ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275760   ڀيرا پڙهيو ويو

هئنڊ آئوٽ


حڪومت طرفان عام انتظامي تبديلين، آفيسرن جي مقررين ۽ ترقين، وزيرن ۽ مشهيرن جي دؤرن ۽ ٻين اهڙين سرڪاري ۽انتظامي سرگرمين لاءِ هئنڊ آئوٽ جاري ڪيا ويندا آهن. سرڪاري هئنڊ آئوٽ به اطلاعات کاتي جي معرفت ميڊيا کي جاري ڪيا ويندا آهن. هئنڊ آئوٽ جاري ڪرڻ جو مقصد عام ماڻهن کي انتظامي تبديلين ۽ سرگرمين بابت ڄاڻ ڏيڻ هوندوآهي هي ڄڻ ته حڪومت طرفان ڄاڻ جو هڪ سرڪيولر هوندو آهي، جيڪو ميڊيا کي جاري ڪيو ويندو آهي. پريس نوٽ جي ڀيٽ ۾ هئنڊ آئوٽ جاري ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قانوني گهرجون نه هونديون آهن. حڪومت جو خود مختيار ادارو به سئنون سڌو هئنڊ آئوٽ جاري ڪري سگهي ٿو.

جڏهن اخبارون عام نه هونديون هيون ته مختلف سرڪاري کاتن جون سرگرميون، انتظامي ۽ قانوني معاملا سرڪاري گزيٽ ۾ ڇاپيا ويندا هئا. هن وقت به اهڙي سرگرمين جي اشاعت لاءِ سرڪاري گزيٽ جاري ٿيندي آهي پر اها دفتري رڪارڊ جي پورائي کان سواءِ ڄاڻ پهچائڻ وارو پراڻو ڪارج وڃائي چڪي آهي.

هئنڊ آئوٽ جي جوڙجڪ گهڻو ڪري عام خبر وانگر هوندي آهي. هئنڊ آئوٽ تسلسل سان جاري ٿيندا آهن، پريس نوٽ وانگي ڪنهن خاص واقعي سان هنن جو ناتونه هوندو آهي.

هئنڊ آئوٽ جي ٻولي عام فهم رکي ويندي آهي، توڙي جو حڪومت جي ڪنهن ٽيڪنيڪل کاتي طرفان هئنڊ آئوٽ جاري ٿئي ته به ان ۾ ڪوشش ڪري ٽيڪنيڪل لفظ ۽ اصطلاحاستعمال نه ڪجن، سواءِ انهن لفظن ۽ اصطلاحن جي، جن کان سواءِ گذارو ٿي نه سگهي، ڏکيا لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪرڻ سان اخبار جو عام قاري هئنڊ آئوٽ ۾ جاري ڪيل ڄاڻ سمجهي نه سگهندو.

سرڪاري کاتا پنهنجي کاتي بابت آيل ڪنهن خبر جي ترديد به هئنڊ آئوٽ جي صورت ۾ جاري ڪندا آهن. انهيءَ ڪري اهڙي هئنڊ آئوٽ جاري ڪرڻ کان اڳ هر ڳالهه جو جائزو وٺجي ۽ انگ اکر گڏڪري پوءِ هئنڊ آئوٽ جاري ڪرڻ گهرجي.ائين نه ٿئي جو ترديد هئنڊ آئوٽ ۾ به انگن اکرن ۽ حقيقتن جي ابتڙ ڄاڻ موڪلي ڇڏجي ۽ انهن غلطين جي تصحيح لاءِ وري ٽيون هئنڊ آئوٽ جاري ڪرڻو پوي.

ڪنهن وزير يا حڪومتي اعليٰ عهديدار جي تقرير يا خطاب وغيره جو هئنڊ آئوٽ وڏي خبرداري سان جاري ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪري تيار ڪيل هئنڊ ائوٽ متعلقه شخصيت کي پڙهائي وٺجي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون غلطيون ٿي وينديون آهن ۽ پاليسي بيان ۾ به مونجهارو پيدا ٿي پوندو آهي، حڪومت جي پاليسي هڪڙي هوندي آهي ته تقرير ۽ خطاب جي بنياد تي تيار ٿيل هئنڊ آئوٽ ڪنهن ٻي پاليسي جي ترجماني ڪري رهيو هوندوآهي. انهي ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي.

پريس بريفنگ

حڪومت، نجي ادارن، يا پارٽين طرفان ڪنهن به پاليسي، روزمره جي سرگرمين، هلندڙ واقعن ۽ هالتن بابت ميڊيا کي پريس بريفنگ جي عنوان سان ڄاڻ ڏني ويندي آهي. پريس بريفنگ ۾ به ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين کي سڏيو ويندو آهي ۽ اِها گهڻو ڪري مستقل سلسلي ۽ وقفي جي صورت ۾ هوندي آهي. يعني هفتي وار، پندرنهن ڏينهن کان پوءِ يا مهيني جي مقرر وقت سان ٿيندي رهندي آهي. ڪن اهم اجلاسن جي موقعي تي هر روز پريس بريفنگ جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي. مثلاً سارڪ سربراهه ڪانفرنس پنج يا ست ڏينهن جاري رهندي ته تنظيم جو ترجمان هر روز هر اجلاس جي خاتمي کان پوءِ پريس کي ٿيل فيصلن ۽ ڪارروائي بابت آگاهه ڪندو رهندو. پريس ڪانفرنس ۽ پريس بريفنگ ۾ ڪو ٿورو فرق آهي. پريس ڪانفرنس ڪٿي به ڪيڏي مهل ۽ ڪنهن به اوچتي ۽ اهم ڳالهه کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ ميڊيا جي ماڻهن سان ڪري سگهجي ٿي. پنهنجي مؤقف کي بيان ڪرڻ لاءِ يا ڪو اهم اعلان ڪرڻ لاءِ به پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته پريس بريفنگ ۾ ڪنهن انوکي، اوچتي اعلان ۽ اهم ڳالهه بجاءِ هلندڙ پاليسين جي تسلسل ۽ اجلاس جي طئي ٿيل ايجنڊا مطابق ٿيل فيصلن کي ظاهر ڪيو ويندو آهي، پريس بريفنگ صرف خاص هنڌن تي ڪئي ويندي آهي. يعني هن لاءِ پريس ڪلب، هوٽل يا ڪنهن ٻي اهڙي عام يا خاص جاءِ جو استعمال نه ڪيو ويندو آهي. پر پريس بريفنگ جو اهتمام هلندڙ اجلاسن جي هنڌن يا متعلقه آفيسن يا ڪمپنين ۾ ئي ڪيو ويندو آهي.

پريس ڪانفرنس لکيل به ٿي سگهي ٿي ۽ زباني به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته پريس بريفنگ هر حالت ۾ لکيل هوندي آهي. ڇو جو هن ۾ ڪنهن به قسم جي تڪڙ نه هوندي آهي، حڪومتون گهڻو ڪري هفتوار پريس بريفنگ جو اهتمام ڪنديون آهن، جنهن ۾ پاليسين مطابق هلندڙ ڪم يا کنيل قدم عوام لاءِ پڌرا ڪيا ويندا آهن. پاڪستان جي خارجا پاليسي تي مسلسل پريس بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويندوآهي. جيڪا وزارت خارجا ۾ هن وزارت جي ترجمان طرفان هفتيوار ميڊيا کي ڏني ويندي آهي.

يو اين او ۾ پريس بريفنگ لاءِ مستقل ڪائونٽر ٺهيل آهي، جنهن ۾ يو اين او جي موني گرام سان ٻه مائيڪ لڳل آهن، ڪنهن به ملڪ جو مستقل نمائيندو پنهنجي ملڪ جي خارجا پاليسي ۽ يو اين او ۾ پنهنجي ملڪ جي مؤقف بابت وضاحت ڪندو آهي.

داخلي پاليسي بابت به پريس بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جيئن بلوچستان ۽ وزيرستان جي مسئلن بابت فوجي ترجمان (آءِ ايس پي آر ISPR-) طرفان وقت به وقت پريس بريفنگ جو اهتمام ڪندو رهندو آهي.

