ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275776   ڀيرا پڙهيو ويو

خبرون ڪٿان حاصل ڪجن؟


خبر جي مختلف طبقن ۾ هڪ قسم جو رابطو (Communication) آهي، تاريخي طور ”خبر“ اسان جي عام ڳالهه ٻولهه ۾ شامل هوندي هئي ۽ هاڻ بهاسان خبرون چارون ڪيون ٿا. ”خبر“ اسان جي علائقن، راڄن ۽ فردن جي هڪٻئي سان ڳالهه کانسواءِ سماج جي مختلف طبقن ۾ خيالن جي ونڊ جو ذريعو رهي آهي.

اڳي ”خبر“ جو ذريعو صرف هڪ ”انسان“ هوندو هو. جيڪڏهن ڪو فرد پنهنجو علائقو ڇڏيڪنهن ٻي پاسي ويندو هو ته پنهنجي علائقي جون ”خبرون“ ۽ حال احوال اتي کڻي ويندو هو ۽ واپسي تي اتان جو احوال ۽ خبرون پنهنجي علائقي يا وطن ۾ کڻي ايندو هو. پري کان آيل فرد کي خبرون ڏيڻ ۽ وٺڻ جي عمل مان گذرڻو پوندو هو.

اسان جي لوڪ ادب جون ڪهاڻيون ان جو بهترين مثالآهن، جن ۾ گهڙيو ويوآهي ته ڪنهن اجنبي ماڻهو بادشاهه جي درٻار ۾ ڪئين ٿي خبرون پهچايون!!! اهوخبرن جو ذريعو بڻبو هو. اسان جي ثقافت، لوڪ روايتن ۽ اساسي شاعريءَ ۾ به ”خبر“ آڻڻ ۽ ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون. اڳي جڏهن ڪميونيڪيشن جا ذريعا بلڪل ڪو نه هئا، تڏهن علامتي قاصدن ذريعي ڪميونيڪيشن ۽ خبرن جي ڳالهه ڪئي ويندي هئي.

اڳي اسان جون پري پرڻجي ويل يا وطن کان وڇڙي ويل نياڻيون مائٽن جي خبرن لاءِ پيون واجهائينديون هيون ته من ڪو ماڻهو يا قاصد مائٽن جي ملڪ مان اچي ۽ جيڪر اتي جون خبرون ٻڌائي. انهي آس ۾ هُنن هڪ علامتي قاصد تخليق ڪيو ۽ ائين ”ڪانوءُ“ پکي پهريون علامتي قاصد بڻيو. انهيءَ علامتي قاصد لاءِ شاعر مارئي جي واتان چورايو ته ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون کي منهنجي ماروئڙن جي“. اڄ به ڳوٺن ۾ ”ڪانوءَ“ جڏهن ڪنهن گهر جي ڏيڍي، وڻ جي لام يا ڇپر جي ڪناري تي ويهي خاص نموني سان ”لنوي“ ٿو ته گهر جا ڀاتي چوندا آهن ته ”ڪانؤ ٿو لنوي اڄ ضرور ڪو مهمان ايندو“ يعني ان کي مهمان اچڻ واري خبر جو ”ذريعو“ (Source) سمجهيو ويندو آهي.

ائين اسان جي سماج جي راڄن، پاڙن ۽ قبيلن جي ڪميونيڪيشن ۽ خبر چار وٺڻ ۽ڏيڻ جو سلسلو به روايتي انداز ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ”عورتون“ اندر جون خبرون ٻڌائيندڙ يا ڏيندڙ وڏو ”ذريعو“ هيون، ٿيندو ائين هو جو ڪنهن جي پرڻي يا مرڻي تي جڏهن راڄ جون عورتون گڏ ٿينديون هيون ۽ هڪٻئي سان ملنديون هيون ته انهن وچ ۾ پنهنجي راڄ ۽ پاڙي وغيره جون خبرون چارون ٿينديون هيون. ڪي خبرون ڏبيون ۽ ڪي وٺبيون هيون. سڱن جا معاملا بهانهن خبرن جي پوئواري ۾ هلندا ۽ نبربا هئا. ڪنهن جا عيب ثواب به عورتن ذريعي مردن وٽ پهچندا هئا، يعني عورتون ”مخفي“ خبرن جو ذريعو هيون ۽ ڪن صورتن ۾ اڄ به آهن.

هاڻ جديد دؤر آهي، ڪنهن کي شادي لاءِ سڱ کپي ته ”ميريج بيورو“ سان رابطو ڪيو وڃي ٿو، اخبار ۾ اشتهار ڏنو وڃي ٿو، انٽرنيٽ تي هزارين صفحن جون ويب سائيٽون رڳو انهي ڪم لاءِ جڙيون ۽ ڀريون پيون آهن. جن ۾ هر قسم جي ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي سڱ جو وچور موجود آهي ۽ ڪنهن جا عيب ثواب ظاهر ڪرڻ لاءِ هاڻ صحافي موجود آهن، زخم ي يا بيمار جي خبر اسپتالن مان مليو وڃي. ڏوهن، چورن ۽ چورين جون خبرون ٿاڻن مان مليو وڃن. اهڙيون ٻيون سوين خبرون هر روز ميڊيا لاءِ گهربل هونديون آهن. اخبار جي ڪالمن جي پورائي لاءِ مواد گهرجي. اهو مواد ڪٿان اچي؟

موجوده صحافتي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماهرن ”خبرن“ کي گڏ ڪرڻ جا (17) سترنهن ذريعا ٻڌايا آهن. جن وٽان ”خبرون“ حاصل ڪري سگهجن ٿيون. انهن ۾ (1) ريڊيو (2) ٽي وي (3)انٽرنيٽ (4) صحافي (5) نيوز ايجسيون (6) ٿاڻا (7) فائر برگيڊ اسٽيشنون (8) اسپتالون (9) ڪورٽون (10) ادارا (11) پريس انٽرويو (12) پريس ڪانفرنسون (13) اخباري بيان (14) پريس پڌرايون (15) سرڪاري طلاعاتي کاتا (16) سياسي ۽ سماجي شخصيتون (17) سياسي پارٽيون جون آفيسون.

(1) ريڊيو: اخبارون ۽ رسالا جيتوڻيڪ ڪميونيڪيشن جا پراڻا ذريعا آهن. پر خبرن کي تڪڙو نشر ڪندڙ ذريعو ريڊيو آهي. ريڊئي جون ڪيتريون ئي اسٽيشنون 24 ڪلاڪ وقفي وقفي سان سڄي دنيا جون تازيون خبرون ٻڌائينديون رهنديون آهن. وڏيون وڏيون اخبارون اڄ به ريڊي جي مانيٽرنگ لاءِ سب ايڊيٽر يا ڪو رپورٽر مقرر ڪنديون آهن، جيڪي لاڳيتو ملڪي ۽ اهم غير ملڪي، جهڙوڪ بي بي سي، وائيس آف آمريڪا يا وائيس آف جرمني وغيره کان سواءِ ٻين ”ريڊيو نيوز سروسز“ جي خبرن جو جائزو وٺندو رهندو آهي ۽ ڪنهن به اهم يا لاڳاپيل ”خبر“ کي محفوظ ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اتاري اخبار لاءِ ”خبر“ تيار ڪئي ويندي آهي.

ريڊئي جي خبر گهڻو ڪري شڪ شبي کان پاڪ هوندي آهي. ائين شايد ئي ٿيو هجي جو ريڊيو جي ڪنهن خبر جي ترديد نشر ڪئي وئي هجي. ريڊئي کي ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو سمجهيو وڃي ٿو.

(2) ٽي وي: ريڊئي کان پوءِ ٽي وي خبر جو اهم اليڪٽراني ذريعو آهي. ٽي وي جي نيوز چئنلن جي لاڳيتو مانيٽرنگ ڪنديون آهن، ٽي وي خبرن حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو سڏبو آهي. سئٽلائيٽ ڪميونيڪيشن جي ڪري هاڻ پري پري جا چئنل به ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا. گهڻو ڪري مشهور چئنل 24 ڪلاڪ پنهنجي نشريات جاري کندا آهن.

ٽي وي جنرلزم ئي ”بريڪنگ نيوز“ جو سلسلو متعارف ڪرايو آهي، ٻيو ته جيئن جو تئين (Live) واقعن کي پيش ڪرڻ سان ماڻهو ٽي وي جي خبر تي وڌيڪ اعتبار ڪن ٿا. هوبهو واقعن کي پيش ڪرڻ سان خبرن جي وسعت ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ خبرن جي سچي هجڻ ۾ به ڪو تردد محسوس نه ڪيو ويندو آهي.

(3) انٽرنيٽ: رابطي جي لحاظ کان انٽرنيٽ سڄي دنيا کي گڏائي ڇڏيو آهي. انٽرنيٽ ميڊيائن جي ميڊيا آهي. انهي ڪري اسان هر انهيءَ اخبار، ريڊئي ۽ٽي وي جون تازيون خبرون انٽرنيٽ تي پڙهي ۽ ٻڌي سگهون ٿا، جيڪا انهي نيٽ تي پنهنجي ويب سائيٽ جي سڃاڻپ سان موجود آهي. اسان نيٽ تي تازين خبرن کان سواءِ پراڻو خبري رڪارڊ به ٻڌي ۽ پڙهي سگهون ٿا. مثلاً اسان کي بي بي سي جو ٽن ڏينهن وارو پراڻو ”سئربين“ ٻڌڻو آهي ته اسان بي بي سي جي اردو سرس جي ويب سائيٽ تان اهو سربستو ٻڌي سگهون ٿا. انهي کان سواءِ اسان هفتي جون اخبارون به ويب سائيٽن تان پڙهي سگهون ٿا. دنيا جون وڏيون وڏيون ”سرچ انجڻيون“ الٽا وسٽا، ياهو يا گوگل وغيره به پنهنجن نيوز سروسز تان خبرون جاري ڪن ٿيون. اهم سياسي پارٽين، لساني تنظيمن، پريشر گروپن ۽ ڪمپنين وغيره جون ويب سائيٽون به ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هونديون آهن. انهيءَ کان سوا3 سائنس جون نيون ايجادون به فٽافٽ ويب سائيٽن تي اچو وڃن، انهن جي مانيٽرنگ به ”خبرن“ جو اهم ذريعو ثابت ٿين ٿيون.

(4) صحافي: اهم اخبارون“ نيوز ايجنسيون، ريڊيو ۽ ٽي وي جا نيوز چئنل خبرن جي ڪوريج لاءِ اهم شهرن ۽ علائقن ۾ پنهنجا صحافي مقرر ڪندا آهن. اهي صحافي لاڳيتو پنهنجي اخبارن، نيوز ايجنسي، ريڊئي ۽ ٽي وي نيوز چئنلن لاءِ ”خبرون“ موڪليندا رهندا آهن. ٻاهرين ملڪن جي راڄڌانين ۽ ڏڦيڙ وارن علائقن ۾ به ميڊيا پنهنجا صحافي مقرر ڪندي آهي، جيڪي اتان جون تازيون خبرون گڏ ڪري پنهنجي اداري کي موڪليندا رهندا آهن. صحافي سنئون سڌو ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن.

(5) نيوز ايجسنيون: هن وقت دنيا جون مشهور نيوز ايجنسيون ميڊيا کي خبرون پهچائڻ جو اهم ذريعو آهن. اهي نيوز ايجنسيون پنهنجا صحافي سڄي دنيا ۾ مقرر ڪنديون آهن، جيڪي پنهنجي خابرو اداري کي ”خبرون“ ۽ تبصرا وغير موڊيم، اي ميل يا ٽيلي پرنٽر ذريعي موڪليندا رهندا آهن. انهن نيوز يجنسين جون پنهنجون ويب سائيٽون به هونديون آهن، اتان به اهم خبرون جاري ٿين ٿيون.

