ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275775   ڀيرا پڙهيو ويو

دلبر شرام ۽ آسگوڊ جي ڦيرائتي ڪميونيڪيشن ماڊل جو خاڪو


ڏول وارو ڪميونيڪيشن ماڊل

ڪميونيڪيشن جي هڪ ٻئي ماهر ”برلو“ ڪميونيڪيسن جو هي ماڊل متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي هو کوهه واري ڏول (Bucket) وارو ماڊل سڏي ٿو. هن ماڊل لاءِ هن جو چوڻ آهي ته جيئن کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڏول ڀري ڀري ٻاهر ڪڍيا ويندا آهن. ائين اسان جي لاشعور ۾ موجود هزارين خيال به ڏول وانگر ڀرجي ڀرجي اسان جي ذهن ۾ اچن ٿا ۽ اتان ڪميونيڪيشن جو عمل ۽ سلسلو شروع ٿئي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته اسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ خيال اسان پاڻ پيدا نٿا ڪيون، پر اهي هڪ اڻ ڏٺي سر چشمي مان پاڻمرادو اچن ٿا، اسان سوچڻ ڇڏي ڏيون ائين ٿي نٿو سگهي ۽ خيالن جو اچڻ اسان جي وس ۾ نه آهي.

برلو چوي ٿو ته ڪميونيڪيشن جو هي عمل سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن ۽ رشتن ناتن جي ڪري هر هر بدلجندو رهي ٿو، پر انهي جو سلسلو نٿو ٽٽي. هي چوي ٿو ته اسان ڪميونيڪيشن جي شروعات ۽ پڇاڙي بابت ڪي به دليل نٿا رکون، يعني اسان اهو نٿا چئي سگهون ته ڪميونيڪيشن هتان کان شروع ٿي ۽ هتي ختم ٿي، ڪيونينيڪشن هڪ اڻ کٽ ۽ بدلجندڙ عمل آهي.

برلو جو چوڻ آهي ته شروع ۾ ڪميونيڪيشن هڪ طرفي هوندي آهي ۽ پوءِ اِها ٻه طرفي بڻبي آهي ۽ ائين اِها لا محدود عمل جو حصو بڻجي ويندي آهي.

ٻن ڏاڪن وارو ڪميونيڪيشن ماڊل

ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل (Two- step flow Communication Model) کي هن وقت وڏي اِهميت حاصل آهي. اهو ممڪن ڪونهي ته موجوده دؤر ۾ اسان سڄي دنيا سان منهان منهن (Face to face) ڳالهائي سگهون. هڪ ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ئي ڪوني ته هو پري ويٺل ماڻهن، گروهن ۽ قومن سان روبرو مخاطب ٿي سگهي. انهي لاءِ هو ڪنهن ذريعي کي استعمال ڪري ٿو، انهي ڪري هن دور کي ٽيڪنالاجي جو محتاج دور چيو وڃي ٿو. جتي ڪميونيڪيشن به ٽيڪنالاجي جي محتاج بڻجي چڪي آهي. روبرو ڳالهه ٻولهه Face to face Communication هڪ الڳ حقيقت آهي . ان کان انڪار ڪونهي. پر اسان جو ڪميونيڪيشن وارو سڄو نه ئي سهي پر وڏو حصو ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل آهي، جنهن سان اسان پيغام موڪليون ٿا ۽ وصول ڪيون ٿا. انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي ته ڪميونيڪيشن جو عمل ڪنهن دريائي وهڪري وانگر پنهنجو رخ بدلائيندو رهي ٿو، يعني چئنل بدلائيندو رهندو آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي، حقيقت ۾ ڪميونيڪيشن جي ترقي آهي ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا نئين ايجاد يا تبديلي سامهون اچي وڃي ٿ ي. ماهرن ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل سان انهيءَ مسئلي جو حل ڪڍيو آهي. ڪميونيڪيشن جي هن ماڊل ۾ چار جزا اهم هوندا آهن، جيڪي پيغام کي منزل تي پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. انهن ۾ پهريون ذريعو (source) ۽ موڪليندڙ ٻيو پيغام، ٽيون پهريون فرد يا خاص گروهه جيڪو سڀني کان پهرين پيغام وصول ڪري ٿو، جنهن کي عام راءِ جا اڳواڻ (Public opinion leader)  چيو وڃي ٿو، ڪميونيڪيشن جي هن سطح کي پهرين ڏاڪي (Fist step) سان تعبير ڪيو ويندو آهي ۽ چوٿون اهم جزو پيغام وصول ڪندڙ آهي، جنهن کي ٻي سطح چيو ويندو آهي، جيڪا عام ماڻهو، گروهه يا ڪو هڪ فرد يا گهڻا فرد ٿي سگهن ٿا، ڪميونيڪيشن جي هن سطح کي ٻي ڏاڪي واري (Second step) ڪميونيڪيشن سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي. هي سلسلا گڏجي ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل جي تشڪيل ڪن ٿا.

هن ماڊل ۾ چوٿون جزو يعني جيڪو آخري سطح تي پيغام وصول ڪري ٿو، ان جو پهرين جز يعني ذريعي (Source) ۽ موڪليندڙ سان ڪو به سنئونسڌو تعلق نه هوندو آهي. بلڪه پيغام ذريعي ۽ موڪيلندڙ کان پوءِ سڌو پهريون جزي يعني ”عام راءِ جي اڳواڻ“ وٽ پهچي ٿو. عام راءِ جي اڳواڻ جي ڳالهه سماج جي مختلف طبقن ۽ راجن ڀاڳن ۾ ٻڌي ۽ مڃي ويندي آهي. هنن اڳواڻن کي قوم قبيلا پنهنجي طبقي جو چڱو مڙس مڃيندا آهن ۽ هن جي قول تي اعتبار ڪندا آهن.

عام راءِ جا اڳواڻ آيل پيغام کي پنهنجي دائري ۾ لاڳاپيل ماڻهن ڏانهن منتقل ڪندا آهن، يعني انهن کي جيڪو پيغام مليو آهي، ان کي اڳتي وڌائيندا آهن. هن عمل ۾ عام راءِ جي اڳواڻ جو سچو ۽ ساک ڀريو هئڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ هن ڏاڪي تي پهتل پيغام ۾ ردوبدل جو خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن عام راءِ جو اڳواڻ ڪنهن خاص مسلڪ، عقيدي، ريت رسم ۽ ثقافت سان لاڳاپو رکي ٿو ته اهو آيل پيغام کي ڄاڻي وٺي ٿو، جيڪو هن جي سوچ ۽ عقيدي کان هٽيل آهي. ان ۾ تبديلي ڪري ٿو. فلٽر ڪرڻ جي عمل ۾ هو غير جانبدار نٿو رهي ۽ ڪيترو اهم پيغام ڇو کڻي نه هجي پر فلٽر ٿيڻ سان پيغام جون ڪيتريون ئي چڱايون عام راءِ جي اڳواڻ وٽ ئي رهجي وينديون آهن ۽ اڳتي ٻي ڏاڪي يعني عام ماڻهن، يا سماج جي مختلف طبقن تائين پهچي نه سگهنديون آهن.

عام راءِ جي اڳواڻ واري سطح تي، ڪڏهن ڪڏهن افواهن جي پکڙجڻ جو به خطرو هوندو آهي، يا ڪي خاص ڌريون انهن اڳواڻن کي خريدڻ يا ڊيڄائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته جيئن ڪميونيڪيشن جو وهڪرو هنن جي مرضي سان هلي. ڇا عوام تائين پيغام رڳو عوامي راءِ جي اڳواڻن جي معرفت ئي پهچي ٿو؟ هاڻ ائين نه آهي، ڪتاب، اخبار، رسالي، ريڊئي، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ کي به عوامي راءِ جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ جي سگهه آهي. پر اهي عام راءِ جي اڳواڻن جو متبادل نه آهن. اهي ذريعا اسان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي دائري ۾ ئي رکنداسون.

اڪثر مارشل لائي حڪومتون جڏهن ماس ميڊيا تي پابندي هڻنديون آهن ته ان وقت عام راءِ جي اڳواڻن جي اهميت وڌي ويندي آهي. اهڙي ماحول ۾ ڊڪٽيٽر عام راءِ جي اڳواڻن کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. نائن اليون کان اڳ پاڪستان ۾ ”مولوي“ عام راءِ جا اڳواڻ مڃيا ويندا هئا ۽ ڊڪٽيٽر پهرين فرصت ۾ اسلام جو نعرو هڻندا هئا ۽ مولوين کي اڳتي آندو ويندو هو. ڇو جو مولوي کي هڪ ته ”لائوڊ“ واري ميڊيا دستياب هئي، ٻيو ته مزهب جي نسبت سان به ماڻهو انهن جي ڳالهه ٻڌاندا هئا ۽ جمعي يا ديني جلسن ۾ به انهن جي ڳالهه ٻڌي ۽ مڃي ويندي هئي.

سنڌ ۾ عام راءِ جا اڳواڻ راڄن جا چڱا مڙس هئا، جن کي اسان جي سوشل طبقي ايترو ته بدنام ڪيو، جو عام ماڻهن جو ويساهه وڏيري تان ٽٽي پيو ۽ ڪن وڏيرن جي لڇڻن به ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر چڱي مڙس جي جاءِ تي سوشلسٽن وٽ ڪو به متبادل عام راءِ جو اڳواڻ موجود نه هو، ماڻهو ته راڄن سان اٿن ويهن ٿا، انهن جا سماجي مسئلا جهيڙي جهٽي جو نبيرو، سڱ ۽ خون جو فيصلو، چورن چڪارن جو مسئلو، پوليس جي ٻڌ ڇوڙ جو مسئلو، قومي ۽ قبائلي جهيڙا آخر ماڻهو وڏير ڏي نه وڃن ته ڪيڏانهن وڃن. ان جو ڪو ته متبادل رستو هجي، ٻي صورت ۾ انارڪي جو خطرو رهي ٿو. جيستائين سماج ۾ 80 يا 90 سيڪڙو پڙهيل ۽ ڪڙهيل ماڻهو ميدان ۾ اچن تيستائين اهو نظام ئي بهتر رهندو. سنڌ جي پڙهيل طبقي لاءِ عام راءِ جو اڳواڻ دانشور، اديب، شاعر ۽ آفيسر شاهي طبقو ٿي سگهي ٿو. اهي به سڀ اسان جي سامهون آهن. استاد ۽ پروفيسر طبقو ته پهنهنجي رهيل عزت به وڃائي چڪو آهي.

