي انهيءَ ڪري خرچ ڪيو ويندو آهي ته جيئن سماج ۾ ماڻهو نڪ کڻڻ جهڙو رهي. هن قسم جا اشتهار رغبتي ڪميونيڪيشن ٽيڪنڪ سان تيار ڪيا ويندا آهن.

(2) ڪلاسيفائيڊ اشتهار: پيداواري اشتهارن جي مقابلي ۾ هي اشتهار خشڪ ڄاڻ تي ٻڌل هوندا آهن. پرنٽ ميڊيا ۾ هنن اشتهارن جو تعداد تمام گهڻو هوندو آهي. خاص ڪري موڪلن وارن ڏينهن ۾ هنن اشتهارن جي لانڍ لڳل هوندي آهي. جن ۾ نوڪرين، گاڏين، پلاٽن، بنگلن ۽ فليٽن جي وڪري ۽ مسواڙ جا اشتهار ۽ شادين ۽ سڱن، نالي جي تبديلي، ذات جي تبديلي، ٽيوشن سينٽر ۽ خانگي تعليمي ادارن جا اشتهار شامل هوندا آهن. ”رشتو گهرجي“ عنوان سان جاري ڪيل اشتهارن ۾ ذات پات جي اونچ نيچ ۽ جنسي ڪشش (Sexsual attraction)  کي خاص هٿي ڏني ويندي آهي. مثلاً ٻڌايو ويندو آهت ته ڇهن فٽن جي سهڻي ۽ سنهڙي ڳوري رنگ واري ڪنواري ڇوڪري لاءِ رشتو گهرجي ۽ صرف فلاڻي ذات وارا يا سني مسلمان ڇوڪرا يا انهنجا مائٽ رابطو ڪن. ”ڌيان طلب“ اشتهار به ڪلاسيفائيڊ آهن ۽ انهن اشتهارن جو مقصد پوليس ۽ ڪورٽ کي منهن ڏيڻ هوندو آهي. اهڙن اشتهارن جو متن 80 سيڪڙو ساڳيو ئي هوندو آهي، جن جو موضوع پيار جا پرڻا، جهيڙا جهٽا ۽ ملڪيت جا تڪرار شامل هوندا آهن، پيار جي پرڻن وارن ”ڌيان طلبن“ ۾ جنسي ترغيب، نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي سماجي بغاوت ڏانهن مائل ڪرڻ جو تاثر به ملندو آهي. انگريزي يا اردو پرنٽ ميڊيا جي مقابلي ۾ سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ اهڙا اشتهار ججها نظر ايندا آهن. عورتن جي آزادي واري بل ۽حڪومتي پاليسين کان پوءِ شايد روشن خيالي اڃا به وڌي ۽ آهستي آهستي هنن اشتهارن جو تعداد به گهٽجي وڃي.

(3) سماجي خدمتن وارا اشتهار: سماج ۾ ڪي اهڙا ادارا به ڪم ڪري رهيا آهن، جن جو مقصد سماج جي ڀلائي ۽ ماڻهن جي بنيادي ضرورتن بابت اطلاع ڏيڻ آهي. ڪنهن به اهڙي اطلاع لاءِ اشتهارن جوسهارو ورتو ويندو آهي. ماهرن هنن اشتهارن کي ”سوشل سروسز“ وارا اشتهار سڏيوآهي. هي اشتهار سماجي مسئلن ۽ معاملن بابت ڄاڻ ڏيندا آهن. جيئن خانداني منصوبابندي، قومي ايڪي ۽ ٻڌي لاءِ جاري ڪيل اشتهار، ماحول جي گدلاڻ، خاص ٻارن جي اسڪولن ۽ تربيتي ادارن جا اشتهار، پوڙهن لاءِ سهوليتي پئڪيج، روڊن تي گاڏين هلائڻ وقت ٽرئفڪ قانون جي پاسداري، سگريٽن، چرس ۽ هيروئن وغيره خلاف سماجي سڄاڳي واري مهم، ايڊز ۽ ڪاري سائي (B+C) کان بچاءَ جا اپاءُ، اهڙا اشتهار، هن قسم جا مثال آهن. اهي سڀ اشتهار سماج ۾ عوامي سجاڳيءَ پيدا ڪندا آهن ۽ ڪن خاص مسئلن بابت ڄاڻ ڏيندا آهن ۽ گڏوگڏ ڪنهن ٻوڏ ۽ ٻي تباهي کان خبردار ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا ويندا آهن.”پبلڪ ايڊيوڪيشن“ يعني عوامي ڄاڻ هنن اشتهارن جو بنيادي مقصد هوندو آهي.

(4) صنعتي اشتهار: هي اشتهار ڪن چونڊ ڪاروباري طبقن لاءِ جاري ڪيا ويندا آهن، جيڪي صنعتي ڪاروبار سان واسطو رکندا آهن. هنن طبقن ۾ ننڍن ڪارخانيدارن کان وٺي وڏا صنعتڪار شامل هوندا آهن. جيڪي اهڙن اشتهارن جو نشانو هوندا آهن. هنن اشتهارن ۾ وڏي مشينري جي وڪري ۽ خريداري، ڪارخانن ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال ۽ ٻين ٽيڪنيڪل سڌارن جا اشتهار شامل هوندا آهن.

(5) ڪارپوريٽ اشتهار: هنن اشتهارن جو بنيادي مقصد، ڪنهن به ڪمپني جي عوام ۾ ساکوڌائڻ هوندو آهي. هن قسم جا اشتهار ڪمپنيءَ جي مختلف سرگرمين بابت جاري ڪيا ويندا آهن، جن ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته مذڪوره ڪمپني ڪهڙا ڪهڙا فلاحي پروگرام شروع ڪيا آهن، هن ڪمپني ڪيترين راندين جي ڪفالت (Sponsorship) ڪئي آهي يا ڪري رهي آهي ڪيترا ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا آهن. اهڙي نموني انهيءَ ڪمپني جي سماجي سرگرمين ۽ تحقيق کي به پڌرو ڪيو ويندو آهي. هنن اشتهارن ۾ ترغيبي ڪميونيڪيشن بجاءِ ڄاڻ واري ڪميونيڪيشن استعمال ڪئي ويندي آهي.

وفاقي يا سنڌ حڪومت طرفان مختلف ترقياتي پروگرامن جي ڄاڻ لاءِ ۽ وڏين رٿائن جي افتتاح جي موقعي تي جاري ڪيل اشتهار، ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽيءَ جا اشتهار، ريلوي ۽ پي آءِ اي جا اشتهار به ڪارپوريٽ اشتهارن ۾ شامل آهن. اهڙا اشتهار ڪمپنين ۽ وڏين اٿارٽين جي پبلڪ رليشنز کي واڌاري لاءِ جاري ڪيا ويندا آهن. هنن اشتهارن ذريعي حڪومتن ڪمپنين يا ادارن جي سماجي خدمتن کي اجاگر ڪري عوام ۾ ساک ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

هن اشتهارن ۾ اهي اشتهار به شامل آهن، جيڪي مزدورن جي هڙتال جي رد عمل ۾ ڪنهن ڪمپني طرفان ڏنا ويندا آهن ۽ عوام کي ٻڌايو ويندو آهي ته ڪمپني يا اداري ورڪرن لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا ڪهڙا فلاحي پروگرام شروع ڪيا آهن ۽ هو وڌيڪ ڪهڙا پروگرام جاري ڪندا.

