ڪتاب جو نالو | ماس ميڊيا |
---|---|
ليکڪ | امين لغاري |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 275530 ڀيرا پڙهيو ويو |
ترقياتي ڪميونيڪيشن لاءِ انگريزي اصطلاح ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي ٿور اکري ۾ ڊيوڪام (Devcom) به چيو وڃي ٿو. ماس ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ هي تصور ٻي مها ڀاري لڙائي کان پوءِ اڀريو. جڏهن ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ آزادي جا آواز گونجڻ لڳا ۽ ڪيترن ئي ملڪن آزادي ماڻي. آزاد ٿيڻ کانپوءِ انهن ملڪن ۾ فيصلن جي آزادي، پاڻ ڀاڙڻ ۽ غير جانبداري وارو تصور اڀرڻ لڳو. اهي مقصد ماڻڻ لاءِ ضروري هو نه غريبت جي خاتمي سان گڏ ناخواندگيءَ ۽ بيروزگاري کي به ختم ڪيو وڃي.
قبضو ڪندڙ ملڪن هن ملڪن ۾ پنهنجو نظام هلائڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ نوڪر شاهي جي وسيع ڄار سان گڏ، ٽرانسپورٽ جي نظام، ڪجهه تعليمي ادارن ۽ ننڍي پيماني تي فائديمند انڊسٽري جو بنياد به وڌو هو.
انگلينڊ طرفان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري لنڊن ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ هنئي وئي پر انهي لاءِ ڪچو مال پهچائيندڙ ڪارخانا برٽش انڊيا ۾ هنيا ويا، مقصد هندستان جي ترقي ڪو نه هو، پر پنهنجي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي ڪچو مال پهچائڻ هو.
ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن جي حوالي سان جيڪي ماڊل آزمايا ويا آهن، انهن ۾ ”جدت وارو ماڊل“ ڪامياب رهيو آهي. اهو ماڊل ”ڊينئل ليرنر“ جي ”روايتي سماج جو بدلجڻ“ (The passing of traditional society) ننڍي عنوان ”وچ اوڀر جي جدت“ (Modernizing of Middle East) واري نظرئي تي ٻڌل هو. هي جدت وارو ماڊل ڪنهن هڪ ماڻهو جو پيش ڪيل نه هو، پر انهيءَ ۾ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جيڪي ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ جي هڪ وسيع رٿا جو حصو هئا، اُها رٿا ”عملي سماجيات جي تحقيق واري بيورو“ شروع ڪئي هئي. هن رٿا ۾ وائس آف آمريڪا (VOA) سيڙپ ڪئي هئي، هي ميڊيا سنئون سڌو آمريڪي سرڪار جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ ادارو آهي. هن رٿا بابت ظاهري طور جيڪا ڳالهه پيش ڪيئ وئي هئي. ان ۾ يو ويو هو ته هن رٿا جو مقصد سمنڊ پار ڏورانهن علائقن ۾ ”وائيس آف آمريڪا“ جي ٻڌندڙ بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وائيس آف آمريڪا کي آمريڪي سرڪار ”خاموش“ جنگ“ (Cold war) دؤران ڪميونزم خلاف پروپئگنڊا لاءِ قائم ۽ استعمال ڪيو هو ۽ انهيءَ حوالي سان اهڙين رٿائن کي اهم ۽ لازمي سمجهيو ويندو هو ته جيئن ٻڌندڙن جو تعداد وڌائي سگهجي.
ڊينئل ليرنر جنهن ”وچ اوڀر جي جدت“ واري نظرئي ۽ رٿا تي ڪم ڪيو هو، اهو آمريڪي جاسوسي اداري سي . آءِ . اي جو هڪ عملدار هو، جنه کي ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ سماجي تحقيق جي رٿائن تي ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. هن سماجي مسئلن بابت ماس ميڊيا خاص ڪري ”ريڊئي جي استعمال“ تي تحقيق ڪئي ۽ ان جو خاص عنوان نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ ترقيءَ جي تصور کي اڀارڻ هو ۽ انهن ملڪن جي عوام کي ان ڳالهه ڏانهن مائل ڪرڻ هو ته اهي سماج جي روايتي ترقي کان منهن موڙي آمريڪي بلاڪ جي خواهش موجب ”جدت“ ڏانهن رخ ڪن، جنهن لاءِ شروعاتي طور تيل سان مالا مال علائقي ”مڊل ايسٽ“ جي چونڊ ڪئي وئي. بعد ۾ هن اهو باور ڪرايو ته هن جو ترقيءَ وارو جدتي ماڊل سڄي دنيا جي سڀني سماجن لاءِ هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو ڪارگر آهي. هن ميڊيا کي ماڻهن جي خيالن، روين، خواهشن ۽ اڳڪٿين کي تبديل ڪرڻ جو هڪ طاقتور ذريعو سڏيو.
1970ع جي وچ ڌاري جدت جي هن تصور جي پڙتالي رپورٽ (Evaluation report)پيش ڪئي وئي ۽ هي رپورٽ غير جانبدار ملڪن طرفان جاري ٿي هئي،. جنهن جو عنوان ”جدت وارو نظريو تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو“ هو. هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته هن نظرئي زراعت، صحت، کاڌ خوراڪ (Nutrition) ۽ تعليم جي توسيعي پروگرامن ۾ محدود ڪامابي ته ضرور حاصل ڪئي آهي، پر بنيادي سماجي مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن ۽ محدود ڪاميابي جو فائدو به امير طبقي يا ماني مڇي واري طبقي (Better-off) کي پيو آهي، جڏهن ته غريب ۽ غربت جي سطح کان به هيٺ زندگيءَ گذارڻ وارن کي ٽڪي جو به فائدو نه پيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن نظرئي تي عملدارآمد سان جيڪڏهن ڪنهن کي فائدو پهتو آهي ته اهي امير ملڪن جون اهي گهڻ قومي ڪمپنيون آهن، جن زرعي ٻج ۽ زرعي دوائون، ٽريڪٽر ۽ ٻي زرعي مشينري غريب ملڪن کي وڪرو ڪئي ۽ ٻيو فائدو وڏن زميندارن ۽ منڊي جي دلالن کي پيو، باقي غريب هاري تعداد ۾ گهڻو آهي، ان کي ڪو به فائدو ڪو نه پيو.
هن رپورٽ جو ٻيو حصو ”جدت ۾ ماس ميڊيا نيٽ ورڪ جو ڪردار“ هو. ڊنئل ماس ميڊيا جي ترقيءَ کي سماجي ترقيءَ سان جوڙيو هو، پر رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته، جنهن ماس ميڊيا نيٽ ورڪ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، ان جو هڪ فائدو سياسي پارٽين جي امير قيادت کي پهتو ۽ ٻيو هڪومتي ڌر کي پهتو، جن ماس ميڊيا کي ذاتي پبلسٽي ۽ پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ۽ ٽيون فائدو وڏين ڪاروباري ڪمپنين کي پهتو، جن ميڊيا تي اشتهاري مهم هلائي پنهنجو مال نيڪال ڪيو ۽ ڪاروبار کي وسعت ڏني ۽ چوٿون فائدي وارو طبقو شهري مڊل ڪلاس هو، جنهن ميڊيا تي تفريحي پروگرام ٻڌا ۽ ڏٺا، پر ماس ميڊيا جي نيٽ ورڪ، سماج جي ڀلائي ۽ ان جي بنيادي تبديلي لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو.
رپورٽ ۾ ميڊيا کي اوچي طبقي (elits) جو ترجمان سڏيو ويو ۽ غريب طبقي (The have nots) ۽ امير طبقي (The haves) ۾ علم ۽ ڄاڻ جي وٿي کي وڌائندڙ سڏيو ويو.
رپورٽ ۾ آفيسر شاهي کي مسئلن جو اهم سبب ڪرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جڏهن ڪنهن به قوم جي فرد يا طبقي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته آفيسر شاهي ۽ هُن جي ساٿاري سياسي اوچي طبقي ان ڪوشش کي گڏجي ناڪام بڻايو ۽ اندرين خاني سمورن معاملن تي آَيسر شاهي جي گرفت (control) مضبوط رهي.