ميٽ دي پريس

پريس سان ملاقات يعني ميٽ دي پريس به ڄاڻ پهچائڻ ۽ پنهنجي مؤقف کي بيان ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. ميٽ دي پريس ۾ گهڻو ڪري پريس ڪلب جا عهديدار يا ميمبر ڪنهن اهم شخصيت کي پريس ڪلب ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندا آهن ۽ آيل عهديدار يا سربراهه ڪچهري ڪچري ۾ پنهنجي حڪومت يا پارٽي بابت پنهنجا خيال پيش ڪندو آهي. ڪنهن علم يا فن جي ماهر کي به ”ميٽ دي پريس“ پروگرام لاءِ سڏيو ويندو آهي.

ميٽ دي پريس، پريس ڪانفرنس يا پريس بريفنگ لاءِ اهو سوال اٿاري سگهون ٿا ته اهي اختياري صحافت جون صنفون نه آهن ڇو جو هنن صنفن ۾ عامل صحافي جو ڪو نه ڪو ڪردار موجود آهي. هن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ”عامل صحافي“ خبرون کوٽي ڪڍڻ ۽ واقعن جي رپورٽنگ ڪرڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ سان تعلق رکن ٿا. پريس ڪانفرنس، پريس بريفنگ ۽ ميٽ دي پريس پروگرامن ۾ عامل صحافي جو ڪردار بنهه گهٽجي وڃي ٿو. البته انهن پروگرامن جي صورت ۾ آيل ڄاڻ يا معاملن جو پيرو کڻڻ ۽ انهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ عام صحافي ئي اڳيان هوندو آهي ۽ هنن پروگرامن ۾ سوال جواب جو سلسلو به عامل صحافي جي ڪم ۾ اچي ٿو.

اعلاميو

اعلاميو (Communique) اڪثر حڪومتن جي سربراهن جي ملاقات يا سرڪاري وفدن جي ملاقات کان پوءِ پريس لاءِ جاري ٿيندو آهي. مختلف سياسي پارٽيون ۽ اتحاد به پنهنجن اجلاسن کان پوءِ پريس بريفنگ يا پريس ڪانفرنس کان بچڻ لاءِ اعلاميو جاري ڪندا آهن. اعلام  عربي جو لفظ آهي، جيڪو اعلان طور ئي استعمال ٿيندو آهي. اعلاميي جي لکت گهڻو ڪري هئنڊ آئوٽ وانگر هوندي آهي.

پريس ڪانفرنس

هن دؤر ۾ ”پريس ڪانفرنس“ جو اصطلاحعام جام ٻڌو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. جمهوري سماج ۾ پريس ڪانفرنسن جو ٿيڻ عام هوندو آهي. اسان جي سماج ۾ به هر روز خبر ناهي ڪيتريون پريس ڪانفرنسون ٿين ٿيون، پاڻ سنڌيءَ ۾ائين چئي سگهون ٿا ته ”جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي سو ٿو پريس ڪانفرنس ڪري“. اسيمبلين ۽ سينيٽ جي اجلاسن دؤران تهانهن پريس ڪانفنس جو تعداد وڌي ويندوآهي. اسيمبلين جا ڪيفي ٽيريا يا مختلف شخصيتن جا چئمبر پريس ڪانفرنس جون مشهور جڳهون هونديون آهن. پريس ڪانفرنس ڪو به ڪري سگهي ٿو. اداري جو سربراهه هجي يا صدر مملڪت يا شهنشاهه يا هڪ هاري. هن تي پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ ڪا به ٽيڪنيڪل پابندي ڪانهي. پريس ڪانفرنس ڪٿي به ڪري سگهجي ٿي. اوهان پنهنجي گهر ۾ به پريس ڪانفرنس ڪري سگهو ٿا. پريس ڪانفرنس گهڻو ڪري لکي پوءِ صحافين آڏو پڙهبي آهي. هن ۾ جيڪڏهن غلط معلومات ڏنل هوندي ته اها پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي کاتي ۾ هوندي آهي، ميڊيا هن لاءِ ذميوار نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو سڄي ڄاڻ ڪوڙي ڏئي ٿو يا فرضي انگ اکر ظاهر ڪري ٿو ته ميڊيا ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي پابند نه آهي. ائين ڪو ٻيو ترديدي پريس ڪانفرنس ڪري، انهن جاري ڪيل انگن اکرن، وضاحتن ۽ پاليسي کي رد ڪري سگهي ٿو. پريس ڪانفرنس تڪڙي هجي يا اڳواٽ طئي ٿيل رٿابندي موجب ٿي رهي هجي، پريس جي ماڻهن کي انهيءَ لاءِ دعوت نامو جاري ڪيو ويندو آهي. تڪڙي پريس ڪانفرنس لاءِ فون ۽ شخصيت رابطن کي به استعمال ڪيو ويندو آهي. اڳواٽ طئي ٿيل پريس ڪانفرنس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن اڳ دعوتنامه جاري ڪرڻ گهرجن. دعوت نامي ۾ پريس ڪانفرنس جي جاءِ ۽ ان جاءِ جو ڏس پتو ۽ ٽيليفون نمبر ضڙور ڏيڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارو مقرر وقت ۽ هنڌ تي صحافين جو انتظار ڪندو رهي ۽ صحافي ڏس پتي معلوم نه هئڻ ڪري پڇائون ڪرائيندا وتن. پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪندڙ ادارو هجي يا هڪ فرد، پريس ڪانفرنس لاءِ اهڙي شهر يا هنڌ جي چونڊ ڪري، جتي ميڊيا جا ماڻهو جلد ۽ ججهي تعداد ۾ پهچي سگهن ۽ اهو علائقو ميڊيا جو مرڪز هجي. مثلاً نوان جتوئي جو ماڻهو جيڪڏهن موري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو ته هن کي ڪوريج انهي حساب سان ملندي، پر ساڳيو ماڻهو ساڳي مسئلي لاءِ حيدآباد، ڪراچي يا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو ته هن کي وڌيڪ ڪوريج ملندي. رڳو سنڌي پريس تائين مسئلو پهچائڻو آهي ته پوءِ حيدرآباد وڌيڪ بهتر رهندو. پر جي اردو ۽ انگريزي ميڊيا جو احاطو ڪرڻو آهي ته صوبائي راڄڌاني ڪراچي بهتر رهندي ۽ جيڪڏهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو ته معاملو بين الاقوامي ميڊيا جي توجهه جو به مرڪز ٿي سگهي ٿو.

پريس ڪانفرنس جيڪڏهن تڪڙي نه آهي ته هن لاءِ هميشه صبح جو وقت چونڊجي ته جيئن صبح توڙي شام وارين اخبارن ۾ اِها ڇپجي وڃي، جيڪڏهن شام جو يا رات جو وقت چونڊيو ويو ته اِها پريس ڪانفرنس ڪوريج صحيح وٺي نه سگهندي.

ڪنهن به قومي ڏينهن يا ڪنهن ٻي اهڙي ڏينهن تي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ گهرجي، جنهن ڏينهن تي ميڊيا جا ماڻهو سرڪاري تقريبن جي ڪوريج لاءِ مصروف هجن ۽ پريس ڪانفرنس کي نظرانداز ڪري ڇڏين.

پريس ڪانفرنس ۾ ڏيک ويک جو به خيال رکڻو هوندو آهي، يعني پريس ڪانفرنس ڪرڻ واري جي ڪرسي اهڙي هنڌ هئڻ گهرجي جتان سمورا صحافي هن کي آساني سان ڏسي سگهن ۽ هو به صحافي کي ڏسي سگهي ۽ سوالن جوابن جو سلسلو بهتر طريقي سان هلي سگهي. پريس ڪانفرنس اڳواٽ لکي رکجي ۽ صحافين آڏو صرف بريفنگ پڙهجي، جيئن سوالن ۽ جوابن لاءِ وڌيڪ وقت ملي سگهي. لکيل پريس ڪانفرنس جون فوٽو ڪاپيون اڳواٽ ئي ورهائي ڇڏجن، هميشه ڏنل دعوت نامن کان فوٽو ڪاپيون مٿي ڪرائي رکجن،شرڪت نه ڪندڙ صحافين جي ميڊيا ڏانهن به اهي ڪاپيون موڪلي ڏجن. ڪي صحافي ٻين سرگرمين جي ڪوريج کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن دير سان پهچندا آهن ته انهن لاءِ به ڪاپي موجود هجي. پريس ڪانفرنس ۾ رڳو ميڊيا جي ماڻهن کي دعوت ڏجي، دوستن، پارٽي يا تنظيمي ورڪرن کي پريس ڪانفرنس ۾ پسند نه ڪيو ويندو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي به فرد پريس ڪانفرنس ڪندڙ سان گڏ ويهن ته انهن جا نالا به لکي انهن جي سامهون رکجن، ائين نه ڪرڻ سان صحافي هڪٻئي کان پڇندا رهندا آهن ته وزيراعليٰ يا گورنر جي کاٻي پاسي جيڪو ويٺو آهي، ان جو نالو ڇا آهي؟ اهڙي عمل سان توجهه اصل مقصد کان هٽي ويندو آهي.