حڪمرانن ۽ سياسي رهنمائن جون پريس برفينگون به ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن جو حصو هونديون آهن. جنهن سان پهرين پيغام ايڊيٽرن يا صحافين کي سمجاهايو ويندو آهي، جيڪي ماس ڪميونيڪيشن جي ذريعي کي استعمال ڪندي حڪومتن يا سياسي پارٽين جو خواهشيل پيغام عام ماڻهن ۽ خاص طبقن تائين پهائين ٿا.

 
 
 
 

 

 

وڏو دائريو عام راءِ جي اڳوڻن کي ظاهر ڪري ٿو

ليڪ سان ننڍا دائرا فردن، گروهن ۽ عوام کي ظاهر ڪن ٿا.

ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل جو خاڪو

 

هڪ ڏاڪي وارو روايتي ڪميونيڪيشن ماڊل

ٻن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل کي پهرين آڻڻ جو مقصد هڪ ڏاڪي واري روايتي ڪميونيڪيشن ماڊل کي بهتر نموني سمجهڻ آهي. اسان جڏهن ٻنهي ماڊلن جو جائزو وٺنداسون ته ٻن ڏاڪن وارو ماڊل اسان کي سائنسي لڳندو ۽ هن ماڊل مطابق پهتل پيغام صحيح نمونيو گهربل نتيجا ڏئي سسگهندو. روايتي ڪميونيڪيشن ماڊل ۾ پهريون جزو ذريعو (Source) آهي ۽ موڪليندڙ به اهو ئي آهي، ڪن صورتن ۾ ٻئي الڳ الڳ به ٿي سگهن ٿا. ذريعي مان نڪتل پيغام جڏهن سنئون سڌو عوام تائين پهچي ٿو ته اهو منتشر حالت ۾ هوندو آهي. ڪي مانهو ۽ طبقا هن پيغام کي وصول ڪري سگهندا آهن ۽ ڪي فرد ۽ طبقا وصول ڪرڻ کان رهجي ويندا آهن ۽ جن فردن ۽ طبقن تائين پيغام پهچي وڃڻ بعد به اسان کي ان جي اثر ۽ نتيجن لاءِ الڳ تحقيق ڪرڻي پوي ٿي، جنهن مان خبر پوند ته ڪيترن ئي فردن اهو پيغام ائين ئي سمجهيو جيئن موڪليندڙ جي خواهش هئي.


هڪ ڏاڪي واري روايتي ڪميونيڪيشن ماڊل جو خاڪو

ٽن ڏاڪن وارو ڪميونيڪيشن ماڊل

ٽن ڏاڪن وارو هي ڪميونيڪيشن ماڊل گهڻو ڪري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ڪم ڪري جتي تعليم جو معيار گهٽ ۽ خواندگيءَ جو سيڪڙو بنهه گهٽ آهي. انهن سماجن ۾ جتي ماڻهو نه ته اخبار خريد ڪري سگهن نه پڙهي سگهن، گهڻن وٽ ٽي وي خريدڻ جي سگهه نه هجي، سڀ ماڻهو ريڊيو ٻڌي نه سگهندا هجن ۽ انٽرنيٽ تائين ٿورڙن جي پهچ هجي ته اهڙي صورتحال ۾ هي ٽن ڏاڪن وارو ڪميونيڪيشن ماڊل ڪم ڪري ٿو. هن ماڊل ۾ ذريعو (Source) يا پيغام موڪليندڙ کان پوءِ ٻيو جزو ماس ميڊيا آهي، جيڪا پهريون سطح تي پيغام وصول ڪري ٿي، هي سطح پهرين پهرين ڏاڪي واري آهي. جڏهن ماس مييا جو ڪونه ڪوچئنل هي پيغام وصول ڪري ٿو ته اهو پيغام اتان عام راءِ جي اڳواڻن تائين پهچي ٿو، توڙي جو ڪن صورتن ۾ اهو پيغام سنئون سڌو عوام تائين به پهچي ٿو، پر عوام جي مختلف طبقن جي ذهني سطح انهيءَ پيغام کي سمجهڻ ۽ هضم ڪرڻ جي سگهه نه رکندي آهي. انهي ڪري اهو پيغام ”فائول“ جي درجي ۾ هليو ويندو آهي. جڏهن مذڪوره پيغام عام راءِ جي اڳواڻن وٽ پهچي ٿو ته اهو ڪميونيڪيشن جو ٻيو ڏاڪو هوندو آهي ۽ اتان اهو پيغام فردن، طبقن ۽ لاڳاپيل عوام ڏانهن منتقل ٿئي ٿو. هي ڪميونيڪيشن جي ٽين سطح يا ڏاڪو هوندو آهي.

وڏا دائرا عام لاءِ جي اڳواڻن کي ظاهر ڪن ٿا.

ننڍڙا دائرا فردن، خاص طبقن ۽ عوام کي ظاهر ڪن ٿا.

ٽن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل جو خاڪو

ٽن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل جو خاڪو

ٽن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ماڊل کي سمجهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ڪنهن ڳوٺ جو جائزو وٺڻو پوندو، سڄي ڳوٺ ۾ هڪ ٻه اخبارون اچن ٿيون، انهن اخبارن کي پنهنجي ڪچهري واري جاءِ تي، چانهه جي هوٽل تي ڪو استاد، مولوي يا ڪو ٻيو پڙهيل فرد پڙهي ٻين کي ٻڌائيندو آهي. هاڻ اهو پڙهڻ واري تي آهي ته اهو ڪهڙيون خبرون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ هن عمل سان گڏوگڏ تبصرو به ٿيندو هلندو آهي. ساڳي نموني بي بي سي سروس يا ٻيو ڪو ريڊيو ۽ ٽي وي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ واري کان به ڳوٺاڻا تازيون خبرون پڇندا رهندا آهن ۽ ائين انٽرنيٽ جون خبرون به ساڳي نموني فردن، خاص طبقن ۽ عوام تائين پهچنديون رهنديون آهن. اسان جي ريڊيو اسٽيشن يعني حيدرآباد تان ڳوٺاڻي ڪچهري نشڙ ٿيندي آهي. ان ۾ به اهڙا لقاءُ پيش ڪيو ويندو آهي ته ڳوٺاڻا خبرون ته گڏجي ٻڌندا آهن، پر انهن خبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ انهن تي تبصرو ڪو ڏاهو ماڻهو ڪندو آهي ۽ ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي خبرون سمجهائيندو هلندو آهي.

ڪو وقت هو جڏهن سوشلزم جو چرچو هو، چين ۽ روس کان اردو ۾ مواد، جنهن ۾ رسالا ۽ اخبارون شامل هونديون هيون، اسان جي ٻهراڙين تائين پهچنديون هيون ۽ پيڙيل طبقي ۾ اتي جا مقامي ڪامريڊ اهي رسالا ۽ اخبارون انهن کي پڙهي ٻڌائيندا هئا، جن جو مقصد ڪميونزم ۽ سوشلزم جي اقتصادي نظرئي کي دنيا ۾ پکيڙڻ هو.

اهي مٿيان سڀ مثال ٽن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن جا آهن. ٽن ڏاڪن واري ڪميونيڪيشن ۾ به غلط بياني جو خطرو رهي ٿو. پر عام راءِ جا اڪثر اڳواڻ پيغام کي صحيح صورت ۾ ئي پهچائين ٿا. پڙهيل لکيل سماج ۾ جتي تقريباً هر فرد ۽ طبقو ماس ميڊيا جي ڪنهن نه ڪنهن چئنل سان وابستگي رکي ٿو، اتي هي ماڊل غير مؤثر ٿي وڃي ٿو.

 

ڪميونيڪيشن جون رڪاوٽون

ڪميونيڪيشن جي سموري عمل ۾ جيڪي به ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، انهن کي ڪميونيڪيشن جون رڪاوٽون (Barriers) چيو وڃي ٿو. اهي رڪاوٽن ڪيترن ئي قسمن جون ٿي سگهن ٿيون. ڪي جسماني ته ڪي مڪيني، ڪي نفسياتي ته ڪي ثقافتي ۽ ڪي ٻوليءَ جون رڪاوٽون هونديون آهن، جيڪي ڪميونيڪيشن جي عمل کي سو سيڪڙو پورو ٿيڻ کان روڪينديون آهن.

ڪاروباري ڪميونيڪيشن ۾ جيڪي رڪاوٽون پيش اينديون آهن، انهن جو مک سبب انهيءَ ڪاروباري اداري جو انتظامي ڍانچو هوندو آهي ۽ انهيءَ ڪمزوري جو اثر به ڪاروبار جي سوعت سان گڏ وسيع ٿيندو رهندو آهي. انهن انتظامي رڪاوٽن ۾ جيڪي اهم رڪاوٽون هونديون آهن انهن ۾ هيٺين سطح جي عملي ۽ انتظامي عملي ۾ مفاصلا ۽ عدم مشاور، مهارت ۾ بنهه جڙو هئڻ، اختيارن ۾ مداخلت ۽ اونچ نيچ، اهي سڀ ڪنهن ڪاروباري اداري جي ڪميونيڪيشن ۾ رڪاوٽون سمجهيو وينديون آهن. هن عمل کي رابطن ۾ وٿي يعني Communication gap به چيو ويندو آهي.

ساڳي نموني فردي رابطن يعني هڪ فرد جو ٻئي فرد سان يا هڪ فرد جو گهڻن فردن سان يا گهڻن فردن جو هڪ فرد سان رابطو انهيءَ ڪري ناڪام رهندو آهي يا گهربل نتيجا ڏئي نه سگهندو آهي، جو انهيءَ عمل ۾ به ڪميونيڪيشن جون رڪاوٽون شامل ٿي وينديون آهن، جن کي سماجي رڪاوٽون چيو ويندو آهي. هنن رڪاوٽن ۾ طبقاتي فرق ۽ اڻ برابري، فردن ۽ قبيلن ۾ ساڙ ۽ حسد، ڪاروبار، ڌنڌن، عهدن ۽ ثقافتي قدرن ۾ فرق شامل آهن. ڪنهن خاص ڌنڌي جي ٽيڪنيڪل ٻولي به ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندي آهي.