عالمي سطح تي ”جدت“ جا پرچاري فائديمند رهيا، جنهن ۾ وڏيون فوجي ۽ اقتصادي قوتون شامل آهن. انهن ملڪن جي ڪارخانن جون چمنيون دونها ڇڏينديون رهيون. ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جهڙا ادارا غريب ملڪن جي قرضن بابت پنهنجا دفتر ڪارا ڪندا رهيا، ملٽي نئشنل ڪمپنيون پنهنجو مال وڪرو ڪنديون رهيون، پر افسوس جو هي ڳالهه هڪ رٿيل منصوبي هيٺ ”ڪاروباري سرگرمين“ طور مشهور ڪئي وئي، جڏهن ته انهيءَ ڪاروباري چادر هيٺان امير ملڪن جي فوجي، سياسي ۽ اقتصادي بالادستي لڪل هئي.
غريب ملڪن ۾ جدت (Modernization) وارين پاليسين اڻ ڳڻيا منفي اثر ڇڏيا. آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اڪثر ملڪن کي ”هڪ فصل واري روايتي“ (one crop culture) ڏانهن ڌڪيو ويو ۽ هن جو مقصد به ٻينفصلن ۽ جنسن لاءِ سڌريل ملڪن تي ڀاڙڻ هو ته جيئن سڌريل ملڪن ۾ اپجندڙ واڌو اناج ۽ ٻيو زرعي جنسون غريب ملڪن ڏانهن نيڪال ڪري سگهجن.
غريب ملڪن ۾ ٿوريون گهڻيون صنعتون لڳڻ لڳيون تهانهن کي ماحولياتي آلودگي ۽ شهرن جي غير فطري واڌ (Urbanization) ڊپ ۾ جڪڙيو ويو ۽ انهن جي حال لاءِ وري به سڌريل ملڪن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي ۽ انهن کي سڌريل ملڪن جي ٽيڪنيڪل محتاجي ۾ گرفتار ٿيڻو پيو.
ترقيءَ جي لفظ، مطلب ۽ مفهوم تي اڪثر بحث ٿيندو رهي ٿو. هر سماج ۽ طبقي ۾ ترقيءَ جو پنهنجو تصور آهي ۽ هر سماجي علم ان جي الڳ تشريح ڪئي آهي. ترقيءَ لاءِ مختلف هم عصر اصطلاح استعمال ڪيا ويا، انهن ۾ جدت يا نواڻ، صنعتي ڄار، سماجي تبديلي يا ڪنهن ترتيبوار واڌ کي شامل ڪيو ويو. ترقيءَ کي سماج جي اجتماعي ڀلائي به سڏيو ويو ۽ ڪنهن وري قوم جي سڌاري کي ترقي ڪوٺيو.
ترقي (Development) جو تصور جيئن شروع ۾ پڙهي آيا سون ته ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڀريو. هي تصور ڪنهن خاص سماج يا طبقي لاءِ استعمال نه ٿيو هو، پر اهو هر سماج ۽ طبقي ۾ رائج آهي. هي لفظ اصل ۾ علم اقتصاديات ۾ گهڻو استعمال ٿيندڙ آهي ۽ معيشت جي واڌاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ تيزي کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو.
ترقيءَ جي شروعاتي نظرئي جو بنياد اولهه جي صنعتي ترقي ه ئي، ترقيءَ جو معيار صنعتي ڄار وڇائڻ ۽ انهن صنعتن ۾ تيار ٿيندڙ شين جي جلد نيڪالي تي ٻڌل هو. هيٺين سطح واري ترقي بجاءِ مڙهيل جدت (Imposed Modernization) تي گهڻو زور رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ مقامي روايتن ۽ ثقافت کي قربان ٿيڻو پيو.
اڄ تائين ترقيءَ جا جيڪي اهم نظريا پيش ڪيا ويا، اهي اولهه طرفان پيش ڪيا ويا هئا. ترقيءَ جي عمل کي جيئن هنن پنهنجي ماحول ۾ رائج ڪيوهو. هو ٻي دنيا ۾ به اهڙي تقليد چاهين پيا. ڇو جو هو انهيءَ احساس برتري ۾ هئا ۽ آهن ته هو وڌيڪ مذهب آهن ۽ ”ترقي“ کي جيئن هو سمجهن ٿا، دنيا ۾ اها ائين ئي نافذ ٿيڻ گهرجي. هنن کي ٻي دنيا ۽ ٻين سماجن جي ثقافت ۽ روايتن کي تباهه ڪرڻ تي ڪو به ڏک ڪو نه هو. هو هر حال ۾ فوجي طاقت وانگي اقتصادي برتري چاهين پيا، انهيءَ لاءِ هنن ”نيو ايڪانامڪ ورلڊ آرڊر“ ۽ ”گلوبلائيزيشڻ“ جهڙا اصطلاح ۽ نظريا متعارف ڪرايا. هنن پنهنجي اقتصادي ڍانچي کي جيئن جو تئين برقرار رکي، ٻين کي تبديلي ڏانهن وڌڻ جو شوق ڏياريو ۽ عالمي تجارتي تنظيم (W.T.O) جو بنياد وڌو ۽ هن تنظيم جو منشور به پنهنجي سماج کي سامهون رکي تيار ڪيو ويو. هن تنظيم جو پهريون نشانو ٽين دنيا جي ذريعي پيداوار آهي، جنهن ۾ اڪثر غريب ملڪ خود ڪفيل آهن. هنن پنهنجي زميندار ۽ هاري کي ڀاڻ، دوائن ۽ بجلي تي سبسڊي مهيا ڪئي ۽ آيل فصل کي خريد ڪرڻ جي ضمانت ڏني ۽ ٻين ملڪن کي زرعي سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ آزاد تجارتي ماحول اپنائڻ جي صلاح ڏني. انهيءَ چال کي ختم ڪرڻ لاءِ انڊيا ۽ برازيل ڪيترائي دفعا احتجاج ڪري چڪا آهن، پر اڃان تائين هن ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو ويو آهي. هنن ملڪن جو چوڻ آهي ته پهرين يورپ ۽ آمريڪا پنهنجي زميندار ۽ هاري کي ڏنل سبسڊي ختم ڪن، پوءِ جنسن جي آزاد تجارت ڪئي وڃي.
1960ع تائين غريب ملڪ اقتصادي نظرين ۾ اولهه جي پوئواري ڪندا رهيا. 1070ع ۾ ترقيءَ جو نئون تصور پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ صنعتي ترقيءَ کانسواءِ آدمشماري جي روڪ، کاڌو، روزگار، انساني روين ۽ جذبن جو سڌارو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ منتقلي کي شامل ڪيو ويو.
ترقيءَ جي هن تصور کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ اڻ پڙهيل سماج جي خاتمي جي مهم هلائقي وئي ۽ تعليم کي ترقيءَ جو بنياد بڻايو ويو. اولهه جي ڪمپنين کي اسرندڙ ملڪن ۾ ترقي وٺرائڻ ۽ ٽيڪنيڪي ڄاڻ ڏيڻ جي ذميواري ڏني وئي. عالمي اقتصادي فورمن يعني ورلڊ بئنڪ آءِ ايم ايف ۽ يو ايس ايڊ جهڙن ادارن کي غريب ملڪن مان غربت ختم ڪرڻ ۽ ”ترقي“ جا رستا کولڻ جو ڪم ڏنو ويو. انهيءَ کانسواءِ اقتصادي صلاحڪار ۽ ماهر به مقرر ڪيا ويا، جن لاءِ چيو ويو ته اهي غريب ملڪن کي ترقيءَ جي دڳ لائڻ ۾ مدد ڪندا ۽ مشورا ڏيندا.