پريس فوٽو گرافرن کي اڳواٽ ئي اعتماد ۾ وٺجي، کين به پريس ڪانفرنس جي ڪاپي ڏيڻ گهرجي ۽ فوٽو ڇڪڻ بابت هدايتون ڏجن. پريس ڪانفرنس ۾ ڪنهن ترجمان جو مقرر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو پريس ڪانفرنس کان پوءِ ميڊيا سان لهه وچڙ ۾ رهي، اهو ڪم گهڻو ڪري پي آر او يا پريس سيڪريٽريءَ جي حوالي هوندو آهي، پر ڪنهن تنظيم يا اداري ۾ اهڙو ڪو فرد موجود نه هجي ته ڪنهن ڄاڻو ماڻهو کي اهڙي ذميواري ڏجي.

توڙي جو اهو لازمي ڪونهي ته پريس ڪانفرنس کان پوءِ چانهه بسڪٽ يا ٿڌي جو بندوبست ڪجي، پر بهتر اهو آهي ته اهڙي موقعي تي صحافين کي ڇاندو پاڻي ضرور ڪرائجي، هن سان هڪ ته ميڊيا سان ناتا بهتر رهندا ٻيو ته ماني يا چانهه بسڪٽ واري وقت دؤرانڪيتريون ئي غير رسمي ڳالهيون فائدو ڏئي وينديون آهن، ميڊيا جا ماڻهو به اتي ۽ پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪرڻ وارا به اتي موجود هوندا آهن. ڪنهن به ڳالهه يعني سوال يا جواب جي ڪا وضاحت پڇڻي هجي يا ڪرڻي هجي ته هن وقت ۾ ڪري وٺجي.

فيچر آرٽيڪل

انگريزي ٻوليءَ جي لفظ فيچر (Feature) جي معنيٰ ٿئي ٿي ”منهانڊو“ يعني ڪنهن به شئي جو تصويري نقشو ۽ جڏهن لکت جي ڳالهه ايندي ته پوءِ مفهوم ٿيندو. ”اُها لکت جنهن ۾ ڪنهن شئي يا واقعي جو تصويري نقشو چٽيو وڃي يا ويو هجي.“ ”آرٽيڪل“ کي عام طور اسان ”مضمون“ ئي چئون ٿا. انهن ٻنهي لفظن جي ميلاپ سان هن جو مفهوم ٿيو ”اهو مضمون جنهن ۾ ڪنهن شئي يا واقعي جي علامتي ۽ ظاهري حالتن جو ذڪر ڪيو ويو هجي.“اختياري صحافت ۾ فيچر آرٽيڪل کي وڏي اهميت حاصل آهي، هي هڪ خاص فني صنف آهي، جنهن کي هر ڪوئي نٿو لکي سگهجي.

فيچر آرٽيڪل هميشه شوق سان پڙهيا ويندا آهن،ڇو جو انهن ۾ لاڳاپيل موضوع جي پيرائتي تشريح ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ مذڪوره موضوع جي هر پهلو کي ڦلوريو ويندو آهي ۽ پڙهندڙ حقيقي صورتحال کان واقف ٿيندو آهي.

فيچر آرٽيڪل تجربيڪار صحافين کانسواءِ مختلف موضوعن جا ماهر ۽ مشهور شخصيتون لکنديون آهن. اسان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ هر روز سماجي، اقتصادي، فوجي، دهشتگردي، داخلي ۽ خارجي پاليسي، مذهب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کانسواءِ سماج جي ٻين ڪيترن ئي مسئلن بابت لاڳاپيل ماهرن جي فيچر آرٽيڪل پڙهندا آهيون. فيچر آرٽيڪل جي شروعات 1900ع ۾ ٿي، يعني 20 صدي جي شروعات ۾ اختياري صحافت جي هن صنف جو بنياد پيو. 1909ع ۾ هي صنف صحافت جي نصاب ۾ پڙهائڻ شروع ڪئي وئي، ڊاڪٽر ولِرڊ، ڊي بليئر پهريون پروفيسر هو، جنهن انگلينڊ ۾ پهريون دفعو فيچر آرٽيڪل پڙهائڻ شروع ڪيو.

فيچر آرٽيڪل کي تفصيلي خبر به چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به معاملي کي دلچسپ انداز ۾ بحث هيٺ آندو ويندو آهي. فيچر آرٽيڪل لاڳاپيل معاملي تي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ترغيب به ڏيندو آهي.

فيچر آرٽيڪل صحافتي ٻوليءَ ۾ لکيا ويندا آهن، توڙي جو انهن ۾ ادبي ٻوليءَ جي چاش به شامل ڪري سگهجي ٿي، پر ان کي نج ادبي ٻوليءَ ۾ نه لکيو ويندو آهي، فيچر آرٽيڪل ۾ مروج پهاڪا ۽ چوڻيون به استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پر لکڻ جو انداز هر سطح جي قاريءَ کي سامهون رکي اختيار ڪرڻ گهرجي.

آرٽيڪل ڪنهن مستقل عنوان سان نه لکبا آهن، جيئن ڪالم لکبا آهن، فيچر آرٽيڪل هر دفعي نئين عنوان سان حالتن ۽ واقعن کي سامهون رکي لکبا آهن.

فيچر آرٽيڪل جا قسم

جيڪڏهن اسان سماج تي نظر ڦيرائينداسون ته سوين عنوان اهڙا ملندا، جن تي فيچر آرٽيڪل لکي سگهجن ٿا ۽ هر موضوع ۽ عنوان هڪ الڳ قسم کي جنم ڏئي ٿو. پر ماهرن ڪن خاص قسمن جي درجابندي ڪئي آهي ته جيئن علمي دنيا ۾ انهن کي پسڻ ۽ پرکڻ آسان ٿي پوي؛ ماهرن فيچر آرٽيڪل جا ڏهه قسم ڄاڻايا آهن، جن ۾ (1) خاص موقعن وارا يادگاري آرٽيڪل (2) سماجي ۽ ثقافتي موضوعن وارا آرٽيڪل (3) اقتصادي آرٽيڪل (4) عام دلچسپي ۽ ڄاڻ وارا آرٽيڪل (5) حادثاتي موضوعن وارا آرٽيڪل (6) تضادي آرٽيڪل (7) شخصي آرٽيڪل (8) تعليمي ۽ تحقيقي آرٽيڪل (9) تنقيدي آرٽيڪل ۽ (10) تفتيشي آرٽيڪل.

(1) خاص موقعن وارا يادگاري آرٽيڪل: هي آرٽيڪل اهم قومي ڏينهن جي تاريخي پس منظر ۾ لکيا ويندا آهن ۽ هنن آرٽيڪلن ۾ قوم کي اڳتي جي حڪمت عملي کان واقف ڪيو ويندوآهي. خاص موقعن تي لکجندڙ هي آرٽيڪل جامع ۽ انگن اکرن سان ڀريل هوندا آهن. هنن آرٽيڪلن کي لکڻ لاءِ وقت ججهو ملي ٿو، مثلاً 14 آگسٽ جي حوالي سان سال ۾ صرف هڪ دفعو انهي پس منظر ۾ آرٽيڪل لکيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري لکندڙ هن کي واضح ۽ جامع لکڻ جي ڪوشش ڪندوآهي. ساڳي نموني 14 صفر تي لطيف سائين جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ۽ هن موقعي تي ڀٽ تي ميلو ملاکڙو به لڳندو آهي. هن موقعي تي لکيل يادگاري آرٽيڪل ۾ ڀٽائيءَ جو فلسفو ۽ فڪر ۽ عالم انسانن لاءِ سندن ڏنل پيغام جي تشريح ڪئي ويندي آهي. جپان تي ڪرايل آمريڪي ائٽم بم جي موقعي تي جيڪي يادگاري آرٽيڪل لکيا ويندا آهن، انهن ۾ ائٽمي تباهه ڪارين ۽ ائٽمي هٿيارن جي استعمال ۽ تياريءَ کان پاسو ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي ۽ ڪي نقاد آمريڪي پاليسي کي به نشانو بڻائيندا آهن ته هنن جي پاليسي ۾ قول ۽ فعل جو تضاد آهي. خاص موقعن وارا ٻيا اهڙا آرٽيڪل پهرين مئي يعني مزدورن جي عالمي ڏينهن، نوجوانن جي عالمي ڏينهن، صحت جي عالمي ڏينهن ۽ محبت جي عالمي ڏينهن تي لکيا ويندا آهن.