دنيا جي مشهور نيوز ايجنسين ۾ اي ايف پي، رائيٽر ۽ اي پي وغيره شامل آهن. پاڪستان ۾ هن وقت ڪيتريون ئي نيوز ايجسيون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي مقرر معاوضي تي خبرون ۽ فيچر وغيره مقامي ميڊيا کي ڏين ٿيون، انهن ۾ اي پي پي، پي پي آءِ، آن لائين ۽ اين اين آءِ وغيره شامل آهن. اهي ايجنسيون خبرون حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن.

(6) ٿاڻا: ڪنهن به ٿاڻي تان ڏوهن، ڏوهارين ۽ امن امان سان لاڳاپيل ٻين مسئلن بابت ”خبرون ملنديون آهن. وڏن شهرن ۽ حساس حدن واري ٿاڻن کي خبرن جو اهم ذريعو سمجهيو ويندو آهي.

خبرون ڪٿان به حاصل ڪجن، پر ضروري آهي ته صحافي ”ذريعن – Sources“ سان سٽا ۽ مسلسل رابطا رکي، ڪڏهن ڪڏهن خبرون ۽ اهم دستاويز هٿ ڪرڻ لاءِ پئسا به خرچ ڪرڻا پوندا آهن، دوستيون وڌائڻيون پونديون آهن. ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سان هر وقت رابطي ۾ رهڻو پوندو آهي ته جيئن خبرون حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ساڳي وقت صحافي به ٿاڻي جي مدد ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڏوهاري ثابتيون گم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهي ايس ايڇ او ۽ ٿاڻي وارن کي پوءِ ڪورٽ ۾ پيا گهليندا آهن. ڪنهن به ڏوهاري يا ڪنهن پاٿاري تي ڇاپي دؤران پوليس کي صحافين جي ضرورت پوندي آهي، ڏوهارين کان هٿ آيل سامان، هٿيار ۽ نشي جي شين کي ثبوت طور عوام اڏو آڻڻ لاءِ به ٿاڻي کي اخبار وارن جي ضرور پوندي آهي. خبرون ڏيڻ ۽ وٺڻ واري انهي رابطي سان اخبار ۽ ٿاڻي جا تعلقات مضبوط ٿين ٿا.

(7) فائر برگيڊ اسٽيشنون: وڏن وڏن شهرن ۾ شهري دفاع يا بلدياتي ادارن طرفان فائر برگيڊ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون آهن، انهيءَ کان سواءِ فيڪٽرين واري علائقي ۾ به اهڙين اسٽيشنن کي قائم ڪيو ويندو آهي ته جيئن شهر يا فيڪٽرين ۾ ڪنهن به باهه جي واقعي تي برقوت ضابطو آڻي سگهجي ۽ عوام کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچائي سگهجي. توڙي جو باهه جا اهڙا واقعا هر روز ڪو نه ٿيندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳتيل آبادي، شاپنگ سينٽرن يا ڪنهن مل ۾ ڪو باهه جو واقعو پيش اچي وڃي ته نقصان جو وڏو اند:شو هوندو آهي. اهڙن باهه جي واقعن جي صحيح رپورٽنگ لاءِ اهي فائر برگيڊ اسٽيشنون خبرون حاصل ڪرڻ جو صحيح ۽ اهم ذريعو هونديون آهن.

(8) اسپتالون: هر شهر جي وڏين اسپتالن ۾ حادثاتي شعبا قائم ڪيل هوندا آهن. انهن شعبن ۾ ڪنهن به حادثي جو شڪار ماڻهن جو بر وقت علاج ٿيندو آهي. اهي شعبا گهڻو ڪري روڊ حادثن، زهر پيڻ جي واقعن، گئيس سلينڊرن يا آئيس فيڪٽرين جي ڪنهن حادثي کان متاثر ٿيل ماڻهن يا باهه جي واقعن جي زخمين، نانگ بلا جي ڪکيل ماڻهن ۽ ٻڏي ويلن جي علاج لاءِ هوندا آهن. اهي شعبا شهري فسادهن ۾ زخمي ٿي ويلن يا مري ويلن جا انگ اکر به رکندا آهن. اهي حادثاتي شعبا (Casualties Deportments) صحافين لاءِ صحيح ۽ سچن خبرن جا اهم ذريعا هوندا آهن.

(9) ڪورٽون: وڏن شهرن ۾ ڪورٽن جون مختلف بينچون ويهن ٿيون، انهن ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ، بئنڪنگ ڪورٽ ۽ دهشتگردي جي روڪ لاءِ قائم ڪيل خاص عدالتون شامل آهن. انهن ڪورٽن ۾ روزانو ڪيترا ئي اهم سماجي ۽ اقصادي مسئلا ۽ فيصلا غور هيٺ اچن ٿا. وڏين ڪورٽن ۾ ملڪ جا آئيني، سياسي، قانوني ۽ اليڪشني معاملن توڙي ٻيا سول ۽ ڪرمنل ڪيس هلندا آهن.

سيشن ڪورٽن ۾ به سول ۽ ڪرمنل شنوايون ٿينديون رهنديو آهن. بئنڪ ڪورٽون مالي ادارن ۽ بئنڪن جي قرض واري رقم جي اُڳاڙي کان سواءِ بئنڪ فراڊ جا ڪيس ٻڌنديون آهن. دهشتگردي جي روڪ وارين ڪورٽن ۾ دهشتگردي جا ڪيس هلندا آهن. عوام انهن مڙني ڪورٽن جي ڪيسن ۾ دلچسپي رکندي آهي. آئيني ۽ قانوني مسئلن جا ڪيس وڏي شهرت رکندا آهن ۽ هر ڪو انهن ۾ دلچسپي وٺندو آهي. صحافيءَ لاءِ اهي سڀ ڪيس ”خبر“ جو ذريعو آهن. انهن ڪيسن جون ”خبرون“ ڪورٽن مان ملنديون آهن، صحافي پاڻ به انهن ڪيسن کي ٻڌڻ لاءِ ڪورٽ سڳورين ۾ ويهي سگهن ٿا.

(10) ادارا: پاڪستان ۾ اڻ ڳڻيا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا موجود آهن. وڏن سرڪاري ادارن ۾ گهڻو ڪري پي آر او مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ غير سرڪاري ادارا به اخبارن ۽ ٻي ميڊيا سان رابطي جو ڪو نه ڪو بندوبست رکيو ويندو آهي. فارين مشن پريس اتاشي مقرر ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به مسئلي تي مؤقف، پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي کي اڳتي وڌائيندا آهن. سرڪاري وزارتن ۾ وزارت خاجا صحافين کي سنئون سڌو بريفنگ ڏيندي آهي.

اين جي اوز جون سرگرميون به خبرن جو اهم موضوع ۽ ذريعو هونديون آهن. ڊونر ملڪن يا ايجنسين کان مليل اصل رقم، اُها رقم جنهن مقصد لاءِ ملي انهي مقصد تي ڪيتري خرچ ٿي ۽ باقي رقم ڪيڏانهن وئي؟ جهڙا سوال ۽ وقت به وقت اين جي اوز ۾ سيڪس اسڪينڊلز جو اٿي پوڻ اِهي سڀ اهڙا موضوع آهن، جيڪي ”خبرن“ جو اهم ذريعو هوندا آهن.

سرڪاري ادارن ۾ سربراهن جون بدليون، پاليسي، بجيٽ، انتظامي سرگرميون، ڪرپشن، نااهل ۽ اذيت پسند سربراهن جا رويا، عملي جو رد عمل اهم ”خبرون هونديون آهن. اهڙين خبرن کي ادارن جا سربراهه دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ظاهر آهي، اهي پاڻ ته اهي خبرون پريس ڪو نه پهچائيندا، صحافين کي سرڪاري ادارن جي ماڻهن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. اندر جي ماڻهن کان رازداري جي بنياد تي ”خبرون“ ورتيون وينديون آهن ۽ اهي فرد ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعا هوندا آهن.

(11) پريس انٽرويو: جڏهن سماج ۾ ڪي اهم واقعا، سوال يا رويا اڀري ايندا آهن ته صحافي انهن واقعن، سوالن يا روين بابت لاڳاپيل ماهرن سان رابطو ڪري انهن جو رايو معلوم ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اداري يا شخصيت خلاف ڪي ”خبرون“ يا رايا اخبار ۾ ڇپجي ويندا آهن ته پريس انٽرويو ذريعي انهن ادارن جي سربراهن يا شخصيتن کان انهن جو وضاحتي مؤقف (View-point) ورتو ويندو آهي.

ملڪي بجيٽ اچڻ تي، ان بابت اقتصادي ماهرن کان راءِ ورتي ويندي آهي، ان بابت عام ماڻهن ۽ عام دوڪاندارن کان به تاثر ورتو ويندو آهي ۽ ان راءِ کي پريس ۾ ڇاپيو ويندو آهي. اسان وٽ اهڙي راءِ حقيقي ماڻهن کان گهٽ پر ياري باشي ۽ ڪن نااهل ماڻهن کي اڳيان آڻڻ لاءِ ورتي ويندي آهي. بهرحال پريس انٽرويو ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن.

(12)پريس ڪانفرنسون: مختلف سماجي ۽ سياسي پارٽيون، سياسي ۽ سماجي شخصيتون، انتظامي سبراهه ۽ مختلف واقعن ۾ ظلم جو شڪار ٿيل ماڻهو ۽ ڪي فرد پنهنجي مؤقف کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس جو سهارووٺندا آهن. اهي ڪنهن به لاڳاپيل مسئلي تي پريس ڪلب يا ڪنهن مناسب جڳهه تي اخباري صحافين کي پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا آهن يا ڏينديون آهن. آيل صحافين کي پنهنجو لکيل مؤقف ورهائي ڏنو ويندو آهي ۽ اهو ساڳيو لکيل مؤقف پڙهي به ٻڌائبوآهي.آخر ۾ صحافين کي لاڳاپيل مسئلي جي حوالي سان سوال پڇڻ جي آڇ ڪئي ويندي آهي. اهي پريس ڪانفرنسون ”خبرن“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هونديون آهن.

(13) اخباري بيان: اخباري بيان ڪو به فرد يا ان جو مقرر ڪيل ماڻهو يا ترجمان جاري ڪري سگهي ٿو. اخباري بيانن ۾ ڪنهن اهڙ: مؤقف جي وضاحت ڪئي ويندي آهي، جنهن لاءِ ڪو فرد سمجهي ٿو ته اهو هن جي ساک لاءِ حرف ثابت ٿيندو يا ٿي سگهي ٿو. اخبارون اهڙي اخباري بيان کي ڇاپڻ لاءِ پابند ناهن. اهي چاهين ته سڄو سربستو اخباري بيان ڇاپي ڇڏين، يا ان کي ايڊٽ ڪري هلائين يا مرڳو نه ڇاپين.

اهڙا بيان ڪنهن به غلط فهمي ۽ شڪ شبي کي ختم ڪرڻ لاءِ جاري ٿيندا آهن. انهن اخباري بيانن کي خبرن جو هڪ اهم ذريعو سمجهيو ويندوآهي.

(14) پريس رليز: اخباري پڌرائي جاري ڪرڻ جو رواج جيترو هن وقت آهي، سنڌي صحافت ۾ ان جو اڳ مثال نٿو ملي. هر سياسي، سماجي ۽ لساني تنظيم ۽ ادارا، انهن جا ترجمان ۽ پي آر اوز پريس رليز جاري ڪرڻ جا مجاز هوندا آهن. پريس رليز گهڻو ڪري هلندڙ سرگرمين جي باري ۾ جاري ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام کي ڄاڻ ملي ته اِهي ادارا، تنظيمون ۽ سياسي پارٽيون ڇا ڪري رهيون آهن؟ انهن جون ڪهڙيون سرگرميون هلندڙ آهن؟ ڪهڙا ڪم شروع ٿيڻ وارا آهن ۽ ڪهڙا پورا ٿي چڪا آهن؟ اهي پريس رليز ”خبرون“ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هوندا آهن.