ترقيءَ جو نئون تصور ”انساني روين جي ترقي“ تي مدار رکي ٿو. هن تصور جو بنيادي مقصد انسانيت جي بحالي آهي. انسان جي ضرورت صرف کاڌ خوراڪ، صنعت ۽ صحت ڪانهي. پر انسان جي اجتماعي توڙي انفرادي روين جي ترقي ئي اصل ترقي آهي. اڄ تائين جيڪي به ترقيءَ جا ماڊل پيش ڪيا ويا آهن، اهي ”مادي ترقيءَ“ جي بنياد تي تيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن نظري جا خالق ٻه اولهه وار آهن.
اولهه جي نظرين ۾ ”اقتصادي بالادستي“ کي اهميت ڏني وئي ۽ گڏوگڏ ناڻي جي آزاد مٽاسٽا، ڪاروباري تيزي ۽ وڌ ۾ وڌ منافعي ڪمائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ انهيءَ عمل ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو نقصان يا استحصال ٿي رهيو هو ته اهو ڪنهن به ليکي ۾ نه آندو ويو.
ترقيءَ جي انهيءَ تصور کي ڪارل مارڪس رد ڪري ”ڪميونزم“ جو اقتصادي ماڊل پيش ڪيو، هن ماڊل ۾ ”شخصي روين“ کي ڦيرڻ ۽ ملڪيت جي برابر ورهاست ۽ استعمال تي زور ڏنو ويو هو. اهي ٻئي نظريا ڄڻ ته ابتدا ۽ انتها هئا، سرمائيداري نظام ۽ ڪميونزم ۾ ايڏي فرق هئڻ ڪري دنيا جا سماج ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي ويا ۽ هر نظام ۾ پنهنجي پنهنجي بالادستي ۽ حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ وري به استحصالي طريقن کي آزمايو ۽ ”فوجي بالادستي“ کي هر حال۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجاڱ دنيا جي وڏي آبادي جيڪا غريب ملڪن ۾ رهائش پذير هئي، انهن جي زندگيءَ ۾ ڪي به بنيادي تبديليون اچي نهسگهيون. روين جا سڌارا ته پري رهيا، پر انهن کي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ٽڪر ڳڀو ملڻ به مشڪل ٿي پيو. آفريڪا جي ملڪن ۾ بدترين ڏڪر آيا، سرمائيداري نظام توڙي ڪميونزم جا پوئلڳ ملڪ پنهنجي اکين جي اڳيان معصوم ٻار ۽ وڏا مرندي ڏٺا، پر انهن جا هٿراڌو گهڙيل نظريا ڪجهه به نه ڪري سگهيا ۽ اهو مسئلو حل ٿي نه سگهيو.
اِنهن ٻنهي نظرين کان آجيو هڪ نئون بلاڪ به تشڪيل ڏنوويو، جنهن کي غير جانبدار ملڪن جو بلاڪ سڏيو ويو. هن بلاڪ ترقيءَ جو هڪ نئون تصور پيش ڪيو، جيڪو پاڻ تي ڀاڙڻ يعني خود انحصاري تي مدار رکندو هو. پر حقيقت اها آهي ته غير جانبدار ملڪن جا اڪثر ملڪ نه صرف عالمي سياست ۾ جانبدار هئا، پر اهي ملڪ ڪميونزم يا سرمائيداري نظام وارن وٽ عملي طور غلام بڻيل هئا ۽ انهن کي کائڻ لاءِ اناج به اتان ٿي مليو. انهن غيرجانبدار ملڪن جي سربراهي گهڻو ڪري ”انڊيا“ ٿي ڪئي، جنهن جي معيشت جو دارومدار سابق سوويت يونين تي هو ۽ غير جانبدار ميمبر ملڪن ۾ ”پاڪستان“، ”افغانستان“ ۽ ”نيپال“ جهڙا ملڪ به هئا، جن جو غيرجانبدار هئڻ کل جهڙي ڳالهه هئي.
ڪميونزم ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سٺيون هئڻ باوجود، ان جو بنيادي ڍانچو ”غير فطري“ هو، جيڪو انساني جبلتن ۽ فطري لاڙن خلاف هو، نتيجو اهو نڪتو جو هي نظام عملي طرح گهڻو وقت هلي نه سگهيو ۽ هن نظرئي جو مرڪز يعني سوويت يونين ئي ختم ٿي ويو ۽ آمريڪا کي پنهنجو ”نيو ورلڊ آرڊر“ سڄي دنيا تي نافذ ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ويو. ٻلي ٿيلهي مان نڪري آئي، ٻلي ڇا نڪتي پر آمريڪا ۽ سندس ساٿاري لومڙيءَ جي مڪاري، اٺ جي بي وفائي، هاٿي جي طاقت ۽ شينهن جي چيرڦاڙ واري جلبت سان ميدان ۾ لهي پيا ۽ هنن دنيا کي ائين ڏسڻ پئي چاهيو، جيئن انهن سوچيو ٿي.
9 سيپٽمبر کان پوءِ دنيا خود بهخود هڪ ”نئين ورلڊ آرڊر“ ۾ داخل ٿي وئي، آمريڪا ۽سندس سرمائيدار ساٿاري هاڻ هر حال ۾ دنيا کي فتح ڪرڻ گهرن ٿا. هن واقعي کان پوءِ انهن جا ”رويا“ کولي سامهون اچي ويا ۽ اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ”مادي ترقي“ ترقي نه آهي، اصل ”ترقي“ روين جي ترقي هوندي آهي. انسانيت جي پرچار ڪندڙ، مذهبي تعصب کان مٿاهين سوچ رکڻ جي دعويٰ ڪندڙ، پنهنجي پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار چوندڙ، روين ۽ اخلاق جي لحاظ کان پنهنجي پاڻ کي مهذب چوندڙ، انسانن کي ڏوهن تي ملندڙ سزائن کي جهالت واري دور جي روايت سڏيندڙ، دنيا جي انسانن کي آزادي ۽ سک جو ساهه کڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڦاسي ۽ موت جي سزا جي مخالفت ڪندڙ، اڄ ڪهڙو روپ اختيار ڪري چڪا آهن، اهو ڏسي حيراني نه پر پريشاني ٿئي ٿي ته اربين غريب انسان اِنهن ترقي يافته مهذب قومن کان ڪئين بچي سگهندا؟.
افغانستان ۾ ڇا ٿيو ۽ عراق ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. عراق جي عوام کي آزادي ڏيارڻ جي دعويٰ ڪندڙ هن وقت تائين ڇهه لک عراقي انسانن کي زندگيءَ جي قيد مان آزاد ڪرائي چڪا آهن. جن ۾ هزارين معصوم ٻارڙا به شامل آهن، بصره ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هڪ برطانوي فوجي انگليڊ وڃي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ خودڪشيءَ کان اڳ هن ان جو وجهه لکيو آهي، هو لکي ٿو ته ”مون اهڙن حسين ۽ معصوم ٻارن کي گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاريو، جن جو ڪو به ڏوهه ڪو نه هو ۽ انهن معصومن کي ته اِها به خبر نه هئي ته انهن جي چؤطرف ڇا ٿي رهيو آهي، پر اسان کي حڪم هو ته ”پهرين گولي هڻو پوءِ پڇو“.
ڦاسي جي سزا جي مخالفت ڪندڙن صدام حسين کي ٽنگي ڇڏيو، گرفتاري دوران تشدد جي مخالفت ڪندڙن، انسانن کي گرفتار ڪري جانور وانگر لوهي پڃرن ۾ بند ڪري ڪيوبا جي ٻيٽن ۾ قيد ڪيو ۽ لاڳيتو تشدد جو شڪار بنايو، بي دريافتا هزاري انسان قيد ڪيا ويا. مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي پنهنجي ملڪن مان تڙي ڪڍيو ويو.