(6) ڊسپلي اشتهار: اشتهارن جي هي ورهاست ٽيڪنڪ سان تعلق رکي ٿي. جنهن ۾ لفظن جي استعمال ۽ انهن کي لکڻ لاءِ فونٽن جي استعمال پوائنٽ يعني جي ٿولهه ۽ ٻين اهڙين ٽيڪنيڪل ڳالهين کي سامهون رکيو ويندو آهي. هنن اشتهارن لاءِ ڪشش وارا لفظ (Catchy Words) چونڊي چونڊي استعمال ڪيا ويندا آهن. اهڙا اشتهار ٺاهڻ لاءِ اشتهاري ايجنسين وٽ خاص ماهر مقرر ٿيل هوندا آهن. اسان هر روز سفر ڪندي يا پنڌ ڪندي روڊن رستن جي ٻنهي پاسن کان کتل ۽ ٽنگيل بل بورڊ ڏسندا آهيون، جن کي مختلف لکتن ۽ نمونن سان اشتهاري شڪل ڏني ويندي آهي. انهيءَ کان سواءِ پرنٽ ميڊيا ۾ به اهڙا اشتهار عام ڏٺا ويندا آهن، جيڪي ڏيک ويک ۾ ڪلاسيفائيڊ اشتهارن کان ڪجهه مختلف هوندا آهن، پر انهن ۾ ڪلاسيفائيڊ اشتهارن وانگر صرف جاڻ ئي هوندي آهي. مثلاً اسان اڪثر ”ڊان“ يا ”دي نيوز“ ۾ موت جي اطلا، چاليهي جي اطلاع يا ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ واري اطلاع کي اشتهاري شڪل ۾ ڏسندا آهيون. اهي اشتهار وڏن لفظن ۽ وڏي اسپيس سان ڊسپلي ڪيا ويندا آهن. هنن اشتهارن جو ملهه ڪلاسيفائيڊ اشتهارن وانگر لفظن جي حساب سان طئي نه ڪيو ويندو آهي، پر اسپيس يعني جاءِ جي حساب سان طئي ڪيو ويندو آهي.

(7) معاهداتي اشتهار: اشتهارن جا ٻه قسم ملهه جي حساب سان سڃاتا وڃن ٿا، جن ۾ هڪڙا معاهداتي اشتهار (Contractual Advertisement) آهن ۽ ٻيا وقتي اشتهار (Casual Advertisement) آهن. معاهداتي اشتهار ڪنهن ڪمپني يا ڪنهن ٻي ڌر ۽اشتهاري ايجنسي جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جي صورت ۾ روزانو، هفتيوار يا مهينيوار، اڳواٽ طئي ٿيل ڪنهن خاص رقم جي عيوض ميڊيا تي جاري ڪيا ويندا آهن، يعني جيڪي اشتهار ڇاپڻ يا نشر ڪرڻ لاءِ هڪ مدو مقرر ڪري ٺيڪي تي ڏنا وڃن. اهي هن قسم سان تعلق رکن ٿا. ميڊيا پاڻ به سنئون سڌو ڪمپنين يا پارٽين سان اهڙا معاهدا ڪندي آهي. سياسي پارٽيون اليڪشن مهم دؤران مختلف اشتهاري ايجنسين کي پنهنجي اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ اهڙا ٺيڪا ڏينديون آهن ۽ اشتهاري ايجنسين وري ميڊيا جي مختلف شاخن يعني اخبار، ريڊي ۽ ٽي وي سان اهڙا معاهدا ڪنديون آهن. ائين انهن پارٽين جي پروپئگنڊا جو سڄو ڪم اشتهاري ايجنسين ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي. اهي اشتهار معاهداتي اشتهار هوندا آهن.

(8) وقتي اشتهار: اشتهار جو هي قسم ميڊيا تي اوچتو ظاهر ٿيندڙ اشتهار سان تعلق رکي ٿو. معاهداتي اشتهارن بابت ته ميڊيا کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ۽ ميڊيا انهيءَ حساب سان انهن اشتهارن لاءِ اسپيس ۽ ٽائيم جوبدوبست ڪندي آهي. پر وقتي اشتهارن لاءِ ميڊيا اڳواٽ ڪا به رٿابندي نه ڪئي هوندي آهي ۽ هنن اشتهارن جي اسپيس ۽ ٽائيم جي به اڳواٽ ڪا خبر نه هوندي آهي، اشتهار اچڻ کان پوءِ ميڊيا اسپيس ۽ ٽائيم جو تڪڙ ۾ بندوبست ڪندي آهي. انهيءَ ڪري هي اشتهار ملهه جي حوالي سان ٻين اشتهارن کان مهانگا به هوندا آهن. هي اشتهار ڪنهن اشتهاري ايجنسي طرفان گهٽ ايندا آهن، پر گهڻو ڪري ڪي فرد، ادارا، پارٽيون، ڪمپنيون يا حڪومتي ڌيون ميڊيا سان سنئون سڌو رابطو ڪري هي اشتهار نشر يا شايع ڪرڻ لاءِ ڏينديون آهن.

(9) جاگرافيائي اشتهار: اشتهارن جا هي قسم ملڪن ۽ علائقن جي جاگرافي سان تعلق رکن ٿا. يعني ڪي شيون ۽ خدمتون يا ادارا عالمي سطح جا هوندا آهن. جئين يو اين او، يونيسڪو، ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن، يو ايس ايڊ ۽ ورلڊ بئنڪ وغيره جا اشتهار سڄي دنيا لاءِ هوندا آهن. اهڙي طرح ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا، ٽويوٽا ڪرولا ۽ ايئر بس يا جمبو جهاز جا اشتهار به عالمي هوندا آهن. ڇو جو انهن شين جو واهو ۽ واسطوسڄي دنيا جي ماڻهن سان پوي ٿو. اهڙي طرح ڪي اشتهار مختلف کنڊن ۽ علائقن تائين محدود هوندا آهن، جيئن يورپي يونين ۾ شامل ملڪن لاءِ ڪي خاص اشتهار، آسيان، عرب ليگ، آفريڪن يونٽي فرنٽ ۾ شامل ملڪن جا اشتهار. هي اشتهار انهن تنظيمن جي ملڪن تائين محدود هوندا آهن.

اهڙي طرح انهن جو ٽيون نمونو ملڪي سطح جا اهي اشتهار آهن، جيڪي ڪنهن مهم يا ملڪي سطح تي استعمال ٿيندڙ خاص شين بابت ڏنا ويندا آهن. هن قسم جي اشتهارن جو چوٿون نمونو صوبائي يا رياستي جاگرافي سان واسطو رکي ٿو. جيئن سنڌ زراعت کاتي جا اشهتار، ڪنهن مقامي اداري يا اين جي اوز جا اشتهار اهڙي نموني صوبائي حڪومتن جا سڀ اشتهار هن قسم ۾ شامل ٿين ٿا.

(10) اشتهارن جا ڪي ٻيا ننڍا ننڍا قسم: جيئن شروع ۾ ذڪر ڪيو ويو ته اشتهارن کي ڪيترن ئي حوالن سان ورهائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن انهن کي مضمونن جي حوالي سان ورهائبو ته هڪڙا انتظامي، ٻيا سياسي، ڪي واپاري ۽ ڪاروباري ۽ ڪي سماجي ته ڪي اقتصادي اشتهار ٿي پوندا. ساڳي طرح اشتهارن کي اسان ميڊيا جي حوالي سان به ورهائي سگهون ٿا. مثلاً هڪڙا اخباري اشتهار، ٻيا ٽي وي ۽ ريڊيو ڪمرشل انهيءَ ۾ ريڊو ڪمرشل، ٽي وي ڪمرشل کان الڳ آهن، هئنڊ بل، بل بورڊ ۽ اي ايڊ وغيره.

اشتهارن لاءِ رٿابندي

اسان جي علم ۾ آهي ته اشتهارن جي تياري ۽ نشر يا اشاعت تي وڏو خرچ ٿئي ٿو. يعني ڪنهن ڪمپني، اداري، سياسي پارٽي يا ڪنهن فرد کي ڪو اشتهار ڏيڻو آهي ته هن لاءِ هن کي ڳري رقم خرڻي پوي ٿي. هن دؤر ۾ پهرين صف جي انگريزي اخبار يا ڪنهن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اشتهاري خرچ لکن تائين هليو وڃي ٿو. ايڏي وڏي رقم خرچڻ کان پوءِ به جيڪڏهن اصل مقصد حاصل نه ٿئي يا اڌ اڌورو حاصل ٿئي ته اِها پيغام جي پهچ ۽ مقصد جي ناڪامي هوندي ۽ مالي طور نقصان جو سبب به.

