ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275857   ڀيرا پڙهيو ويو

بابت ڇهون -- اختياري صحافت


گذريل باب ۾ ”عملي صحافت“ تي بحث ڪيو ويو، هن باب ۾ اختياري صحافت (Personal Journalism) جي ڇيد ڪبي. اختياري صحافت مان مراد اها صحافت آهي، جنهن ۾ عامل صحافي (Working Journalist) جو ڪردار بنهه گهٽجي وڃي يا ڪن صورتن ۾ بلڪل ختم ٿي وڃي. مثلاً ڪو به رد، ادارو، ڪمپني يا تنظيم ۽ پارٽي پنهنجن سرگرمين يا مؤقف بابت پريس رليز تيار ڪري فئڪس يا اي ميل ذريعي يا هٿ هٿ پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آفيس پهچائي ٿي ۽ هو مليل مواد ڊيسڪ تي ويٺل عملي جي ”ايڊيٽنگ“ ۽ ”سبنگ“ کان پوءِ ڇپجي ٿو. سڄي سلسلي ۾ عامل صحافي جو ڪو به ڪردار نه هوندو آهي.

اختياري صحافت جو اصلطاح صحافت ۾ نئون متعارف ڪرايو ويو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو هن اصطلاح سان صحافت جي وڏي ميدان کي ٽوڙيو ويو آهي ۽ انهن صحافتي صنفون هڪٻي کان الڳ ڪيون ويون آهن. اهڙي ورهاست سان هڪ ته هن علم جي هڪ نئين شاخ جنم ورتو آهي ۽ ٻيو ته پڙهندڙ صحافت جي مختلف صنفن کي آساني سان سمجهي سگهندو. خابرو ادارا پنهنجا الڳ صحافي مقرر ڪندا آهن، خابرو ادارن طرفان ميڊيا کي خبر موڪلڻ کان پوءِ اُهي خبرون ميڊيا جي پنهنجي عامل صحافي جو ڪردار ختم ڪيو ڇڏين، پر پوءِ به اهي خبرون عملي صحافت جو ئي حصو آهن، انهن کي اختياري صحافت ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي.

اختياري صحافت ۾ هيٺيون صحافتي صنفون شامل آهن:

(1)پريس رليز (2) پريس نوٽ (3) هئنڊ آئوٽ (4) پريس ڪانفرنس (5) اعلاميو (Communiqué) (6) فيچر آرٽيڪل (7) ڪالم (8) ايڊيٽر ڏانهن خط