ڪميونيڪيشن جي انهن سڀني رڪاوٽن کي انگريزيءَ ۾ نوائز (Noise) چيو ويندو آهي، جنهن لاءِ اسان سنڌيءَ ۾ ”هُل“ جو لفظ استعمال ڪري سگهون ٿا. هتي ”هُل“ بطور لفظ نه پر هڪ وسيع اصطلاح طور استعمال ڪيو ويو آهي، ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ ڪنهن به سطح تي ڪا به رڪاوٽ ”هُل“ چورائيندي.

ڇا اهو ممڪن اهي ته ڪميونيڪيشن جو عمل مڪمل طور ڪنهن رڪاوٽ کان پاڪ ۽ صاف هجي، گهڻو ڪري اهو ڪو مشڪل سان هوندو، جو ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ ۽ ”هُل“ شامل نه ٿئي. ڪميونيڪيشن جو عمل انهن رڪاوٽن ڪري اڻپورو رهي ٿو پر ڪميونيڪيشن جي ڪن عملن ۾ اهو سيڪڙي جي لحاظ کان گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. يعني ڪٿي 9. 99 سيڪڙو ڪميونيڪيشن صحيح ۽ سالم ٿئي ٿي ته ڪٿي مرڳو 10 سيڪڙو ڪاميابي ملي ٿي ۽ ڪن حالتن۾ خاص ڪري ٻوليءَ جي مَٽَ يعني تبديلي سان اهو عمل ٻڙي يعني بلڪل نٿو ٿئي.

ڪميونيڪيشن جي انهي عمل ۾ خيالن ۽ جذبن جي اوت به شامل آهي. هڪ بهترين ڪميونيڪيٽر ايترو ضرور ڪري سگهي ٿو ته رڪاوٽن کي اڻ لکي سطح کڻي وڃي ۽ خيالن ۽ جذبن جي اوت کي گهربل سيڪڙي ۽ نتيجي تي پهچائي.

ڪميونيڪيشن جي ڪنهن به طبعي (Physical) يا نفسياتي (psychological) رڪاوٽ کي ڳولي پرکي ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، پر اهو تڏهن ممڪن هوندو آهي، جڏهن پيغام ڏيندڙ ۽ وصول ڪندڙ ٻئي اهڙي رڪاوٽ کي ڳولڻ ۽ گهٽائڻ جو ارادو رکندا هجن. طبعي رڪاوٽن جي مقابلي ۾ نفسياتي رڪاوٽن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ ڪجهه ڏکيو هوندو آهي، ڇو جو اهڙيون رڪاوٽون گهڻو ڪري نفسياتي يا سماجي مسئلن سان تعلق رکنديون آهن.

جڏهن يورپ جي حاڪم ملڪن آفريڪا ۾ پنهنجن ڪالونين ۾ ڪارخانا هنيا ته انهن کي گهربل تعداد ۾ مزدور نه مليا، مقامي ماڻهو انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ائين سستي مزدور وارو خيال ۽ سوچ ناڪام ٿيڻ لڳي. انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. اتي ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ پهرين وڏي رڪاوٽ تعليم جو نه هئڻ هئي. انهيءَ مسئلن کي اشتهاري مهم سان حل ڪيو ويو. هن سڄي مرحلي ۾ بنيادي نقطو مقامي ماڻهن جو خرچ وڌائڻ هو ته جيئن پنهنجي وڌيڪ خرچ جي پورائي لاءِ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن. هن مقصد لاءِ ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهرن يورپ مان ماڊل ڇوڪريونگ هرايون، جن کي هار سينگار ۽ ميڪ اپ سان سنواري مختلف ”شو“ ڪرايا ويا، نوان نوان لباس پهرايا ويا ۽ انهن ماڊل ڇوڪرين يا سجاوٽي لباس وارا وڏا وڏا اشتهاري بورڊ ٺهرائي روڊن رستن ۽ چوڪن تي هنيا ويا. مقامي عورتون ۽ مرد اهڙي سينگار ۽ لباس کان متاثر ٿي، انهن سينگار ۽ لباس کي خريدڻ شروع ڪيو، ٻارن ۾ به اهڙي رجحان کي هٿي ڏني وئي. آخرڪار گهرو خرچ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ مقامي آبادي روايتي روزگار ۽ آمدني جي ذريعن تي ڀاڙڻ بدران وڌيڪ امدني ۽ خرچ جي پورائي لاءِ ڪارخانن ۾ مزدوري ڪرڻ لڳي، ائين ڪميونيڪيشن جون سماجي ۽ نفسياتي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويا.

هن نظرئي کي ترقي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ اسان سرڪاري ۽ اجتماعي شين جي حفاظت ۽ منصوبن جي ڪاميابي لاءِ هي طريقو استعمال ڪري سگهون ٿا، سرڪاري رستا، ٽيوب ويل، اسڪولي عمارتون ۽ ٻيا عمارتي ۽ مواصلاتي ڍانچا خراب يا ناڪام انهيءَ ڪري ٿين ٿا، جو مقامي آباد انهن کي سرڪاري يا اجتماعي سمجهي ٿي، جڏهن ته اُهي خالص مقامي آبادي جي ڀلي لاءِ قائم ڪيل هوندا آهن، سرڪاري ٽيوب ويل جا پرزا چوري ڪرڻ، اسڪولن جا پنکا ۽ ميزون بينچون کڻي وڃڻ، وارا رويا اهو ظاهر ڪن ٿا ته اسان مقامي آبادي کي اهو سمجهائڻ کان قاصر رهيا آهيون ته اهو سندن ذاتي نقصان آهي، سرڪاري ٽيوب ويل خراب ڪرڻ سان نقصان سرڪار جو نه پر دراصل انهن جو ٿيندو، جن جي ٻنيءَ ۾ اهو لڳل آهي. اسڪول جو سامان کڻڻ سان انهن جو نسل تعليم کان محروم رهندو، هيلٿ سينٽر جي ڀت ڪرائي سرون کڻڻ سان هنن جي بيمار ٻارن ۽ عورتن کي شهر جا ڌڪا ڪائڻا پوندا يا معذوري ۽ موت کي منهن ڏيڻو پوندو.

ڪميونيڪيشن جي مڙني رڪاوٽن کي اسان ترتيبوار بحث هيٺ آڻيون ٿا ته جيئن انهن کي سمجهڻ آسان ٿئي.

(1)طبعي رڪاوٽون:ڪميونيڪيشن جي طبعي رڪاوٽن (Physical Barriers) ۾ اهي رڪاوٽون شامل آهن، جيڪي ڪنهن مادي شيءِ جي اڻ پورائي سان ظاهر ٿينديون هجن. مثلاً ڪنهن ڳوٺ ۾ بجلي جو نه هئڻ، جنهن جي ڪري اتي آباد ماڻهن کي ٽي وي يا ڪمپيوٽر جي استعمال جو حق حاصل نه هجي يا پنهنجي موبائل فون چارج ڪري نه سگهن، يا شهري آبادي انٽرنيٽ جي استعمال دؤران، هر هر لائين ڪٽجڻ يا سرور جي سست رفتاريءَ جي شڪايت ڪن، اهي طبيعي اليڪٽراني رڪاوٽون آهن، جيڪي ڪميونيڪيشن جي عمل کي متاثر ڪن ٿيون، يا ”هاءِ وولٽيج“ لائين جو آباديءَ جي مٿان يا بلڪل ڀرسان گذرڻ، جنهن جي ڪري موبائل نيٽ ورڪ، ريڊئي، عام ٽيليفون ۽ ٽي وي ۾”کوکر“ جو آواز ۽ آواز جي رڪجي اچڻ جي شڪايت ٿي پوي، هي اليڪٽراني هُل پيغام جي بنيادي ذريعي (Source) ۽ منزل (Destination) ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿين ٿا.

ٻي طبعي رڪاوٽ اِها آهي، جو اوهان خط لکي ٽپال جي دٻي ۾ وجهي اچو، پر پوسٽ آفيس جو نظام ايترو سست ۽ بيڪار هجي، جو اوهان جي خط کي دٻي مان نڪرندي نڪرندي پندرنهن ڏينهن لڳي وڃن ۽ ان خط کي منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جي گم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هجن ۽ منزل تائين گهربل وقت ۾ پهچڻ جو امڪان به گهٽ هجي، ته اها ڪميونيڪيشن جي طبعي رڪاوٽ آهي، جنهن سان پيغام جو صحيح وقت تي پهچڻ محال ٿيو پوي، ڪن خطن کي اسڪينگ جي عمل مان گذاري ويندو آهي ۽ انهن تي سنسرشپ لڳائي ويندي آهي، جيڪا پڻ ڪميونيڪيشن جي طبعي رڪاوٽ ٿئي ٿي.

تعليم جو نه هئڻ يا گهٽ سطح جو هئڻ به ڪميونيڪيشن جي طبعي رڪاوٽ آهي، جنهن سان يا ته پيغام سمجهه ۾ نه ايندو آهي يا وري ان جو مطلب ابتو ورتو ويندو آهي ۽ ان جي تشريح غلط ڪئي ويندي آهي. طبعي رڪاوٽن ۾ هيٺيان چار نقطا اهم آهن:

(الف) گڏ وچڙ رڪاوٽ: ڪميونيڪيشن جي طبعي رڪاوٽن ۾ آواز جو گڏ وچڙ ٿيڻ هڪ اهم رڪاوٽ هوندو آهي، مينهن جي موسم ۾ ٽيليفون لائينن جو پاڻ ۾ ملي وڃڻ، وڏي آواز ۾ گانن جو وڄڻ، ڪنهن چوڪ تي آيل موبائل ڪال کي وصول ڪرڻ وقت گاڏين جو آواز ۽ هارن، ڪنهن باغيچي يا باغ ۾ ڪانون جي ڪانءَ ڪانءَ يا جهرڪين جي ”چين چين“ به ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ پيدا ڪيو وجهي.