(15) سرڪاري اطلاعاتي کاتا: وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ جوڙيا ويا آهن، جيڪي انهن حڪومتن جي سربراهن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کان سواءِ مختلف سرڪاري ادارن جي سربراهن ۽ حڪومتي کاتن جي سرگرمين کي ميڊيا تائين پهچائڻ جا ذميوار هوندا آهن.

هئنڊ آئوٽ، پريس نوٽ ميڊيا تائين پهچائڻ ۽ حڪومتي سربراهن، وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پريس ڪانفرنسن جو بندوبست ڪرڻ، حڪومتي پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي کي اڳتي وڌائڻ هنن ادارن جو ڪم هوندو آهي.

پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ يا صوبائي اطلاعات کاتي جون آفيسون شام جو به کليل هوندو آهي، جتي انفرميشن آفيس حڪومتي پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي مٽيريل کان سواءِ سربراهن جي دؤرن ۽ سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي جون رپورٽون تيار ڪري رهيا هوندا آهن. اهي ادارا خبرن حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. سرڪاري استهار به هنن کاتن ذريعي ميڊيا کي جاري ڪيا ويندا آهن.

(16) سياسي ۽ سماجي شخصيتون: سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي ڪا به سياسي يا سماجي چرپر خبر هوندو آهي. عوام نه صرف انهن شخصيتن جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ بابت ڄاڻ چاهيندا آهن، پر انهن جي ذاتي معاملن ۾ به دلچسپي رکندا آهن. اهي شخصيتون جڏهن ڪنهن صحافي يا ميڊيا کي ڪو خاص انٽرويو ڏينديون آهن ته اخبارون انهيءَ انٽرويو جا ٽڪرا ٽڪرا کڻي انهن کي خبرن جي صورت ۾ شايع ڪنديون آهن. هنن شخصيت جا اهي انٽرويو ڪيترين ئي اهم ”خبرن“ جو ذريعو بڻجي ويندا آهن.

(17) سياسي پارٽين جون آفيسون: سياسي پارٽين جون آفيسون پنهنجا ”پريس سيل“ به رکنديون آهن. جتان ميڊيا کي خبرون ڏنيون وينديون آهن ۽ پارٽي بابت اهم اعلان جاري ڪيا ويندا آهن. اهي ”پريس سيل“ پارٽي جو پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي بابت مواد ۽ بئنر وغيره به تيار ڪندا آهن. هاڻ ته سياسي پارٽين پنهنجا پوگرام ويب سائيٽن تي به جاري ڪيا آهن ۽ انٽرنيٽ کي به پنهنجي تشهير لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. انهن ويب سائيٽن تي مختلف سوالن (Issues) بابت پارٽين جو مؤقف ۽ سرگرمين کان سواءِ ملڪي تازيون خبرون به جاري ڪيون پيون وڃن. اڳوڻي وزيراعظم ظفرالله جمالي جي استعيفيٰ جي خبر سرڪاري ميڊيا جي اعلان کان به اڳ ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تان جاري ٿي هئي.

سنڌي قومپرست تنظيمن پنهنجي تنظيم جي آفيس کي ”ميڊيا سينٽر“ جو نالو ڏنو آهي، جتان ميڊيا کي پنهنجي پروگرام ۽ سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي.

سياسي پارٽ:ن جا پريس سيڪريٽري اهڙين سرگرمين کي ميڊيا تائين پهچائڻ جا ذميوار هوندا آهن.

ڪامياب صحافي جون خاصيتون

صحافي ڪهڙي قسم جو به هجي ۽ ڪهڙي به اداري سان تعلق رکندو هجي ۽ ڪهڙي به شهر يا ڳوٺ ۽ ملڪ ۾ رپورٽنگ لاءِ مقرر ٿيل هجي. پر هن ۾ اُهي خاصيتون ۽ صلاحيتون ضرور هئڻ گهرجن، جيڪي هڪ ڪامياب صحافيءَ لاءِ گهربل آهن.

ماهرن هڪ باصلاحيت صحافي لاءِ نون (9) خاصيتن کي لازمي قرار ڏنو آهي، جنهن صحافي ۾ اهي خاصيتون هڪ جيتريون هونديون، اهو ڪامياب صحافي ليکبو. ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن صحافي ۾ ڪا صلاحيت وڌيڪ هوندي آهي ۽ ڪا گهٽ هوندي آهي. انهيءَ ڪري اسان ڏسندا آهيون ته ڪي صحافي اسان جي اکين جي اڳيان وڌندا وڌندا اڳتي نڪري ويندا آهن ۽ ڪي سالن جا سال اتي ئي رهندا آهن، جتان انهن شروع ڪيو هو. هڪ صحافيءَ ۾ جيڪي نون (9) گهربل صلاحيتون هئڻ گهرجن، انهن ۾ (1) هن کي لکڻ جو فن ايندو هجي (2) ججهي علم ۽ مطالعي جو مالڪ هجي (3) تخليقي صلاحيتون ججهيون هجنس (4) سچائيءَ سان رپورٽنگ ڪرڻ جو عزم هجيس (5) پنهنجي ساک جو ڀرم رکندڙ هجي (6) همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪري (7) اصولن تي ڪنهن به مفاد يا ڊپ کي ترجيح نه ڏئي (8) دلچسپي ۽ تجسس جو مادو هجيس ۽ (4) محنتي هجي.

انهن سڀني صلاحيتن کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هيٺين طرح پيش ڪجي ٿو:

(1) لکڻ جو فن: ڪنهن به صحافي لاءِ لکڻ جي صلاحيت اهم آهي. لکڻ واري صلاحيت جي ڪري ئي هڪ فرد صحافي بڻجندو آهي يا چورائيندو آهي. انگريزيءَ ٻولي ته هر ٻوليءَ واري صحافي لاءِ ضروري آهي، جو اِها ترجمي لاءِ استعمال ٿيندي رهي ٿي ۽ سٺي ترجمي لاءِ ٻنهي ٻولين جي ڄاڻ ضروري آهي. يعني جنهن ٻولي مان ترجمو ٿئي پيو ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي پيو.

ڪي اصطلاح ۽ لفظ اهڙا هوندا آهن، جن جي ڪا خاص معنيٰ هوندي آهي، جيڪڏهن اهي ڪنهن غلط جڳهه تي استعمال ڪبا ته لکڻي جو اصل مفهوم کي ئي ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ ڪري لکڻ جو فن ٻوليءَ سان مشروط هوندو آهي. ۽ سٺي ٻولي لکڻ صحافي جي صلاحيت ۾ شمار ٿئي ٿو.

(2) ججهو علم ۽ مطالعو: ڪو به صحافي پنهنجي لکڻي کي ايستائين وزندار ۽ سگهارو نٿو بڻائي سگهي، جيستائين هن جي ڄاڻ يعني علم ۽ مطالعو وسيع نه هجي. هن کي لکڻ لاءِ جوالا کپن ۽ حوالا تڏهن آڻي سگهندو جڏهن هن کي تاريخي واقعن ۽ مختلف علمن جي ڄان هوندي، هن جو علم ايترو وسيع هجي جو ”لکڻ“ کان پوءِ پڙهندڙ هن کي لکيل موضوع بابت ”اٿارٽي“ سمجهن، انهيءَ کان سواءِ عام معلومات به هجيس.

(3) تخليقي صلاحيتون: جيڪڏهن ڪنهن صحافي ۾ تخليقي مادو موجود نه آهي ته هو سٺو ۽ ڪامياب صحافي نٿو بڻجي سگهي، اهي تخيلقي صلاحيتون ئي هونديون اهن، جيڪي ڪنهن به علم ۽ فن ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ جو سبب بڻجنديون آهن.

صحافي ۾ جيڪڏهن تخليقي صلاحيتون موجود هونديون ته هو صحافت ۽ ڪمونيڪيشن جي دنيا ۾ نوان نوان نظريا ۽ لاڙا متعارف ڪرائيندو، رپورٽنگ جا نوان رخ هن جي حوالي سان سڃاتا ويندا. انهن صلاحيتن جي ڪري هو هڪ ڪامياب صحافي ڳڻبو.

(4) سچائي: صحافي پنهنجي ساک تڏهن ٺاهي سگهي ٿو، جڏهن هو واقعن کي سچائي سان پيش ڪندو. صحافي ۾ ڪنهن به قسم جو تعصب ۽ ڪنهن به ڌر ڏانهن ڪو لاڙو نه هجي. جيڪڏهن ڪو صحافي غير متوازن آهي ته اهو صحافي گهٽ ۽ ڪنهن جو ترجمان وڌيڪ لڳندو ۽ هر لکڻي ۾ پنهنجي نظرئي يا ٽولي جي خيالن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اهڙو صحافي ڪڏهن به ڪامياب صحافي نٿو ٿي سگهي. ڪجهه وقت کان پوءِ پڙهندڙ هن کي سچو نه سمجهندا ۽ هن جي لکڻين کي هڪ طرفو سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا.

(5) ساک جو ڀرم: جيڪي صحافي اخبار جاري ٿيڻ وارن شهرن ۾ ڪم ڪندا آهن يا جتي هو مقرر ٿيل هوندا آهن، اتي جي ماڻهن سان سماجي تعلقات قائم ڪندا آهن. ان شهر جا ماڻهو انهن صحافين کي ذاتي طور سڃاڻيندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ڪچهرين ۽ تقريبن ۾ شامل ڪندا رهندا آهن. انهن شهرين مان ڪيترا اهڙا هوندا آهن، جيڪي انهن صحافين لاءِ اهم خبرن جو ذريعو (Source) به بڻجندا آهن. اهي ماڻهو هن کي دوستي، ناتي، ڀرم ۽ ڀروسي جي بنياد تي اندر جون خبرون ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن صحافي ۾ ڳالهين کي هضم ڪرڻ جو مادو گهٽ هوندو ته هو انهن ”ذريعن“ کي ظاهر ڪري ڇڏيندو. جنهن سان انهي صحافي جي ساک ۽ ڀرم متاثر ٿيندو آهي ۽ اها اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي تصور ٿيندو آهي. نتيجي ۾ هن صحافي تي ڪو به ڀروسو نه ڪندو آهي ۽هي صحافي ۽ عوام ڪيترن ئي اهم ۽ مخفي خبرن کان محروم رهجي ويندا آهن.

(6) همٿ ۽ حوصلو: صحافت جو ڌنڌو دنيا جي اهڙن ڌنڌن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي مسلم ڪم ۽ دٻاءُ جو شڪار تصور ڪيا وڃن ٿا. صحافي کي لاڳيتو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، هو ڪڏهن به موڪل تي نه هوندو آهي. هو صرف هڪ اخبار يا ڪنهن ٻي اداري جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن اخبار، رسالي، ريڊئي يا ٽي وي چئنل آڏو جوابدار آهي، هو سماج آڏو جوابدار آهي. سڄي سماج کي هن جي ضرورت هوندي آهي، هن  جيڪڏهن همٿ ۽ حوصلو نه هوندو ته، هو ڪيتريون ئي اهم خبرون ۽ سماجي مسئلا ڪنهن دٻاءُ جي نتيجي ۾ اورنگهي ويندو. هن جي دل شينهن جي دل جهڙ: هجي، ڇو جو هن کي ڪيترن لساني ۽ پريشر گروپن، ڏوهارين، ڊڪٽيٽر حڪومتن ۽ مافيائن طرفان ملندڙ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن کي رپورٽنگ ڪرڻ تي ڪن هنڌن تي مار به کائڻي پوندي آهي ۽ ڪيترا صحافي شهيد به ٿي ويندا آهن. پر هو همٿ ۽ حوصلي سان پنهنجي پيشي سان وفادار رهندا آهن.