پريس رليز

پريس رليز يعني اخباري پڌرائيءَ کي ڄاڻ جو هڪ مراسلو (Circular) چيو ويو آهي. جيڪو ڪنهن به رد، اداري، پارٽي، ڪمپني يا تنظيم پاران جاري ڪيو ويندو آهي ته جيئن عام ماڻهن (Public at Large) کي ان فرد، پارٽي يا تنظيم وغيره جي سرگرمين ۽ مؤقف بابت ڄاڻ ڏئي سگهجي. اهڙي اخباري پڌرائي ڪنهن پارٽي عهديدار طرفان استعيفا ڏيڻ تي به جاري ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪنهن اداري جي سربراهه جي عهدي سنڀالڻ تي به جاري ڪري سگهجي ٿي. اسان وٽ اڪثر پريس رليز ماٺين سرگرمين (Passive activities) لاءِ جاري ڪيا ويندا آهن ۽ ڪن طئي ٿيل شيڊولن کي پڌري ڪرڻ لاءِ به جاري ٿيندا آهن. اهي شيڊول جيئن جيئن عمل ۾ ايندا ويندا آهن، انهن بابت عوام کي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. هر سال 14 صفر تي لطيف سائين جو ڀٽ شاهه ۾ ميلو لڳندو آهي، اها خبر سڄي سنڌ وارن کي آهي، پر پوءِ به هر دفعي اخباري پڌرائي جاري ڪئي ويندي ۽ ملي جي سڄي شيڊول کي پڌرو ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ پهرين ڏينهن جي سرگرمين کان وٺي ويندي آخري ڏينهن جي سرگرمين کي بيان ڪيو ويندو آهي. پهرين ڏينهن ڪير افتتاح ڪندو، آخري ڏينهن تي خاص مهمان ڪير هوندو. ملاکڙي جو خاص مهمان ڪير هوندو؟ راڳ ۽ مسويقي جي محفلن جو وچور، ڍڳن ۽ گهوڙن جي مقابلن ۽ نمائش جي اسٽالن جو وچور ۽ سرڪسن بابت ڄاڻ به ڏني ويندي آهي. جيئن چئي آياسون ته اِها ته هر سال جي خبر آهي ۽هر ڪنهن کي خبر آهي پوءِ اخبارن يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهو تفصيل نشر يا شايع ڇو ڪجي؟ اطلاعاتي اصولن موجب اهو ضروري آهي ۽ اهڙ: طئي ٿيل ڄاڻ کي پڌري ڪرڻ لاءِ ئي پريس رليز جاري ڪبا آهن. پر جي انهيءَ ميلي ۾ موليٰ ڪريم نه ڪري، ڪو امن امان جو مسئلو پيدا ٿي پوي، ڪو ڌماڪو، ڪو جهيڙو پوليس جي لٺ بازي ته پوءِ انهيءَ لاءِ پريس رليز جاري نه ٿيندو پر ”پريس نوٽ“ يا ”هئنڊ آئوٽ“ جاري ٿيندو. اهي عمل تڪڙين سرگرمين (Actwe activities) ۾ شمار ٿين ٿا ۽ پريس رليز جي ذمري ۾ نه ايندا. اسان جي صحافتي ماحول ۽ عام سماجي صورتحال ۾ ”پريس رليز ڪلچر“ وڌي ويو آهي. اخباري آفيسن ۽نشرياتي ادارن کي روزانو ڪيترائي پريس رليز ملن ٿا. انهيءَ ڪري پريس رليز تيار ڪرڻ واري لاءِ ضروري آهي ته اهو پريس رليز تز لفظن ۽ مختصر مواد ۾ تيار ڪري. گهڻي ڊيگهه ڪرڻ سان پريس رليز ڇپجڻ کان رهجي ويندو، ڇو جو ڊيسڪ جي عملي وٽ وقت گهٽ هوندو آهي ۽ اهو ممڪن ڪونهي ته سڀ جا سڀ آيل پريس رليز لفظ ه لفظ پڙهجن ۽ سوڌ سنوار ڪري ڪمپوزنگ لاءِ موڪلجن.

پريس رليز هميشه اداري، پارٽيءَ ۽ تنظيم وغيره جي ڇپيل پئڊ تي جاري ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ڪو فرد انفرادي طور پريس رليز جاري ڪري ته هن لاءِ ضروري آهي ته هو جڏهن سادي ڪاغذ تي پريس رليز جاري ڪري ته ان ۾ پنهنجو نالو، ڏس پتو ۽ جيڪڏهن ٽيليفون نمبر آهي ته اهو به لکي ۽ آخر ۾ صحي ڪري، پئڊ واري ڪاغذ تي به صحي ڪرڻ لازمي هوندو آهي. ٻي صورت ۾ اهو پريس رليز نقلي ۽ گمنامي واري ذمري ۾ ايندو ۽ ڇپجڻ کان رهجي ويندو. پريس رليز ۾ تاريخ (Date) وجهڻ ضروري هوندو آهي ته جيئن ڊيسڪ وارن کي خبر پوي ته پريس رليز ڪڏهن جو آهي، تازو آهي يا پراڻو. پريس رليز جي مٿان تڪڙو (Immediate) به لکيو ويندو آهي، پر اسان وٽ اهو طريقو رائج ڪونهي، آمريڪا ۽ برطانيا يا ٻين اهڙن ملڪن ۾ اهو لفظ لکڻ سان، پريس رليز تڪڙو ۽ اهميت سان ڇاپيو ويندو آهي.

گهڻو ڪري پريس رليز هٿ سان لکيا ويندا آهن، پر هاڻ ڪمپيوٽرن جي آساني جي ڪري ڪمپوز به ٿين ٿا. اهي انگريزيءَ کان سواءِ سنڌي توڙ اردو ۾ ڪمپوز ڪري ميڊيا کي موڪليا ويندا آهن. لکڻ جي صورت ۾ ڪهڙي به هجي هٿ يا مشين پر لکڻ لاءِ ڪاغذ سٺو استعمال ڪجي، جيڪو فئڪس مشين قبول ڪري، اهڙو ڪاغذ نه هجي جو مشين ۾ ڦاسي پوي ۽ ٻيو ته مس چهڻو به نه هجي، جو هٿ سان لکڻ جي صورت ۾ ان تي داڳ داڳ نظر اچن. ڪاغذن جي ٻنهي پاسن کان حاشي ڇڏڻ گهرجي ۽ سٽن ۾ واڌو يا ٻيڻو مفاصلو هجي (Double space) يعني هڪ سٽ ڇڏي ٻي تي لکجي ته جيئن ٻن سٽن جي وچ ۾ ايتري وٿي هجي جو مواد جي ڪٽوتي ۽ سڌارو (Editing & Subing) آساني سان ٿي سگهي.