هي هڪ جهلڪ هئي انهن ترقي يافتا قومن جي، جن اسان کي هڪ صدي کان ”ترقي“ جا نوان نوان فارمولا ۽ نظريا اپنائڻ لاءِ زور ڀريو آهي ۽ اسان کي انساني حقن جو تحفظ نه ڪرڻ تي دٻايو ۽ هيسايو آهي، ڇا اسان اِها ترقي چاهيون ٿا؟
اسان ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن جي تعارف ۾ جدت واري نظرئي تي بحث ڪري آيا آهن. ان ”جدت“ واري نظرئي، هڪ ٻي ماڊل کي جنم ڏنو ۽ اهو ”ٻين تي ڀاڙڻ“ واري اصول تي ٻڌل هو ۽ شايد جدت (Modernization) واري نظرئي ۾ اهو اڳ ئي طئي ڪيو ويو هو ته نوان آزاد ٿيل ملڪ، سرمائيدار ملڪن جي مستقل مارڪيٽ بڻبا رهن ۽ سرمائيدار ملڪ ڪا به سيڙپ ڪن ته ان جو منافعو انهن کي ملي ۽ ان سيڙپ جي آڙ ۾ نوان آزاد ٿيل ملڪ انهن سرمائيدار ملڪن جا محتاج رهن ۽ اهي نوان آزاد ٿيل ملڪ پنهنجي ٽيڪنالاجي، زراعت، تعليم، صحت، فوجي سازو سامان ۽ ماحولياتي آلودگي جهڙن مسئلن جي حوالي سان مستقبل طور سڌريل ملڪن تي ڀاڙين ۽ انهن جي قائم ڪيل مالي ادارن جا مقروض رهن.
ڀاڙڻ (Dependency) واري ماڊل کي ڪنهن ماهرن جدت واري ماڊل جو رد عمل (Reaction) سڏيو آهي. هن ماڊل جو بنياد پئيل بارن ۽ اينڊري گُنڊر فرنڪ واري نظرئي ”ترقي دوران ڀاڙڻ“ تي آهي. هن نظريو انهن ٻنهي ماهرن جي ان رپورٽ تي ٻڌل هو، جنهن ۾ هُنن ٽين دنيا جي غريب ملڪن جو، دنيا جي متحرڪ سرمائيداري سرشتي جي موجودگيءَ ۾ پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڳولڻ پئي چاهيو.
هنن جي رپورٽ جو ڀانيو (Hypothesis) هي هو ته ”غريب ملڪ جديد سرمائيڪاري نظام ۾ انهيءَ ڪري پوئتي رهجي ويا آهن، جو ترقي هڪ تاريخي حقيقت آهي. غريب ملڪ ائين ئي ڏاڪي به ڏاڪي گهربل ترقي تائين پهچندا، جيئن سرمائيدار ملڪ ڏاڪي به ڏاڪي اتي پهتا آهن. هنن جو خيال هو ته انهيءَ وٿي ۾ ڪنهن به قسم جي انتظامي يا رياستي جهول جو عمل دخل نه آهي.
هن تحقيقي رپورٽ ۾ ڪن اهم حقيقتن تان به پردو کنيو ويو هو، مذڪوره ماهرن جو چوڻ هو ته غريب ملڪن ۾ غربت مٿان ڪا نه لٿي آهي، پر اهو صدين کان سرمائيدار ملڪن جي استحصال جو نتيجو آهي. رپورٽ ۾ آزاد ٿيل ملڪن ۾ سرمائيدار ملڪن جي ڇڏيل نوڪر شاهي کي به استحصال جو اهم سبب ڄاڻايو ويو، جيڪا پنهنجي آقائن جي دور ۾ مختصر فني مهارت سان برآمدي مال جي تياري لاءِ لڳل ڪارخانن جي نگراني ۽ سرمائيدار ملڪن جي مفادن ۽ انتظامي معاملن کي نقصان پهچائڻ وارن تي نظر رکڻ لاءِ مقامي اوچي طبقي مان کني وئي هئي. اهو اوچو طبقو به رنگ ڍنگ، اٿڻ ويهڻ ۽ ثقافتي لحاظ کان پنهنجن آقائن جهڙو ئي هو. انهن جي موجودگيءَ ۾ آزادي کان پوءِ به انهن آزاد ٿيل ملڪن ۾ ڪا تبديلي محسوس نه ڪئي وئي، ساڳيا قانون ۽ قاعدا ڪنهن ٿوري گهڻي ترميمي ڦيرگهير سان اتي جاري رهيا. ائين انهيءَ نوڪر شاهي ۽ اوچي طبقي جي ملي ڀڳت سان نئون سرمائيداري نظام (Neo-Imperialism) وجود ۾ اچي ويو.
لاطيني آمريڪا جي ملڪن ”ڀاڙڻ واري نظرئي“ (Dependency theory) جي رد ۾ ڪنهن نئين ماڊل تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ رائول جي سربراهي ۾ هڪ اقتصادي ڪميشن (ECLA) جوڙي. هن ڪميشن ۾ اِنهن ملڪن جا چونڊ اقتصادي ماهر شامل ڪيا ويا هئا. هن ڪميشن ترقيءَ جو هڪ نئون ماڊل جوڙيو، جنهن کي هنن ”پاڻ ڀاڙڻ وارو ماڊل“ (Self-dependency Model) سڏيو. جنهن ۾ انهن ملڪن جي پاڻ ڀاڙڻ واري ترقيءَ جي بنيادي ڍانچي لاءِ غير ملڪي سيرپ ڪاري جو شرط رکيو. هن ماڊل تي عملدرآمد، شروع ڪيو ويو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو ”پاڻ ڀاڙڻ“ ته پري رهيو، پر انهن ملڪن کياڳئي کان به وڌيڪ سرمائيدار ملڪن جي محتاجي ڏسڻي پئي، تيار ٽيڪنالاجي ۽ سامان جي نيڪال لاءِ انهن کي امير ملڪن تي ڀاڙڻو پيو. خرچ ۽ نقصان وڌي ويا ۽ انهن خرچن ۽ نقصانن جي پورائي لاءِ امير ملڪن ۽ انهن جي قائم ڪيل مالي ادارن کان قرض وٺڻا پيا ۽ ٽڪسن جو هڪ منڌل نظام به جاري ڪيو ويو هو، جنهن جو بار به سڌي يا اڻ سڌي طرح هارين ۽ مزدورن تي پيو ۽ سماج ترقي ماڻڻ بجاءِ اڃا به غربت ڏانهن وڌي ويو.
انهيءَ دؤران ”ايمائل“ نالي هڪ ماهر غربت گهٽائڻ لا3 هڪ نئون ماڊل پيش ڪيو، جيڪو ”سماج ۽ڪميونيڪيشن“ جي حوالي سان مشهور ٿيو. هن جو خيال هو ته سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ڍانچي جي غلط جوڙجڪ جي ڪري غربت جا مسئلا وڌي رهيا آهن ۽ اهڙي ماحول ۾ ”ڪميونيڪيشن“ کي ترقي ڏئي سماج ۾ ڪي مثبت تبديليون آڻي سگهجن ٿيون.
هن ماهر انهيءَ ڳالهه تي خاص زور ڏنو ته ”ڪميونيڪيشن“ جي غلط استعمال کي هر حال ۾ روڪڻ ضروري هوندو نه ته ”ڪميونيڪيشن“ بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي نه آڻي سگهندي، باقي صرف ڄاڻ ۾ واڌاري تائين محدود رهندي.
80 واري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي نقادن ”ترقياتي ڪميونيڪيشن“ (Development Communication) جي سلسلي ۾ ڪي متبادل ماڊل تجويز ڪيا، مقصد اهو تهاُهي ماڊل ”جدت“ (Modernization) ۽ ڀاڙڻ (Dependency) واري نظرئي جي جاءِ وٺي سگهن.
اهي نظريا مارڪسي سوچ جي به ابتڙ هئا، جنهن ۾ اقتصادي ترقيءَ جو عالمي ماڊل پيش ڪيل هو. متبادل نظرين جو زور قومن جي سماجي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ 7 ڪل وقتي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ ٻاهرين عنصرن کي روڪڻ هو.
ثقافتي سوچ واري انهن بنيادي ماڊلن ۾ ڪيونيڪيشن جا اهم اسڪالر به شامل ٿي ويا، انهن ۾ گارن هيڊيبرو، جان سروز، مجيد تهراني ۽ حميد مولانا شامل هئا. اهي سڀ آمريڪي هئا. مجيد ۽ حميد اصل ۾ ايراني هئا، پر هاڻ سندن وطن آمريڪا هو.