(7) بااصول: هر صحافي پنهنجي پيشي جي حساب سان ۽ سماجي صورتحال ڏسي ڪي اصول مقرر ڪندو آهي. حڪومتون پريس قانون ۽ ميڊيا بابت ضابطا جاري ڪنديون آهن. صحافتي تنظيمن جا اخلاقي ضابطا الڳ هوندا آهن، جن تي به عمل ڪرڻو هوندو آهي. هڪ ڪامياب صحافي انهن سڀني اصولن جي پاسداري ڪندو آهي، جيڪڏهن هو قانوني ۽ اخلاقي ضابطا ٽوڙي صحافت ڪندو ته نه صرف پنهنجي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندو، پر اخبار، رسالي، ريڊئي ۽ ٽي وي چئنل، جنهن لاءِ هو ڪم ڪري رهيو آهي، ان لاءِ به مسئلا پيدا ڪندو. صحافي کي نه ته ڪنهن مفاد جي پيش نظر ۽ نه وري ڪنهن جي ڊپ کان انهن اصولن کي پٺڀرو ڪرڻ گهرجي. هن کي هر حال ۾ بااصول رهڻ گهرجي.

(8) تجسس ۽ دلچسپي: ڪنهن به صحافي لاءِ مذڪوره صلاحيت جو هئڻ ضروري آهي. هن جي لکڻين ۾ دلچسپي ۽ تجسس جو مادو هئڻ گهرجي. ڦڪو ۽ بي سوادو آرٽيڪل، تبصرو ۽ رپورٽ گهٽ پسند ڪئي ويندي آهي. سڀ خاصيتون گهڻو ڪري فطري ڏات هونديون آهن. پر انهن کي رندو هڻي لسو ڪرڻ ۽ چمڪائڻ پنهنجي وس ۾ هوندو آهي. ڊگهيون لکڻيون تجسس ۽ دلچسپي واري عنصر کان جيڪر خالي هجن ته پڙهڻ کانسواءِ رهجي وينديون آهن. پڙهندڙ بور ٿي انهن کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪميونيڪيشن جو عمل ٽٽي پوندوآهي ۽ پيغام منزل تي پهچڻ کان سواءِ ئي رهجي ويندو آهي.

(9) محنتي: ڪنهن به صحافي ۾ مٿيون اٺ ئي صلاحيتون موجود هجن، پر هو هن نائين خاصيت کان محروم هجي ته، صحافت جو حق ادا ڪري نه سگهندو. هن محنتي ماڻهو ئي پنهنجي ڪم کي وقت تي پورو ڪرڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ جي همٿ ڪندو آهي. اسانجي مشاهدي ۾ آهي تهجڏهن ڪنهن اهم پريس ڪانفرنس لاءِ صحافين کي سڏيو ويندو آهي ته ڪي صحافي وقت جو خيال نه ڪندي دير سان پيا پهچندا آهن. هنن کي اتي لکيل بيان ته ملي ويندو آهي پر اهي سوالن ۽جوابن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل اهم خبرن ۽ ڄاڻ کان محروم رهندا آهن ۽ پوءِ ڀر وارن صحافين کان پيا ڀڄندا آهن ته پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪهڙا سوال ٿيا ۽ ڪهڙا جواب آيا؟ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٻين شعبن وانگر صحافت جي شعبي ۾ به مقابلي واري ڪيفيت هوندي آهي. ڪو به صحافي پنهنجن خاص نقطن ۽ رپورٽن کي ٻئي صحافي ڏانهن گهٽ منتقل ڪندو آهي. انهيءَ ڪري محنتي صحافي سدائين اڳتي هوندا آهن ۽ ٽوٽي صحافي مڙئي پيا گهلبا آهن.

صحافين جا قسم

سنڌي صحافت ۾ اسان گهڻو ڪري سڀني قسمن جي صحافين لاءِ لفظ ”صهافي“ ئي استعمال ڪندا آهيون. اڳي ”خاطو“ لفظ به استعمال ٿيندو هو. خبرون چارون ڏيڻ واري کي ”مُخبر“ به چئي سگهجي ٿو، پر هن وقت اسان وٽ لفظ ”مُخبر“ جانچوس لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو اندر جون ۽ مخفي خبرون پهچائي يا ڏئي.

اردو کان گهڻو متاثر ٿيڻ کان پوءِ هاڻ اسان ”صحافي“ لفظ کان سواءِ ”اخباري نمائندو“ يا ”نائيندو“ لفظ به استعمال ڪريون ٿا. ڪي لفظ اسان صحافتي انگريزيءَ مان به کنيا آهن؛ جيئن اسٽاف رپورٽر، ڪرائم رپورٽر، ڊسٽرڪٽ رپورٽر ۽ بيورو چيف وغيره.

هتي اسان انگريزي صحافت کي بنياد بڻائي صحافين جا مختلف قسم بيان ڪنداسون، جنهن سان صحافين جي انهيءَ درجابندي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي.

انگريزيءَ ۾ مختلف صحافين لاءِ جيئن لکيو ويو آهي، انهيءَ کي هيٺين طرح مختصر نموني بيان ڪجي ٿو، ترتيب الفابيٽ جي حساب سان رکي وئي آهي.

(1) Bureau chief; person incharge of Newspapers regional officer Writing desk.

(2) Correspondent; person regularly contributing local News or articles.

(3) Journalist; person who work to write for editing of publishing.

(4) Reporter; person who seen, heard, done and give at as News.

(1) بيورو چيف: وڏيون وڏيون اخبارون، رسالا ۽ نيوز ايجنسيون ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ پنهنجون بيورو آفيسون قائم ڪنديون آهن. بيورو آفيس ۾ ڪنهن سينيئر صحافي کي ”بيورو چيف“ مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ هن جي نگرانيءَ ۾ ٻن کان چار صحافي ڪم ڪندا آهن. اهي نمائندا انهن وڏن شهرن ۽ ان جي پسگردائي ۾ ٿيندڙ واقعن، جلسن، جلوسن ۽ ٻين ضروري ۽ اهم سرگرمين جي ڪوريج ڪندا آهن. بيورو چيف سڀني نمائندن کي الڳ الڳ اِنهن ”خبرن“ کي گڏڪرڻ واري ڪم لاءِ چوندو آهي. بيورو چيف پاڻ به ڪن اهم واقعن جي ”ڪوريج“ لاءِ ويندو آهي. انهيءَ کانسواءِ بيورو آَيس مان تبصرا ۽ آرٽيڪل به اخبار جي مک آَيس موڪليا ويندا آهن. سکر ۾ موجود ڪنهن ”بيورو چيف“ کي گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي ننڍن وڏن شهرن جي ڪوريج به ڪرڻي هوندي آهي، يعني انهن علائقن ۾ مقرر ٿيل نمائيندا سنئون سڌو اخبار يا نيوز ايجنسي جي مک آفيس ڏانهن خبرون نه موڪليندا آهن. پر اهي پنهنجون ”خبرون“ سکر واري بيورو آفيس کي موڪليندا آهن. بيورو چيف انهن ”خبرن“ کي چونڊڻ ۽ درست ڪرڻ کان پوءِ مک آفيس موڪليندو آهي. اهي ”خبرون“ موڊيم يا فئڪس جهڙن جديد اليڪٽراني ذريعن سان موڪليو وينديون آهن.

بيورو آفيس جو هڪ فائدو اهو به آهي ته مک آفيس تان ڪم جو بار گهٽجي ويندو آهي ۽ ٻيو ته انهي شهر ۽ لاڳاپيل علائقن جي ”خبرن“ کي اخبار ۾ صحيح جاءِ ملندي آهي. بيورو چيف طرفان موڪليل ”خبرون“ ۽ آرٽيڪل وغيره ضرور ڇپبا آهن.

بيورو آفيس به اخبار جي هڪ ننڍي ڊيسڪ آهي، ”خبرن“ جي ڪمپوزنگ، پروفنگ ۽ ڇپائي کان سواءِ سمورا ڪم اتي ئي ٿيندا آهن، جيڪڏهن بيورو آفيس ڪنهن انگريزي اخبار جي آهي ته اتي آيل خبرن جو مقامي ٻوليءَ مان انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو ويندو آهي. پريس رليزن لاءِ اتي هڪ باڪس به قائم ڪيل هوندو آهي، پريس رليز ڏيڻ وارا ڪنهن به وقت پريس رليز باڪس ۾ داخل ڪري سگهن ٿا، بيورو آفيس انهن پريس رليزن مان خبرون تيار ڪري مک آفيس موڪليندي رهندي آهي.

(2) نمائيندا: جيڪي صحافي ”رپورٽرن“ جي حد کان ٻاهر ڪم ڪندا آهن. انهن ۾ هڪڙا بيورو آفيس ۾ ڪم ڪندا آهن، جن جون خبرون ۽ تبصرا وغيره ”بيورو رپورٽ“ جي نالي سان ڇپبا آهن. ٻيا بيورو آفيس کان ٻاهر ڪم ڪندا آهن، انهن کي ڪراسپانڊنٽ (Correspondent) چئبو آهي، جن کي هتي اسان ”نمائيندو“ ڪري ڪوٺيو آهي.

ڪراسپانڊنٽ ٻاهرين ملڪن، ملڪي راڄڌاني، ضلعي هيڊڪوارٽرن ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۽ وڏن وڏن ڳوٺن ۾ اخبار يا نيوز ايجنسيءَ وغيره لاءِ ڪم ڪندا آهن. ڪي ”اسپيشل ڪراسپانڊنٽ “ هوندا آهن، اهي ڪنهن خاص ڪم لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن، پارليمينٽ جي ڪارروائي جي ڪوريج لاءِ به ”اسپيشل ڪراسپانڊنٽ“ ئي مقرر ٿيل هوندا آهن.

ملڪي راڄڌاني ۾ مقرر ڪراسپانڊنٽ اتي جي سياسي، حڪومتي ۽ غير ملڪي خارجه آفيسن جي سرگرمين جي ڪوريج جا ذميوار هوندا آهن.

اخبارون، رسالا يا نيوز ايجنسيون جن نمائندن کي غير ملڪي راڄڌانين ۾ مقرر ڪنديون آهن، انهن کي ”فارين ڪارسپانڊنٽ“ چئبو آهي. ڪراسپانڊنٽ پنهنجون خبرون، تبصرا ۽ آرٽيڪل وغيره سنئون سڌو اخبار جي مک آفيس ڏانهن موڪليندا آهن. غير ملڪي نمائندن کي اخبار ۽ نيوز ايجنسيون وڏا وڏا پگهار ڏينديون آهن، انهيءَ کانسواءِ هر ڪراسپانڊنٽ کي ”خبرن“ موڪلڻ لاءِ خرچ به ڏنو ويندو آهي. اڳي گهڻو ڪري خبرون وغيره موڪلڻ لاءِ ٽيلي پرينٽر استعمال ٿيندا هئا، پر هاڻ موڊيم ۽ فيڪس جو استعمال گهڻو ٿيڻ لڳو آهي.

(3) جنرلسٽ: انگريزي ٻوليءَ جو هي لفظ ”صحافي“ لاءِ ئي استعمال ٿيندو آهي. صحافي ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا ڪل وقتي صحافي، جن کي انگريزيءَ ۾ ”فل ٽائيم جنرلسٽ“ چيو ويندو آهي ۽ ٻيا جزوقتي صحافي جن کي انگريزيءَ ۾ ”فري لانس جنرلسٽ“ يا ”فري لانسز“ چئبو آهي.

(الف) فل ٽائيم جنرلسٽ: هي اهي صحافي هوندا آهن، جيڪي ڪنهن اخبار، رسالي يا نويز ايجنسي وغيره لاءِ پگهار تي ڪم ڪندا آهن. هنن کي صرف انهيءَ اخبار، رسالي يا نيوز ايجنسيءَ لاءِ لکڻو هوندو آهي، جنهن هنن کي خاص معاوضي تي مقرر ڪيو آهي. اِهي انهيءَ لا پابند هوندا آهن ته پنهنجون گڏ ڪيل خبرون، تبصرا ۽ آرٽيڪل وغيره پنهنجي لاڳاپيل اداري کي ئي موڪلين ۽ جيستائين انهيءَ سان سلهاڙيل رهندا، ڪنهن ٻي اخبار، رسالي يا نيوز ايجنسي لاءِ ڪم نه ڪندا. انهن صحافين کي ڪارڊ رکندڙ صحافي (Cord Carear) به چيو ويندو آهي.