(ب)ماحولياتي دٻاءُ: جيڪڏهن سخت سيءُ آهي ۽ گرمي پد ڪاٽو آهي يا حد درجي جي گرمي آهي ۽ گهم سبب بت کان بيزار آهي، تازي هوا اچڻ جو ذريعو بند آهي ۽ گهٽيل ڪمري ۾ ڪو فرد موجود آهي، يا اکين کي کائڻ واري اُس آهي يا گاڏين جي سڙيل تيل ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪري ساهه جي مونجهه آهي ته اهڙي ماحول ۾ ڪو پيغام وصول ڪرڻ ۽ سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو، مٿي ذڪر ڪيل سڀ حالتون پيغام کي وصول ڪرڻ رڪاوٽون بنجي وڃن ٿيون.

(ج) ذاتي دٻاءُ: ذاتي دٻاءُ مان مراد ذهني دٻاءُ آهي، ننڊ جو پورو نه ٿيڻ، بخار ۽ ڪنهن ٻي بيماريءَ جو رهڻ، نشيءَ واري حالت يا ڪنهن اهڙي دوا جو استعمال، جنهن سان دماغ موڳو ٿي پوي يا ذهني توازن متاثر ٿيو هجي ۽ ان سان فطري طرح ”موڊ“ ۾ ڦيرو آيو هجي يا اهڙيون سڀ حالتون ذهني دٻاءُ کي جنم ڏين ٿيون ۽ اهڙي ذهني دٻاءُ ۾ پيغام جو ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ ان جي صحيح تشريح ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

(د) ذريعي جو غلط استعمال:ڪميونيڪيشن جو صحيح ذريعو چونڊڻ ضروري هوندو آهي، ٻي صورت ۾ زباني يا لکت واري پيغام ۾ رڪاوٽ اچي ويندي آهي، مثلاً اسان ڪنهن گونگي کي ريڊيو ۽ انڌي کي اخبار کڻي ڏيون ته هو ٻئي پيغام وصول ڪرڻ کان قاصر هوندا، پر انو ”بريل“ ذريعي اخبار پڙهي سگهي ٿو ۽ ريڊيو ٻڌي سگهي ٿو، گونگو اشارن واري ٻولي ۾ ٽي وي تي آيل پيغام ڏسي ۽ سمجهي سگهي ٿو. انهي ڪري ڪنهن غلط ذريعي (Channel) جي چونڊ ڪميونيڪيشن جي رڪاوٽ ثابت ٿئي ٿي.

(2)نفسياتي رڪاوٽون: اسان سڀنيءَ جي پنهنجي ۽ الڳ الڳ سوچ آهي، دنيا کي پرکڻ ۽ ڏسڻ جو معيار به هر ڪنهن جو مختلف آهي، هر ڪو پنهنجي ذهن جي دري مان دري جي وسعت آهر ۽ پنهنجي حساب سان دنيا کي ڏسي ٿو. هر معاملي ۽ مسئلي بابت هڪ جي سوچ ٻئي کان گهڻو يا ٿورو مختلف هوندي آهي. هڪ ماڻهو لاءِ ٻن فردن جي راءِ به مختلف ٿي سگهي ٿي، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خاص معيارن ۽ ملهه واري سرشتي سان جڙيل هوندو آهي، هن سرشتي ۾ عمل، عقيدي، رويي، فڪري انداز ۽ پالنا واري ماحول جو اهم ڪردار هوندو آهي، انهيءَ ڪري سوچ ۾ نتيجا وٺڻ ۾ به فرق هوندو آهي. توڙي جو اهي فرد ٻولي، سماج ۽ ثقافت ۾ هڪجهڙائي رکندا هجن.

انساني سوچ ۽ شخصيت تي تجربي جو به خاص اثر پوندو آهي، ٻاراڻي زندگيءَ جو عڪس مرڻ گهڙي تائين رهندو آهي، انهيءَ ڪري نفسياتي ماهرن ٻار جي پهرين پنجن سالن کي اهم ڪرار ڏنو آهي. ٻار جي سڄي زندگيءَ جي سوچ ۽ شخصيت جو بنياد اهي پهريان پنج سال هوندا آهن. اهڙي نموني فرد جتي زندگيءَ جو وڏو حصو گذاري ٿو، ان ماحول، ثقافت ۽ سماج جو به وڏو ڪردار هوندو آهي، جيڪو هن جي زندگيءَ جي فيصلن ۽ شخصيت تي اثرانداز ٿيندو رهندو آهي. موروثيت جو ڪردار سڀني کان اهم ۽ وڏو ليکو ويو آهي، فرد جي خاندان، ان خاندان جي حيثيت، ذات پات، طبقاتي ڦيرگهير ۽ دوستي ياري جي ان جي شخصيت تي وڏي ڇاپ رهي ٿي. انساني زندگيءَ انهن سڀني شين جو مرڪتب رهي ٿي، پر ڪٿي ڪي شيون گهٽ ته ڪٿي ڪي شيون وڌيڪ انساني زندگيءَ ۾ شامل ٿينديون رهن ٿيون. اهي شيون فطري انداز ۾ اثرانداز ٿينديون آهن. باقي علم يعني تعليم ۽ تربيت، زندگيءَ جا تجربا انسان جي ذهني ترتيب ۾ تبديلي ته آڻين ٿا، پر اها غير فطري تبديلي هوندي آهي، انهيءَ سان ڪي تبديليون ته اچن ٿيون، پر بنياد ڦري نٿو سگهي. ذهني بلوغت اسان جي روين، عقيدن، سياست، سماج ۽ ويندي معيشت تي به اثرانداز ٿئي ٿي، پر اها به روين جي بنيادي ڍانچي کي تبديل نٿي ڪري سگهي. انهي ڪري جنهن ماحول ۾ اسان نپنا هجون، ان جي برعڪس ڪنهن ٻئي ماڻهول مان ڪو پيغام اچي ته اهو پيغام سمجهڻ ۽ ان کي اپنائڻ اسان لاءِ ڪجهه ڏکيو ٿي پوندو آهي.

ڪميونيڪيشن جي نفسياتي رڪاوٽن ۾ ٽن ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي: هڪ ذاتي تصور، ٻيو تبديليءَ جي مخالفت وارو رويو ۽ ٽيون ڊپ ۽ ان کان بچاءَ لاءِ ڪيل تدبيرون.

(الف) ذاتي تصور: ذاتي تصور جو تعلق انسان جي ذاتي تجربن ۽ حوالن سان سلهاڙيل هوندو آهي، ذاتي حوالن جي سلسلي ۾ مٿي بحث ڪيو ويو ته انسان جي سوچ ڪنهن شخصيت، سماجي ۽ سياسي معاملن ۽ روين بابت مختلف هوندي آهي، اهي خارجي تصور چورائيندا آهن، جڏهن ته انسان جي پنهنجي ذات بابت جيڪا سوچ هوندي آهي، اها داخلي سوچ يا تصور چورائيندي آهي، جنهن کي اسان هتي ”ذاتي تصور“ جو نالو ڏنو آهي. ذاتي تصور يا داخلي سوچ بابت جيڪي به تجربا ٿيا آهن، انهن مان اها ڳالهه واضح ٿي پئي آهي ته انسان پنهنجي ذات بابت جيڪو تصور رکي ٿو، اهو گهڻو ڪري مبالغي تي ٻڌل هوندو آهي ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون ۽ ذهني وسعت حقيقت ۾ ايتري نه هوندي آهي، جيتري هو سمجهندو آهي يا جنهن جو هو اظهار ڪندو آهي پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اهڙي ذاتي مبالغي واري سوچ گهڻو ڪري مثبت نتيجا ڏيندي آهي. مثلاً ڪو تصور ڪري ته آءٌ فلاڻو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکان ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ کيس اهڙي صلاحيت نه هوندي آهي، پر انهي ”ذاتي تصور“ جي ڪري هو ڪوشش ڪندو آهي ۽ نيٺ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ”ذاتي تصور“ ۾ فرد همشه پنهنجي نقطي نظر جي وڪالت ڪندو آهي ۽ انهيءَ کي ئي صحيح سمجهندو آهي. هو پيغامن ۽ روين جو تشريح به پنهنجي ”ذاتي تصور“ موجب ڪندو آهي، يعني جيئن هن جي دل چاهيندي آهي ائين تشريح ڪندو آهي. حقيقتن کي سمجهڻ بجاءِ اڳواٽ طئي ڪيل ذاتي فيصلن موجب نتيجا چاهيندو آهي.

سماج ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام ٿورو هوندو آهي. جيڪي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري، ان کي ٺيڪ ڪن. خود احتسابي جي عمل ۾ گهڻو ڪري مذهبي ماڻهو اڳتي نظر ايندا آهن ۽ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪرڻ کان نه گهٻرائيندا آهن. ڇو جو هو پنهنجي خالق کي پاڻ تي نگران تصور ڪندا آهن ۽ اهڙي غلطي کي لڪائڻ پاپ سمجهندا آهن.

”ذاتي تصور“ جو ٻيو پهلو محبت، حسن، عزت ۽ آزادي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان لاءِ انسان طرفان ڏنل يا مقرر ڪيل تشبيهن جو استعمال به ٿيندو آهي، جڏهن ته ان جو اصليت سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي، پيلو گلاب ڏيڻ نفرت جو تشبيهه ۾ آندو ويو ۽ ڳاڙهو گلاب محبت جي علامت طور استعمال ٿيو، انهيءَ ۾ ٻنهي گلابن جو ڪو ڏوهه يا ثواب ڪونهي، پر انسان طرفان ”ذاتي تصور“ واري نظريي موجب ٻنهني گلابن جا علامتي نشان يا علامتون مقرر ڪيون ويون. آمريڪن شاعر والس اسٽيٽونز لکيو آهي ته انسان جو ”ڪوئل“ پکي لاءِ ذاتي تصور عجيب آهي، هو پنهنجي سماج جي حوالي سان ڪوئل جا تيرهن ذاتي تصور پيش ڪري ٿو، يعني علامتون پيش ڪري ٿو. اهڙي طح اسان جي سماج ۾ ڪانؤُ جون علامتون به ڪيترن ئي قسمن جون ظاهر ڪيون ويون آهن ۽ انهن ۾ ”پيغام“ جي علامت به شامل آهي. ساڳي نموني يورپ ۽ آمريڪا ۾ چٻري پکي لاءِ ڏاهپ ۽ عقل جي علامت آهي ۽اسان وٽ اهو منحوس ليکيو وڃي ٿو، جڏهن تهاهو پکي صرف پکي آهي، اهي انسان جا ذاتي تصور ئي آهن. جن مختلف سماجن ۾ ساڳي پکي جون مختلف علامتون مقرر ڪيون آهن.