هن ڪوشش ۾ آهستي آهستي ٻيا هم عصر اسڪالر به شامل ٿيندا ويا ۽ انهن طرفان قومي ترقيءَجي ڪنهن به ڪوشش ۾ پاڻ ڀاڙڻ (Self-reliana) واري ضرورت تي زور ڏنو ويو.
غير جانبدار ملڪن دنيا جي مختلف فورمن، خاص ڪري گڏيل قومن (UNO) جي ادار کان اها گهر ڪئي ته هڪ غير جانبدار ”نئون عالمي اقتصادي ضابطو“ (NIEO) جاري ڪيو وڃي ۽گڏوگڏ ڪميونيڪيشن ۽ اطلاع جو به نئون عالمي ضابطو جاري ڪيو وڃي. جنهن کي NWICO يعني New world international and Communication order جو نالو ڏنو ويو. ماهرن ۽ غير جانبدار ملڪن ٻنهي ضابطن کي جاري ڪرائڻ لاءِ محنت ڪئي ته جيئن دنيا جي اقتصاديات، اطلاعات ۽ ڪميونيڪيشن تي سرمائيدار ملڪن جي هڪ هٽي ختم ٿي سگهي. اِهي ضابطا اعلان طور ته جاري ٿي نه سگهيا پر غير جانبدار ملڪن انهيءَ بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ڀاڙڻ واري ماڊل (Self-reliance Model) کي تجويز ڪيل نئين عالمي اقتصادي ضابطي (NIEO) سان سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن قومي ترقيءَ جي حڪمت عملين کي خودمختيار ترقي (Autonomous Development) طور اٿاري سگهجي ۽ ٻاهرين چاٻي تي هلندڙ ”اقتصادي ترقي“ واري تصور کي ڦيرائي، مقامي مهارت کي متحرڪ ڪري سماجي ترقيءَ لاءِ هلچل هلائي سگهجي.
77 گروپ وارن ملڪن 1979ع ۾ ”پاڻ ڀاڙڻ“ واري هڪ جامع رٿا کي منظور ڪيو، هن رٿا جو بنياد يا سرچشمو چين جو تڪڙي ترقيءَ وارو ماڊل هو، جيڪو مائوزي تنگ جي خيالن تي اڌاريل هو. هن رٿا جي منظوريءَ کان پوءِ ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جون نتيون تحريڪون شروع ٿيون جنهن ۾ ايڪالاجي، عورتن جي حقن جي تحريڪ، امن جي تحريڪ، ٻارن جي حقن جي تحريڪ، خود اختياري جي وڪالت ۽ جمهوريت سماجن جي قيام جون تحرڪون شامل هيون. انساني حقن (Human Rights) بابت تحريڪن به خاص زور ورتو، باندي مزدورن، بي زمين هارين، کاڻن جي مزدورن، ملاحن، عورتن ۽ اقليتي گروپن به پنهنجي حقن جي ڳاله ڪئي.
هنن تحريڪن جو بنياد عدم تشدد تي رکيل هو، پر ڪيتريون ئي تحريڪون آهستي آهستي حڪومت ۽ سماج جي وچي طبقن سان سڌي تضاد ۾ آيون ۽ ڪن هٿياربند ويڙهه به شروع ڪري ڏني. اهڙي صورتحال سماجي ترقيءَ لاءِ هرگز قابل قبول نه هئي، ڇو جو اهڙي هٿياربند جدوجهد ۾ سماجي ۽ اقتصادي نظام ڇڙواڳي ۽ تباهي ڏانهن ڌڪجڻ لڳو. سوويت ڪميونزم جي خاتمي کان پوءِ سوشلزم واري اقتصادي وصف ۽ ماڊل تي بيٺل سماجن ۾ تبديلي جو رجحان پيدا ٿيو، قومي اقتصاديات کي قومي ضابطن (Nationalizations) کان آزاد ڪيو پئي ويو ۽ مارڪيٽ جي اقتصادي آزادي، قومي ناڻي جي نئين رٿابندي، پرڏيهه نيڪال ٿيندڙ پيداواري مال ۾ واڌارو، فري ٽريڊ زون جي قيام، نئين ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کانسواءِ ترقيءَ جي سڄي عمل کي آفيسر شاهي جي ضابطن کان آجيو ڪرڻ ۽ غير سياسي بنائڻ تي زور ڏنو ويو.
نئين صورتحال ۾ انهي ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ”ڪميونيڪيشن“ کي ترقيءَ ۾ ڀائيواري وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان انهيءَ ڳالهه کي يقيني بنائڻو هو ته سماج جو هر طبقو ترقيءَ جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جنهن ۾ فردي آزادي، انصاف، سماجي توازن، قومن ۽ قبيلن جي ثقافت ۽ روايت کي محفوظ بنائڻ واري جدوجهد تي به زور ڏنو ويو ۽ هن ڳالهه جي به پڪ ڪرڻي هئي ته عام ماڻهو جو آواز به ”ٻڌڻ جوڳو“ بنايو وڃي.
ماهرن هن ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪميونيڪيشن کي اهڙي نموني لاڳو ڪيو وڃي، جنهن سان اِها سماج ۾ اتهاس، جياپي ۽ تبديلي جي نشاهبر بڻجي اڀري ۽ اهڙي عمل جو اصل مقصد ترقيءَ جي قائدن جي سڀني طبقن تائين پهچي، انساني حقن جو تحفظ ۽ هڪ اهڙي سماج جي اوسر ڪرڻ هو، جيڪو هٿيارن کان پاڪ ۽ فهميدو هجي.
ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهرن جو رايو هو ته غريب ملڪن ۾ غريب ماڻهن جي اڪثريت آهي ۽ اهي ”ڪجهه نه ڪري سگهڻ“ واري احساس محرومي ۾ ورتل آهي، جيڪڏهن انهن مان اِها احساسي ڪيفيت ختم ٿي وڃي ته اهي سماج ۾ ”تبديليءَ واري طاقت“ طور اڀري سگهن ٿا ۽ سماج ۾ بنيادي ۽ ڏور رس مثبت تبديليون آڻي سگهن ٿا.
هن نظرئي کي ”اجتماعي خوشحالي ڏانهن هاڪاري ۽ متبادل ترقي وارو ماڊل“ سڏيو ويو. هن ماڊل تي عملدرآمد سان سماج جو هر فرد عزت نفس، برابري ۽ سچائي سان ترقيءَ جي عمل ۾ شريڪ ٿي سگهيو. هن ماڊل کي ڪنهن به هڪ سماج يا ثقافت جو پابند نه بڻايو ويو هو، پر هر سماج ۽ ثقافت کي آزاد ڇڏيو ويو ته اهو پنهنجي ماحول موجب هن نظرئي تي عمل ڪندي، جمهوريت، خوشحالي ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون حڪمت عملديون جوڙي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪري.
هن ماڊل جو مک نقطو ”عالمي مسئلا ۽ مقامي حل“ هو، جنهن ۾ انساني روين ۽ جياپي کي مک حيثيت حاصل هئي.
جدت وارو (Modernization) نظريو اولهه مان اڀريو هو ۽ اولهه جي سماج ۽ ثقافتن لاءِ قابل قبول هو، پر ٽين دنيا جي ماهرن هن ”جيئن جو تئين“ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هنن جو خيال هو ته اهو رستو غريب سماج ۾ ترقيءَ بجاءِ تباهي ڏانهن ويندو. ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهرن هن ماڊل تي ٻيهر غور فڪر ڪيو ته جيئن هن ۾ ٿوري ڦير گهير ڪري ٽين دنيا ۾ لاڳو ٿيڻ جوڳو بڻائي سگهجي.