ڪنهن به ڪم جي اڳواٽ رٿابندي سٺا اثر ڇڏيندي آهي. ڪنهن ميڊيا تي اشتهار ڏيڻ کان اڳ جيڪڏهن مڪمل رٿابندي سان ڪم ڪبو ته پئسو به سجايو ٿيندو ۽ مقصد به حاصل ٿيندو.

اشتهارن جي رٿابندي ۾ جن ڳالهين کي سامهون رکيو ويندو آهي، انهن ۾ پيغام جي نوعيت، اشتهارن جي تياريءَ جو ڪاٿو، ميڊيا تي شايع يا نشڙ ٿيڻ جو ڪاٿو ۽ انهيءَ کانسواءِ اشتهار تيار ڪري نشانيل مخاطب (Targeted audiences) جي هڪ نموني تي انهن کي آزمائڻ شامل آهي. ماڻهو اهڙن اشتهارن ۽ڪمرشلن ڏانهن اڪثر ڪو به توجهه نه ڏيندا آهن، جن جي ٻولي، تصويرون يا فلمايل حصو صحيح نه هجي ۽ اهو اشتهار وائڙو ۽ ڪمزور ثابت ٿئي ۽ شئي يا ڪمپنيءَ لاءِ مرڳو نقصانڪار ثابت ٿئي، انهي ڪمپني جي اشتهار جي مقابلي ۾ حريف ڪمپني ساڳي شئي جي سٺي اشتهار ذريعي مارڪيٽ ماري وڃي ۽ مارڪيٽ ۾ انهيءَ شئي جو چلتو ٿي وڃي.

اسان جي سماج ۾ ڪنهن فحش منظر واري ڪمرشل يا اشتهار کي گهٽ پسند ڪيو ويندو آهي، انهي ڪري اشتهارن ۾ ماڊل جو استعمال ۽ انداز سماجي حالتن کي آڏو رکي ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان پنهنجي ثقافتي زندگيءَ کي به فروغ ملي سگهي ٿو.

اشتهارن ۽ ڪمرشلن کي شايع يا نشر ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي چونڊ به رٿابندي جو اهم حصو هوندي آهي. ڪهڙو اشتهار ڪهڙي ميڊيا تي وڌيڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿو، هن لاءِ سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، مثلاً عورتن جي هارسينگار ۽ ٻارن جي پرورش ۾ استعمال ٿيندڙ شين جا اشتهار عورتن جي رسالن يا عورتن جي خاص اخباري صفحن تي ڏيڻ گهرجن. ساڳي نموني اوچي طبقي لاءِ تيار ڪيل اشتهار ڪنهن اهڙي اخبار ۾ ڏيڻ گهرجن، جيڪا انهيءَ طبقي ۾ گهڻي پڙهي ويندي هجي.

ٽي وي چئنلن تي پرائيم ٽائيم کان سواءِ ٻي وقت کي به مناسب طريقي سان ورهائڻ گهرجي ۽ انهيءَ حساب سان ڪمرشل هلرائجن، مثلا ً ٻارن جا اشتهار موڪل وارن ڏينهن ۾ صبح جو ۽ عام ڏينهن ۾ شام جو ڇهين وڳي تائين هلرائجن. وڏن لاءِ پرائيم ٽائيم ۽ پوڙهن لاءِ پرائيم ٽائيم کان پوءِ به ڪمرشل هلرائجي سگهجن ٿا. اهڙي نموني ڪن خاص ڏينهن يعني نوجوان جي عالمي ڏينهن، عورتن ۽ ٻارن جي عالمي ڏينهن يا ماحوليات جي عالمي ڏينهن وغيره جي مناسبت سان ڪمرشل هلرائجن يا اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائجن.

ماهرن اشتهارن ۽ ڪمرشلن جي سٺي رٿابندي لاءِ ڏهن ڳالهين کي اهم ڄاڻايو آهي، انهن ۾ بجيٽ، مسئلي جي ڄاڻ، شروعاتي تحقيق، نشانيل مخاطب، ميڊيا جي چونڊ، ٻولي، ڪاپي ۽ فلمبدني، وقت، پوءِ جي تحقيق يعني اشتهار اچڻ کان پوءِ ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ وڪري جو نتيجو.

هيٺ انهن اهم نقطن جو ترتيبوار جائزو وٺون ٿا.

(1) بجيٽ: اشتهار تيار ڪرڻ کان اڳ پارٽي، ڪمپني، اداري يا فرد جي بجيٽ جو جائزو وٺڻ ضروري هوندي آهي. يعني اهو طئي هجي ته اشتهار ٺهرائيندڙ گراهڪ اشتهار يا ڪمرشل تي ڪيترو پئسو خرچ ڪري سگهندو، ڇو جو بجيٽ مطابق ماڊل چونڊيا ويندا آهن ۽ ٻيو خرچ به انهي حساب سان ڪيو ويندو آهي ۽ انهيءَ موجود رقم جي حسان سان رٿابندي ڪندي وڌ ۾ وڌ سٺو اشتهار يا ڪمرشل تار ڪيو يا ڪرايو ويندوآهي.

(2) مسئلي جي ڄاڻ: اهو اڳواٽ ڄاڻڻ ضروري هوندو آهي ته اسان اشتهار يا ڪمرشل مان ڇا حاصل ڪرڻ گهرون ٿا؟ پنهنجي رهنمائي لاءِ انهي مقصد بابت ڪي سوال تيار ڪري اڳواٽ انهن جا جواب ٺاهي وٺجن. انهن سوالن ۾ هيٺيان ٽي سوال ته ضرور شامل ڪجن؛

الف: هن اشتهاري مهم مان ڇا گهربل آهي؟

ب: ڇا هن اشتهار جي شايع يا نشر ٿيڻ سان ڪنهن سماجي رد عمل جو امڪان ته نه آهي.

ح: ڇا هن اشتهار جو مقصد صرف گراهڪن يا نشانيل ڌرين کي ڄاڻ ڏيڻ آهي؟

جڏهن انهن سوالن جا جواب اچي ويندا ته اهي اسان جي شئي خيال يا خدمت کي يو ايس پي فارمولي (USP-unique Selling Proposition) هيٺ وڪرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا ۽ مذڪوره برانڊ خيالن يا خدمت کي مارڪيٽ ۾ آساني سان صحيح جاءِ ملي ويندي.

(3) شروعاتي تحقيق: اشتهار تيار ڪرڻ کان اڳ گراهڪ ۽ پيداوار تي سماجي تحقيق ڪرڻ ضروري آهي. گراهڪ (Consumer) ۽ پيداوار (Product) تي تحقيق سان جيڪي نتيجا سامهون ايندا، انهن جي آڌار اسان کي خبر پوندي ته مزڪوره پيداوار ڪهڙي طبقي لاءِ بهتر ٿي سگهي ٿي؟ ۽ جنهن طبقي لاءِ اِها ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي ان طبقي جون عادتون ۽ رويا ڪهڙا آهن؟ انهي طبقي جون ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ ۽ تيار ٿيل شئي بابت انهي گروهه يا طبقي جو ممڪن رد عمل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ انهي شروعاتي تحقيق جي آيل نتيجن کي سامهون رکي اشتهار تيار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ جيڪي اشتهار تيار ٿيندو، اهو صحيح نتيجا ڏيندو.