(2) سماجي ۽ ثقافتي موضوعن وارا آرٽيڪل: هن قسم جي آرٽيڪلن ۾ سماج ۽ ثقافت بابت مختلف موضوعن تي تفصيل سان لکو ويندو آهي. هي آرٽيڪل گهڻو ڪري وڌيڪ پسند ڪيا ويندا آهن، جو انهن ۾ لکيل مواد عام سماجي مسئلن ۽ ريتن رسمن بابت هوندو آهي. هنن آرٽيڪلن جا موضوع صحت، کاڌ خوراڪ، بيمارين، عورتن ۽ مرد ۾ جسن جي بنياد تي فرق ۽ ناانصافي، بدي جون شاديون، ننڍ پڻ جون شاديون، ذات پات جو فرق، ڏاج جا مسئلا، ڪاروڪاري ۽ ريتون رسمون هوندا آهن. هنن آرٽيڪلن ۾ موضوع جي ڄاڻ سان گڏوگڏ لکندڙ طرفان رهنمائي ۽ مسئلن جو حل به پيش ڪيو ويندو آهي. انهيءَ کان سواءِ نون فيشنن بابت لکيل آرٽيڪل به هن قسم ۾ شمار ٿين ٿا.

(3) اقتصادي آرٽيڪل: اقتصادي موضوعن وارا آرٽيڪل توڙي جو خاص موضوع وارا آرٽيڪل هوندا آهن، پر پوءِ به پڙهندڙن جو وڏو انگ اهي آرٽيڪل شوق سان پڙهندا آهن. سماج ۾ جيڪي به ڪاروباي سرگرميون جاري هونديون آهن، انهن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. يعني رپئي جو ملهه ڪرڻ يا وڌڻ، پيٽرول جو مهانگو ٿيڻ، ڪارخانن جو لڳڻ ۽ فصلن جو نقلي دوائن ۽ ڀاڻجي استعمال ڪري ٿيل نقصانن ۽ ٻيا زرعي يا شهري اقتصادي موضوع ۽ مسئلا هنن آرٽيڪلن ۾ بيان ڪيا ويندا آهن.

(4) عام دلچسپي ۽ ڄاڻ وارا آرٽيڪل: هنن آرٽيڪلن ۾ انهن موضوعن کي شامل ڪيو ويندو آهي، جيڪي عوامي ۽ عام دلچسپي وارا هوندا آهن. غير ملڪي سربراهه جو دورو، ڪنهن بين الاقوامي شخصيت يا سربراهه جو لاڏاڻو يا حادثو، جيئن ڊائيانا جو حادثاتي موت وغيره اهڙن آرٽيڪلن جا عنوان هوندا آهن ۽ عام ماڻهو اهي آرٽيڪل دلچسپي سان پڙهندا آهن.

(5) حادثاتي موضوعن وارا آرٽيڪل: هنن آرٽيڪلن جا موضوع وڏاوڏا حادثا هوندا آهن، جهاز جو حادثو، ريل جو حادثو، زلزلو ۽ طوفاني برساتون جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هجي، هنن آرٽيڪلن جا موضوع هوندا آهن. هنن آرٽيڪلن ۾ ٿيل حادثن بابت مڪمل ڄاڻ کانسواءِ اڳتي جي بچاءِ لاءِ رٿابندي بهتجويز ڪئي ويندي آهي. هي آرٽيڪل عوام توڙي خاص لاءِ اهم هوندا آهن، هنن آرٽيڪلن ذريعي حڪومت ۽ انتظامي عملي کي رهبري به ملندي آهي.

(6) تضادي آرٽيڪيل: هن قسم جا آرٽيڪل پيش ايندڙ اهڙن مسئلن بابت لکيا ويندا آهن، جن لاءِ هڪ کان وڌيڪ رايا هجن. مثلاً ڪالاباغ ڊيم تي مختلف علائقن ۽ صوبن جا مختلف رايا آهن ۽ هر نقطي نظر وارو پنهنجي حساب سان هن مسئلي تي آرٽيڪل لکندو. جيڪڏهن سنڌ جي نقطي نظر وارو ماڻهو لکندو ته مخالفت ۾ لکندو ۽ دليل سان لکندو ۽ ڊيم رٿا کي رد ڪرڻ جي صلاح ڏيندو، پر پنجاب جي نقطي نظر وارو ماڻهو لکندو ته ڊيم جي حق ۾ مليل ڏيندو ۽ هنڊيم جي ٺهڻ کي وڃي ”وجود پاڪستان“ سان ملائيندو. اهڙي نموني دهشتگرديءَ جي حوالي سان به مختلف سوچ وارن جي لانڍ لڳل آهي. آمريڪا ۽ يورپ وارا هر مسلمان کي دهشتگرد، اسلام کي دهشتگردي جي نرسريءَ واري لاءِ بابت آرٽيڪيل لکندا ۽ مسلمان ملڪن جا لکڻ وارا جوابي نقطي نظر کي پيش ڪندا. اهڙا سمورا آرٽيڪل تضادي آرٽيڪل چورائيندا آهن.

(7) شخصي آرٽيڪل: هن قسم جي آرٽيڪلن ۾ دنيا جي اهڙن مشهور شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، جن جي اچڻ سان دنيا وڏي تبديلي ڏٺي هجي. انهن ۾ مذهبي انقلابي، سماجي انقلابي ۽ اقصادي انقلابي شخصيتون شامل هونديون آهن. هي آرٽيڪل لازمي نه آهي ته صرف انهن شخصيتن تي لکيا وڃن جيڪي هاڻ موجود نه آهن، پر زندهه شخصيتن تي به اهڙا آرٽيڪل لکي سگهجن ٿا. مثلاً بنگلاديش جي ڊاڪٽر يونس تي آرٽيڪل لکي سگهجي ٿو، جنهن بنگلاديش ۾ اقتصادي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ کيس اهڙي ڪوشش تي ”نوبل ايوارڊ“ به مليو آهي. اهڙي طرح گذري ويل شخصيتن مان حضور محمد مصطفيٰ ﷺ ، گوتم ٻڌ، شنڪر، مائوزي تنگ، قاعدي اعظم محمد علي جناح، سوريهه بادشاهه صبغت الله شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي تي لکيل آرٽيڪل شخصي آرٽيڪل چورائيندا آهن.

(8) تعليمي ۽ تحقيقي آرٽيڪل: هن قسم جا آرٽيڪل نج تعليمي ۽ تحقيقي مقصدن لاءِ لکيا ويندا آهن. جنهن ۾ تعليمي نظام جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيون وينديون آهن ۽ سڌارن لاءِ تجويزون پيش ڪيون وينديون آهن. اهڙن آرٽيڪلن ۾ نون علمن ۽ کوجنائن کي به بحث هيٺ آندو ويندو.

هنن آرٽيڪلن ۾ سائنس، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي ميدان ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ تبديلين تي جامع بحث ڪيو ويندو آهي. اهڙن آرٽيڪلن ۾ شاگردن ۽ استادن جي يونين ۽ تنظيمن بابت به ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ يونين سازي جي فائدن ۽ نقصانن کي چٽو ڪيو ويندو آهي.