طاقتور قوتون ۽ عالمي مالي ادارا اڃا به ان ڳالهه تي اڙيا رهيا ته جدت واري مادل کي ”جيئن جو تئين“ لاڳو ٿيڻ گهرجي. هنن انهيءَ نظرئي جي حد ۾ پروپئگنڊا شروع ڪري ڏني، انهيءَ پروپئگنڊا ۾ سرمائيدار ملڪن کي ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن جي حڪومتن جي به مڪمل پٺڀرائي حاصل هئي، ڇو جو اهي حڪومتون به انهن فوجي ۽ اقتصادي قوتن جون پيدا ڪيل هيون، جن کي سرمائيدار ملڪن جي مفادن جو هر حال ۾ بچاءُ ڪرڻو هو، ٻي صورت ۾ انهن کي چلتو ٿيڻو ٿي پيو. هن ماڊل ۾ جنهن نئين ٽيڪنالاجيءَ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، ان ۾ به سرمائيدار ملڪن جو انتظامي ڪنٽرول ۽ نگراني وارو نقطو شامل هو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهر ٿورو گهڻو ڪامياب ويا ۽ هن ڏهاڪي جي آخر ۾ ”جدت واري ماڊل“ جي ٿوري ڦير گهير سان پرجوش واپسي ٿي، جنهن جو وڏو سبب ٽيليڪميونيڪيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جي وسي عترقي هئي.
ڳوٺاڻي ترقي (Rural Development) هڪ دفعو ٻيهر توجهه جو مرڪز بڻي. پر هن دفعي اهو سڀ ڪجهه ”ماس ميڊيا“ جي ذريعي نه ٿيو هو، پر اها ٽيليڪميونيڪيشن هئي، جنهن انهي ڳوٺاڻي ترقي واري ڳالهه کي ممڪن بڻايو. پهريون دفعو ٽيليڪميونيڪيشن جي اصطلاح کي ”ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن“ ۾ شامل ڪيو ويو. ٽيليڪميونيڪيشن نه صرف ”ماس ميڊيا“ کي ترقي ڏني، پر هن سان ٽيليفون ۽ ان سان لاڳو ٽيڪنالاجي به ترقي ڪرڻ لڳي. ٽيلي ڪانفرنسون، ڊيو ڪانفرنسون، ٽيليفوني خطاب ۽ سئٽلائيٽ ڪميونيڪيشن کي به ترقيءَ جي وصف ۾ شامل ڪيو ويو. ٽيليڪميونيڪيشن بابت ڳوٺاڻين رٿائون شروع ۾ الاسڪا، انڊونيشيا، فلپائين، ٿائلينڊ ۽ انڊيا ۾ آزمايون ويون، اهي رٿائون گهڻو ڪري ”عالمي ڊونر ايجنسين“ جي مالي سهڪار سان شروع ڪيون ويون هيون. هنن رٿائن جا شروعاتي نتيجا اهم هئا ۽ انهن نتيجن مان اهو واضح اشارو ملي رهيو هو ته ”ٽيليفوني سرشتي“ ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ جو پاڻ ۾ گهرو سٻنڌ آهي ۽ هي نظريو به پنهنجي انجام تي پهچي رهيو هو، جنهن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ”ترقي جي ڪري ٽيليڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي آئي آهي“. پر ان جو ابتڙ، اهو ثابت ٿي ويو هو ته ”ٽيليڪميونيڪيشن جي ڪري ترقي ٿي آهي.“
جدت جي نئين ترميمن ماڊل کي جنم ڏيندڙ ادارن ۾ عالمي ٽيلي ڪميونيڪين يونين (ITU)، ورلڊ بئنڪ، يو ايس ايڊ ۽ انٽر آمريڪن بئنڪ فار ڊولپمينٽ (IBD) شامل هئي. ٻين به ڪيترن ادارن ۽ حڪومتن هن نئين ماڊل کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هيون. ”مئٽ لينڊ ڪميشن“ جي تحقيقي رپورٽ ”ٽيليڪميونيڪيشن رستي ترقي“ هن نئين ماڊل جو بنياد هو.
ٽيليڪميونيڪيشن جي فائدن بابت جيڪي نقطا جوڙيا ويا هئا، انهن ۾ سماجي سجاڳي، اقتصادي سرگرمين ۾ واڌ، موڙيءَ جو بهتر استعمال، ڳوٺ سڌار خدمتن جي وقتائتي پهچ ۽ مارڪيٽ سان رابطو شامل هئا ۽ اِنهن سرگرمين جي آڌار اقتصادي فائدن جي هڪجهڙي ورهاست ۽ سماجي تبديليءَ جي اميد رکي وئي هئي ۽ هي به فرض ڪيو ويو هو ته هن سان سماجي زندگيءَ جي معيار ۾ واڌ ٿيندي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ اقتصادي توڙي سياسي مسئلا اڀري آيا. غير فطري لڏپلاڻ سنڌ جو سماج تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي شهري زندگيءَ جو نقشو ئي بدلجي ويو. لڏپلاڻ ته پنجاب جي ٻنهي حصن ڏانهن به ٿي هئي، پر اُحا لڏپلاڻ غير فطري هوندي به فطري هئي، انهيءَ سان پنجاب جي ٻولي، ثقافت ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي يا غير پڻو ظاهر نه ٿيو هو.
سنڌ ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ جو پهريون نتيجو هي نڪتو ته سنڌ جي مقامي آبادي تي، ڪنهن به قسم جو دڪان، ڪارخانو، زمين يا گهر، ڪنهن به سنڌي هندو کان خريد ڪرڻ تي پابندي هنئين وئي. وقتي طور سنڌ جون ڪاروباري سرگرميون بلڪل ختم ٿي ويون، ڇو جو ڪاروبار سنڌي آبادي سنڌ کي الودعيٰ چئي هند رواني ٿي وئي ۽ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کا آيل ماڻهن کي سيٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳو ۽ ”ڪليمن“ جي ڪاروبار ۾ چهٽي وڃن جي ڪري به شهرن ۾ سماجي ترقي جو عمل بلڪل بند رهيو.
سنڌ جي باقي مقامي آبادي جو نوي سيڪڙو اڻ پڙهيل ۽ زراعت جي روايتي طريقن تي گذر سفر ڪرڻ وارو هو. باقي ڏهه سيڪڙي پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ زميندار طبقي کان سواءِ ڪي شهري سنڌي ۽ سنڌي شيخ جيڪي ويجهي ماضي ۾ هندو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيا هئا شامل هئا. سنڌ جي ڪن ضلعن ۽ علائقن ۾ جنگ واري صورتحال هئي جو حر مارشلا ۽ حر تحريڪ جي ڪري نواب شاهه ضلعي جو ڏاکڻو حصو، ٿرپارڪر ضلعو ۽ حيدرآباد ضلعي جا ڪجهه حصا، خيرپور ضلعي (رياست) جو ناري وارو علائقو ۽ سکر ضلعي جي ريگستاني پٽيءَ جا اڪثر ماڻهو لوڙهن جي شڪل ۾ ٺهيل وڏن جيلن ۾ ٻارين بچين بند هئا ۽ ڪي جيلن ۾ قيد هئا، جيڪي پاڪستان جي قيام کان پنج سال پوءِ به انهيءَ حالت ۾ قيدوبند رهيا.
اهڙي ماحول ۾ سنڌ جي اقتصاديات جو دروازو بلڪل بند رهيو. ايوبي مارشل لا جيتوڻيڪ فوجي راڄ هو، پر ان وقت پاڪستان جي حوالي سان اقتصادي ترقيءَ جو هڪ نئو باب ضرور کليو هو. وونئڻن جون نيون جنسون آمريڪا مان گهرايون ويون، هن کان اڳ سنڌي جنس، سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي. نئين جنس، سنڌ توڙي پنجاب ۾ ڪامياب وئي ۽ ڪپهه جي ججهي پيداوار ٿي، پر ايتري وڏي تعداد ۾ لٿل ڪپهه کي ٽاڻڻ لا3 اڳ موجود ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانو ناڪافي هو. هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي ڪپهه ٽاڻڻ وارا ڪارخانا هنيا ويا. سماج جي بنيادي ڍانچي کي وسيع ڪيو ويو، يونين ڪائونسلن جو قيام، ڪن ڳوٺن ۾ بجلي، رستا ۽ ڊسپينسريون به قائم ڪيون ويون. هن ماڊل کي وڏي ڪاميابي ملي، ٽاڻيل ڪپهه ٻاهر موڪلڻ جي ڪري ناڻي ۾ واڌ آئي. ڏکڻ ڪوريا پاڪستان جي اهڙي ڪامياب ڍانچي جي جائزي لاءِ اقتصادي ماهر پاڪستان موڪليا، جن پاڪستان جي اقتصادي ڍانچي جي بنياد تي ”ڏکڻ ڪوريا“ لاءِ اقتصادي ترقيءَ جو نئون ماڊل جوڙيو هو ۽ اڄ ڏکڻ ڪوريا ايشين ٽائيگر آهي.