(4)نشانيل مخاطب: ذهن ۾ اها ڳالهه اڳواٽ رکڻ ضروري آهي ته اسان جيڪو اشتهار تيار ڪري رهيا آهيون، اهو ڪهڙي سماجي گروهه لاءِ آهي؟ سماجي گروهن کي اسان ڪيترن ئي حوالن سان ڌار ڌار ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن عمر جي حساب سان ورڇ ڪئي ويندي ته اسان جانچينداسون ته اهو اشتهار ٻارن لاءِ آهي يا نوجوانن لاءِ؟ جوان لاءِ آهي يا اڌڙوٽن لاءِ؟ يا رٽائرڊ پوڙهن لاءِ آهي. ٻي ورڇ جنس جي حوالي سان ڪري سگهون ٿا يعني اهو اشتهار عورتن لاءِ آهي يا مرد هن اشتهار جو نشانو آهن. ٽين ورڇ سماجي ۽ اقتصادي آهي، اشتهار غريب طبقي لاءِ آهي؟ يا مڊل ڪلاسي هن جو نشانو آهن. اُهو ذريعي سماج سان واسطو رکندڙن لاءِ آهي يا صنعتي ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ؟ يا اوچي طبقي ۽ اميرزادن لاءِ هي اشتهار ٺاهيو پيو وڃي.

(5) ميڊيا جي چونڊ: اسان کي اشتهار جي رٿابندي ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو اڳ ئي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي ته هي اشتهار ڪهڙي ميڊيم تي جاري ڪبو يعني هي اشتهار ڪهڙي ميڊيم تي وڌيڪ مؤثر ثابت ٿي سگهندو؟ انهيءَ رٿابندي لاءِ پيداوار يا خدمت کي سامهون رکيو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ فرد، ڪمپني، يا پارٽي يا اداري جي بجيٽ کي به سامهون رکڻو پوندو آهي ته مذڪوره پارٽي جنهن لاءِ اسان اشتهار تيار ڪري رهيا آهيون،  اُها ڪهڙي ميڊيم جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿي؟

(6) ٻولي: دنيا ۾ ٻوليءَ هڪ حساس مسئلو رهي آهي. هر قوم پنهنجي ٻوليءَ سان ايترو ئي پيار ڪري ٿو، جيترو ڪو باشعور فرد پنهنجي جان سان ڪندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان اشتهارن ۽ ڪمرشلن جي تياريءَ ۾ ٻوليءَ جي لفظن ۽ جملن جي چونڊ صحيح ڪنداسون ته اهو عمل ان ٻولي وارن ۾ پنهنجائپ جو احساس پيدا ڪندو. سنڌي ماڻهو بدقسمتي سان صنعتڪاري ۾ گهڻو غريب آهي، اڪثر اشتهار گهڻ ملڪي ڪمپنين، وڏين صنعتن طرفان جاري ڪيا ويندا آهن. انهي ڪري انهن اشتهارن ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جي ٻولي استعمال ڪرائيندا آهن. پاڪستان ۾ انگريزي دفتري ٻولي آهي ۽ اردو رابطي جي ٻولي آهي ۽ گهڻا اشتهار به انهن ٻن ٻولين ۾ ٺهن ٿا. قومي ٻولين ۾ اشتهار گهٽ ٺهن ٿا. مفروضي مطابق پاڪستان ۾ ٻن ٻولين وارا اشتهار يا ڪمرشل (Bilingual Commercial) وڌيڪ ڪامياب ويندا. انهيءَ ڪري اشتهارن جي رٿابنديءَ ۾ ٻوليءَ کي وڏي اهميت ڏيڻ گهرجي.

(7) ڪاپي ۽ فلمبندي: ڇا اشتهار ائين ئي پڙهيا ڏٺا ۽ سمجهيا وڃن ٿا، جيئن اسان نشانيل مخاطبن (Targeted audience) کي پڙهائڻ، ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ چاهيون ٿا؟ يعني اشتهارن ۾ اهڙو فهم سمايل هجي، جو مخاطب گروهه جو هر فرد ان اشتهار يا ڪمرشل کي سمجهي سگهي. اهڙي طرح فلمبندي ۾ به هروڀرو مغربي نظارا عسڪبند نه ڪرڻ گهرجي. مقامي نظارن کي اهميت ڏيڻ گهرجي. اشتهارن کي سادو ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ مقامي ثقافت، رواج ۽ رسمن کي سامهون رکڻ گهرجي. اشتهارن ۾ هڪ سنهري اصول ”ڀوڳ“ جو استعمال بهآهي. جنهن کي انگريزي ۾ ”ڪس“ (Kiss) چيو ويندو آهي. يعني Keep it simple stupid. هن جو ضرور خيال رکڻ گهرجي.

(8) وقت: ڪنهن به پيداوار جي اشتهاري مهم شروع ڪرڻ کان اڳ موسمي حالتن کي به سامهون رکڻ گهرجي. مثلاً اسان جيڪڏهن ڪنهن ايئرڪنڊيشن جو اشتهار جنوري ۾ هلايون ته اهو نه صرف صحيح موٽ ماڻي نه سگهندو پر هن جو مرڳو غلط اثر به پوندو.

نفسياتي طور موسم جي ڪري گراهڪ ڪنهن اهڙي شئي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندوآهي، جيڪا ان وقت جي موسم مطابق نه هجي. آئيس ڪريم ۽سوڍا بوتلن جي اشتهاري مهم به گرمي ۾ شروع ڪرڻ گهرجي. چانهه ۽ ڪافي وغيره جي اشتهاري مهم سرديءَ جي موسم ۾ شروع ڪرڻ گهرجي. ساڳي نموني عيد، رمضان، ڏياري، هولي يا ڪرسمس جي حوالي سان اشتهار انهيءَ ڪري تيار ڪيا ويندا آهن ته جيئن انهن ڏڻن تي مذڪوره شين جو وڪرو وڌيڪ ٿي سگهي.

(9)پوءِ جي تحقيق: اشتهار يا ڪمرشل جي جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ضروري ٿي پوندو آهي تهگراهڪن يا نشانيل گروهن جي روين تي اشتهار جي اثرن بابت ڄاڻ حاصل ڪجي. اهڙي ڄاڻ مستقبل جي رٿابندي ۽ اشتهارن ۾ ڪنهن ضروري تبدلي، واڌ يا گهٽتائي بابت اسان جي رهنمائي ڪندي آهي. هن تحقيق سان اهو به اندازو ٿي ويندو آهي ته اشتهاريل شئي ڪٿي ڪٿي پهتي ۽ هن بابت ماڻهن جو رد عمل ڇا هو؟

(10) وڪري جو نتيجو: ڪنهن پيداوار، خيال يا خدمت جي لاءِ جاري ڪيل اشتهار جو نتيجو ڇا نڪتو؟ انهيءَ سوال جو جواب ضرور گهرجي. ڪمپني يا اداري ۾ موجود پبلڪ رليشنز شعبو خود پنهنجي برانڊ جي وڪري جو جائزو وٺندوآهي ته اشتهار يا ڪمرشل جاري ٿيڻ کان پوءِ وڪري ۾ واڌارو ٿيو يا نه ۽ جيڪڏهن وڪري ۾ واڌ ٿي آهي ته پوءِ مطلب حاصل ٿيو، پر جيڪڏهن وڪري ۾ واڌارو نه ٿيو آهي ته پوءِ اشتهار جي فني پهلوئن جو جائزو وٺڻ گهرجي ته غلطي ڪٿي ٿي آهي؟ پر ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جو اشتهار يا ڪمرشل فني لحاظ کان بلڪل ٺيڪ هوندو آهي پر پوءِ به گهربل نتيجا ملي نه سگهندا آهن، انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي مارڪيٽ جي ٻين پهلوئن کي به جانچڻو پوندو آهي، يعني مارڪيٽنگ واري پاسي ڪا ڪوتاهي ته نه رهجي وئي آهي يا ملڪ انهيءَ وقت ڪنهن سانحي، ڏڪار، ٻوڏ يا ٻي آفت جو شڪار ته نه هو. ٻيو ته عام ماڻهن جي خريدڻ واري سگهه (Purchasing power) جي صورتحال ڇا آهي؟ ٽيون ملڪ جي مجموعي طور اقتصادي صورتحال ڇا آهي ۽ واڌو نوٽن جي گردش يعني انفليشن جو سيڪڙو ڪيترو آهي؟ اهي سڀ سوال اسان جي سامهون هوندا ته نتيجي تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ مستقبل جي رٿابندي ۾ اهي نتيجا ضرور ڪم ايندا. جن جي ڪري وڪري ۾ واڌ يا گهٽائي آئي.