(9) تنقيدي آرٽيڪل: گهڻو ڪري پرنٽ ميڊيا تنقيد کي ججهي جاءِ ڏيندي آهي ۽ تنقيدي آرٽيڪل به باقاعدي شايع ٿيندا رهندا آهن. هي آرٽيڪل ڪنهن سياسي يا انتظامي تنقيد بابت نه هوندا آهن، پر هنن آرٽيڪلن ۾ مختلف فنن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. جيئن فلم، ڪو ڊرامو، ڪا تصوير ڪو ڪتاب، ڪا ڪهاڻي، ڪا شاعري جي صنف ۽ موسيقي وغيره اهڙن تنقيدي آرٽيڪلن جا موضوع هوندا آهن. ڪتابن تي ٿيل تنقيد ادبي تنقيد به چورائيندي آهي. پر هي آرٽيڪل سڄي ادبي ماحول جو احاطو ڪندا آهن.

فنون لطيف جا سڀ شعبا به تنقيدي آرٽيڪل ۾ تنقيد هيٺ اچن ٿا ۽ عوام انهن کي شوق سان پڙهندو آهي. سٺي تنقيد سٺي صحافت جو حصو آهي، سماج ۾ صرف معتبر تنقيدنگارن تي اهميت ڏني ويندي آهي.

(10) تنفتيشي آرٽيڪل: هن قسم جا آرٽيڪل گهڻو ڪري ڪنهن مسئلي جي پوئواري (Follow up) ۾ لکيا ويندا آهن. جڏهن ڪي اهڙيون خبرون ڇپبيون آهن، جن ۾ ڪنهن فراڊ يا ڪنهن دوکي يا تجسس جو پهلو موجود هوندو آهي ته انهن واقعن کي وڌيڪ تفتيش (Investigation) ۾ آڻي حقيقتون عوام آڏو آنديون ويونديون آهن. هنن آرٽيڪل ۾ ماضي جا فراڊي واقعا به بحث هيٺ آندا ويندا آهن. مثلاً ماضي ۾ ڪنهن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي ڌي ۽ ڪنهن جانچوس ڇوڪري جي رزلٽ ۾ سيڪريٽ برانچ ۾ راتو رات تبديلي ڪئي وڃي ۽ انهن کي ٿرڊ ڪلاس بجاءِ فرسٽ ڪلاس ڏنو وڃي ته اهو سڄو قصو ۽ ان جا مختلف پهلو ۽ پيس منظر تفتيشي آرٽيڪل ۾ بحث ايندا. هنن آرٽيڪلن ۾ هڪ ڏکيائي اِها سامهون ايندي آهي جو انهن حقيقتن کي ٻين آڏو سچ ثابت ڪرڻ لاءِ دستاويز موجود نه هوندا آهي يا انهن کي هٿ ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ معاملو قانوني بڻجي ويندو آهي، پر لکڻ وارا پلئو پاسو بچائي حقيقت کي ظاهر ڪري ويندا آهن.

ڪالم

ٽيڪنيڪي طور ڪالم ڪنهن به مستطيل لکڻي کي چئبو آهي، جيڪا ڪنهن به صفحي تي مٿيان کان هيٺ ترتيبوار لکي وئي هجي.

اخبارن جي ٽيڪنيڪل جوڙجڪ به ڪالمن سان پرکبي آهي، جن ۾ مواد مٿيان کان هيٺ ايندو آهي. اخبار جو هر صفحو اهڙن اٺن ڪالمن تي مشتمل هوندو آهي ۽ صحافتي زبان ۾ خبرن کي به ائين پرکبو آهي، يعني ڪا خبر هڪ ڪالم تي مشتمل هوندي آهي ته اسان ان کي هڪ ڪالمي خبر چوندا آهيون ۽ جيڪڏهن ڪا خبر اٺن ڪالمن تي پکڙيل آهي ته ان کي اٺ ڪالمي خبر چوندا آهن، انهن خبرن جي سرخين يعني هيڊ لائينن کي به هڪ ڪالمي، پنج ڪالمي ۽ اٺ ڪالمي ليڊ يا سرخي چوندا آهيون. اهي ڪالم خبر جي اهميت جو پئمانو به هوندا آهن.

پر هتي جنهن ڪالم جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو ايڊيٽوريل صفحي جي هڪ صفن آهي ۽ مستطيل لکت هئڻ ڪري، ان کي به ڪالم چيو ويندو آهي. نقشي سازيءَ جي علم ۾ ڪالم ڪنهن ٿنڀ کي چئبو آهي. ائين اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اخبار ڪالم ايڊيٽوريل صفحي جو ڄڻ ٿنڀ آهي ۽ انهيءَ صنف لکڻ واري کي ڪالم نگار چيو ويندو آهي. ڪالم هميشه مستقل عنوان سان لکيو ويندو آهي، پوءِ کڻي هن جا موضوع الڳ الڳ ڇو نه هجن.

آرٽيڪل وانگر ڪالم لکڻ لاءِ به ڪا پابندي ڪانهي، يعني لکڻ وارو صحافي به ٿي سگهي ٿو ۽ غير صحافي به ٿي سگهي ٿو. سنڌي صحافت ۾ سينيئر صحافين کان سواءِ ڪي نوجوان اديب ۽ استاد به ڪالم لکن ٿا. ڪالم نگار جڏهن ڪنهن اخبار سان معاهدو ڪري ڪالم لکڻ شروع ڪندو آهي ته اخبار طرفان هن کي ”اسپيس“ مقرر ڪري ڏنو ويندو آهي يعني جيڪڏهن هزار لفظ وارو ڪالم لکڻ طئي ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ ايتري جاءِ جيترو مواد هفتيوار يا جيڪو مدو مقرر ٿيو آهي ان مطابق ڪالم نگار اخبار کي لکي ڏيندو ۽ اخبار انهيءَ حساب سان ايڊيٽوريل صفحي جي اڳواٽ جوڙجڪ ڪري ڇڏيندي آهي ته فلاڻي ڏينهن اهو ڪالم ڇپبو، ان جي جاءِ کي ڇڏي باقي ٻي جاءِ کي ٻي مواد سان ڀرڻ جي رٿابندي ڪئي ويندي آهي.

ڪالم آرٽيڪل کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ عوام ۾ ڏاڍا مقبول ٿيندا آهن، اڪثر اخبارون ته صرف انهن ڪالمن جي ڪري سڃاتيون ۽ ورتيون وينديون آهن ۽ پڙهندڙ اهڙي اخبار ۽ ڪالم جو انتظار ڪندا آهن.

ڪالم کي نالي وارو (Byline) ايڊيٽوريل به چئبوآهي. هونئن ته ايڊيٽوريل اختياري صحافت (Personal Journalism) ۾ الڳ صنف آهي، پر ڪن ماهرن ايڊيٽوريل کي ايڊيٽر جو ذاتي ڪالم به سڏيو آهي، پر جيئن ته ايڊيٽوريل جو هر روز نئون عنوان هوندو آهي، انهيءَ ڪري ڪالم ۾ شمار نٿو ٿئي.

ڪالم جا قسم

جيترا سماج جا موضوع آهن اوترائي ڪالم لکي سگهجن ٿا، ڇو جو ڪالم لکڻ لاءِ ڪنهن به موضوع جي پابندي ڪانهي ته هن موضوع تي ڪالم لکي سگهجي ٿو ۽ هن موضوع تي نٿو لکي سگهجي! پر علمي لحاظ کان ڪالم کي اٺ قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي هيٺ طرح آهن:

(1) عالمي ۽ ملڪي سياست وارو ڪالم (2)ادبي ڪالم (3) سماجي ڪالم (4) ايڊيٽوريل نما ڪالم (5) مسخري ۽ تنقيد وارا ڪالم (6) ڊائري نما ڪالم (7) خاص موضوعن وارا ڪالم ۽ (8) گڏيل سڏيل ڪالم.

(1) عالمي ۽ ملڪي سياست وارا ڪالم: هي ڪالم عالمي سياست، عالمي معاهدن ۽ عالمي رهنمائن جي دؤرن جي حوالي سان لکيا ويندا آهن، داخلي سياست، پارليمنٽ، حڪمران طبقي جي پاليسين ۽ مخالف ڌر جي ڪردار کان سواءِ سياسي پارٽين جي پروگرامن ۽ تحريڪن کي به هنن ڪالمن ۾ جاءِ ڏني ويندي آهي. هي ڪالم ڪنهن به مستقل عنوان سان لکي سگهجن ٿا، پرانهن ڪالمن جي موضوعن جو احاطو تازي صورتحال (Current Affairs) هوندو آهي. ڪالمن جو مدو ڪهڙو به هجي يعني هفتيوار يا منهيني وار، انهي مدي دؤران عالمي ۽ داخلي سياست ۾ ٿيل تبديلين کي بحثهيٺ آندو ويندو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪالم نگار مستقبل جي خطرن ۽ اميدن کي به ظاهر ڪندا آهن.