ايوبي دؤر ۾ اخبارن جو تعداد وڌيو، نيون ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، ٽيليويزن نشڙيات جو آغاز ٿيو. سڀ شيون هوندي به فوجي نظام هئڻ ڪري فردي آزادي، قومي ٻولين ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي ڪاپاري ڌڪ رسيا ويا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ بنگال جي ماڻهن ۾ احساس محرومي وڏي وڻ ٿي. ون يونٽ جي ڪري سنڌ، سرحد ۽ بلوچ علائقا ناراض هئا. سياسي عمل منڌل هو ۽ فوجي انداز ۾ هلي رهيو هو، بلدياتي ۽ صدارتي نظام کي پاڻ ۾ جوڙيو ويو.
1965ع ۾ جنگ لڳي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جو سياسي ۽ اقتصادي نظام ڪمزور ٿي ويو. بظاهر پاڪستان جنگ کٽي چڪو هو، پر اندريان کوکلو ٿي چڪو هو. جنگ ختم ٿيڻ کا پوءِ ڪشمير ۽ هندستاني گرداس پور ضلعي جي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي سوويت يونين کان اسٽيل مل ملي. هي تاشقند معاهدي جو مخفي پهلو هو.
سنڌ کي هتل نقصان: ايوبي مارسل ۾ سنڌ کي حد درجي جا اقتصادي توڙي سماجي نقصان ڏسڻا پيا. سنڌ ۾ پهريون دفعو لساني فساد ٿيا ۽ جنهن سان هندستان کان آيل ماڻهن ۾ پنهنجي هندستاني ثقافت ۽ سماجي قدر کي بچائڻ جو احساس پيدا ٿيو ۽ سنڌ جي ثقافت ۾ انهن جي ضم ٿيڻ واري اميد ختم ٿي وئي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تاريخي حيثيت کي پاسيرو ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن ۽ اديبن تي ڪيل سختين سبب پڙهيل نوجوانن ۾ پاڪستاني جذبو ڪمزور ٿي ويو.
ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ صوبن جي نئين حدبندي ۾ سنڌ جا ڪجهه علائقا پنجاب ۽ بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا. هي ٻيو دفعو هو هن کان اڳ 1965ع واري جنگ کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان جي بين الاقوامي سرحد تي ٿنڀن هڻڻ جو ڪم شروع ٿيو ته بدين واري پاسي کان ”ڪڍڻ“ ۽ ”رحمڪي بازار“ جون ڪجهه ديهون، سنڌين جا پوکيل فصل هندستاني گجرات صوبي ۾ شامل ڪيا ويا ۽ ان جي عيوضي ڄمون ۽ سيالڪوٽ واري باڊر کان اوتري ايراضي پاڪستان ۾ شامل ڪئي وئي.1971ع کان پوءِ بنگال الڳ ٿي ويو ۽ پاڪستان جو رهيل حصو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪمراني هيٺ آيو. پيپلز پارٽيءَ جي دؤر ۾ وڏا وڏا ڪارخانا لڳا، جن مان ڪن ڪارخانن جا معاهدا ايوبي دؤر ۾ ٿيا هئا. مخفي طور ائٽمي پروگرام شروع ڪيو ويو، نوان نوان ادارا کليا. ملڪ ۾ اسلامي سوشلزم جي نالي سان اقتصادي سرگرميون شروع ڪيون ويون. هي سوشلزم مارڪسي نظرئي کان ويڪ مائوزي تنگ جي خيالن تي آداريل هئي، يعني پاڪستان ”چيني سوشلزم“ کي پنهنجو ماڊل بنايو هو. پئنڪون حڪومتي ملڪيت ۾ ورتيون ويون، وڏاوڏا اسڪول ۽ ڪاليج به سرڪاري قبضي هيٺ آندا ويا ۽ آخرڪار سڄي ملڪ جي انڊسٽري به قومي ملڪيت ڪرار ڏني وئي. زرعي حدبندي به ڪئي وئي پر اُها ايوبي دؤر جي برعڪس فرضي هئي. سنڌي اسيمبليءَ ۾ ڪنهن حد تائين جذباتي بل پيش ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌ جي واحد ٻولي طور رائج ڪيو ويو، جنهن سان هڪ دفعو ٻيهر لساني جهڳڙا شروع ٿي ويا ۽ مهاجر طبقو سنڌين کان الڳ ٿي ويو ۽ هن ڳالهه جو اثر مستقبل ۾ اهو نڪتو جو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سڄي سنڌ ٻري رهي هئي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مهاجر آبادي پرسڪون رهي. لساني جهيڙن کان پوءِ حڪومت مجبور ٿي ٻوليءَ جو ترميمي بل پاس ڪيو ۽ اردو کي به سنڌ جي ٻولي طور منظور ڪيو ويو. جيڪڏهن شروع ۾ انهيءَ طبقيءَ سان مشاور ڪري ٻوليءَ جو بل پيش ڪجي ها ته شايد جهيڙن ۽ ترميمي بل کان بچي سگهجي ها ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اردو طبقي ۾ ڪا گنجائش پيدا ٿي سگهي ها. جڏهن صنعتن کي قومي قرار ڏئي، سرڪاري عملي کي ان جا انتظامي امور ڏنا ويا ته معيشت اچي پٽ تي پئي. ڪرپٽ انتظامي ڍانچي کي جڏهن ڪارخانن جو انتظام سنڀالڻ جو حڪم مليو ته اهي رات پيٽ ۾ ڪارخانن تي پهچي ويا، انهن عملدارن مالڪن ۽ اُنهن جي مقرر ڪيل عملي کي ٻن ڪپڙن ۾ اتان ڌڪي ڪڍيو ۽ اتان پائي به کڻڻ نه ڏني وئي، انڊسٽري تي قبضي وارو فيصلو به ايترو مخفي ۽ تڪڙو رهيو جو مالڪ پاڻ سنڀالي نه سگهيا. سرڪاري عملي ۽ عملدارن جي کوٽ پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن ۽ عهديدارن سان پوري ڪئي وئي ۽ انهن کي نوڪريون ڏئي، مختلف ڪارخانن تي مقرر ڪيو ويو. ڪرپٽ انتظاميا وارا ڪارخانن ۾ رکيل نقدي کان سواءِ رکيل ڪجهه پڪو مال ته کڻي ويا، پر قيمتي مشينري ۽ ٻيو سامان به بچي نهسگهيو. ڪارخانن جو رڳو رڪارڊ گم ڪيو ويو ۽ نئون فرضي رڪارڊ تيار ڪيو يو. نتيجي طور هيٺين سطح جي 60 سيڪڙو انڊسٽري بند ٿي وئي. جنهن ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا ۽ سارين وارا ڪارخانا شامل هئا.
ڪارخانن ۾ مهذب ۽ جمهوري طريقي سان سماجي مسئلا حل ڪرڻ يا ڪرائڻ واري رواج کي هٿي ڏيڻ بجاءِ داٻي واري طريقي کي هٿي ملي. تعليمي ادارا به سڌاري بجاءِ خساري ڏانهن ويا، سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي واحد يونيورسٽي هئي جنهن ۾ سياسي بنيادن تي وائس چانسلر مقرر ٿيو. تعليم جي ماهر وائيس چانسلر کي هٽائي، هڪ وڪيل کي وائيس چانسلر بڻايو ويو. توڙي جو شيخ اياز جو ادبي ۽ سماجي قد ڪاٺ اوچو هو، پر کيس وائيس چانسلر بنائڻ واري فيصلي ۾ توازن نه هو. تعليمي ادارن ۾ حڪومت پنهنجي پارٽيءَ جي هيٺين شاخ ”پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن“ جو بنياد وڌو، جنهن کي گهڻو ڪري ”پريشر فورس“ طور استعمال ڪيو ويو.