انسان پيغامن ۽ روين جي تشريح ۾ جيڪي ”ذاتي تصور“استعمال ڪندو آهي، ان عمل کي ”چونڊيل ڪميونيڪيشن“ چيو ويندو آهي، اهو انهيءَ ڪري نه ته اسان پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ چونڊ ڪريون ٿا يعني اهو طئي ڪريون ٿا ته ڪهڙو پيغام ڏيڻو يا موڪلڻو آهي ۽ ڪهڙو پيغام وصول ڪرڻُ آهي.

انهيءَ عمل سان اسان پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي عمل ۾ شامل ٿي وڃون ٿا، پيغام کي ياد رکون ٿا ۽ ڪن پيغامن کي اڳتي وڌايون ٿا. پيغام اڳتي وڌائڻ وارو عمل اسان جي اَنا (Ego) سان تعلق رکي ٿو، جيڪڏهن پيغام ڪنهن به نموني اسان جي انا يا مفادن جي ابتڙ نه آهي ته اهو پيغام اڳتي وڌائيندا آهيون، ٻي صورت ۾ پيغام کي دٻايو ويندو آهي، ڇو جو اهو اسان جي ”ذاتي تصور“ واري دائري کان ٻاهر هوندو آهي. اسان ڪن پيغامن کي وصول ڪرڻ ۾ آزاد نه هوندا آهيون، يعني اڪثر اسان کي اهي پيغام ڪنهن نه ڪنهن نموني پهچي ويندا آهن، جيڪي اسان ڪڏهن به وصول ڪرڻ نه چاهيندا آهيون.

(ب) تبديليءَ جي مخالفت وارو رويو:اڪثر ماڻهو تبديلي وارو رويو قبول نه ڪندا آهن، هنن جو وڏو سوال اهو هوندو آهي ته تبديليءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ انهيءَ سوال ۾ هڪ لڪل ڊپ هوندو آهي، جنهن کي هو ڀوڳڻ نه چاهيندا آهن. اسان وٽ ٻوليءَ جي تبديلي بابت مختلف خيال ملن ٿا، ڪي هن تبديليءَ کي وقت جي ضرورت سمجهن ٿا ۽ ٻوليءَ جي تبديليءَ کي سماجي تبديلي سان جوڙين ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن سماج تبديل ٿيندو رهندو ۽ ڌارين ثقافتن جا اثر قبول ڪندو رهندو ته ٻوليءَ به انهيءَ عمل مان گذرندي رهندي. ٻئي طبقي جو خيال آهي ته اها ٻوليءَ جي فطري تبديلي نه آهي پر اِهو هڪ غير فطري بگاڙ آهي، جنهن کي روڪڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان تبديلي جي اهڙي عمل مان گذري وينداسين جنهن ۾ نه ٻولي اسان جي رهندي نه سماج اسا جو رهندو. اهڙي طرح هر تبديليءَ ۾ ٻه گروهه نظر ايندا، هڪ حمايتي ۽ ٻيو مخالف، ائين اسان کي ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي يا مذهبي تبديلين ۾ اختلافن ۽ حمايتن جي هڪ ڊگهي تاريخ ملندي. نفسياتي ماهرن جو خيال آهي ته عام طور انسان هر تبديليءَ جي مخالفت ڪندو آهي، سواءِ ان تبديليءَ جي، جنهن لاءِ ظاهر ٿي چڪو هجي يا ظاهر ڪيو ويو هجي ته اها تبديلي مستقبل ۾ فائيدمند ثابت ٿيندي، يا وري ماحول ۽ سماج هن کي ايترو مجبور ڪري وجهي جو تبديلي کان سواءِ ٻي ڪا گهٽي نه رهي، هن عمل کي پاڻ عام طور ”انقلاب“ چوندا آهيون.

ڪميونيڪيشن جي عمل سان اهڙين تبديلين کي حقيقي روپ ڏنو ويندو آهي. هون ته انسان نون نظرين جي شديد مخالفت ڪندو آهي. پر اسان اهڙي ڪميونيڪيشن ڏانهن جلد متوجهه ٿيندا آهيون، جيڪا اسان جي سماج، ثقافت، عقيدي ۽ ذاتي تصور سان ٺهڪي اچي. انهيءَ ڪري بهترين ڪميونيڪيٽر انهيءَ وقت جو انتظار نه ڪنا آهن ته ڪنهن نظريي يا رٿا کي پوري ڪرڻ کان پوءِ اُٿندڙ مخالفت کي حمايت ۾ ڪيئن تبديل ڪبو؟ پر اهي ماڻهن کي نظرييءَ يا منصوبي جي منظر عام تي اچڻ کان اڳ ئي اعتماد ۾ وٺڻ شروع ڪندا آهن ۽ ايندڙ تبديليءَ کي سو سيڪڙو انهن لاءِ فائديمند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇو جو ڪو به اوچتو ڪيل فيصلو عام ماڻهو قبولڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ۽ نه ئي هو مڙهيل تبديلي يا انقلاب کي گهڻو وقت برداشت ڪندا آهن.

ياد رکڻ گهرجي ته جن شين، روين، ثقافتي قدرن سان ماڻهو جذباتي وابستگي رکندا هجن، انهن کي ڪميونيڪيشن جي ڪنهن به عمل سان مڪمل تبديل نٿو ڪري سگهجي، پر انهن شين کي نئين سوچ ۽ نظرئي سان ملائي پيش ڪرڻ سان آهستي آهستي اها پراڻي شئي نئين روپ ۾ ظاهر ٿيندي ويندي آهي. ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ تبديل نٿي ڪري سگهجي، البته ڪي فرد ڪنهن وڏي ٻوليءَ جي گهيري ۾ پنهنجي ٻولي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ ان تبديليءَ جي مخالفت ان ڪري نه ٿيندي آهي، جو هو رضاڪارانا تبديليءَ جي انهيءَ عمل مان گذرندا آهن. جيڪڏهن غير فطري طريقي سان تبديليءَ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته بنگالين وانگر معاملو بغاوت تائين پهچي ويندو آهي ۽ نتيجي طور قومن جي تاريخ ۾ اهڙا نقصان ٿي پوندا آهن، جن جو پورائو وري ڪڏهن به نه ٿي سگهندو آهي.

هن مان اندازو لڳايو ته ڪميونيڪيشن ۽ روين جو علم ڪيتري اهميت رکي ٿو، قومن کي تبديليءَ جي عمل مان ڪئين گذارجي، اهو فوج ي حڪمت عملين ۾ نٿو پڙهايو وڃي ۽ اتفاق سان پاڪستان جي تاريخ ۾ سواءِ ڪجهه سالن جي جمهوري دؤر رهيو ئي ڪونهي ۽ ملڪ ۽ ان جون قومي ٻوليون ۽ رياستون فوجي دماغ کي ڀوڳينديون رهيون آهن ۽ ڀوڳين پيون، جتي صرف ”ذاتي تصور“ کي ڏنڊي جي زور تي اڳتي وڌايو ويندو آهي. ماهر ڪميونيڪيٽر ماڻهن جي نقطي نظر ٻڌندا آهن، عزت افزائي ۽ همت افزائي وارو رويو اپنائيندا آهن ۽ تبديليءَ جو عمل ”نافظ“ ڪرڻ بجاءِ ان ۾ عوام کي شريڪ ڪندا آهن ۽ تبديليءَ جي فائدن ۽ نقصانن تي اڳواٽ بحث ڪندا آهن ۽ عوام تي اهو واضح ڪيو ويندو آهي ته ايندڙ تبديلي سان انهن کي ڪهڙا سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي فائدا ٿيندا؟ ۽ پوءِ اهي هر نموني تحفظ واري احساس ۾ هوندا ۽ ڪميونيڪيٽر انهن سببن جي به وضاحت ڪندا آهن، جن جي ڪري تبديلي ضروري هوندي آهي.

(ج) ڊپ ۽ان کان بچاءِ لاءِ ڪيل تدبيرون: ڪميونيڪيشن جي نفسياتي روڪاوٽن ۾ ڊپ ۽ ان کان بچاءِ لاءِ ڪيل تدبيرون به شامل آهي، هي رڪاوٽ به لڳ ڀڳ ”تبديليءَ جي مخالفت واري رويي“ وانگر آهي. انسان جي وڏي غلط پنهنجي دليل کي صحيحسمجهڻ آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ”ضد“، ”انا“ ۽ ”شڪ“ به هن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا، توڙي جو هو دل ئي دل ۾ سمجهي ته آءٌ غلط آهيان، پر پوءِ به ”ضد“، ”انا“ ۽ ”شڪ“ جي بنياد تي هو ٻئي جي نقطي نظر کي قبولڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. هي رويو ڪميونيڪيشن ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهيو ويندو آهي. ڊپ جتي بيهمٿائي پيدا ڪرائي ٿو، اهو ڪٿي ڪٿي همت افزائي ۽ ڪجهه ڪري وجهڻ جو سبب به بڻبو آهي، تجربن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڊپ ڪنهن فرد يا قوم ۾ مسئلي کي پرکڻ جي سگهه پيدا ڪري ٿو ۽ ان بابت حل ڳولڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ حل ملي وڇڻ کان پوءِ ان کي ع ملي طور رائج ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ڊپ هميشه ڪنهن مسئليءَ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي ۽ جتي به ڪو مسئلو پيدا ٿيندو آهي، اهو پاڻ سان گڏ حل به کڻي ايندو آهي، ڏکيائي ضرور اِها هوندي آهي ته ان حل تائين عملي طور ڪئين پهچي ۽ ان تي ڪيئن عملدرآمد ڪجي؟ ڪو به فرد يا قوم هميشه ڊپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ڇو جو جڏهن ”ڊپ“ پيدا ٿيندو آهي ته ان سان گڏ ذهني دٻاءُ ۽ ڳڻتي به ظاهر ٿيندي آهي ۽ اهي ٻئي شيون تخليقي صلاحيتن کي متاثر ڪنديون آهن، انهيءَ ڪري فرد ۽ قومون جيستائين انهن جذبن مان گذرنديون رهنديون آهن، اهي ترقي ۽ تخليق جي ڊوڙ ۾ بلڪل پوئتي رهجي وينديون آهن ۽ ٻيو ته انهن جذبن جي ڪري انسان ۾ ڪيتريون ئي نفسياتي خاصيتون پيدا ٿي پونديون آهن ۽ هو اونداهي جي اهڙي کوهه ۾ ڪري پوندا آهن جتي ڪميونيڪيشن جو عمل ٽٽي پوي ٿو ۽ هو ڪنهن به صحيح پيغام کي سمجهڻ، وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ لائق نٿا رهن ۽ نتيجاً غلط فيصلا ڪندا آهن.