(2) ادبي ڪالم: ادبي ڪالمن جي حد ادب ۽ اديبن کان سواءِ ادبي ادارا هوندا آهن. عالمي ۽ ملڪي سطح تي نون ادبي لاڙن، ادبي ڪانفرنس ۽ ادبي تنظيمن ۽ رٿائن بابت هي ڪالم ڄاڻ ڏيندا آهن ۽ رهنمائي ڪندا آهن. دنيا ۾ ٻين علمن ۽ فنن کان سواءِ ادبي دنيا ۾ به نوان تجربا ٿيندا آهن ۽ ڪي نيون ادبي صنفون سرجي رهيون هونديونآهن، هي ڪالم اهڙين تبديلين بابت تفصلي روشنيءَ وجهندا آهن. هنن ڪالمن کي لکڻ وارا گهڻو ڪري اديب ئي هوندا آهن. هي ڪالم گهري مطالعي کان پوءِ لکبا آهن، هونئن ته هر موضوع تي مهارت رکندڙ ئي سٺوڪالم نگار ٿي سگهي ٿو، پر ادبي ذوق ۽ شوق هنن ڪالمن ۾ الڳ رس چس پيدا ڪندو آهي.

(3)سماجي ڪالم: سماجي مسئلن ۽ماهرن تي لکيل هي ڪالم گهڻو مشهور ٿيندا آهن. هن موضوع تي لکڻ لاءِ ڪالم نگار وٽ وسيع ميدان هوندو آهي. مختلف سماجن جا پنهنجا سماجي طور طريقا هوندا آهن ۽ هر سماج ۾ روزانو ڪي نه ڪي نوان مسئلا اڀرندا رهندا آهن، ڪالم نگار انهن مان ڪنهن هڪ کي موضوع بنائي پنهنجو ڪالم مڪمل ڪندو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تنقيد مزاح جي انداز ۾ به لکي ويندي آهي.

ڪاروڪاري جو مسئلو هجي يا روڊ رستن جي خرابي جو يا وري آفيسن ۾ غريب جي داد رسي نه ٿيڻ جو مامرو هجي يا نااهل شخصن جو سفارش ۽ چور دروازي کان گهڙي ادارن جي سربراهه ٿيڻ جو مسئلو هجي. ڪالم نگار انهن سڀني سماجي مسئلن ۽ براين جي بنياد کان وٺي پس منظر تائين تفصيلي لکندا آهن. هننڪالمن جو مقصد سماجي ۽روايتي سجاڳي پيدا ڪرڻ هوندو آهي ۽ گڏوگڏ هنن ڪالمن ذريعي حڪمران طبقي آڏو رباب وڄائڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

(4) ايڊيٽوريل نما ڪالم: هن قسم جا ڪالم به عام لکيا ويندا آهن، هنن ڪالمن کي ايڊيٽوريل نما ان ڪري چيو ويندو آهي، جو ڪالم نگار هنن ڪالمن ۾ ذاتي رايو ۽ خيال پيش ڪندا آهن ۽ ڪنهن به مسئلي يا واقعي کي پنهنجي نقطي مطابق بيان ڪندا آهن ۽ انهي مسئلي يا واقعي جي سببن ۽ انهن جي حل جي ڳالهه به پنهنجي راءِ جي حساب سان ڪندا آهن. پر ايڊيٽوريل نما ڪالم جيئن ته ڪالم ئي هوندو آهي، انهي ڪري ايڊيٽوريل جي ڀيٽ ۾ هي ڪنهن مستقل عنوان سان لکيو ويندو آهي پر ايڊيٽوريل جو هر روز مختلف عنوان هوندو آهي.

هن قسم جا ڪالم ڪي تجربي ڪار لکڻ وارا لکندا آهن، هنن جي لکڻي ۾ توازن پيدا ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جيئن معياري ايڊيٽوريل جامع ۽ متوازن هوندا آهن، ائين هنن ڪالمن ۾ به لکڻي جو انداز ساڳيو رکيو ويندو آهي، تنقيد، تصحيح، توسيع، ترغيب ۽ رهبري وارن نقطن کي گڏائي لکڻ هنن ڪالمن جي ضرورت هوندو آهي. جيڪڏهن انهن نقطن کي لکڻ ۾ گهٽ وڌ ۽ اڻ برابري ڪئي وئي ته اهو ڪالم ڪنهن ٻي قسم جي ڪالم ۾ ته شمار ٿي سگهندو پر ان کي ايڊيٽوريل نما ڪالم چئي نه سگهبو.

(5) مسخري ۽ تنقيد وارا ڪالم: توڙي جو هن قسم جا ڪالم سماجي ۽ سياسي موضوعن کانسواءِ ڪنهن به موضوع تي لکي سگهجن ٿا، پر هنن ڪالمن جي لکت مسخري ۽ تنقيد جو ميلاپ هوندي آهي. هنن ڪالمن جو مثال امر جليل جو انگريزيءَ اخبار ”ڊان“ لاءِ لکيل ڪالم آهي، جيڪو هر هفتي شايع ٿيندو آهي. هنن ڪالمن ۾ مسخري مسخري ۾ تنقيد به ڪري وڃبي آهي ۽ اصل پيغام به پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهڙن ڪالمن جي مٿان ”مزاحيا ڪالم“ به لکيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن اهو نه به لکجي ته به ڪالم نگار پنهنجي ڪالم جي افاديت، اهميت ۽ مزاح کي نه بدلائيندو آهي. پڙهندڙ اهڙا ڪالم شوق سان پڙهندا آهن ۽ هونئن به مزاح انسان جي دلچسپيءَ جو سبب رهيوآهي، اهڙا ڪالم انهيءَ انساني جبلت جي پورائي به ڪن ٿا.

(6) ڊائري نما ڪالم: هن قسم جا ڪالم ذاتي تجربن جي بنياد تي لکيا ويندا آهن ۽ ڪالم نگار جي لکت ائين معلوم ٿيندي آهي، ڄڻ ته هن پنهنجي ذاتي ڊائري پڙهندڙن آڏو رکي آهي. هن قسم جا ڪالم اسان سنڌي صحافت ۾ گهٽ ڏسون ٿا. پر انگريزي صحافت ۾ هنن جو تعداد سٺو آهي ۽ هي ڪالم منفرد لکڻي ڪري گهڻو مقبول به هوندا آهن، هنن ڪالمن جي ٻولي ٿوري ادبي مک واري هوندي آهي ۽ ڪي ڳالهيون گهمائي ڦرائي ڪيون وينديون آهن.

(7) خاص موضوعن وارا ڪالم: هي ڪالم عام لکيا ويندا آهن، جن کي اسان خاص موضوع وارا ڪالم چوندا آهيون. مثلاً ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر جو صحت بابت ڪالم، ڪنهن وڪيل جو قانوني مشورن بابت ڪالم، ڪنهن مذهبي رهنما جو ديني مسئلن جي ڄاڻ بابت ڪالم راندين بابت ڪالم، زرعي ڄاڻ وارا ڪالم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت لکيل ڪالم يا عورتن ۽ ٻارن لاءِ لکيل ڪالم سڀ خاص موضوعن وارا ڪالم آهن. هنن ڪالمن ۾ سوالن جوابن جو سلسلو به هوندو آهي ته جيئن پڙهندڙ هن خاص علم جي ڄاڻ کان سواءِ پنهنجن مسئلن ۽ مونجهارن بابت ماهر ڪالم نگارن کان پنهنجن سوالن جا جواب به حاصل ڪري سگهن.

اهڙا ڪالم سماجي خدمت جو پورائو به ڪن ٿا، تعليم ۽ رهبري واري اصول تي به پورا لهن ٿا. ماڻهن کي مفت صحت ۽ قانوني مشورا ملن ٿا. هي پروفيشنل ڪالم پنهنجي موضوع ۾ ماهر ماڻهو ئي لکندا آهن.