اشتهارن جا اصول

اشتهار تيار ڪندڙ ايجنسي کي اڳواٽ ڪيل تحقيق مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو هوندو آهي ته سماج جي مختلف طبقن جون سماجي حالتن موجب ڪي خاص ضرورتون ۽ڪي خواهشون هونديون آهن. اهي سماجي طبقا گهڻو ڪري پنهنجن ضرورتن کي هر حال ۾ پورو ڪندا آهن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن. اٽو، لٽو ۽ اجهو هر انسان جي بنيادي ضرورت آهي، جنهن کي هو هر حال ۾ پورو ڪندو آهي، پر سائيڪل، موٽرسائيڪل، ڪار، فرنيچر ۽ سٺن علائقن ۾ سٺا گهر خواهشون آهن، جن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر ڪو به عقلمند انسان ضرورتن تي خواهشن کي ترجيح نه ڏيندو آهي.

آمريڪي ماهر ابراهم ماسلووزن ”ضرورت وارو نظريو“ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ هن انساني ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪي اصول ڏسيا آهن. انهيءَ نظرئي مطابق مختلف سماجي طبقا، گراهڪن جي شڪل ۾ پاڻ فرض ڪري وٺندا آهن ته انهن کي ڪهڙين شين جي ڪيڏي مهل ضرورت آهي؟ ۽ انهن ضرورتن مان پهرين اهم ضرورت ڪهڙي آهي؟ ۽ اها ڪيئن پوري ڪرڻي آهي؟ ائين ترتيبوار گراهڪ پاڻ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ترجيح مقرر ڪندا آهن.

اجتماعي ضرورتن کان سواءِ ڪي ذاتي ضرورتون به هونديون آهن، جن ۾ جسماني سلامتي، پيار ۽ عزت جو ملڻ ۽ پنهنجن ڪن بلڪل ذاتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ شامل هوندوآهي. انهن ذاتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ انسان حسد، خوف، ڳڻتي، پاڻ وڻائڻ، ذاتي انا، ٻئي تي غلبو ۽ هيس ڪرڻ، خود تعارفي ۽ زندگيءَ جي معيار کي هرحال ۾ بهتر ۽ بلنڊ ڪرڻ وارن روين مان گذري ٿو. اشتهارن ۾ انهن سڀني روين يا انهن مان ڪن روين کي نمايا ڪيو ويندو آهي. جڏهن اسان گهريلو ضرورتن جي شين جا مختلف اشتهار ڏسندا آهيون ته انهن اشتهارن ۾ گراهڪ کي ڪنهن نه ڪنهن نموني سماجي معيار کي برقرار رکڻ يا ان کي وڌائڻ ۾ لڳو رهڻ ڏيکاريو ويندو آهي ۽ انهن اشتهارن ۾ تسڪين، خوف، ڳڻتي غلبي ۽ هيس جهڙا رويا به ڏسبا آهن.

اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته اهڙا اشتهار ئي اثرائتا ٿي سگهن ٿا، جيڪي ”ائڊڪا“ (AIDCA-Attention, interest, desire, conviction and action فارمولي هيٺ تيار ڪيا وڃن. يعني توجهه، دلچسپي، خواهش، پختو ارادو۽ عمل وارا عنصر جنهن به اشتهار ۾ هوندا، اهو اشتهار ٽيڪنڪ جي لحاظ کان مڪمل اشتهار تصور ڪيو ويندو. انهن لفظن ۽ جذبن جي ميلاپ ۽ جوڙجڪ ۾ سمايل روين کي اشتهار جا اهم اصول چيو وڃي ٿو. هي فارمولو اسان کي ڏسي ٿو ته پهريان گراهڪ جو توجهه ۽ دلچسپي حاصل ڪجي ۽ پوءِ هن جي خواهشن کي اڀارجي ۽ پوءِ ان برانڊ وغيره جي خريداري لاءِ هن جي ارادي کي پختو ڪجي ۽ آخر ۾ اهڙي ترغيب هلائجي جو گراهڪ اُها شئي خريدڻ لاءِ عملي قدم کڻي يعني ان شئي کي حاصل ڪرڻ واري جذبي کي تيز ڪيو وڃي. حقيقت هي آهي ته ته خريدار جي نفسيات هڪ منڌل مسئلو آهي ۽ اشتهار صرف ڪنهن هڪ اڌ جذبي کي ٿي ڇهي سگهندا آهن، جن جي بنياد تي گراهڪ شئي خريدڻ جو ارادو ڪندا آهن. اسان جيڪڏهن پنهنجي ذاتي تجربي تي ٿورو غور ڪريون ته محسوس ٿيندو ته اسان شين کي ضرورتن مطابق خريد ڪندا آهيون. اسان جي خريداري ۾ اشتهارن جو ڪو ورلي ڪردار نظر ايندو، اهو ضرور آهي ته انهن اشتهارن جي ڪري اسان کي اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته جنهن شئي جي اسان کي ضرورت آهي، اها مختلف نالن سان مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ڪيترين شين بابت ته اسان ان وقت ڄاڻيندا آهيون، جڏهن اسان ڪنهن سپر مارڪيٽ، دوڪان يا لاڳاپيل شين جي ڪنهن خاص دڪان تي چڙهون ٿا. اسان هروڀرو ڪنهن اشتهار جي پوئواري ڪندي، پئسو هيڏانهن هوڏانهن ڪو نه اڇلائيندا آهيون.

اشتهار پنهنجي سائيز، رنگ، تصوير، لي آئوٽ، وڻندڙ سرخين، دلفريب نعرن يا ڪنهن سٺي اپيل سان ڪنهن فرد يا گروهه جو توجهه ضرور حاصل ڪندا آهن. اهي اشتهار گراهڪن ۾ اميد ۽ واعدي واري جذبي کي اڀاريندا آهن. انهيءَ جذبي جي بنياد تي گراهڪ طئي ڪندا آهن ته اِها شئي ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي. انهيءَ کان سواءِ اشتهار خواهشي جذبي کي به اڀاريندا آهن، اشتهارن ۾ اهڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا ويندا آهن، جن سان گراهڪ خود به خود اها خواهش ظاهر ڪندا آهن ته مزڪوره شئي ضرور وٺجي. مثلاً ڪمرشل يا اشتهار جو هڪ عدد فليٽ بُڪ ڪرايو ۽ رنگين ٽي وي بڪنگ وقت مفت حاصل ڪريو“ يا اوهان ”نوڪيا موبائل جو جديد ماڊل وٺو ۽ بليوٽوٿ بلڪل مفت حاصل ڪريو“. جهرا جملا رعايتي ترغيب انسان جي خواهش جذبي کي وڌائيندي آهي، اشتهارن ۾ ڪنهن اهڙي ماڊل کي متعارف رڪايو ويندو آهي، جنهن سان گراهڪ انهيءَ شئي کي استعمال ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري وٺندا آهن. گراهڪ کي شئي خريد ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي به اڀاريو ويندو آهي، هن لاءِ اشتهار ۾ ڪن خاص لفظن ۽ جملن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. مثلاً ٻار جي جسم جي ٿڪاوٽ کي تڪڙو ختم ڪندڙ ڪري، صرف جانسن بي بي ڪريم، اوهان جي نازڪ ٻار لاءِ هميشه جو آرام“ مائٽ اهڙي ڪريم يا لوشن پهرين واندڪائي ۾ خريد ڪندا آهن.

