ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275780   ڀيرا پڙهيو ويو

ايڊيٽر جي ڪم جي نوعيت ۽ اهليت


جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته ايڊيٽر جو عهدو وڏي ذميواري واروآهي ۽ اِها ڪا گلن جي سيج ڪانهي. ايڊيٽر جو ڪم بظاهر آسان نظر ايدو آهي، پر حقيقت ۾ هُن کي مسلسل ذهني ۽ جسماني محنت ڪرڻي پوي ٿي. جڏهن کان صحافت انڊسٽري جو درجو ماڻيو آهي، تڏهن کان ايڊيٽر انهيءَ انڊسٽريءَ جو”پراڊڪشن ڊائريڪٽر“ ٿي پيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پراڊڪشن سان گڏ مئنيجمينٽ به هن جي ذمي هوندي آهي، عام انڊسٽري جو ڪم ته پيداواري شئي تيار ڪرڻ هوندو آهي پر اخبار جتي پيداواري ذريعو آهي اتي اِها سماج آڏو جوابدار به آهي. ايڊيٽر کي تلوار جي وٽ تي هلڻو پوندو آهي. هن جي ڪا به غلطي صرف غلطي نه هوندي آهي. اها غلطي سماج جو نقشو ئي مٽائي سگهي ٿي. عوام کي اهڙي رخ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي، جتي نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ٿيڻ جي اميد نه هوندي آهي.

ويجهي ماضي ۾ جڏهن سنڌي اخبارون ”ڌاڙيلن“ کي هيرو ڪري پيش ڪنديون هيون ته نتيجي ۾ سنڌي سماج ڌاڙيل ڪلچر ۾ تبديل ٿي ويو هو. اڄ اهو رخ مٽيل آهي. اڄ گهٽ ۾ گهٽ ان سپاهي کي به شهيد لکيو وڃي ٿو، جيڪو پنجن هزارن جي نوڪري تي پنهنجا ٻچا يتيم ڪرائي ٿو ۽ ٻئي پاسي ڌاڙيلن کي سماج جا ڏوهاري مڃيو ۽ لکيو وڃي ٿو. پهرين وقت جي ايڊيٽر جي اِها وڏي غلطي هئي، جنهن سان ڌاڙيل بهادري ۽ سوريهائي جي علامت بڻيا هئا.

ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي يا سنڌ جي وسيلن جي ڳالهه هجي يا سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي برقرار رکڻ يا سنڌي ماڻهن جي سنڌ جي مالڪي جو سوال هاڻ اسان جون اخبارون انهن حقيقي مسئلن تي لکن ٿيون. بين الاقوامي معاملا به لکجن ٿا.

ايڊيٽر کي هميشه چئن اکين سان ڏسڻ گهرجي. يعني هر پاسي هن جي نظر هجي، صرف اخبار جاري ڪرڻ جو معاملو نه هوندوآهي ۽ نه ئي صرف اشتهارن ذريعي ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ نه وري صحافت جي طاقت تي وزارتن، سينيٽري ۽ اسيمبلي ميمبري جا مزا وٺڻ. پر صحافت ۾ پنهنجي عوام ۽ سماج کي هر حال ۾ اڳيان رکڻو آهي. اسان جي سماج ۾ ايڊيٽر کي ڪيترن ئي جڳهن تي هيٺ اچڻو پوي ٿو. سياسي پارٽين، پريشر گروپن، حڪومتن ۽ مخفي ادارن جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پر انهن سڀني کي منهن ڏيندي، پنهنجي ڳالهه حڪمت ۽ دانائي سان ڪرڻ ايڊيٽر جي اهليت ۽ فن آهي. جيڪڏهن ايڊيٽر ٻاهرين دٻاءُ کي سهي نه سگهندو ته هو ضروري ڪٿي نه ڪٿي توازن وڃائي ويهندو، جنهن سان اخبار ۽ سماج کي ڪاپاري ڌڪ لڳي سگهي ٿو. ايڊيٽر کي اشتهاري ادارن ۽ سنئون سڌو اشتهار ڏيندڙ ڌرين ۽ ڪمپنين جو دٻاءُ به سهڻو پوندو آهي.