ذهني دٻاءَ جو شڪار فرد ڪنهن به انٽرويو دوران خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن. نوڪري هجي يا امتحان هو سوالن جي تشريح غلط ڪندا آهن، مليل هدايتن کي سمجهي نه سگهندا آهن ۽ پڇيل سوال جو الٽو سلٽو جواب ڏيندا آهن، جڏهن ته اهو هُنن جي اڻڄاڻي ڪري نه ٿيندو آهي پر ڳڻتي ۽ دٻاءُ وارن جذبن ڪري ائين ٿيندو آهي.

نفسياتي ماهرن ڳڻتي جي هيٺين سطح کي ترقي لاءِ سٺو سمجهيو آهي، انهيءَ هيٺين سطح واري ڳڻتي کي پاڻ سنڌيءَ ۾ ”اون“ يا ”اونو“ چئون ٿا. ڪلينڪل نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جڏهن ”اون“ جو جذبو پيدا ٿئي ته دماغ جي ”موٽر ايريا“ جا سيل متحرڪ ٿي، هڪ خاص قسم جو هارمون پيدا ڪندا آهن، جيڪي ”توجهه“ کي يڪجاءِ ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن، جنهن سان تنتي سرشتي ۾ هڪ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو. جيڪو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ جي جذبن کي اڀارڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ ائين گهربل نتيجا حاصل ٿين ٿا. يعني ”اون“ خود اعتمادي ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جذبي جو ذريعو بڻجي ٿي.

(3) ثقافتي ۽ لسانياتي رڪاوٽون: هر ٻولي پنهنجي ڳالهائيندڙن جي خيالن ۽ تجربن جي اظهار جو ذريعو هوندي آهي. ٻولي پنهنجي سماج ۽ ثقافت جي محتاج هوندي آهي، جڏهن ڪنهن هڪ ٻوليءَ وارو ڪنهن نئين سماج يا ٻي ٻوليءَ واري سماج ۾ ويندو آهي ته پيغامن جي وصولي ۽ سمجهه ۾ غلطي ڪندو آهي يا ڏکيائي کي منهه ڏيندو آهي ۽ جيستائين ان نئين سماج ۽ ثقافت جي ٻولي نٿو اپنائي، هو انهيءَ مسئلي کي منهه ڏيندو رهندو آهي.

هر ٻولي پنهنجي ڳالهائيندڙ جي سببن جو احاطو ڪندي آهي. يعني ڳالهائڻ سان اهو طئي ٿ يندو آهي ته ”هو ڇو ٿو ڳالهائي؟ يا هو ڇا ٿو ڳالهائي؟“ ٻولي جيستائين انهن بنهي سوالن جو پورائو ڪندي رهندي آهي زنده رهندي اهي ۽ سماج به ان کي قبول ڪندو رهندو آهي. ٻي صورت ۾ ڳالهائيندڙ پنهنجون سماجي ۽ لسانياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ کي مٽائيندو آهي ۽ اِها ”مٽ ٻوليءَ“ ئي هن جي ٻولي رهندي آهي، ڇو جو جنهن سماج ۾ هو رهي رهيو هوندو آهي، ان سماج ۾ رلي ملي وڃڻ ۽ پنهنجي ذات جي سماجي ڪارج کي برقرار رکڻ يا وڌائڻ ۾ هن کي ائين ڪرڻو پوي ٿو ۽ ائين جنهن سماج ۾ هو رهي ٿو ان سماج جي ٻوليءَ جو قيدي بڻجي وڃي ٿو ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي ڪنهن کي هروڀرو آزاد نه ڪندي آهي.

جيتري ثقافت مضبوط هوندي ٻولي به اوتري سگهاري هوندي ۽ ساڳي نموني جتي ٻولي مضبوط هوندي، پنهنجي ثقافت کي به بچائيندي ۽ متعارف ڪرائيندي رهندي. اسان کي ديسي انگريزي بنائڻ واري ”انگريزي ٻولي“ آهي ۽ اسان ڪوشش ۽ فخر محسوس ڪندا آهيون ته انگريزن وانگر ڪنڌ ڦيرايون، انهن جهڙو لباس پايون، انهن جهڙا کاڌا کائون، انهن وانگر کلون ۽ انهن وانگر کائون يعني اسان جي سڄي اٿڻي ويهڻي، انهن جهڙي ٿي وڃي. اهو انگريزي ٻوليءَ جي غلبي جي ڪري ٿيندو آهي. اها ٻولي اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ سماجي طرز عمل ۾ رڱڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

اها اسان جي اجتماعي احساس ڪمتري آهي، شروع وارن ڏينهن ۾ ته اسان جي نج سنڌي گهرن، شهري ماحول جو اثر قبولي، اردو ڳالهائڻ شروع ڪئي هئي، پي سومرو ماءُ سمياڻي ۽ اردو پيو ڳالهائي، ڄڻ ”لکنو“ مان هاڻ لڏي آيا هجن.

اهو ضروري آهي ته سماج ٻولي کي هميشه آسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان اسان کي ساڳي ٻولي سمجهڻ ۾ ڏکي لڳندي آهي، شاهه جي رسالي جي ٻولي اسان مان ڪو ڪو ٿو سمجهي، شيڪشپيئر واري انگريزي اڄ واري انگريزي کان مختلف آهي، يعني سماج سهنجائي ڏانهن سفر ڪري ٿو ته ٻولي به گڏوگڏ سنجهائي ڏانهن وڌي ٿي. ٻولي ۽ انسان جو پاڻ ۾ اڻ ڏٺو معاهدو آهي ته سماجي حالتن ۽ وقت جي ضرورتن موجب ٻنهي طرفان ڦيرگهير ٿيندي رهندي. جيڪا ٻولي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ٿي، تبديلي ۽ نواڻ جي عمل مان نٿي گذري اُها متروڪ ٿيو وڃي ۽ هن جا ڳالهائيندڙ ڪنهن ٻي ٻوليءَ سان معاهدو ڪري ٿو وٺي جيڪا هن سان گڏ سماج ۾ هلي سگهي.

ثقافتي اهڃاڻ ۽ علامتون به ڪيونيڪيشن جي حوالي سان مختلف معنائن ۽ مفهوم رکن ٿيون. آڱوٺو مٿي ڪري ڏيکارڻ، ڪنهن سماج ۾ ڪاميابي جي علامت آهي ته ڪنهن سماج ۾ بي عزتي جي علامت. اسان جي سنڌي سماج ۾ ڪنهن کي آڱوٺو ڏيکارڻ عيب ۽ بي عزتي جي برابر آهي ۽ چيو ويندو آهي ته ”اسان کي يا مون کي فلاڻي ٺٺيو ڏيکاريو آهي“. سنڌي ماڻهو سلام ڪرڻ سان گڏ ٻئي هٿ ملائي سيني وٽ آڻي ٿو، يعني ٻانهون ٻڌي ٿو، پر هن عمل کي پنجاب ۽ مٿي اتر ڏانهن ٻين علائقن ۾ خراب سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ کي هندن واري عبادت واري تصور ۾ ورتو وڃي ٿو، پاڻ وڏن جا پير ڇهڻ ادب جي نشاني سمجهون ٿا پر ڪي هن عمل کي جهالت ۽ عبادت جي برابر سمجهن ٿا.

(4)ٻوليءَ ۾ معنيٰ: هي عجيب ضرور لڳندو پر اها حقيقت آهي ته ٻوليءَ به ڪميونيڪيشن جي رڪاوٽن ۾ شامل آهي، اسان اڳ چئي آيا آهيون ته ٻولي پيغامن کي سمجهڻ لاءِ اهم ۽ بهترين ذريعو آهي.

ساڳيي ٻولي مختلف قسمن جي هوندي آهي ۽ ساڳي ٻوليءَ جا ٽيڪنيڪل لفظ ۽ اصطلاح صرف اهو سمجهي سگهندو آهي، جنهن جو ان سان واسطو هوندو آهي. جيڪڏهن لکت ۾ آيل لفظ منڌل هجن ته اها ٻولي پيغام جي پهچ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندي آهي. ڪنهن به ٻولي جا اکر ته صرف نشانيون آهن، اهي پاڻ مرادو ڪا به معنيٰ نٿا رکن. انهن اکرن کي ملائي جيڪي لفظ ۽ اصطلاح تيار ڪيا وڃن ٿا، انهن جي پنهنجي پنهنجي معنيٰ هوندي آهي ۽ ڪڏهن ساڳي لفظ جون ايتريون ته معنائون نڪري پونديون آهن، جو انهن کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته آخرڪار هنن جو اصل مقصد ڇا آهي. اسان پارليمنٽ يا عدالتن ۾ قانوني تشريح ۾ اهڙي بحث ٻڌندا ۽ پڙهندا رهون ٿا، جيڪي صرف ڪن هڪ ٻن لفظن جي تشريحي اختلاف بابت هوندا آهن. اهڙي طرح لفظن ۽ اصطلاحن جون داخلي ۽ خارجي معنائون به هونديون آهن، جن کي اسان مجازي معنائون (Metaphorical Meanings) چوندا آهيون.

تازي ڳالهه آهي، جڏهن دنيا ٻن بلاڪن يعني ڪيپيٽلس ۽ ڪميونسٽ بلاڪ ۾ ورهايل هئي ته ان دؤر ۾ لفظن جا مفهوم به ورهايل هئا ۽ هر بلاڪ ۾ انگريزي لفظ ”فاشست“، ”ڪيپيٽلسٽ“ ۽ ”ڪميونسٽ“ جي معنيٰ ۽ مفهوم به الڳ هو، بلڪل ائين جيئن اڄ ”فنڊامينٽلسٽ“ جي معنيٰ ۾ تضاد آهي، مغربي پروپئگنڊا مطابق هي لفظ ”گار“ جي برابر آهي ۽ اسلامي دنيا ۾ اِها فخر جي ڳالهه آهي ته ڪو پنهنجي بنياد يعني اساس تي قائم آهي ۽ بنيادپرست آهي.