اشتهار جاري ڪرڻ جا ذريعا

ڪنهن به سٺي اشتهار مان مراد خيالن جي اثرائتي ڪميونيڪيشن آهي، اشتهارن جي مدد سان اسان پنهنجا خيال، ڪن خاص ماڻهن يا گروهن تائين پهچائڻ گهرون ٿا ۽ جيڪڏهن اهي صحيح طريقي سان پهچي وڃن ته چئبو، ڪميونيڪيشن جو عمل ڪامياب رهيو ۽ انهيءَ ڪاميابي جي پڪ اسان موٽ (Feed back) جي مختلف طريقن ۽ ذريعن سان ڪري سگهون ٿا.

اهڙي نموني ڪميونيڪيشن جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان اشتهارن لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪندا آهيون. اشتهارن لاءِ سٺي رٿابندي ڪرڻ واري جي اِها ذميواري هوندي آهي ته هو اشتهارن کي ڪنهن هڪ يا مختلف ميڊيائن تي اهڙي نموني جاري ڪري يا ڪرائي، جو گهربل نتيجا حاصل ٿي سگهن. انهي ڪاميابي لاءِ هن کي ڪميونيڪيشن جي بهترين طريقن (Methods) کي استعمال ڪندي شئي، خيال يا خدمت کي اثرائتي نموني مخاطب تائين پهچائڻو هوندو آهي.

هيٺ ڪن اهم ماس ميڊيائن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن کي استعمال ڪندي اثرائتا اشتهار جاري ڪري يا ڪرائي سگهجن ٿا؛ انهن ۾ اخبارون ۽ رسالا، ريڊيو، ٽي وي، انٽرنيٽ ۽ ڪي ٻيا ذريعا شامل آهن.

(1) اخبارون ۽ رسالا: اخبارون ۽ رسالا پرنٽ ميڊيا جا ٻه اهم حصا آهن، پر ٻنهي جي سرشتي، جوڙجڪ ۽ ڪم ۾ وڏو فرق آهي. رسالا اخبارن جي مقابلي ۾ گهڻو وقت هلن ٿا، انهن جي عمر بهڪتاب جي عمر جيتري ٿئي ٿي. رسالا ذاتي توڙي عوامي ۽ سرڪاري لائبررين ۾ پڙهيا ۽ محفوظ ڪيا وڃن ٿا. هنن جي مقابلي ۾ اخبارون هڪ ڏينهن جون راڻيون هونديون آهن. ٻئي ڏينهن انهن جي اهميت ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهي ردي ۾ شمار ڪيون وينديون آهن. البته وڏين لائبررين ۾ رڪارڊ ۽ تحقيق لاءِ انهن کي محفوظ به ڪيو ويندو آهي. جن اخبارن جي سرڪيوليشن گهڻي هوندي آهي، اُهي اشتهارن لاءِ موزون سمجهيون وينديون آهن. خانگي ۽ سرڪاري ادارن جا اشتهار گهڻو ڪري انهن وڏين اخبارن ۾ ئي ڇپبا آهن. پر ملڪ ۾ مالي بدعنواني جي ڪري ڪن ڊمي اخبارن کي به سرڪاري اشتهارن مان حصو پتي ملندو رهندو آهي. اِها بدعنواني ٻن قسمن جي هوندي آهي، جنهن ۾ هن ميڊيا جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

سرڪاري اشتهار هميشه صوبائي انفرميشن ڊپارٽمينٽ يا پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ جي معرفت اخبارن کي جاري ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ قانوني طور اهو لازم آهي ته ساڳيو اشتهار هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبار ۾ ڏنو وڃي. هڪ اخبار جي چونڊ اشتهار ڏيندڙ اداري کي ڪرڻي هوندي آهي، باقي ٻن اخبارن جي چونڊ انفرميشن کاتو پاڻ ڪندو آهي. البته نيم سرڪاري ادارا، اٿارٽيون ۽ ڪارپوريشنون وغيره اخبارن سان سنئون سڌو رابطو ڪري اشتهار جاري ڪرڻ جون به مجاز هونديون آهن. بدعنواني هنئين شروع ٿيندي آهي، جو جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهو يا ٺيڪيدار کي ڪو ٺيڪو وغيره ڏيڻو هوندو آهي ته اشتهار لاءِ اهڙي اخبار جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، جن کي ايڊيٽرن، ٺيڪيدارن ۽ اشتهار ڏيندڙ ڌرين کان سواءِ ٻيو ڪير به نه پڙهندو آهي ۽ نه وري انهن اخبارن کي ڪڏهن مارڪيٽ ۾ عام وڪرو ٿيندي ڏٺو ويندو آهي. هن بدعنواني سان سڀني پارٽين جي ”دال ماني“ هلندي رهندي آهي.

بهرحال اهو تهٽيڪنيڪل بدعنواني جو ذڪر هو، جيتري قدر رسالن۽ اخبارن جو تعلق آهي ته اهي اشتهارن جو بهترين ۽ مضبوط ذريعو ثابت ٿيون آهن. سٺي رٿابندي ڪندڙ هميشه اخبار ۽ رسالي جي سرڪيوليشن ۽ ان کي پڙهندڙ طبقي (Class) کي سامهون رکندي اشتهار لاءِ ان جي چونڊ ڪندو آهي.

(2) ريڊيو: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ريڊيو پهريون ۽ مضبوط چئنل آهي، جنهن تي ڪمرشل يعني اشتهار نشڙ ٿيڻ لڳا هئا. سڄي دنيا ۾ اڄ به ريڊئي جي نشڙيات روان دوان آهي، پر هڪڙو فرق ضرور آهي ته اوهان بي بي سي ريڊيو تي ڪمرشل نشڙ ٿيندي نه ٻڌا هوندا، اڪثر ملڪن ۾ ڪمرشلن لاءِ الڳ ريڊيو سروسز هونديون آهن. اسان وٽ سرڪاري ريڊيو تي ڪمرشل، تفريحي، معلوماتي ۽ اطلاعاتي پروگرام سڀ گڏ نشر ٿين ٿا.

ريڊيو واحد ميڊيم آهي، جنهن جي پهچ انهن علائقن ۽ هنڌن تائين به آسان هوندي آهي، جتي ٻيو ڪو به ميڊيم پهچڻ مشڪل هوندو آهي. ٻيو ته ريڊئي سيٽ کي کڻڻ ۽ رکڻ به آسان آهي، هاڻ ته موبائل فونن ۾ به ريڊيو نشريات ٻڌڻ جي گنجائش رکي وئي آهي. شروع کان وٺي اشتهارن لاءِ ريڊئيءَ جو استعمال مؤثر رهيوآهي. هاڻ ايف ايم ريڊئي اچڻ سان سماج جو اوچتو طبقوبه پنهنجن ڪارجن ۾ يا موبائل فونن ذريعي هن ريڊئي جي نشڙيات ٻڌي ٿو. ايف ايم چئنل اصل ۾ ريڊئي جو ٻيو جنم آهي. خانگي شعبن جا اشتهار به ڳپل انداز ۾ ايف ايم ريڊيو تي نشر ٿيڻ لڳا آهن.

(3) ٽيليويزن : سائنسدانن ريڊئي کي ترقي ڏئي ٽيليويزن ايجاد ڪئي يعني ٽيليويزن ريڊئي جي نئين سڌريل شڪل هئي. ٽيليويزن اهو ريڊيو ٿي پئي جيڪو آواز سان گڏ تصوير به ڏيکاري رهيو هو. هن ميڊيم اشتهار جي دنيا ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ اشتهار ٺاهيندڙ ادارن کي پنهنجا اسٽوڊيو کولڻا پيا. ماڊل ۽ هيرو اشتهارن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا.

رنگين ٽيليويزن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ٽيون دؤر آهي، جنهن ۾ اشتهار ۾ جدت ۽ رنگيني پيدا ڪئي. هن وقت به ڪمرشلن لاءِ ٽي وي کي اثرائتو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. سئٽلائٽ نشريات سان هاڻ اشتهارن جي جاگرافي به وڌي وئي آهي ۽ هاڻ ڪنهن به شئي کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ڪو ايترو مشڪل نه رهيو آهي.