(ب) فري لانس جنرلسٽ: هي صحافي ڪنهن خاص اخبار، رسالي يا نيوز ايجنسي جا پگهاردار نه هوندا آهن. هو پنهنجن لکڻين ۽ خبرن ۾ آزاد هوندا آهن. هو ڪنهن به اخبار، رسالي يا نيوز ايجنسي کي معاهدي ۽ مقرر معاوضي عيوض ”خبر“ يا لکڻي موڪلي سگهندا آهن. ڪي اخبارون، رسالا ۽ نيوز ايجنسيون فري لانس صحافين کي ڪنهن خاص ڪري (Special assignment) لاءِ به مقرر ڪنديون آهن. اهي جڏهن گهربل ”اسٽوري“ کي مڪمل ڪري وٺندا آهن ته هو وري آزاد آهن ۽ ڪنهن ٻي اداري لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا.

(4) رپورٽر: رپورٽر هميشه سنئون سڌو اخباري ڊيسڪ سان واسطو رکندا آهن. رپورٽرن جو نگران چيف رپورٽر هوندوآهي. چيف رپورٽر ۽ ٻيا رپورٽر صرف انهن خبرن جي ڪوريج جا ذميوار هوندا آهن، جتان اخبار نڪري ٿي، يعني اخبار نڪرڻ واري شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ڪوريج رپورٽرن جو ڪم هوندو آهي. ”چيف رپورٽر“ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندڙ رپورٽر ”اسٽاف رپورٽر“ سڏبا آهن. انهن کي خاص موضوعن لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ اهي انهي موضوع جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن، جيئن ڏوهن جي ڪوريج وارو ”ڪرائيم رپورٽر“ راندين جي ڪوريج وارو ”اسپورٽس رپورٽر“ اقتصادي معاملن جي ڪوريج لاءِ ”بزنس رپورٽر“ وغيره.

خبرن جي ڪوريج لاءِ اهي رپورٽر چيف رپورٽ جي صلاح تي عمل ڪندا آهن. چيف رپورٽر پنهنجي رپورٽرن جي ڪوريج ۽ ڪارڪردگي مقابلي واري اخبار جي خبرن سان ڀيٽيندو آهي ۽ ان مطابق انهن کي هدايتون به ڏيندو رهندو آهي. هر رپورٽر پنهنجي ”فيلڊ“ جو ذميوار هوندو آهي، شهر ۽ پسگردائي جو ڪم به واقعو، جيڪو هن جي ”فيلڊ“ سان تعلق رکي ٿو، ان جي ڪوريج هن جي ذمي هوندي آهي. آندل خبرن پهرين چيف رپورٽر ڏسندو آهي ۽ ضروري چونڊ ۽ درستيءَ کان پوءِ ڊيسڪ ڏانهن وڌائيندو آهي. ڪن رپورٽرن کي خاص ڪمن لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهن کي ”اسپيشل رپورٽر“ چيو ويندو آهي. هر رپورٽر اخباري آفيس جي ڊيسڪ جو حصو هوندو آهي.

سنڌي صحافت ۾ اسان نيوز ايڊيٽر کي ئي چيف رپورٽر چئون ٿا، اهو انهي ڪري جو سنڌي صحافت ۾ نيوز ايڊيٽر ئي اهي سڀ ذميواريون نڀائي ٿو، جيڪي چيف رپورٽر جون آهن. سنڌي اخبار ۾ الڳ ”چيف رپورٽر“ مقرر ٿيل نه آهن. ٻيو ته اسان جا ضلعي نمائندا يعني ”ڊسٽرڪٽ ڪراسپانڊنٽ“ به ”ڊسٽرڪٽ رپورٽر“ جو لفظ استعمال ڪندا آهن. اهو به غلط آهي. اسان اڳي بحث ڪري آيا آهيون ته ”ڪراسپانڊنٽ ۽ رپورٽر“ جون حدون الڳ الڳ آهن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪراسپانڊنٽ ”رپورٽر“ جي ذمري ۾ نٿو اچي.

انهن صحافين کان سواءِ انگريزيءَ ۾ ٻه قسم ٻيا به ڄاڻايل آهن، جيڪي اخبار لاءِ ”فري لانسر“ طور ڪم ڪندا آهن. انهن ۾ هڪ ”لائينر“ (Liner) ٻي کي ”اسٽرنگر“ (Stringer) چئبو آهي. اهي لڳ ڀڳ ساڳي نموني ڪم ڪندا آهن. اهي صحافي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ وغيره ۾ پنهنجو ڪو ٻيو ڌندو به ڪندا آهن، پر وقت به وقت اخبار يا نيوز ايجنسي وغيره کي ”خبرون“ به موڪليندا رهندا آهن. هنن کي معاوضو ڇپيل سِٽن يعني مواد جي حساب سان ڏنو ويندو آهي. اسان جي سنڌي صحافت ۾ اڳي انهن صحافين جو رواج گهڻو هو، انهن کي ڇپيل مواد جي حساب سان معاوضو ته نه ملندو هو، پر اخبار مفت ملندي هئي. اهي گهڻو ڪري اخبار جا ايجنٽ ئي هوندا هئا، اخبارون کپائڻ واري ڪميشن الڳ ملندي هئي. انهن جي ڌنڌي ۾ ڪتابن ۽ اسٽيشنري جا دڪان شامل هئا ۽ ڪن وٽ ڪا ننڍي پريس به هوندي هئي.

سب ايڊيٽر

صحافت ۾ ڊيسڪ تي ويٺل ماڻهو ايترا ئي اهم آهن، جيترا عامل صحافي. اهي ڪارڪن ئي اخبار جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو سبب بڻجندا آهن. ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙن ۾ سب ايڊيٽر جي پوسٽ اهم ۽ ذميواري واري آهي. سب ايڊيٽر جو بنيادي ڪم خبرن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ سڌاري کان سواءِ اخبار جو ڏيک ويک به آهي.

اسان مان جيڪي پوليس ٿاڻي جي ڪم کان واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته ”وڏو منشي“ ڪيڏي نه اهميت وارو هوندو آهي. بظاهر عوام جي نظرن کان اوجهل هوندو آهي پر هو ڪيس کي ڪهڙو به رخ ڏئي سگهي ٿو، هو ڪيس لکڻ وارو آهي. سڄي ٿاڻي جي لکپڙهه صوبيدار کان وٺي سپاهي تائين جا پگهار، ڏوهه ڏنڊ هن جي قلم سان لکجن ٿا. انهي ڪري عام ٻوليءَ ۾ ”وڏي منشي“ کي ”ٿاڻي جي ناني“ به چيو ويندو آهي. بلڪل ائين سب ايڊيٽر اخبار يا رسالي جي آفيس جي ”ناني“ آهي. بظاهر هي ڳجهو ڪردار آهي، پر خبرن جي چونڊ، ڇنڊڇاڻ، گيٽ ڪيپنگ، هيڊ لائينون، ٻولي ۽ معلومات جو سڌارو ۽ پروف وغيره سڀ سب ايڊيٽر جو ڪم آهي.

سب ايڊيٽر جي ڪم جي نويت: اخبار يا رسالي جي سڄي عملي ۾ سب ايڊيٽر جي انفرادي حيثيت هن جي ڪم جي نوعيت جي ڪري آهي. جيئن اڳ ذڪر ٿيو ته اخبار يا رسالي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي هن جي هٿ ۾ هوندي آهي. اخبار جو معيار، انداز ۽ پيشڪش گهڻو ڪري سب ايڊيٽر جي ذمي هوندي آهي. اخبار جي سٺي ساک ۽ سڃاڻپ ۾ هن جو مخفي پر اهم ڪردار هوندو آهي. اهو سب ايڊيٽر ئي آهي، جيڪو ڇپائي لاءِ اخبار تيار ڪري پرنٽر جي حوالي ڪندو آهي. قانوني طور تي اخبار يا رسالي جي اشاعت ۽ هر شايع ٿيل خبر جو ذميوار ايڊيٽر آهي. پر سب ايڊيٽر تي ايڊيٽر انڌو اعتبار ڪندو آهي ۽ هن کي اختيار ڏيندو آهي ته هو ايڊيٽر جا ٽيڪنيڪل ڪم به پاڻ پورا ڪري. جيڪڏهن ايڊيٽر گاڏي جي انجڻ آهي، ته ان انجڻ جو ٻارن سب ايڊيٽر آهي.

سب ايڊيٽر غير تڪراري اختيار رکندو آهي. سڄي ڊيسڪ يا عملي مان هن تي ڪو به اعتراض نه ڪندو آهي، جو هر ڪنهن يک خبر هوندي آهي ته سب ايڊيٽر طئي ٿيل پاليسي تي ئي عمل ڪندو آهي، هو پاليسي کان ٻاهر نه ويندو آهي، جيڪڏهن هو ڪنهن ”خبر“ يا ٻي مواد بابت ڪنهن مونجهاري جو شڪار ٿيندو آهي ته جلدي ايڊيٽر سان رجوع ڪندو آهي.

سب ايڊيٽر جي اهميت: ايڊيٽر لاءِ هن دؤر ۾ اهو ممڪن نه رهيو آهي ته اهو اخبار ۽ رالي جي انتظامي ۽ اقتصادي معاملن کي سنڀالڻ کان پوءِ ٽيڪنيڪل ذميواريون به پوريون ڪري سگهي. ڪو ايڊيٽر مشڪل سان اهڙو هوندو جيڪو ”خبري“ ذميواريون پوريون ڪندو هجي. انهي جو هڪ سبب ته اهو به آهي جو اسان وٽ گهڻو ڪري مالڪ ئي ايڊيٽر هوندا آهن، اهي يا ته ٽيڪنيڪل ڪم کان اڻ واقف هوندا آهن يا انتظامي ۽ ڪاروباري معاملن جي ڪري اهو ڪم ڪري نه سگهندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سب ايڊيٽر ئي هوندو آهي، جيڪو اخبار ۾ مواد جي ايڊيٽنگ جون ذميواريون نڀائيندو آهي.

جيئن جيئن ايڊيٽر جون ٽيڪنيڪل سرگرميون محدود ٿينديون وينديون آهن، تئين تئين سب ايڊيٽر جون ٽ:ڪنيڪل ذميواريون وڌنديون وينديون آهن. سب ايڊيٽر کي ٽيڪنيڪل ڪم الف کان ي تائين ڪرڻو پوندو آهي ۽ اخبار کي ڇپائيءَ جي محلي تائين پهچائڻو هوندو آهي. هي اهو سڄو ڪم اخبار جي طي ٿيل پاليسي موجب ڪندو آهي.

صحافت ۾ سب ايڊيٽر جي ڊيسڪ اصل ۾ خبرن جي ڪم جو مرڪز هوندي آهي. اشاعت جون سڀ سرگرميون سب ايڊيٽر جي ڊيسڪ تي شروع ٿين ٿيون. مواد اتان ڇڻجي، صاف ۽ پاس ٿي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جا مرحلا طئي ڪندو ڇپائي ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي. سب ايڊيٽر پيسٽنگ جي نگراني به ڪندو آهي ۽ بوتي کي چڪاسي طئي ڪندوآهي ته ڪهڙي خبر ڪهڙي جاءِ تي وڌيڪ بهتر رهندي.