ٽيڪنالاجيءَ جي تڪڙي ترقي به ٻولين کي ٿڪائي وڌو آهي، خاص ڪري انفرميشن ٽيڪنالاجي کان پوءِ هر روز نوان لفظ ۽ اصطلاح سبح ساڻ اچيو در کڙڪائين ۽ هر سال ڊڪشنرين ۾ اضافو به لازمي ٿيو پوي. ڪيتريون ئي ٻوليون بشمول اسان جي سنڌي ٻولي به انهن جا متبادل لفظ ڳولڻ ۽ گهڙن کان قاصر آهي، مجبوراً ٻوليون متبادل لفظ ۽ اصطلاح گهڙڻ بجاءِ ساڳيا لفظ ۽ اصطلاح اپنائڻ شروع ڪنديونآهن، پر اهي اُگرا لفظ ۽ اصطلاح بنا ڪنهن سُر ۽ لئي جي هضم ڪرڻ ڏکيا ٿي پوندا آهن. اسان وڌ ۾ وڌ انهن کي تشريحي معنيٰ ڏئي سگهون باقي لفظي معنيٰ نه ملي سگهندي. جيڪڏهن ٻوليءَ جا لفظ ۽ اصطلاح، حاصل تجربن جي تشريح نٿا ڪري سگهن ته ڪميونيڪيشن جو عمل ناڪام ليکبو ۽ پيغام مان گهربل نتيجا حاصل ڪري نه سگهبا.

ڪيونيڪيشن جو عمل جيڪڏهن تشريحي (Decoding) سرشتي مان ائي نه گذري جيئن ڪميونيڪيٽر چاهي ٿو يا جيڪو ڪجهه ڪميونيڪيٽر چوڻ چاهي ٿو، سمجهڻ وارو اهو سمجهي نه سگهي ته ڪميونيڪيشن ۾ رڪاوٽ اچي ويندي ۽ ٻولي يا ان جا لفظ ۽ اصطلاح هوندي به ساڳي ٻوليءَ وارو ماڻهو به پيغام صحيح نموني سمجهي نه سگهندو.

جيڪڏهن پيغام لاءِ اهڙي ٻولي استعمال ڪئي وڃي، جنهن ۾ پيغام ڏانهن توجهه گهٽ ڏنو وڃي ۽ جملن جي پورائي لاءِ لفظن جي مفهوماتي استعمال (Semantic Application) شروع ڪجي ته ان سان پيغام جي حقيقت لڪي ويندي ۽ ڪميونيڪيشن جو عمل به رڪجي ويندو. صحيح ڪميونيڪيشن لاءِ سولن ۽ عام فهم لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال تمام ضروري آهي ته جيئن ڪميونيڪيٽر جو پيغام درست نموني پهچي ۽ اصل مطلب سان سمجهيو وڃي.

(6)انڌي تقليد: انسان اڪثر ڳالهين ۾ نه چاهيندي به نفسياتي طور ڪن ضابطن سان سلهاڙيل هوندو آهي. اهي ضابطا هن کي ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪرڻ جو پابند بڻائيندا آهن. جيڪو انهنضابطن جي پرواهه نه ڪري اهو ”باغي“ چورائيندو آهي.

عادلتون انسان ۾ رت وانگر گردش ڪنديون آهن، اهي ڇڏڻ سان به ڇڏي نه سگهبيون آهن، عادتن لاءِ چيو ويو آهي ته ”جبل ته پنهنجي جاءِ ڇڏي سگهي ٿو پر اهو ڪو مشڪل سان ٿيندو هوندو ته عادتي پنهنجي عادت ڇڏي.“

تعصب انسان جي سمجهه وڃائي ڇڏيندو آهي، تعصب انصاف جا در ساڙيو ڇڏي ۽ سماجي توازن کي بگاڙيو ڇڏي.

انڌي تقليد انسان کان پروڙڻ جو مادو کسي ٿي ڇڏي ۽ حقيقت کي پرکڻ کان پري ڪيو ڇڏي.

ته بغاوت جو عمل، عادتون، تعصب ۽ انڌي تقليد ڪنهن به پيغام جي پهچ ۽ ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻبي آهي.

انهن روين جي ڪري انسان نفسياتي طور ذاتي حوالن جو قيدي بڻجي ويندو آهي. هن جي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه ويهي وئي اها نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ حقيقتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ ته ٺهيو پر حقيقتن جي ويجهو ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندو آهي.

ماهرن هن رڪاوٽ کي ڪميونيڪيشن جي ڏکي رڪاوٽ ڪرار ڏنو آهي.

(7) محدود ترجبا: تجربن جي گهٽ هئڻ به اڪثر ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻبو آهي. توڙي جو انهيءَ سان گهربل نتيجن تي اثر گهٽ پوندو آهي، پر نفسياتي طور اها ڳالهه هڪ رنڊڪ طور سامهون ايندي آهي. اسان اڪثر ڏسندا آهيون ته گهٽ تجربن وارو ماڻهو ڪنهن وڏي عالم ۽ ججهن تجربن مان گذريل ماڻهو تي تنقيد ڪندو رهندو آهي ۽ هو چوندو آهي ته فلاڻي عالم فلاڻي ڪتاب يا مقالي ۾ هي ڳالهه غلط لکي آهي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي ۽عالم واري ڳالهه سورنهه آنا سچ هوندي آهي، پر اُها گهٽ گجربن مان گذريل ماڻهن جي تجربي ۽ علم ۾ نه آيل هوندي آهي، جنهن جي ڪري هو ان کي غلط سمجهندو آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ”جنهن ڳالهه جي مون کي ڄاڻناهي ته اُها غلط هجي.“ هي سوچ ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.

هر ماحو، سماج ۽ طبقي جا پنهنجا تجربا ٿين ٿا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن خاص ماحول، سماج يا طبقي سان تعلق نٿو رکي ته اهو انهيءَ ماحول، سماج يا طبقي بابت ڪا صحيح راءِ به رکي نٿو سگهي، ڇو جو هي انهن تجربن مان گذريو ئي ناهي، جيڪي ان ماحول، سماج يا طبقي سان تعلق رکن ٿا. شهري ۽ ٻهراڙي واري زندگيءَ ان جو سٺو مثالآهي. ٻئي مختلف ماحول آهن ۽ ٻنهي جا تجربا به الڳ آهن، هڪٻئي جي تجربن کان اڻ ڄاڻائي يا ناواقفيت ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو.

(8) افواهه: افواهه اهو عمل آهي، جنهن سان ڪنهن ڳالهه کي وڏ ۾ وڌ پکيڙجي يا هُلائجي پر ان ڳالهه جي سچائي ۽ ذريعي بابت ڪا به ڄاڻ نه هجي. ڪميونيڪيشن جي رڪاوٽن ۾ افواهه کي طاقتور رڪاوٽ شمار ڪيو ويندو آهي. افواهه جي پکيڙ ۽ جاگرافيائي حد جو دارومدار موضوع جي اهميت تي هوندو آهي. يعني مسئلي ۽ معاملي جي جيتري جاگرافيائي حد هوندو آهي، افواهه جي حد به اوتري هوندي آهي. مثلاً القاعده جي ڪنهن وڏي رهنما جي گرفتاري بابت افواهه سڄي دنيا جو احاطو ڪندي. پر بينظير ۽ حڪومت ۾ ”ڊيل“ بابت ڪنهن ڳالهه جي وسعت پاڪستان تائين محدود هوندي.

موضوع ۽ مسئلا جيترا منجهيل هوندا آهن، انهن بابت ”افواهه“ تيزي سان اڀرندا آهن. ”افواهه“ بي اعتمادي واري فضا ۾ وڌيڪ سرجندا آهن. جن ملڪن ۾ ميڊيا آزاد ناهي يعني مڪمل آزاد ناهي، اهي ملڪ ۽ علائقا ”افواهه“ لاءِ رزخيز هوندا آهن. اهو اڪثر ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڪن خاص وقعن جي رپورٽنگ کان روڪيو وڃي، يا ملڪ گهرو ويڙهه ۽ بغاوت کي منهن ڏئي رهيو هجي يا ملڪ ۾ سول يا فوجي آمريت هجي، اتي بي بنياد ڳالهين بابت افواهه زورشوز سان پيدا ٿيندا آهن ۽ تڪڙو نپجي وڏا به ٿيندا آهن. انهن افواهن جو اثر طاقتور هوندو آهي ۽ اُهي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ کي اڻ مٽ نقصان پهچائي ويندا آهن.

ماهرن افواهه جا ٽي مک قسم بيان ڪيا آهن:

(الف) ويڙهو افواهه: اهي ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ وٿي سبب پيدا ٿيندا آهن. بغاوت کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ بجاءِ طاقت جي استعمال يا ڪن سماجي گروهن ۽ طبقن يا فردن جي حقيقي ۽ جائز مسئلن کي حل ڪرڻ کان لنوائڻ. اهڙن افواهي کي جنم ڏيندو آهي ۽ انهن افواهن جي ڪري خون خرابي جو امڪان گهڻو وڌي ويندو آهي.

(ب) خواهشي افواهه: ڪي ڌريون پنهنجا مقصد ماڻڻ يا پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ اهڙا افواهه اٿارينديون آهن، جن سان انهن جي منزل ويجهي ٿي پيوندي آهي. مثلاً ڪو شخص پاڻ کي وزيراعظم يا ڪنهن اداري جو سربراهه ڏسڻ چاهي ٿو، انهيءَ خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ هو اخبارن ۽ عام ماڻهن ۾ اهڙا افواهه اٿاريندو آهي ته جيئن فيصلي وارين ڌرين کي هن جي خواهش ۽ نالي جي خبر پوي ۽ هو هُن بابت به سوچين.