(4) انٽرنيٽ: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ انٽرنيٽ هڪ نئون واڌارو آهي، جيڪو ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي يعني هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر جي ترقيءَ جو نچوڙ آهي. هن وقت انٽرنيٽ تي اشتهارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هزارين ڪمرشل سائيٽون کلي رهيون آهن. هر ڪمپني، پارٽي ۽ حڪومت پنهنجي تشهير لاءِ الڳ ويب سائيٽ کولي رهي آهي. جيڪي سرچ انجڻيون مفت اي ميل جي خدمت آڇي رهيون آهن، اتي اسان جي اي ميل باڪس ۾ خود به خود اي اشتهار اچيو وڃي.

پاڪستان ۾ ڪمپنيون ۽ ڪارخانيدار اي ايڊ ۾ اڃا ايترو اڳتي وڌي نه سگهيا آهن، جيترا اي اشتهار اسان ٻين ملڪن جي شين جا ڏسون ٿا.

(5)ڪي ٻيا ذريعا: اشتهارن لاءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا پر منظم ذريعا استعمال ٿين ٿا. انهن ذريعن سان مقامي آبادي، خاص ادارن، خاص ڌنڌن ۽ خاص فردن ي نشانو بنايو وڃي ٿ و. انهن اشتهاري ذريعن ۾ پوسٽر، بئنر، وال پيپر، ٽپال، عوامي ٽرانسپورٽ جنهن ۾ بسون، رڪشا ۽ ٽرينون به شامل آهن ۽ ويندي ڀتين تي ٿيل چاڪنگ کي به هن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اسان جيڪب آباد کان ڪراچي تائين ٽرين يا روڊ جي ٻنهي پاسن کان موجود آباديون ۽ شهر، ڀتين وارن اشتهارن سان ڀريل ڏسندا آهيون. اسان کي سياسي، سماجي، مذهبي گروهن ۽ پريشر گروپن جا اشتهار به چاڪنگ ٿيل ملندا آهن.

دڪانن جا بورڊ شهرن ۾ رستن جو موڙن تي لڳل وڏا وڏا اشتهاري بورڊ، پلازائن ۽ وڏين بلڊنگن تي لڳل اليڪٽڙاني بورد، جيڪي پنهنجي اجهامڻ ۽ روشن ٿيڻ واري خاصيت يا چمڪڻ سان ماڻهن جي توجهه جو مرڪز رهندا آهن، اهي به انهن عام اشتهاري ذريعن ۾ شامل آهن.

   جيڪڏهن ڪو ڪنهن اهڙي اداري جو بنياد رکي رهيوآهي، جيڪو سماجي ۽ اقتصادي سرگرميون شروع ڪرڻ واروآهي ته انهيءَ موقعي تي اسان وٽ ٽپال ذريعي انهيءَ اداري جا بروشر ۽ ٻيو تعارفي مواد اشتهارن جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. اهو ٽپال وارو اشتهاري نظام آهي.

انهيءَ کان سواءِ هاڻ ڦيري وارا يا گهورڙيا اشتهار به عام ٿي پيا آهن، يعني گاڏين جي ڍانچي کي شئي جي ماڊل يا اشتهارن سان سينگاريو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي گاڏيون مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ ڪالونين ۾ موڪليون وڃن ٿيون. اهي اتي جي ماڻهن کي تفريحي پروگرام به ڏيکارينديون آهن ۽ ڪي انعامي مقابلي ۽ پکن وارا پروگرام به ڪنديونآهن. اهو به اشتهار جو هڪ ذريعو آهي. هاڻ بجلي، گئيس ۽ ٽيليفون وغيره جي ماهوار بلن تي به اشتهار اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

اشتهار ۽ سماج

ڪنهن به سڌريل سماج جو اندازو جديد ٽيڪنالاجي جي تياريءَ ۽ استعمال سان ڪري سگهجي ٿو. جيڪي سماج اقتصادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، انهن سماجن ۾ ڏوهن جو سيڪڙو به واندن واري سماج کان گهڻو گهٽ هوندو آهي.

جديد ٽيڪنالاجي خاص ڪري انفرميشن ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب دنيا ۾ صنعتي ترقيءَ لاءِ نوان نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. نون اسرندڙ ملڪن ۾ وڏيون وڏيون صنعتون لڳڻ سان مزدورن، ٽيڪنيڪل عملي، اقتصادي ۽ رٿابندي وارن ماهرن کي روزگار مليا آهن.

انفرميشن ٽيڪنالاجي اهڙي صنعت آهي، جيڪا انفرادي طور به روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي، سافٽ ويئر انجنيئر يا سسٽم جا ماهر هاڻ گهر ويٺي سڄي دنيا ۾ سافٽ ويئر جو ڪم ڳولي ان کي مڪمل ڪري ناڻو ڪمائي رهيا آهن. انڊيا جي شهر بنگلور ۾ هزارين اهڙا نوجوان موجود آهن، جيڪي گهر ويٺي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن لاءِ سافٽ ويئر ۽ ديٽا انٽري جو ڪم ڪن ٿا.

ڪنهن به سماج ۾ جاري اقتصادي سرگرميون اشتهار جون محتاج هونديون آهن. اشتهارن جي صنعت انهن سڀني صنعتن جي هڪ صنعت آهي، جيڪي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيون هونديون آهن. ڪنهن به ميڊيم تي شايع يا نشر ٿيندڙ اشتهار اسان کي پنهنجي گهربل شئي، نوڪري ۽ جاءِ ويندي ڪنوار ۽ پسند جو گهوٽ به ڳلي لهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهي اشتهار ئي آهن، جن جي مدد سان اسان مارڪيٽ ۾ موجود ويهارو کن صابڻ، چانهون ۽ ڏند پيسٽون ڏسون ٿا ۽ انهن مان پنهنجي پسند جي شئيءَ چونڊي وٺون ٿا.

هن وقت سڄي دنيا آزاد اقتصادي سرشتي ڏانهن وڌي رهي آهي،ڊبليو ٽي او وجود ۾ اچي چڪي آهي. يورپي يونين ڪافي مضبوط ٿي چڪي آهي، جيڪا آهستي آهستي هڪ وفاق ڏانهن وڌي رهي آهي. هڪ سڪو يعني ”يورو“ ته اڳ ئي رائج ٿي چڪو آهي. يورپ ۾ ٺهيل اڪثر شين تي هاڻ ”ميڊن ان يوپين يونين“ لکيو وڃي ٿو. مضبوط يورپي يونين جي ڪري ”ثقافت“ جي وصف مان هاڻ ٻولي خارج ٿي وئي آهي. آسيان جا ملڪ دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي چڪا آهن. سارڪ کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، ٻيا اقتصادي فورم مضبوط ڪيا پيا وڃن، گلف ڪائونسل مستقبل قريب ۾ خيليجي سڪو (Middle east Currency) متعارف ڪرائڻ واري آهي. آفريڪي يونين جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. اهڙي ماحول ۾ اشتهاري ادارن ۽ اشتهار شايع يا نشڙ ڪندڙن جون جوابداريون به وڌنديون پيون وڃن. هاڻ اشتهارن جو مقصد صرف ماڻهن کي ڄان ڏيڻ نه رهيو آهي، پر اشتهار دنيا جي ترقيءَ واري عمل ۾ هڪجيترا سگهارا حصيدار بڻجي چڪا آهن. هن گڏيل ۽ ترقي يافتا ماحول ۾ ڪي جڳاڙي غلط فائدا به وٺندا، اهي اهڙا اشتهار جاري ڪرائيندا جو چڱا ڀلا ماڻهو به انهن جي دام ۾ ڦاسي پوندا ۽ پنهنجو ڏيوالو ڪڍائي ويهندا. اهڙين مافيائن جي اشتهارن اسان جي سماج ۾ اشتهارن بابت هڪ غلط سوچ کي جنم ڏنو آهي. ماڻهو چون ٿا تهاشتهار خراب شين کي ڍڪ ڏئي وڪڻڻ جو نالو آهي يا جيڪا شئي نٿي کپيان کي کپائڻ لاءِ اشتهار ڏنا ويندا آهن يا جيڪو ڪجهه اشتهارن ۾ ڏنو ويندو آهي، حقيقت ۾ ائين نه هوندو آهي يا اشتهاري انڊسٽريءَ ۽ ميڊيا کي مختلف مافيائون استعمال ڪندي ماڻهن کي ڦرين ٿيون.