اخبار جي آفيس ۾ اڻ ڳڻيون خبرون اچن ٿيون، جيڪي اخبار جي مختلف نمائيندن کان سواءِ ملڪي ۽ غير ملڪي نيوز ايجنسين طرفان موڪليون وينديون آهن ۽ مختلف تنظيمن، سياسي پارٽين ۽ ادارن جي سرگرمين جون پريس پڌرايون انهن خبرن کان سواءِ هونديون آهن. سب ايڊيٽر انهن سڀني خبرن مان چونڊ ڪري معياري خبرون الڳ ڪندو آهي ۽ انهن کي دلچسپ بنائيندو آهي. انهن جون غلطيون ختم ڪندو آهي. انهن خبرن جي ٻولي ٺيڪ ڪندو آهي، ڪن خبرن ۾ اجائي ڊيگهه ڪيل هوندي آهي، انهن کي مختصر ڪندو آهي، هي سڄو ڪم ٿوري وقت ۾ مڪمل ڪري اخبار کي شايع ڪيو ويندو آهي. سب ايڊيٽر اهي سڀ ذميواريون احسن نموني نڀائيندو آهي.

سب ايڊيٽر جا اهم ڪم

سب ايڊيٽر جي ذمي ڪل 9 اهم ڪم آهن، جيڪي هن کي هر روز انجام ڏيڻا پوندا آهن. اهي اهم ڪم ترتيبوار هيٺين طرح آهن:

(1) تصحيح : هر روز ڪيتريون ئي خبرون ۽ رپورٽون اسٽاف رپورٽرن، نمائيندن، نيوز ايجنسين، ريڊئي، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ مانيٽرنگ ذريعي اب ايڊيٽر جي ڊيسڪ تي پهچن ٿيون. سب ايڊيٽر انهن سڀني آيل خبرن جو جائزو وٺي، چونڊي تصحيح (Correction)  ڪري ڇپائيءَ جي قابل بنائيندو آهي. اهو تصحيح وارو ڪم سب ايڊيٽر جو بينادي ۽ اهم ڪم آهي. درستي ۾ سب ايڊيٽر کي ”خبر“ جو گرامر ٺيڪ ڪرڻو هوندو آهي. لفظ ۽ اصطلاحن جي هِجي (Spelling) ۽ انهن جي ٺيڪ استعمال کي يقيني بنائڻو هوندو آهي. اجائي ورجاءُ کي ختم ڪرڻو هوندوآهي. اسٽاف رپورٽر ۽ نيوز ايجنسين کان آيل ساڳي ”خبر“ کي گٽڏئي هڪ جامع، ڄاڻ ۽ پڙهڻي جي حوالي سان صحيح ۽ رواني وارو بڻائيندو آهي.

(2) سڌارو: هي جملو سب ايڊيٽر کي سدائين ياد رکڻ گهرجي ته هر ”خبر“ ۽ رپورٽ ۾ هميشه سڌاري جي ضرورت هوندي آهي. سڌاري (Improvement) واري نقطي کي سامهون رکڻ سان، هر ”خبر“ کي جانچڻ ۽ سڌارڻ واري حس جاڳيل رهندي ۽ هروڀرو ڪا به ”خبر“ اصلاح کان سواءِ نه ڇپجي سگهندي. خبر جو انداز ۽ ٻولي سڌاري ۾ شامل آهي، يعني ان خبر جي ٻولي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ان جو انداز دلچسپ بنائڻ سب ايڊيٽر جي اهم ڪمن ۾ شمار ٿئي ٿو.

اخبار جو پڙهندڙ تعليمي حوالي سان ڪهڙي به سطحجو ٿي سگهي ٿو. هڪ اسڪالر ۽ اديب به ٿي سگهي ٿو ته هڪ ٽانگي وارو ٽي درجا پڙهيل فرد به ٿي سگهي ٿو. سڀني سطحن کي ذهن ۾ رکندي سب ايڊيٽر کي خبر تيار ڪرڻي آهي. ٽيڪنيڪل لفظن کان پاسو ڪرڻ، آسان ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪرڻ ضروري هوندوآهي. منجهيل لفظن سان ڪميونيڪيشن جو عمل ”مس فائر“ ٿي سگهي ٿو يا مرڳو ”بئڪ فائر“ جو خطرو هوندوآهي. وڏا ۽ ڊگها جملا خبر نه هوندا آهن، انهن کي ڪٽي ٽوڙي مختصر ڪرڻ سب ايڊيٽر جو ڪم آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهم خبرون گهڻيون اچي وينديون آهن، پر اسان وٽ ايترو اسپيس يعني ايتري جاءِ نه هوندي آهي جو سڀ جون سڀ خبرون جيئن جو تئين ڇاپي سگهون، اهڙي صورتحال ۾ سب ايڊيٽر ”خبرن“ کي ختم ڪرڻ (To, kill) بجاءِ انهن کي مختصر ڪري هلائي، پر شرط اهو آهي ته ”خبر“ ۾ ڄاڻ جو نقطو متاثر نه ٿئي ۽ پيغام جيڪو وڃڻ گهرجي، اهو ئي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن اسانجي مشاهدي ۾ اهڙيون خبرون اينديون آهن جيڪي اسپيس جي کوٽ سبب اوچتو اڌ ۾ ختم ٿي وينديون آهن، خبر باقي ڪيڏانهن وئي ڪا به خبر ڪانهي؟ اِها ڳالهه سب ايڊيٽر جي فني صلاحيت جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي.

(3) انٽرو تيار ڪرڻ: خبر ۽ رپورٽ جو انٽرو يعني تعارفي جملو يا جمال، خبر جي ڌڙ لاءِ سِر جي حيثيت رکن ٿا. ڌڙ مڪمل هجي ۽ سِر ۾ ڪو ڦير هجي ته انهيءَ کي معذور چئبو آهي. اهڙي نموني غلط انٽرو واري خبر به معذور ليکبي آهي. اهو سب ايڊيٽر جو بنيادي ڪم آهي ته هو صحيح انٽرو تيار ڪري.

انٽرو جو بنيادي مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ وٽ وقت ٿورو هجي ۽ هو سڄي خبر پڙهڻ کان قاصر هجي ته اهو صرف انٽرو پڙهي، خبر جي مفهوم، مقصد ۽ پيغام کان واقف ٿي وڃي. جيڪڏهن انٽرو وارو پئرا گراف ٺيڪ نه هوندو ته خبر پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي، ڇو جو انٽرو جو ٻيو مقصد اهو آهي ته اُها پڙهندڙ ۾ تجسس پيدا ڪري ۽ هو سڄي خبر پڙهڻ لاءِ مجبور ٿئي. انٽرو ۾ ”خبر“ جو مرڪزي خيال، پيغام ۽ ڄاڻ تت جي شڪل ۾ شامل ڪئي ويندي آهي ۽ سڄي خبر جي اهميت جو اندازو انيه تت مان ٿي ويندو آهي.

انگريزي اخبارن کي ڇڏي باقي سنڌي ۽ اردو صحافت ۾ هن وقت جيڪو رجحان هلي رهيوآهي، اِهو اُهو آهي ته هيڊ لائين ۽ سب هيڊ لائينن ۾ سڄي جو سڄو انٽرو شامل ڪيو ويندو آهي. اِها ڳالهه فني لحاظ کان ٺيڪ ڪانهي. هيڊ لائين ۽ انٽرو ۾ ضرور فرق هئڻ گهرجي. اِها سب ايڊيٽر جي ذميواري آهي ته هو هيڊ لائين، انٽرو ۽ خبر ۾ فرق محسوس ڪري ۽ انهن ٽنهي کي الڳ رکي.

(4) ورجائي لکڻ: جيڪڏهن سب ايڊيٽر جي ڊيسڪ تي ڪي اهڙيون خبرون پهچن ٿيون، جيڪي ڄاڻ جي لحاظ کان صحيح آهن، پر فني لحاظ کان اڻ پوريون آهن، ته سب ايڊيٽر جي اِها ذميواري آهي ته اهڙ:ن ”خبرن“ کي خبرون بنائڻ لاءِ انهن کي وجائي لکي (Re-writing).

ورجائي لکڻ سان نه صرف ”خبر“ جي ٻولي ۽ صحت درست ٿي وڃي ٿي، پر سڄي اخبار يا رسالي جي ٻوليءَ ۾ هڪجهڙائي به محسوس ٿئي ٿي. اخبارن طرفان جڏهن وان نوان نمائيندا مقرر ڪيا ويندا آهن ته اهي خبرن لکڻ جي فن کان اڃا چڱي طرح واقف نه ٿيا هوندا آهن، ٻيو مواد انهن خط لکندڙن جو هوندو آهي، جيڪي ايڊيٽر ڏانهن خطن واري سلسلي لاءِ لکندا آهن. انهن مان اڪثر نوان هوندا آهن. جن جي ٻولي ۽ سلسلو ٽٽل ۽ اڻ پورو هوندو آهي. اهو سڄو اڻ پورو مواد ۽ لکت ۾ وڃايل خبرن کي ٺيڪ ڪرڻ سب ايڊيٽر جي ذميواري آهي ته جيئن پڙهندڙ تائين پيغام چٽو ۽ واضح پهچي. سب ايڊيٽر اهڙين ڪچين لکڻين مان اجايا جملا ۽ ورجاءَ ڪٽي ڇڏيندا آهن ۽ صحيحٻولي استعمال ڪندي ”خبر“ يا خط اسپيس ۽ پاليسي مطابق ورائٽي لکندا آهن.

(5) اختصار: اخبارن ۽ رسالن ۾ جاءِ (Space) جو وڏو مسئو هوندو آهي، انهيءَ ڪري ٿوري جاءِ ۾ وڌ ۾ وڌ خبرن کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اخبارون يا رسالا لکت جو فانٽ به سنهو ۽ پوانٽ به ننڍي استعمال ڪنديون آهن. پوانٽ لفظن جي لکت واري ٿولهه کي چئبو آهي. پر انهيءَ کان اڳ سب ايڊيٽر خبرن ۽ ٻي مواد مان وڏن پئراگرافن ۽ جملن کي ٽوڙي اختصاري جملا ۽ پئراگراف تيار ڪندو آهي.

اختصار ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو خيال رکڻو هوندو آهي ته خبر يا رپورٽ وغيره جو تسلسل نه ٽٽي ۽ پڙهندڙ آساني سان نه صرف خبر پڙهي وٺي، پر ان خبر کي سمجهي به سگهي. سب ايڊيٽر کي اهوبه ڏسڻو آهي ته ”خبر“ خبر ئي رهي، اِها مضمون، خط يا مقالو نه لڳي.

(6) خبر، تقرير ۽بيان ۾ تفريق ڪرڻ: ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ اهڙو مواد ايندوآهي جيڪو ڊگهي تقرير يا ڪنهن وڏي بيان جي صورت ۾ هوندو آهي. ڪا به آزاد اخبار ان ڊگهي تقرير يا بيان کي هوبهو نٿي ڇاپي سگهي. اهو انهي ڪري جو هڪ ته اِها ڊيگهه گهڻي جاءِ (Space) والاري ويندي ۽ ٻيو ته ڪنهن هڪ ليڊر يا پارٽي وغيره جو بيان سڄو ڇاپڻ سان اخبار ان ليڊر يا پارٽي جي ترجمان جو ڏيک ڏيندي.

سب ايڊيٽر اهڙيون ڊگهيون رپورٽون، تقريرون ۽ ڊگها بيان مختلف حصن ۾ ورڇيندو آهي. آيل مواد جي ورڇ ڪرڻ وقت ان مواد مان هڪ اختياري رپورٽ لکي الڳ ڪئي ويندي آهي ۽ ان مان هڪ کان وڌيڪ خبرون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪن اتحادي جماعتن جي جلسي جلوس جي رپورٽ هوندي آهي ته هر ليڊر جو بيان ۽ مؤقف الڳ ڪري هڪ نئين خبر ٺاهي ويندي آهي. اهڙين خبرن کي متوازن يعني (Balanced) ڪيو ويندو آهي. ڇاپڻ وقت اهڙيون خبرون هڪ هنڌ لڳائبيون آهن ته جيئن پڙهندڙ اهي لاڳاپيل خبرون پڙهڻ ۾ آساني محسوس ڪري ۽ پڙهڻ جو تسلسل برقرار رهي. تقريرن ۽ بيانن ۾ تفريق ڪرڻ ۽ انهن مان خبرون ٺاهڻ سب ايڊيٽر جو ڪم آهي.