پريس رليز ۾ به خبر وانگر انٽرو ڏنو ويندوآهي ۽ جيڪڏهن هن کي ٽيڪنيڪلي پرکجي ته هڪ پيس رليز به خبر ئي آهي. البت خبر جي انٽرو کان پريس رليز جو انٽرو ڪجهه وڏو هوندوآهي ۽ اهو هڪ ننڍي خبر جو ڏيک ڏيندوآهي. جيڪڏهن صرف پريس رليز جو انٽرو ڇاپجي ته به مقصد پورو ٿئي ٿو. باقي مواد جنهن کي ”باڊي“ يعني بوتو چئبوآهي، اهو ترتيبوار ۽ ننڍن جملن ۾ هئڻ گهرجي. ڪوشش ڪري پئراگراف وڌيڪ ٺاهجن ته جيئن ڊيسڪ وارن کي مواد پڙهڻ ۽ چونڊڻ ۾ آساني ٿئي. پريس پڌرائي ۾ عام صحافتي ٻولي استعمال ڪجي. هن ۾ ادبي يا ٻاراڻي ٻولي هرگز استعمال نه ڪجي.

جنهن ڄاڻ تي عام ماڻهن تائين پهچائڻ مقصود هوندو آهي، اُها ڄاڻ نروار ڪري لکجي، منڌل ڄاڻ وارو پريس رليز هڪ ته ڇپجڻ يا نشر ٿيڻ کان رهجي ويندو ۽ ٻيو ته عام ماڻهو به هن کي سمجهي نه سگهندا. جن پريس رليز ۾ انگ اکر ۽ رقمون ڏيڻ ضروري هجن ته اهي انگ اکر ۽ رقمون چڱي طرح چڪاس ڪجن ۽ پڪ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا ڏانهن موڪلجن.

جن پريس رليز سان گڏ فوٽو موڪلڻا هجن ته تصويرن جي چونڊ ۽ ترتيب اڳواٽ ڪري وٺجي، ڪڏهن تڙ تڪڙ ۾ يا ته فوٽو رهجي ويندا آهن يا غلط روانا ٿي ويندا آهن. هميشه تصويرون ترتيب ۾ رکڻ گهرجن، يعني پهرين صدر پوءِ خاص مهمان، پوءِ اعزازي مهمان ۽ پوءِ ميزبان جي تصوير رکجي. تصويرن جا ڪئپشن به هوشياري سان لکي موڪلجن يا پٽي ۾ ڪمپوز ڪري هڻي وٺجن، نالا صحيح ۽ انهن جي هجي صحيح هئڻ گهرجي، غلط يا اڌورا نالا يا غلط عهدو ڄاڻائڻ سان اصل مقصد پري هليو ويندو آهي، مرڳو تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندوآهي. اسان ڌُڪي تي ڪنهن کي ڊاڪٽر ۽ ڪنهن کي پروفيسر ڪري ڄاڻائيندا آهيون. لازمي ناهي ته هر وائيس چانسلر، ڊاڪٽر هجي ۽ اهو به ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته جنهن ڪڏهن ڪلاس جو منهن نه ڏٺو هجي ۽ اهو پروفيسر هجي. پريس رليز مختلف قسمن جا هوندا آهن، هن وقت ڪمرشل پريس رليز اخبارون پئسن تي يعني اسپيس وڪڻي ڇاپين ٿيون ۽ اهي ڪلاسيفائيڊ اشتهارن سان گڏ شايع ڪن ٿيون.

پريس نوٽ

پريس نوٽ صرف حڪومت جاري ڪي سگهي ٿي. جڏهن حڪومت طرفان ڪنهن به اهم واقعي يا معاملي بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻضروري هوندو آهي ته اُها پريس نوٽ جاري ڪندي آهي. پراڻي نظام ۾ سڄي ضلعي جي اهم معاملن تي صرف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ پريس نوٽ ڪڍي سگهندو هو، البت ڪراچي ۾ جتي چار ضلعا هئا ۽ انهن جي روينيو حدبندي هوندي به ماحول ۽ ماڻهو هڪٻئي سان رليل مليل هوندا هئا. هڪ گهٽي هڪ ضلعي ۾ ته ٻي گهٽي ٻئي ضلعي، اهڙي صورتحال ۾ پريس نوٽ ڪراچيءَ جو ”ڪمشنر“ جاري ڪندو هو.