ايڊيٽر اخبار جي صورت ۾ پيڙيل طبقي جو سهارو هوندو آهي. هو اخبار ۾ اهڙن ماڻهن جوآواز به ڇپيندو آهي، جنهن کي سماج ۾ ٻيو ڪو ٻڌڻ وارو ئي نه هوندو آهي. انهي جو آواز حڪومت ۽ واسطيدار ڌرين تائين پهچائڻ ايڊيٽر جو اخلاقي فرض آهي.

وڏين اخبارن ۾ ايڊيٽر جي مدد لاءِ ٻن کان ڇهن تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر هوندا آهن ۽ هر اسسٽنٽ ايڊيٽر پنهنجي مضمون ۾ ماهر هوندوآهي. هي دؤر ”اسپيشلائيزيشن“ يعني خاص مهارت جو آهي، ڪو به ماڻهو وڌ ۾ وڌ کڻي ٻن يا ٽن موضوعن تي ”اٿارٽي“ هجي، پر سماج جي سڀني موضوعن جي مهارت ڪنهن به فرد جي وس جي ڳالهه ناهي. ايڊيٽر به ائين وڌ ۾ وڌ ٻن يا ٽن موضوعن تي لکي سگهي ٿو، باقي ٻين خاص ۽ گهربل موضوعن تي لکڻ لاءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر يا مهمان ايڊيٽر هن جي مدد ڪندا آهن. اهو فرق اسان کي ”ڊان“ جي ايڊيٽوريل ۽ ڪنهن سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو. سنڌي اخبار جو ايڊيٽوريل گهڻو ڪري ٻن موضوعن جي دائري ۾ هوندو آهي. هڪ سياست ۽ ٻيو عوامي مسئلا. ٻهي موضوعن کي رد نٿو ڪري سگهجي ۽ عوامي مسئلن تي لکڻ ته سڀني کان سٺو ڪم آهي، پر ٻين موضوعن تي به لکڻ گهرجي. اسان جي زرعي، اقتصاديات تي گهٽ کان گهٽ لکيو ويندو آهي. ايڊيٽوريل ته پري رهيو پر اسان اڃا خبرن ۾ به توازن رکڻ، سکي نه سگهيا آهيون.

ايڊيٽوريل صفحي کان سواءِ خبرن واري پاليسي ايڊيٽر جي مدد لاءِ نيوز ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر هوندا آهن. جيڪي ”خبرن“ جي اشاعت، توازن ۽ اخباري پاليسي موجب پنهنجوڪم ڪند اآهن.

سنڌي صهافت ۾ مختلف صفحن جو لڳ انچارج مقرر ٿيل هوندا آهن. هي عورتن جي صفحي جي ذميوار آهي، هي اندرين صفحي جو انچارج آهي، هي نوجوانن جي صفحي جو ذميوار آهي، اهي سڀ انچارج هڪ قسم جا نيوز ايڊيٽر ئي آهن، جيڪي سب ايڊيٽرن جي مدد سان پنهنجي ذمي ڪيل صفحا جاري ڪندا آهن.

ايڊيٽر کي پنهنجي پوري ٽيم جي اهليت جو اندازو هئڻ گهرجي، هن کي خبر هئڻ گهرجي ته گهڻي دٻاءُ ۾ ڪهڙو نيوز ايڊيٽر ۽ ڪهڙو سب ايڊيٽر بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو، هو ڪم جي ورهاست به انهي حساب سان ڪري. ائين ڪرڻ سان اِهو تاثر نه وٺڻ گهرجي ته ڪو ايڊيٽر پنهنجون ذميواريون ٻين ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. پر اهو سوچڻ گهرجي ته هن جيڪي تبديليون ڪيون آهن، انهي اخبار جي ساک ۽ پڙهندڙن کي وڌ ۾ وڌ سٺو مواد پهائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن. ايڊيٽر کي پنهنجي ٽيم جي وقت به وقت چڪاس ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڌريون ۽ فرد پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ ۽ سماج جي اهم شخصيتن کي بدنام ڪرڻ لاءِ نيوز ايڊيٽرن يا ڪنهن سب ايڊيٽر کي دوستي جي شيشيءَ ۾ لاهيندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي خلاف آيل حقيقتن کي ڇپجڻ کان روڪيندا رهندا آهن ۽ ٻين معتبر شخصيتن، ادارن ۽ پارٽين وغيره خلاف من پسند مواد ڇپرائيندا رهندا آهن.