(7) خبرن ۽ واقعن ۾ تسلسلسل برقرار رکڻ: ڪي واقعي اهڙا آهن. جيڪي تسلسلس سان ڪيترائي ڏينهن جار يرهندا آهن. مثلاً قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس، چونڊن دؤران چونڊ ورڪ کان وٺي وزيراعظم ۽ وزيرن جي قسم کڻڻ تائين جا مرحلا، قاسم آباد جي دارلامان مان عورتن جي ڀڄي نڪرڻ ۽ واپس اچڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڪنهن نااهل شخص جو مقرر ٿيڻ ۽ سنڌالاجي جي سڀني عملدارن ۽ ملازمن جو ان آرڊر جي رد ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ، بلخ شير مهر ۽ شايه عالماڻي جي نڪاح، جدائي، ملڻ ۽ جلاوطن ٿيڻ اهي سڀ مثال آهن، انهن واقعن جا جيڪي پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻ تائين هلندا رهندا آهن. سب ايڊيٽر کي هر ڏينهن جي خبرن ۾ هڪ سلسلو ۽ تسلسل رکڻو هوندو آهي. پڙهندڙ انهي واقعي کي پڄاڻي تائين پابندي سان پڙهندا رهندا آهن. جيڪڏهن تسلسل نه رهندو ۽ ڪڙي سان ڪڙي نه ملندي ته صحافتي چُڪ ٿيندي، رڪارڊ جي اڻپورائي ٿيندي. سب ايڊيٽر جو اهو ڪم آهي ته هو خبرداري سان ڄاڻ کي ملائيندو ۽ خبر کي اڳتي وڌائيندو رهي.

(8) ساک: توڙي جو اخبار يا رسالي جي ساک (Credibility) ٺهڻ يا ڊهڻ ۾ مالڪن ۽ ايڊيٽر جي پاليسي جو وڏو عمل دخل هوندو آهي پر سب ايڊيٽر اڻ سڌي طرح خبرن ۽ مواد جي لحاظ کان اخبار يا رسالي جي ساک جو ذميوار آهي. ٿيل واقعي جي سچائي سان رپورٽنگ ڪرڻ ۽ خبر ٺاهڻ، حقيقتن موجب ڄاڻ ڏيڻ اخبار يا رسالي جي سٺي ساک لاءِ ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن واقعي جي سچي نه هئڻ يا جيئن ٿيو آهي ائين رپورٽ نه ڪرڻ سان پڙهندڙ ”خبر“ تي شڪ ڪندو ۽ ان کي ڪوڙو يا وڌايل سمجهندو ۽ ٻيو ته جيڪي ڌريون انهي خبر سان واسطو رکنديون هونديون، اِهي اهڙي لاپرواهي جي ڪري اخبار، رسالي ۽ نمائيندي تي ڪيس به داخل ڪري سگهن ٿيون. ڪي نمائندا تڪڙ ڪري بنا تحقيق جي هِتان هُتان ٻڌل خبر انهي حساب سان تيار ڪري اخباري آفيس موڪلي ڇڏيندا آهن ۽ خبر ڇپجڻ کان پوءِ حقيقت سامهون ايندي آهي ته ائين ته هو ئي ڪو نه، جيئن واقعو رپورٽ ٿيو آهي. اخبار يا رسالو اهڙي صورتحال ۾ دٻاءُ محسوس ڪندو آهي ۽ مجبوراً ترديد شايع ڪرڻي پوندي آهي ۽ صحافتي ترديدون اخبار يا رسالي لاءِ مٺو زهر ثابت ٿينديون آهن. پڙهندڙن جو آهستي آهستي ان اخبار يا رسالي تان اعتبار کڄي ويندو آهي. اخبار جيڪا هڪ ڏينهن پنج ڪالمي خبر پهرين صفحي تي شايع ڪري ۽ ٻي ڏينهن ڪنهن اندرين صفحي تي ڏيڍ ائچي خبر سان ترديد پيش ڪري تهاها پنهنجي ساک وڃائي ويهندي آهي ۽ اهڙيون خبرون ۽ رپورٽون جن بابت رڳو ترديدون ٿينديون رهن ته اهي اخبار لاءِ قانوني مسئلا به بنجي سگهن ٿيون. انهي ڪري سب ايڊيٽر جي اِها بنيادي ذميواري آهي ته هو جڏهن اهڙي خبر کي محسوس ڪري يا ڪنهن خبر ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ پيدا ٿئي ته پنهنجي اخبار جي انهيءَ نمائندي، جنهن خبر موڪلي آهي، ان کان ٻيهر پڪ ڪرائي ۽ ڪنهن ٻين ذريعن کان يا سنئون سڌو انهن ڌرين کان جيڪي مذڪوره واقعي سان واسطو رکن ٿيون انهن کان هن واقعي جي سچي هئڻ جي تصديق ڪرائي. اِهڙي تصديق کان پوءِ خبر کي ڇپائي ڏانهن وڌائي.

(9) هيڊ لائينون ڏيڻ: سب ايڊيٽر جي سڀائي ڪم اهم ۽ بنيادي آهن، پر خبر جي هيڊ لائين جي صحيح چونڊ، اخبار جي مجموعي ڪارڪردگي سان واسطو رکي ٿي. سب ايڊيٽر جو فرض آهي ته خبر جا خاص جملا ڪڍي، انهن کي هيڊ لائينن لاءِ استعمال ڪري. سرخي ۾ ڇڪ هئڻ گهرجي، اِها پڙهندڙ جي نظر کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ۽ ان کي مذڪوره خبر پڙهڻ تي مجبور ڪري. سرخي جي ٽيڪنڪ اهڙي رکجي جو جنهن پڙهندڙ وٽ وقت گهٽ هجي ته اهو سرخين مان ئي خبر يا رپورٽ بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٺي. پر انٽرو کي هيڊ لائينون بنائڻ کان پاسوڪجي. سب ايڊيٽر کي باز واري اک ڌارڻ گهرجي، جنهن سان هو سڄي رپورٽ ۽ خبر مان سرخين لاءِ جملا فٽافٽ ڳولي سگهي.

سب ايڊيٽر جي اهليت

سب ايڊيٽر ۾ ڪهڙيون لياقتون هئڻ گهرجن؟ جو هو صحافت جي ڪنهن به ميڊيم ۾ پنهنجي ذميواري سهڻي نموني نڀائي سگهي. صحافتي علم جي ماهر سب ايڊيٽر لاءِ ڏهه گهربل لياقتون ڄاڻايون آهن. جنهن فرد ۾ اهي ڏهه ئي لياقتون هونديون، اهو ئي هڪ سٺو سب ايڊيٽر ٿي سگهندو. اهي ڏهه لياقتون هيٺين طرح آهن:

(1) ٻوليءَ جي مهارت: ٻوليءَ جي ڄاڻ سڀني لياقتن کان اهم ۽ ضڙوري آهي، سب ايڊيٽر جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي اخبار يا رسالي ۾ ڪم ڪري رهيوآهي. ان اخبار يا رسالي جي ٻوليءَ تي کيس مهارت حاصل هجيس. ٻولي صحافت جو روح آهي. جيڪڏهن روح ناهي ته ٺلهو بت به ڪنهن ڪم جو نه آهي.

ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن کي به اڪثر اخبارون ۽ رسالا ان ڪري قبول نه ڪندا آهن، جو اهي شاگرد انهن اخبارن يا رسالن جي ٻولي چڱي طرح نه ڄاڻي سگهندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ لکڻ جي صلاحيت ته ضروري آهي.سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ الڳ شيءَ آهي ۽ سنڌيءَ ۾ سٺو لکڻ الڳ شيءِ آهي. سڀ سنڌي ٻولي پڙهيل فرد سٺي سنڌي نٿا لکي سگهن ۽ اڪثر انگريزيءَ ۾ سٺو لکڻ وارو انگريزيءَ ۾ رواني سان گهٽ ڳالهائي سگهندو آهي. هڪ سب ايڊيٽر کي لاڳاپيل ٻوليءَ جي مڪمل ڄاڻ هجي ۽ هو ان ٻوليءَ جو ادب به پڙهندو رهي تهجيئن نئين ادبي ۽ ٻوليءَ جي اسٽائيل کان واقف ٿيندو رهي. انهيءَ سان گڏ انهيءَ ٻوليءَ جي اسڪالرن ۽ انهن جي تحقيق بابت بهپتو هجيس. ادب سان لهه وچڙ جي ڪري سب ايڊيٽر ٻوليءَ جي لکت يعني اِما ۽ انشا ۾ پنهنجو انداز تخليق ڪري سگهي ٿو. اهڙن سب ايڊيٽرن جي ٻولي پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو آهي ته هِن سبب کي ايڊيٽر ٻوليءَ جي لاهن چاڙهن جي ڪيتري نه ڄاڻ آهي.

سب ايڊيٽر کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو فن به ايندو هجي. اردو ۽ سنڌي جي ترجمي ۾ ايتري محنت نٿي ڪرڻي پوي، جيتري انگريزيءَ مان اردو يا سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ تي ڪرڻي پوي ٿي. سنڌي صحافت ۾ ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر لاءِ انگريزيءَ انهيءَ ڪري به ضروري آهي ته هُن کي غير ملڪي ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلن جي مانيٽرنگ به ڪرڻي پوي ٿي ۽ اتان خبرون کنيون وينديون آهن. جيڪڏهن ٺيڪ ٺيڪ انگريزي نه ايندي ته اهي خبرون ترجمو ٿي ڪو نه سگهنديون يا ترجمو غلط ٿي ويندو. انهيءَ کان سواءِ ڪيترائي پريس رليز به انگريزيءَ ۾ لکجي ايندا، انهن جو سنڌيءَ ۾ تت ڪڍي خبر ٺاهڻ يا نيوز ايجنسين کان ايندڙ خبرن ۽ فيچرن جو سنڌي ترجمو ڪرڻ به سب ايڊيٽر جي ڪم ۾ شامل آهي، انهيءَ ڪم کي تڏهن پورو ڪري سگهبو، جڏهن انگريزي ايندي. ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد کي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ هر روز گهٽ ۾ گهٽ پنجن سون لفظ جا مضمون ۽ فرضي خبرون ”لکڻ“ جي مشق ڪرڻ گهرجي.

(2) ذهني ڦڙتي: حاضر دماغي سڀني ڌنڌن ۾ گهرجي، پر صحافت ۾ هن جي خاص ضرورت پوي ٿي. موڳو غير حاضر دماغ صحافت جي پيشي ۾ نهڪر اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ نه اتي گهڻو وقت ٽڪي سگهي ٿو.

سب ايڊيٽر کي وڏين رپورٽن، تقريرن ۽ بيانن مان خاص خاص نقطا چونڊي ”خبر“ ٺاهڻي هوندي آهي. جيڪڏهن هن ۾ ذهني ڦڙتي نه هوندي ته هو نه ته انهن نقطن کي هڪ جاءِ ڪري سگهندو ۽ نه وري خبر جي اصل مفهوم تائي پچي سگهندو.

صحافت تڙي کڙي ادب جو نالوآهي. هُتان خبر آئي، هتي ايڊٽ تي، هتي ڪمپوز ٿي، ڪمپيوٽر تي بوتو ٺهيو ۽ ڇپائي لاءِ هلي وئي. جيڪڏهن سب ايڊيٽر ڪٿي به ڪا غلطي ڪندو ته اَها ظاهر ٿي پوندي، ڇو جو گهٽ وقت هئڻ ڪري وري وري اصلاح ڪرڻجي گنجائش بلڪل نه هوندي آهي، اهي ڪري سب ايڊيٽر کي چوڏس خبرداري ۽ حاضر دماغي سان ڪم ڪرڻو هوندو آهي.