خواهشي افواهه جو ٻيو پهلو خواهش جي پوري نه ٿيڻ يا دٻائڻ ۽لڪائڻ سان واسطو رکي ٿو. ڪي خواهشون پوريون نه ٿيڻ جهڙيون هونديون آهن، پر تمنا هوندي آهي ته اهي پوريون ٿين پر جڏهن اهي پوريون ٿيندي نه ڏسبيون آهن ته پوءِ اهڙا افواهه اٿاريا ويندا آهن، جن سان اهو محسوس ڪرايو ويندو آهي ته ڪنهن خرابي سبب مون يا اسان ائين نه ڪيو، سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”دڙ ڊاک نه پڄي چئي ٿو کٽا“ هي چوڻي خواهشي افواهه جو بهترين مثال آهي. يعني جڏهن گدڙ بي وس ٿي پيو ۽ ڏٺائين ته ڊاک تائين پهچڻ محال آهي ته فوراً افواهه اٿاريائين ته ”ڊاک“ سٺي ڪانهي اِها کٽي آهي. ائين ڪو شخص جڏهن ڪنهن عهدي کي ماڻڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي ۽ حاصل ڪري نه سگهندو آهي ته چوندو آهي ته مون کي وائيس چانسلر وغيره جي عهدي جي آڇ ٿي هئي پر مون هي هي چئي اُها معذرت ڪري ڇڏي. خبر ناهي ته همراهه کي کنگهيو ئي ڪو نه ويو.

(ج) ڊپ وارا افواهه: انسان فطري طرح ڊپ کان بچڻ چاهيندو آهي ۽ اهڙي ڪيفيت مان جلد نجاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هن قسم جا افواهه هن کي ڊپ کان آزادي ڏياريندا آهن. مثلاً ڪٿي ڪا اهڙي حالت بڻجي وڃي جتي ڦورو هن کي گهيري وجهن ته اهڙي موقعي تي پوليس اچڻ جو افواهه يقيناً هن کي ڊپ واري ڪيفيت کان ٻاهر ڪڍندو.

(9) پروپئگنڊا: پروپئگنڊا منفي به ٿي سگهي ٿي ۽ مثبت به ٿي سگهي ٿي. پر اڪثر هن کي منفي انداز ۾ ئي ورتو ويندو آهي ۽ ”سازش“ جي برابر يا وجهو هن جي معنيٰ ورتي ويندي آهي. پروپئگنڊا ڪنهن فرد، قوم يا گروهه کي ڪن خاص مقصدن لاءِ مدد ڏيڻ يا نقصان ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن عمل ۾ خيالن، ڄاڻ ۽ افواهن کي سوچيل سمجهيل رٿابندي سان اڳتي وڌايو ويندو آهي ۽ انهن جي وڌ ۾ وڌ تشهير ڪئي ويندي آهي.

پروپئگنڊا نه صرف ڪوڙ جي تشهير لاءِ استعمال ٿيندي پر حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ به اها ضروري هوندي آهي.

پروپئگنڊا کي ڪميونيڪيسنجي وڏي رڪاوٽ شمار ڪيو ويو آهي. هن جي شعوري تسهير اصل پيغام جي صحيح پهچ تي اثر انداز ٿئي ٿي. پر هڪ ڳالهه ضرور ياد رکڻ گهرجي ته پروپئگنڊا لاءِ جيڪڏهن ماحول تيار نه آهي يعني حالتون اهڙيون نه آهن جو پروپئگنڊا جو هٿيار استعمال ڪجي، ته پوءِ اُها بي مقصد ثابت ٿيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پوئتي بندوق ڇٽڻ جي براهر ٿي پوندي، جنهن ۾ شڪار بجاءِ شڪاري ڍير لڳو پيو هوندو.

(10)مڪينيڪل رڪاوٽون: مڪينيڪل رڪاوٽون ڪنهن به چئنل جي استعمال دوران ظاهر ٿين ٿيون. اسان ڪميونيڪيشن لاءِ ڪو به چئنل استعمال ڪري رهيا هجون، ان ۾ ڪا به مڪينيڪل خرابي يا ڪا بي اثرائتي ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي پوي ته اهو چئنل خود انهيءَ عمل ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي پوندو آهي.

ڪميونيڪيشن ڪهڙي به هجي يعني انٽر پرسنل، گروهي يعني روپ واري يا ماس ڪميونيڪيشن، اُها ڪنهن نه ڪنهن چئنل جي محتاج هوندي آهي. اسان فون تي هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون ۽ اوچتو فون خراب ٿي پيو يا لائين ڪٽجي وئي يا موبائل جي بيٽري ختم ٿي وئي يا سگنل صحيح نٿا اچن. اِها انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ آهي.

اهڙي طرح فئڪس وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ، اي ميل موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ دؤران بجليءَ جو غائب رهڻ ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ مڪينيڪل رڪاوٽ آهي. ڪميونيڪيشن جي ٻوليءَ ۾ انهن رڪاوٽن کي چئنل نوائز (Channel noise)چيو ويندو آهي.

ڪميونيڪيشن بطور سماجي علم

ڪميونيڪيشن جو علم ٽيڪنالاجيءَ جي پکيڙ ۽ انساني روين جي ترقيءَ جي ڪري ڪافي وسعت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هي علم سماجي علمن جي هڪ کان وڌيڪ شاخن ۾ ورهائجي چڪو آهي. پر جيڪڏهن اسان يونيورسٽين جي سوشل سائنسز جي فئڪلٽي کي ڏسون ته ”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ ان فئڪلٽي ۾ اهم شاخ طور جاءِ والاريو بيٺي هوندي.

هي علم ٻين سماجي علمن سان سلهاڙيل آهي. ”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ جي شاگردن کي سياست جو علم بهحاصل ڪرڻو هوندو آهي ۽ هن لاءِ سماجي نفسيات جي ڄاڻ جو هئڻ به ضروري آهي. هن سان گڏوگڏ هن کي سماجي ڪمن، سماج ۽ ان جي ڀڃ ڊاهه ۽ جوڙجڪ کي به پرکڻو آهي. علم اقتصاديات ۽ بين الاقوامي لاڳپن جو علم به پڙهڻو آهي.انهيءَ ڪري ئي ماهرن ”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ کي سماجي علمن جي اهم شاخ ڄاڻايو آهي. اهوانهيءَ ڪري جو سماجي علمن جي هر شاخ جو علم ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي ضرورت آهي. جڏهن ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جو شاگرد پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ داخل ٿئي ٿو ته هن جو سماج جي سڀني روين ۽ علمن سان واسطو پوي ٿو. انهن گريجوئيٽس مان ڪو اقتصاديات تي لکڻ وارو بڻجي ٿو، ڪو سياست تي لکي ٿو، ڪو عالمي مسئلن تي قلم کڻي ٿو، ڪو ڪرمنالاجيءَ جي حوالي سان ”ڪرائيم رپورٽر“ بڻجي ٿو، ڪو راند جي ميدان جا جوهر قلمبند ڪري ٿو، ڪو ٻارن ۽ عورتن لاءِ لکي ٿو، ڪو فلسفي ۽ نفسيات کي پنهنجوموضوع بڻائي ٿو. پر اهو ڪو مشڪل سان ٿيندو هوندو ته ٻين سماجي علمن وارو ”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ جي ڪنهن شعبي ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو هجي. البته اهو ضرور ٿيندو آهي تهڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص موضوع لاءِ ڪنهن خاص ماهر کي تبصري لاءِ سڏجي يا ان کان ڪو ڪالم يا فيچر لکرائجي ٿو. پر انهي سڄي معاملي جي ترتيب ۽ ٺاهه ٺوهه وري به ميڊيا جي ماڻهن کي ئي ڪرڻي پوندي آهي.

”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ ٻين سماجي علمن کان ڪافي ڪجهه ورتو آهي ۽ جيڪڏهن اسان هن علم کي انهن سڀني علمن جو نچوڙ چئون ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو ۽ واپسي ۾ انهن علمن کي هن ڇا ڏنو آهي؟ ها هن علم واپسيءَ ۾ انهن علمن ۾ ٻيهر جان وڌي آهي، انهن ۾ نواڻ پيدا ڪئي آهي ۽ هر پاسي هڪ ”پاپولر ڪلچر“ کي وڌايو آهي.

دنيا جون حڪومتون هر سال ڪروڙين روپيا ڪميونيڪيشن جي حڪمت عملين (Communication Strategies) ، پروپئگنڊا، پبلسٽي ۽ ميڊيا جي تحقيق تي خرچ ڪن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ دنيا جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون پنهنجي مال ۽ خدمتن جي ڄاڻ ۽ وڪري لاءِ ميڊيا جو استعمال ڪن ٿيون. ائين حڪومتون ۽ وڏيون وڏيون ڪمپنيون پنهنجا سياسي، انتظامي ۽ اقتصادي مقصد ماڻين ٿيون.

دنيا ۾ آمريڪا واحد ملڪ آهي، جنهن گذريل 60 سالن کان ”ڪميونيڪيشن اسٽڊيز“ مان وڏي پيماني تي فائدو ورتو آهي، اتي هر سطح تي ڪميونيڪيشن جو بهترين استعمال ڪيو وڃي ٿو، بين الاقوامي پروپئگنڊا ۽ نفسياتي جنگ ۾ هُننن کي ڪمال جي مهارت آهي، اتي ميڊيا جي تحقيق جي حوالي سان سماج جي هر پهلو تي خود به خود تحقيق ٿيو وڃي، جنهن جي بنياد تي اثرائتيون ۽ لاڀائتيون پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون. جيڪي ملڪ ۽ قومون ڪميونيڪيشن جي مهارت (Skill) کان واقف آهن ۽ ان جي استعمال ۾ به اڳڀريون آهن، انهن کي ترقيءَ جون منزلون ماڻڻ، مسئلن جي حل لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ، اوچتو سمهون آيل مسئلن کي صحيح نموني حل ڪرڻ، سماج جي مادي ۽ اخلاقي ترقي کي هٿ ٺرائڻ ۽ صحيح نموني مثبت ذهني سوچ ۽ روين کي اڀارڻ ۾ ڪي به ڏکيائيون پيش نٿيون اچن.

پاڪستان ۾ ته اسان اڃا سوچيون ئي نه آهي ته گهڻ رخي ملڪي ترقيءَ ۾ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جو ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ ميڊيا جي تحقيق ۽سماجي ولوڙ سان ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ ائين نه هئڻ ڪري اسان کي ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ايڊهاڪ ازم، انتشار ۽ بيروزگاري واري ڪيفيت نظر اچي ٿي.