اشتهار کي سماج ۾ موجود اڪثريت جي رهنمائي ڪرڻي هوندي آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته عوام ڦربو رهندو. مختلف سماجن هاڻ ”ڪنزيومرز ايسوسيئيشنون“ ٺاهي ورتيون آهن ته جيئن اهي ڦرجڻ کان بچي سگهن.

ڪنهن به پيداوار جي معيار ۽ ساک کي صرف اشتهارن سان وڌائي نٿو سگهجي. انهي ڳالهه جو خيال صنعتڪارن کي ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن کي خريدارن جو اعتبار حاصل ٿي سگهي، خريدار معيار ۽ ساک کي ڏسندي هر هر انهيءَ شئي جي طلب ڪن، جيڪا واقعي معياري آهي. اشتهار معيار جو متبادل ٿي نٿا سگهن. هن وقت اسان کي اهڙو مثبت رويو بلڪل گهٽ نظر ٿو اچي، اهو انهي ڪري جو ڪمپني، ميڊيا ۽ اشتهاري ايجنسيءَ جو خالص ۽ هڪ مقصد صرف پئسو ڪمائڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ ۽ هلائڻ آهي. پر انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته هڪ ئي سماج جو حصو هئڻ ڪري انهن جون ڪي سماجي جوابداريون به آهن.

اشتهارن لاءِ جڙيل اخلاقي ضابطن کي نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي ۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙي اخلاقي ضابطي تي عمل ڪرائي، پر اسان پاريون حڪومتون پنهنجو اڪثر وقت سياسي سرگرمين ۾ ئي ختم ڪيو ڇڏين، انهن آڏو سماجي تبديليون، سماجي نفسيات ۽ رويا يا اخلاقي قدر مڙيو ئي ٻئي درجي يا اڃا به کڻي چئجي ته ٽئين درجي جي ترجيح ۾ شامل آهن.

هن وقت ميڊيا، اشتهاري ادارا، صنعتڪار ۽ سماجي نفسيات جي ماهرن تي مسٽمل هڪ اهڙي فورم جي ضرورت آهي، جيڪو هن اهم معاملي ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ اشتهارن ۾ موجود سماجي، نفسياتي ۽ اخلاقي اوڻايون ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. هن عمل سان ڪنهن به ڌر جو ڪو مالي نقصان نه ٿيندو، پر سماج جي سڀني گروهن (Stake holders) کي فائدو ئي رسندو، ڪاروباري چٽاڀيٽي وڌندي، شين جو معيار وڌندو، ميڊيا جو ڪردار بهتر ٿيندو، سماجي ورڪرن ۽ سماجي نفسيات جي ماهرن کي سماجي اصول گهڙڻ مدد ملندي، وڏي ڳالهه ته سڄي سماج جي بنيادي ايڪي يعني ”عوام“ کي دوکي ۽ ڦرجڻ کان بچائي سگهبو. اهڙي عمل سان سماجي ۽ ثقافتي قدر به چائي سگهبا. اشتهارن بابت تازو ڪراچيءَ ۾ هڪ تحقيقي سروي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ۽ سئٽلائٽ چئنلن تي نشر ٿيندڙ هڪ سو (100) ڪمرشل ۽ اشتهار تجزئي هيٺ آندا ويا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مختلف اقتصادي گروهن يعني ڪچي آبادي جي رهواسين، مڊل ڪلاس سوسائٽين جهڙوڪ گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر کان سواءِ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي رهواسين کي هن تحقيق ۾ شامل ڪيو ويو. اتي وسندڙ چونڊ ماڻهن کان سوالناما ڀرايا ويا، سوالناما ڀرائڻ وقت ٽي گروهه ٺاهيا ويا، هڪ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو، هڪ جيتري تناسب  سان اهڙي نموني ٻيو گروهه عورتن ۽ مردن جو جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ ٽيون گروهه گهريلو عورتن، ريڙهي وارن، ڊرائيورن، واپارين ۽ ڪامور تي، هڪجيتري تناسب سان، مشتمل هو. هن تحقيق جا نتيجا هيٺين ريت رهيا.

تحقيق هيٺ آيل طبقن مان تحقيق هيٺ آيل طبقن مان %60 جو خيال هو ته اشتهار اڄ جي سماج جي ضرورت آهن ۽ موجوده دؤر جي ترقيءَ لاءِ به اهم آهن، پر انهن سڀنيءَ جو هڪڙو خيال متفقه هو ته اشتهارن تي نظر رکڻ گهرجي ڇو جو اشتهارن ۾ گهڻو ڪري، ڳالهه وڌائي ڪئي ويندي آهي ۽ شيون جيڪي اشتهارن ۾ ڏکاريون وينديون آهن، اهي ائين نه هونديون آهن. هنن جو خيال هو ته ڳپل اشتهارن ۾ عورتن جو استعمال غير ضروري هوندو آهي. پنجن اشتهارن مان چئن ۾ عورت ماڊلز جو استعمال ٿئي ٿو، پر هن جي مقابلي ۾ مرد صرف هر ستين اشتهار ۾ ماڊل طور متعارف ڪرايو وڃي ٿو. عورتن جو اشتهارن ۾ ججهو استعمال صرف جنسي ڇڪ لاءِ ڪيو ويندو آهي. اهڙن اشتهارن ۾ به عورتن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جن جو عورتن سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. خاص ڪري بليڊن، ٽريڪٽر ۽ سگريٽن وغيره جي اشتهارن ۾ ماڊل عورتن کي غير ضروري استعمال ڪيو وڃي ٿو. تحقيق  هيٺ آيل اشتهارن مان %30 اشتهار اهڙا هئا، جن کي سمجهڻ ڏکيو هو ته اهي اشتهار شين کي متعارف ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن يا ماڊل عورت کي متعارف ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. ٽيليويزن، ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنز، وڏن بنگلن ۽ سپر لگزري فليٽن جي اشتهار مان طبقاتي فرق ۾ واڌ جو خطرو محسوس ڪيو ويو. هنن اشتهارن ۾ شاندار گهرن، خوبصورت رڌڻن ۽ باغيچن کي ڏکاريو ويو هو. جواب ڏيندڙن جو خيال هو ته اهڙن اشتهارن سان سماج جي اڪثريت ۾ احساس محرومي وڌندي. فوم جي هڪ برانڊ جو اشتهار سماج ۾ موجود ڏاج جي لعنت کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار سمجهيو ويو، جنهن ۾ ڪنوار کي گهوٽ جي گهر ڏانهن رواني ٿيڻ واري پس منظر ۾ ڏيکاريو ويو هو، هي منظر هڪ خوبصورت بنگلي ۽ وڏي مال بشمول انهي خاص برانڊ واري فوم جي تشهير ڪري رهيو هو. جيڪا سهولت اسان جي %90 عوام کي مليل نه آهي.

اشتهارن جو ٽياسي سيڪڙو اهڙي انداز سان تيار ڪيو ويو هو، جنهن جو مخاطب گروهه عورتون هيون، مردن ۽ ٻارن کي مخاطب ٿيندڙ  اشتهار صرف سترنهن سيڪڙو هوئا. هن تحقيق جو نچوڙ هي ڪڍيو ويو ته هن وقت اسان جي سماج ۾ جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو ائين ڪري ٿو يعني Free-for-all واري اصول هيٺ اسان جو سماج اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اشتهاري ڌريون به انهي اصول کي هنڍائي رهيون آهيون ۽ هي رستو سماجي بگاڙ ڏانهن ئي وڃي ٿو.