(3) پرکڻ جي صلاحيت:اخبار ۾ موجود جاءِ (A vailate Space) جي مقابلي ۾ خبرون گهڻيون اينديون آهن. انهن سڀني مان چونڊ ڪري فيصلوڪرڻو هوندوآهي ته ڪهڙيون خبرو اهم آهن، جن کي پهرين ۽ ضرور ڇپجڻ گهرجي. اهو سب ايڊيٽر جوڪم آهي ته هو پرک ڪري ته ڪهڙيون خبرون چونڊجڻ. اها صلاحيت نه رکندڙ گهٽ اهم خبرون چونڊي ڇپائيءَ لاءِ موڪلي ڇڏيندو ۽ اهم خبرون رهائي ڇڏيندو ۽ ٻي ڏينهن جڏهن ٻيون اخبارون کڻي ڀيٽ ڪبي ته خبر پوندي ته ڪيتريون اهم خبرون ڇپجڻ کان رهجي ويون آهن.

 (4) لکڻ جو فن: ٻوليءَ واري پهرين اهليت ۾ اسان ان جو ذڪر ڪري آيا آهيون ته لکڻ جو فن اچڻ ڪيترو ضروري آهي. جيڪڏهن سٺي املاءِ انشا ايندي ته لکڻ به سٺو هوندو.

جملن ۾ تسلسل رکڻ، معلومات ۽ واقعي جي ترتيب برقرار رکڻ لکڻ جي فن سان تعلق رکي ٿي. سب ايڊيٽر ۾ اهڙي صلاحيت جو هجڻ ضروري آهي. هو لفظ کي اهڙي نموني ملائي، گهٽائي ۽ وڌائي سگهي جو مواد جو مفهوم به نه مري.

(5) ياد رکڻ: چيتو هر انسان ۾ هڪ جيترو نه هوندو آهي، ڪنهن کي گهڻيون ڳالهيون گهڻي دير تائين ياد رهنديون آهن، ڪنهن کي گهڻيون ڳالهيون دوڙي دير تائين ياد رهنديون آهن، ڪنهن جو مرڳو چيتو هوندو ئي ڪونهي، ٿوري ٿوري ڳالهه به ياد ڏيارڻ تي کيس ياد ايندي آهي. سب ايڊيٽر جي صلاحيتن ۾ ”ياد رکڻ“ واري صلاحيت اهم آهي. اهو اسان سڀني جي مشاهدي ۾ آيو هوندو ته ڪن اخبارن ۾ اسان ساڳي خبر ٻه دفعا لڳل ڏسندا آهيون، اهو انهي ڪري جو سب ايڊيٽر جي ڊيسڪ انهي ڳالهه کي ويساري ويهندي آهي ته هي ”خبر“ اڳ ئي تيار ڪري ڪمپوزنگ لاءِ موڪلي وئي آهي ۽ اها ساڳي خبر ٻيو دفعو چونڊجي ڪمپوزنگ لاءِ هلي ويندي آهي ۽ ائين سب ايڊيٽر کي دوکو ڏيندي ڇپجي ويندي آهي. ڊيسڪ جو ڪم ذهني دٻا وارو آهي ۽ هر وقت غلطي جو کٽڪو رهي ٿو، جيڪڏهن سب ايڊيٽر جي ياد رکڻ واري حس تيز هوندي ته غلطي جو امڪان ختم نه ته به گهٽجي ضرور ويندو.

(6) مطالعي جوشوق: جهڙي نموني هڪ ڊاڪٽر کي ميڊيڪل جي نين ايجادن سان ٺهڪي هلڻ لاءِ هر وقت مطالعو ڪرڻو پوي ٿو، نوان نوان ڪتاب ۽ مقالا پڙهڻا پون ٿا ۽ هڪ جج ۽ وڪيل کي مختلف قانون ۽ انهن ۾ وقت به وقت ٿيندڙ ترميمن ۽ دنيا جي مختلف ڪورٽن جي اهم فيصلن کي جانچڻ لاءِ پڙهڻو پوي ٿو، اهڙي نموني سب ايڊيٽر کي هر وقت مطالعي جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو سماجي علمن ۽ ٻين نين تبديلين کان واقف ٿيندو رهي. هن سان گڏ هو ٻيون اخبارون ۽ رسالا به پڙهي ته جيئن هن کي پنهنجي اخبار يا رسالي جي کوٽن جي خبر پوندي رهي. جيڪڏهن هن ۾ مطالعي جو شوق هوندو ته ڪنهن به کٽل ”خبر“ جي پورائي ڪرڻ هن لاءِ آسان ٿي پوندو.

(7) فيصلي جي صلاحيت: بر وقت فيصلي جي صلاحيت سبب ايڊيٽر جو اهم هٿيار هوندوآهي، هن کي مختلف ”خبرن“ جي چونڊ وقت اوڏي مهل فيصلو ڪرڻو هوندو آهي تهڪهڙي خبر کي رهائجي ۽ ڪهڙي خبر کي هلڻ ڏجي. ائين نه ٿئي جو سب ايڊيٽر، هڪ هڪ خبر، سرڪاري ڪلارڪن وانگر هر هر ايڊيٽر ڏانهن کڻي وڃي ۽ پڇي ته ”سائين هي خبر ڇاپيون“. البته ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙيون اهم خبرون اينديون آهن، جيڪي ڇاپڻ ضروري ته هونديون آهن، پر اخبار جي پاليسيءَ جي خلاف هونديون آهن. اهڙيون خبرون هلائڻ کان اڳ نيوز ايڊيٽر يا ايڊيٽر سان صلاح ڪرڻ ئي بهتر هوندو آهي. باقي معاملن ۾ به هن کي حاضر دماغي سان فيصلا ڪرڻا پوندا آهن ته ڪهڙي خب اڳتي هلي ڪهڙي نه هلي.

(8) خاص اصطلاحن ۽ لفظن جي ڄاڻ: وڏين اخباري ادارن ۾ گهڻو ڪري سائنسي، سماجي ۽ راندين جي موضوعن لاءِ الڳ ماڻهو مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ اهي سڀ سب ايڊيٽر ئي هوندا آهن. هر مضوع ۾ الڳ ڪم ڪرڻ واري سب ايڊيٽر کي انهيءَ مضمون ۾ ڀڙ هئڻ گهرجي ۽ ان شعبي جي خا لفظن ۽ اصطلاحن جي چڱي طرح ڄاڻ هجي ته جيئن مواد جي ايڊيٽنگ وقت ڪي اجايا لفظ شامل نه ٿي وڃن ۽ ڪي ضروري اصطلاح رهجي نه وڃن.

(9) ايڊيٽنگ جي مهارت: ايڊيٽنگ جو فن سب ايڊيٽر جي بنيادي گهرج آهي. جيڪڏهن ڪنهن سب ايڊيٽر کي ايڊيٽنگ نٿي اچي ته هو اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو بلڪل اهل ڪونهي. ايڊيٽنگ ڪرڻ وقت متوازن رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، هن کي ذاتيات جي حوالي نه ڪري. جيڪڏهن ايڊيٽنگ جي بهاني پنهنجا خيال مواد ۾ وجهندو تهاها خبر يا رپورٽ پنهنجو توازن وڃائي ويهندي.

ايڊيٽنگ جي سکيا جو بندوبست ته اسان وٽ ڪٿي به ڪونهي. اهڙي سکيا، انگريزي، ادو ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ کانسواءِ ماس ڪميونيڪيشن ۾ لازمي طور هئڻ گهرجي. جڏهن انهن شعبن جو ڪو شاگرد سب ايڊيٽر بڻجي ڪنهن اخبار ۾ وڃي يا ڪنهن اشاعتي اداري ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪري ته هن کي ايڊيٽنگ جي اڳي ئي ڄاڻ هجي. اخبارن ۾ ڪم جي تجربي سان به اهو فن حاصل ڪري سگهجي ٿو.

(10) پروف پڙهڻ جي صلاحيت: پروف ريڊر پروف پڙهندا آهن، پر هر اداري يا اخبار ۾ صرف پروف پڙهڻ الءِ ماڻهو مقرر ڪرڻ جو رواجمڙئي گهٽ آهي. اهو ڪم سب ايڊيٽر کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. هاڻ ته ڪي اخبارون سينيئر ڪمپويٽر آپريٽرن کان به پروف ريڊنگ جو ڪم وٺي رهيون آهن ۽ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي پروف پڙهيا وڃن ٿا. هي ٽيڪنيڪلي ۽ طبي طور ڪيترو صحيح آهي، ان کي ڄاڻڻ ضروري آهي. اسان ٻنهي حوالن سان هن کي غلط سمجهون ٿا. اهو آپريٽر تي اجايو بار ۽ انهن جون اکيون ضايع ڪرڻ جي برابر آهي.

هي ڪم سب ايڊيٽر جي لياقت ۾ شمار ٿئي ٿو ته هو هڪ سٺو پروف ريڊر به هجي. پروف پڙهڻ جي صلاحيت اخبار ۾ اهم تصور ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن جملا اڻ پورا ۽ لفظ غلط ۽ ڇٽل هوندا ته پيغام جي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيندا.

ايڊيٽر

ايڊيٽر ۽ اخبار هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اخبار جي ڪاميابي ايڊيٽر جي سرواڻي سان ٻڌل آهي. ايڊيٽر جي عزت ۽ ڪاميابي اخبار جي عزت ۽ ڪاميابي آهي.

ايڊيٽر جو ڪم بنيادي طرح سڄي اخبار جي اندرئين انتظام کي سنڀالڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ پنهنجي ٽيم نيوز ايڊيٽر، سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن کي گڏ کڻي هلڻ آهي ته جيئن اخبار يا رسالي کي بهتر انداز ۾ شايع ڪري سگهجي. ايڊيٽر ئي اخبار يا رسالي ۾ ڇپيل هر ”خبر“ ۽ مواد جو ذميوار آهي. ايڊيٽوريل ايڊيٽر جي ڊيسڪ تان جاري ٿيندوآهي، انهيءَ ڪري ايڊيٽوريل کي ايڊيٽر جي ذاتي ڊائري چيو ويندو آهي. اخبار ۾ روزاني سوين خبرون ڇپجن ٿيون، پر انهن ڇپيل خبرن مان انهيءَ اخبار جي پاليسيءَ جي خبر شايد ئي پوي، پر ايڊيٽوريل ۽ ايڊٽوريل صفحو اخبار جي پاليسي واضح ڪندو آهي. اتي جيڪا به شيءَ ڇپبي، ان کي اخباري پاليسي سان تشبيهه ڏبي آهي.

ڪن اخبارن ۾ پهرين صفحي واري بوتي تي ”ايڊيٽر“ جو نالو لکيو ويندو آهي. ڇو جو اخبار ۾ ايڊيٽر جو نالو شايع ڪرڻ قانوني گهرج آهي. ڪي اخبارون اندرين صفحي واري بوتي يا پوءِ بلڪل آخري صفحي جي هيٺان ايڊيٽر، پبلشر ۽ پرنٽر جو نالو لکنديونآهن. انهيءَ لکت کي صحافتي ٻوليءَ ۾ ”پرنٽ لائين“ چئبو آهي. پرنٽ لائين اخبار وانگر رسالي ۽ ڪتاب تي لکڻ به ضروري هوندو آهي. ڪنهن به قانوني ڇڪتاڻ واري صورت ۾ ايڊيٽر جو ئي نالو استعمال ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري ايڊيٽر جي پوسٽ لاءِ چيو ويو آهي ته اِها ڪا گلن جي سيج ڪانهي. ايڊيٽر جو عهدو مڪمل ذميوار ۽ جوابدار عهدو آهي، هو اخباري انتظاميا ڏانهن به جوابدار آهي ته حڪومت ڏانهن به ۽ عوام ۽ سماج به ايڊيٽر کي ئي هر معاملي جو ذميوار سمجهندا آهن.