نئين نظام ۾ پريس نوٽ جاري ڪرڻ جا اختيار ڊي سي او (DCO) کي ڏنا ويا آهن. پريس نوٽ سرڪاري اطلاعات کاتي معرفت ميڊيا کي جاري ٿيندا آهن.

پريس نوٽ کي ميڊيا ڪٽي يا ايڊٽ نٿي ڪري سگهي، ميڊيا ان کي جيئن جو تئين هلائڻ لاءِ پابند آهي. توڙي جو ميڊيا جي پنهنجي رپورٽنگ ان جي ابتڙ هجي يعني حڪومت طرفان واقعي يا معاملي بابت جاري ڪيل انگ اکر ميڊيا جي رپورٽنگ کان مختلف هجن ۽ حقيقتون ڦريل هجن، پر انهن کي انهيءَ حالت ۾ ئي هلائڻو آهي.

پريس نوٽ لکڻ هڪ خاص فن آهي. پريس نوٽ لکڻ واري کي لفظ صاف ۽ تز لکڻا هوندا آهن ۽ سڄي معاملي کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪرڻو هوندو آهي. ٻوليءَ ۽ واقعي کي اجايو ڊگهو ڪرڻ هن ٽيڪنڪ جي خلاف آهي. اسان جي ملڪ ۾ گهڻو ڪري امن امان سانتعلق رکندڙ واقعن ۽ معاملن بابت پريس نوٽ جاري ڪيا ويندا آهن. مثلاً بلوچستان ۽ وزيرستان معاملن تي حڪومت پريس نوٽ جاري ڪندي آهي. پر انهن علائقن ۾ فوجي آپريشن هئڻ ڪري فوج جو ترجمان به پريس لاءِ الڳ بيان جاري ڪري ٿو.

حڪومتون پريس نوٽ عوام کي افواهن کان بچائڻ لاءِ جاري ڪنديون آهن تهجيئن عوام ٻڌ سڌ تي ڪو رد عمل ظاهر نه ڪري ۽ حالتون حڪومت جي ضابطي هيٺ ئي رهن.

ميڊيا پريس نوٽ لاءِ ڪا هيڊ لائين يعني سرخي مقرر نه ڪندي آهي پر ان جي مٿان ”پريس نوٽ“ جي لفظن جي سرخي هنئين ويندي آهي، يا لکيو ويندو آهي ته ”هن واقعي يا فلاڻي واقعي بابت“ ڊي سي او يا پوليٽيڪل انتظاميا طرفان جاري ڪيل پريس نوٽ“.

تجربو اهو رهيو آهي ته پريس نوٽ ۽ اصل واقعي جي حقيقتن ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو انتظاميا واقعي کي هلڪو ڪري پيش ڪندي آهي ۽ معاملي ۾ پنهنجي مؤقف جي وڪالت ڪندي آهي ۽ ان ۾ حالتون ضابطي ۾ هئڻ جو تاثر ڏنو ويندو آهي ۽ ”سڀ ٺيڪ آهي“ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي آهي. هن دؤر ۾ ائين ڪرڻ ڪجهه عجيب لڳي ٿو، تيز ۽ ججهي ميڊيا جي موجودگيءَ ۾ ائين ڪرڻ عوامي اعتماد وڃائڻ آهي. شايد اهو روايتن جي تسلسل ۾ ائين ڪيو ويندو هجي يا رڳو ”پريس نوٽ“ جي قانوني گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ پريس نوٽ جاري ٿيندا هجن.

پريس نوٽ عام جام جاري نه ٿيندا آهن، جيئن پريس رليز يا هئنڊ آئوٽ وغيره جاري ٿيندا رهندا آهن. پريس نوٽ جو مواد پريس رليز وانگر وٿين ۾ ڪمپوز نه ٿيندو آهي، ڇو جو هن ۾ ڪنهن به سڌاري يا واڌاري جي اجازت نه هوندي آهي، انهيءَ ڪري سٽن ۾ وٿيون ڇڏڻ بي مقصد هوندو آهي.