(8) گڏيل سڏيل ڪالم: هن قسم جا ڪالم زندگيءَ جي متفرق (Miscellaneous) موضوعن تي لکيا ويندا آهن. توڙي جو موضوعن جي مٽ سٽ ٿيندي رهندي آهي، پر ڪالم جي گهرج موجب عنوان هميشه ساڳيو رهندو آهي. هنن ڪالمن ۾ سماج جي مختلف واقعن ۽ مسئل کي گڏائي لکيو ويندو آهي، يعني هڪ ئي ڪالم ۾ سياست جي ڳالهه به ڪيل هوندي ته معيشت بابت به لکيو ويندو هوندو ته نوجوانن جي مسئلن، تاريخ ۽ پارليمنٽ جي ڪاررواين جو به ذڪر ڪيو ويندو آهي. ڪالم نگار وڏي زبرداري سان انهن موضوعن ۾ اهڙو ته ربط پيدا ڪندو آهي، جو هي ڪالم هميشه جاندار ۽ جامع لڳندا آهن. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هي ڪالم لکڻ ۾ ڏکيا تصور ڪيا ويندا آهن.

ايڊيٽر ڏانهن خط

اختياري صحافت (Personal Journalism) ۾ عام ماڻهن جا ايڊيٽر ڏانهن لکيل خط به شامل آهن. ايڊيٽر ڏانهن خط لکڻ وارو سلسلو سڄي صحافت ۾ واحد اهڙو سلسلو آهي، جنهن ۾ اخبار يا رسالو پڙهندڙ عام قاري به هن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. اخبار ۾ پڙهندڙن جا خط ايڊيٽوريل صفحي جو حصو هوندا آهن ۽ رسالن ۾ اهي خط آخري صفحن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. اخبارن ۾ انهن خطن جو عنوان ”ايڊيٽر ڏانهن خط“ هوندو آهي. جڏهن ته انگريزي اخبارون انهن خطن کي ”ليٽرس ٽو ايڊيٽر“ جو عنوان ڏينديون آهن. رسالن ۾ انهن جو عنوان مختلف به هوندو آهي، ڪي رسالا ”پڙهندڙن جي راءِ“ يا ”ايڊيٽر کي پهتل خط“ يا ”سڄڻن جي راءِ“ عنوان هيٺ اهي خط شايع ڪندا آهن.

روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد هنن خطن جو عنوان انگلينڊ جي مشهور ”هائيڊ پارڪ“ سان منسوب ڪيو آهي، اهو عنوان شايد انهي ڪري رکيو ويو آهي ته ايڊيٽر ڏانهن ايندڙ خطن ۾ پڙهندڙ پنهنجي راءِ ۽ ڳالهه دل کولي ڪن ۽ اخبار انهن خطن کي ڀليڪار چوندي، انهيءَ هوندي به اخبارون ڪن ضابطن، قاعدن ۽ پاليسين موجب ڪم ڪنديون آهن ۽ ڪيترائي دٻاءُ سهندي متضاد خط شايع نه ڪنديون آهن. ڪي خط سماجي جوڙجڪ کي سامهون رکندي ذاتي سنسرشپ هيٺيان گذاريا آهن، جن ۾ اهڙا اخلاقي، مذهبي ۽ سياسي معاملا شامل هوندا آهن، جن کي ڇاپي نه سگهبو آهي. هر شايع ٿيندڙ خط کي ضرور ڪٽ سٽ ۽ سڌاري (Editing & Subing) جي عمل مان گذاريو ويندو آهي ۽ هن جو عنوان يا سرخي به اخبار يا رسالي طرفان چونڊي ويندي آهي. اخبارن ۽ رسالن طرفان خط لکڻ لاءِ ڪن فني ڳالهين ڏانهن ڌيان به ڇڪائبو آهي. خط لکڻ لاءِ اڪثر ليگل سائيز جو پنو استعمال ڪبو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان حاشي ڇڏبي آهي. لکت جو ذريعو پين هجي ٽائيپ يا ڪمپيوٽر هڪ سٽ جي وٿي ڇڏڻ ضرور هوندو آهي. ڪوشش ڪري خط مختصر پر جامع انداز ۾ لکجن، پني جو صرف سامهون وارو يعني هڪ صفحو استعمال ڪجي، جيڪڏهن مواد وڌي وڃي ته ٻيو پنو استعمال ڪجي ۽ ان تي به ساڳي نموني واري ٽائيپ يا لکت اختيار ڪجي. جملا ننڍا هجن ۽ پئراگرافن جو خاص خيال رکي نئون نقطو نئين پئراگراف سان شروع ڪجي. خط جي آخر ۾ پنهنجو نالو، صحي، ڏس پتو ۽ ٽيليفون نمبر (جي هجي ته) ضرور ڏجي ۽ پوءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي نقل خط سان شامل ڪري ٽپال ذريعي يا هٿوهٿ اخبار يا رسالي جي آفيس پهچائجي. هاڻ ته اي ميل ذريعي موڪليل خط به اخبارون ۽ رسالا قبول ڪن ٿا. ڪمپوزنگ ۽ لائين اسپيس يعني سٽ جي وٿي جو طريقو ساڳيو ئي رکجي ۽ پنهنجو نالو، ڏس پتو، ٽيليفون نمبر ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڏيڻ سان خط شڪ شبي کان پاڪ ٿي ويندو آهي ۽ ڇپجڻ لاءِ قابل قبول ٿي پوندو آهي.

خطن جي راءِ سان اخبار ۽ رسالي جي انتظاميا متفق هجي يا نه هجي پر اڪثر رسالا ۽ اخبارون خطن واري عنوان سان گڏ اهو به لکنديون آهن ته ”خطن ۾ ڏنل راءِ سان ايڊيٽر جو متفق هئڻ ضرور نه آهي“. هن جملي هڻڻ سان انهن کي قانوني بچاءَ ملي ويندو آهي. پوءِ به اهي ڪنهن ترديد خط کي شايع ڪرڻ جون پابند هونديون آهن.

ڪي خط فرضي نالن سان به شايع ٿيندا آهن، اهڙا خط ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا ته اخبار جي پاليسي موجب شايع ڪيا ويندا آهن. ڇو جو ڪيترا سياسي توڙي سماجي سوال اهڙا هوندا آهن، جن کي اخبار يا رسالو تبصري يا ايڊيٽوريل ۾ جاءِ نه ڏئي سگهندو آهي ۽ نه وري تبصري يا ايڊيٽوريل ۾ بي ڌڙڪ انداز ۾ اهي ڳالهيون شايع ڪري سگهبيون آهن. انهي ڪري اخبار يا رسالي کي اهڙن فرضي خطن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي، جن ۾ اهڙن اهم سياسي توڙي سماجي سوالن تي بحث ڪرايو ويندو آهي ۽ پنهنجي راءِ کي اڳتي آندو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن خطن کي بنياد بڻائي تبصرا يا ايڊيٽوريل لکيا ويندا آهن. اهڙن خطن جي شايع ٿيڻ سان اخبار يا رسال قانوني طور به محفوظ رهندو آهي، ڇو جو اڳ ۾ ئي لکيو ويندو آهي ته ايڊيٽر جو خط جي متن سان هڪ هئڻ ضروري نه آهي. اهڙي طريقي کي هاڪاري طريقو چئي سگهجي ٿو، جو انهيءَ طريقي سان اهم سوال، تجويزون ۽ حل لاڳاپيل ڌرين تائين پهچي ويندا آهن.

فرضي نالن وارن خطن جو ٻيو قسم ڪي مفاد پرست ڌريون يا شخص ڪنهن کي بدنام ڪرڻ، ڪنهن تي غير ضروري دٻاءُ وجهڻ يا پنهنجي قد ڪاٺ کي وڌائڻ لاءِ شايع ڪرائيندا آهن يا پنهنجي ڪنهن خاص ايجنڊا، راءِ يا نقطي بابت مددي تاثر اڀارڻ انهن خطن جو اصل محرڪ هوندو آهي.

سنڌي صحافت ۾ فرضي نالن وارا خط گهڻو شايع ٿيندا رهندا آهن. مفادپرست منهنجي ايجنڊا کي حقيقي روپ ڏيارڻ لاءِ ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج يا ان صفحي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪنهن ورڪر سان دوستيءَ جي بهاني لڳ لاڳاپا وڌائيندا آهن ۽ پوءِ انهن لاڳاپن جو استعمال ڪندي ڪڏهن نويد قريشي ته ڪڏهن سليم اوٺي جي فرضي نالن سان اهي خط شايع ڪرائيندا رهندا آهن. انهن خطن ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي اعليٰ علمي ۽ ادبي ادارن کان سواءِ اهڙين ادبي ۽ علمي شخصيتن کي به نشانو بڻايو ويندو آهي، جن جي علم ۽ ادبي قد ڪاٺ اڳيان اهي بي وس هوندا آهن.

ايڊيٽر کي لکيل عام خط ٽن قسمن جا هوندا آهن: (1) مختلف مسئلن تي لکيل خط (2) ڪنهن خبر، آرٽيڪل يا ڪالم جي پوئواري (Follow up) ۾ لکيل خط ۽ (3) ذاتي راءِ ۽ خيال بيان ڪندڙ خط..

(1) مختلف مسئلن تي لکيل خط: هن قسم جا خط سماج جي سمورن سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي مختلف ماڻهن طرفان لکيا ويندا آهن. اهڙا خط ڪو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه لاءِ به لکندو آهي ۽ مقامي سطح جي مسئلن کان ان سربراهه کي آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي يا هي خط ڪو ڳوٺاڻو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلي يا ڪنهن ريل جي اسٽاپ جي بحالي، يا بجلي جي اکٻوٽ، روڊ رستن ۽ امن امان جي مسئلي يا اسڪول نه هئڻ يا ماستر جي مسلسل غائب رهڻ، هيلٿ سينٽر ۾ سامان جي کوٽ، ٽيليفون سرشتي جي خرابي، ڪارخاني مان اڏرندڙ دز جي مسئلي، ڦٽين جي اگهه ڪرڻ جي مسئلي، ڪڻڪ جي غائب ٿي وڃن بابت لکندو آهي. هنن خطن جو مقصد انهن مسئلن ڏانهن لاڳاپيل ڌرين جو ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي. انهن خطن جو استعمال ڪٽنگ يعني تراشي طور به ٿيندو آهي، خط لکندڙ مٿي موڪليل درخواستن ۽ گذارشن سان گڏ انهن ڇپيل خطن جون ڪاپيون به هڻندا آهن ته جيئن انهن جي گهر ۾ وزن پيدا ٿي سگهي. انهي حوالي سان اخبارن ۽ رسالن جي هي هڪ وڏي سماجي خدمت ليکبي آهي.

(2) ڪنهن خبر، آرٽيڪل يا ڪالم جي پوئواري ۾ لکيل خط: هن قسم جا خط اخبار يا رسالي ۾ ڇپيل ڪنهن خبر، آرٽيڪل يا ڪالم جي پوئواري (Follow up) ۾ لکيا ويندا آهن. انهن خطن ۾ يا ته انهن لکڻين جي حق ۾ دليل ڏنل هوندا آهن يا انهن لکڻين ۾ ڏنل ڄاڻ جي مخالفت، وضاحت يا ترديد طور لکيا ويندا آهن. مثلاً ڪنهن تنقيدي آرٽيڪل ۾ ڪنهن پروفيسر تي تنقيد ڪندي لکيو وڃي ته يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر جو ٿيسز انهيءَ ڪري نقلي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو جو لکيل ٿو ڀانئجي جو کيس اهي اصطلاح ۽ لفظ به اچارڻ نٿا اچنس، جيڪي سندس نالي ٿيل ٿيسز ۾ ڏنل آهن، يا اهو ٿيسز ساڳي موضوع تي لکيل ڪنهن ٻي اهڙي ٿيسز جو نقل آهي ۽ انهن ٻنهي ٿيسز ۾ صرف ڊيٽا ۽ نالن جي مٽ سٽ آهي. تنقيدي آرٽيڪل ۾ آيل اهڙي راءِ کان پوءِ مذڪوره پروفيسر اخبار يا رسالي کي جيڪو وضاحتي خط لکندو، اهو هن قسم جي خطن ۾ شمار ٿيندو آهي. اهڙي طرح تاريخي واقعن بابت ڪي اهڙيون ڳالهيون به لکيو وينديون آهن، جن جي تصهحيح ۽ ترديد لاءِ اهڙا خط لکڻ ضروري هوندو آهي. مثلاً ڪنهن تاريخي آرٽيڪل ۾ يعني جنهن آرٽيڪل ۾ ڪا تاريخ ڏني وئي هجي، ڪو ليکڪ ڪنهن شخص جي حوالي سان لکي ته فلاڻو ماڻهو چوي ٿو ته اسان جا وڏا ترڪي مان آيا هئا ۽ اسان ترڪ نسل سان تعلق رکون ٿا، من گهڙت لاءِ هو دليل ڏئي ته جڏهن آءٌ ترڪي ويس ته ترڪ باشندن مون کي چيو هو ته تنهنجو قد ڪاٺ ۽ رنگ اسان ترڪن جهڙو آهي ۽ تون پاڪستاني يا سنڌي نٿو لڳين اهڙي دعويٰ تي آرٽيڪل لکڻ وارو انهيءَ راءِ تي تبصرو ڪندي لکي ته ”اڇو منهن ٿئي ڳوٺن ۾ اوڌر تي ڪپڙو کپائيندڙ پٺاڻن جو جن اهڙي دعويٰ ڪندڙن جي اينٿراپالاجي ئي بدلائي ڇڏي.....! ته اهڙي آرٽيڪل يا لکت تي انهيءَ نسل يا ذات وارو اينٿراپالاجي جا حوالا ڏئي دليلن سان پنهنجي پاڻ کي غير سنڌي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اهڙا وضاحتي ۽ ترديدي خط به لکند، اهي سمروا خط هن قسم جي خطن ۾ شمار ٿين ٿا.

(3) ذاتي راءِ ۽ خيال بيان ڪندڙ خط: هن قسم جا خط اهڙن راين ۽ خيالن جي ترجماني ڪندا آهن، جيڪا لکندڙن جي پنهنجي ذهني پيداوار هوندي آهي. اهڙن خيالن (Ideas) تي گهڻو ڪري اڳي بحث نه ٿيو هوندو آهي. هنن خطن ذريعي نوان خيال ۽ نيون تجويزون سامهون اينديون آهن. مثلاً ڪشمير جي مسئلي تي مختلف تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون. هڪڙيون حڪمرانن طرفان ۽ ٻيون سياسي عهديدارن طرفان هاڻ ڪو ٽيون ماڻهو هن مسئلي تي ڪا تجويز ڏيڻ چاهيندو ته اهو اخبار ته اهو اخبار يا رسالي جو سهارو وٺندو ۽مسئلي تي خط لکندو، جنهن ۾ پنهنجي راءِ ۽ تجويز پيش ڪندو، اهڙن خطن ۾ تاريخي پس منظر کان سواءِ انگن اکرن سان حقيقتون به پيش ڪبيون آهن ۽ مسئلي بابت تجويزون ۽ حل ٻڌائبا آهن. انهن خطن جو مقصد لاڳاپيل ڌرين تائين ڪي اهڙا خيال پهچائڻ هوندو آهي، جن تي اڳي بحث نه ٿيو هجي.

ڪن متضاد سوالن ۽ رٿائ تي به اهڙا خط لکي راءِ زني ڪبي آهي. مثلاً ڪالاباغ ڊيم جو مسئلي تي پنجاب ۽ سنڌجي ماڻهن راءِ کي اهڙن خطن ذريعي سامهون آڻبو آهي. سنڌ جي ماڻهو طرفان لکيل خط ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ دليل ڏنل هوندا آهن ۽ پنجاب جي ماڻهو جو خيال ۽ دليل مذڪوره ڊيم جي حق ۾ هوندوآهي، ٻنهي پاسن جي ماڻهن جو پنهنجو پنهنجو مقصد ۽ خيال هوندو آهي. هي خط اهڙن معاملن تي پاليسي ساز ادارن حڪومتي ايوانن ۽ ادارن جي رهنمائي به ڪندا آهن.