1977ع واري مارشل لا ملڪ کي ٻيهر اهڙي کڏ ۾ ڪيرائي وڌو، جنهن مان نڪرڻ ناممڪن نه ئي سهي پر وڏو مشڪل ضرور هو. ملڪي سڪي جو بين الاقوامي ملهه ڪري پيو ۽ حڪومتي طاقت صرف پيپلزپارٽيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ صرف رهي. افغانستان ۾ سوويت مداخلت سان مارشل لا دؤر مضبوط ٿيو ۽ ملڪ ۾ ڊالر به اچڻ لڳا، پر اجتماعي طور ملڪ ۾ هيروئن ۽ هٿيار وارو ڪلچر متعارف ٿيو، اخبارون ۽ رسالا مارشل لائي پابندي هيٺ ڇپجي رهيا هئا، جنهن شخص جمهوريت يا فردي آزاديءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي، ان کي موت يا جيل جو منهن ڏسڻو ٿي پيو. ملڪ ۾ ڪنهن به قابل ذڪر انڊسٽريءَ جو اضافو نه ٿيو، زرعي پيداوار ۾ خود ڪفالت خواب رهجي وئي. مارشل لا کان پوءِ ايندڙ تڪڙيون تڪڙيون حڪومتون ڪا به اقتصادي ترقي ڏئي نهسگهيو، ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيندا رهيا ۽ روپئي جو ملهه ڪرندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي مالي ادارن کان ڳرا ڳرا قرض کنيا ويا، پر پوءِ به افراط زر وڌندو رهيو ۽ مهانگائي زور وٺندي رهي. ملڪ کي بين الاقوامي سطح تي ”ڏيوالو ٿيل رياست“ سان تعبير ڪرڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. صدر پرويز مشرف جي فوجي حڪومت کي به افغانستان جي ڪري ڊيگهه ملي. هن دؤر ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ڏانهن توجهه ڏنو ويو. جيڪو متبادل ترقيءَ جي رستي طور ڪامياب ذريعو سمجهيو ويو.
ٽيليفون جو مقامي ترقيءَ ۾ خاص هٿ رهيو آهي. سنڌ جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته هي نظام انگريزن جو دؤر ۾ بنيادي ترقي ۾ سهڪاري رهيو، جڏهن بئراج پيا، خاص ڪري سکر بئراج کان نڪتل واهن جي حفاظت ۽ آبپاشي سرشتي ۾ رواني لاءِ ٽيليفون اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ کي سرسبز رکڻ ۾ انهي ٽيليفون جو وڏو هٿ هو. ٽيليفون جو ٻيو دؤر پيپلز پارٽي وارو پهريون دؤر هو. جڏهن ملڪ جي ٻهراڙين ۾ ٽيليفون پهچايا ويا ۽ لائينون وڇايون ويون. ٽيليفون جي هن نظام، سنڌ يا ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو، ڇو جو اهي ٽيليفون وڏيرن جي گهرن ۽ اوطاقتن تائين محدود رهيا ۽ عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر رهيا، ٻيو تهانهن کي ڪنهن اقتصادي رابطي بجاءِ، ٿاڻن تي ٻڌڇوڙ واري رابطي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ٽيون تجربو جوڻيجي جي دؤر ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڳوٺن کي پي سي او ڏنا ويا، پر اهي به ٿوري گهڻي فرق سان وڏيرڪي قبضي ۾ رهيا پر هن دفعي تار بجاءِ مائڪرو ويو ٽاور آزمايا ويا، جن سان رابطي ۾ وڌيڪ آساني ٿي ڇو جو تار وارو نظام گهڻو وقت خراب رهندو هو. شروع ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته اهي پي سي او پوسٽ آفيس، اسڪول يا ڪنهن دڪان تي لڳايا ويندا، پر ائين گهٽ ٿيو.
بعد ۾ ايندڙ پي پي پي ۽ نواز دؤر ۾ فائبر آپٽڪ ٽيڪنالاجي سان گڏ سئٽلائيٽ جو به استعمال ٿيڻ لڳو، پر اهي ٻئي ٽيڪنالاجيون گهڻو ڪري شهرن تائين محدود رهيو. پر انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئر ڏانهن تجارتي بنيادن تي ڪو به خاص توجهه نه ڏنيو ويو ۽ اسان جي مقابلي ۾ ”ترقي جي متبادل رستي“ تي انڊيا مسلسل هلندو رهيو ۽ انهن انڊيا جي قومي خزاني ۾ ڳاڻاٽي جيترو واڌارو ڪيو. انڊيا جا ٻه ڪروڙ ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ محنت مزدوري ڪري ناڻو ڪمائي ملڪ موڪليندا هئا ۽ اهو ملڪي آمدني جو اهم ذريعو هو، پر انڊيا ۾ انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليفوني نظام کي ايترو ته اهميت ڏني وئي جو نه صرف خود اها انڊسٽري پاڻ نفعي جو سبب بڻجي وئي، پر ڳوٺاڻي ترقيءَ کان وٺي مڪينيڪل سيڪٽر ۾ به انهيءَ جي ڪري بنيادي تبديليون آيون. هن وقت انڊيا 31 ارب ڊالر رڳو سافٽ ويئر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي مان ساليانو ڪمائي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ هن پاسي توجهه 1999ع جي شروعات ۾ ڏنو ويو، جڏهن نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم هو، انٽرنيٽ جي استعمال، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون. جنرل مشرف جي دؤر ۾ ڳوٺن ۾ وائرليس (V) فون جو استعمال وڌايو ويو. مائڪرو ويو ٽيڪنالاجي ذريعي ڳوٺن ۾ بنا ڪنهن في جي ٽيليفون ڪنيڪيسن ڏنا ويا. موبائل ڪمپنين کي ڀليڪار چيو ويو، جن ننڍن ننڍن شهر ۾ به ٽاور ائنٽينائون هڻڻ شروع ڪيون، جنهن سان ڳوٺن ۾ به موبائل فون جو استعمال ٿيڻ لڳو، ٽيليفون جي استعمال کي سستو ڪيو ويو ۽اوزارن تي به ڊيوٽي ختم ڪئي وئي، ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ ان جي پرزن جي درآمد ۾ آساني آندي وئي. بئنڪن ۾ اي بئنڪنگ جو رواج وڌو ويو. هي شروعاتي سطح تي ڪيل ڪوشش جو نتيجو هو. هن سان اقتصادي سرگرميون وڌيون. هاڻ هاري وٽ به موبائل آهي ۽ هو زميندار سان رابطي ۾ رهي ٿو، جنسن جا اگهه پڇڻ، ڊيزن جي پهچ ۽ يوريا گهرائڻ لاءِ هاڻ موبائل فون استعمال ٿئي ٿي. ننڍن ننڍن صنعتن ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت موجود آهي، جنهن سان کاتن جو نظام ٺيڪ رکڻ ۽ دنيا جي مارڪيٽ تي نظر رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.
عالمي ضابطا:ٽين دنيا جي سڀني ملڪن جي ترقيءَ جي رفتار، تعليمي معيار ۽ جمهوري آزادي هڪجهڙي نه آهي. ڪيترا ملڪ انتهائي غريب آهن، ته ڪن ملڪن ۾ سالن جا سال غير جمهوري نظام رهندو پيو اچي. انهن ملڪن ۾ صحت، انساني حق، ميڊيا جي آزادي، زرعي سڌارا، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ڪمپيوٽنگ وغيره جو توازن بگڙيل آهي. انهيءَ ڪري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ درجابنديءَ جي ضرورت آهي. ڪهڙن ملڪن جون شروعاتي ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ انهن ملڪن ۾ ڪهڙي زرعي انڊسٽري جو ڪچو مال مهيا ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙي معدنيات تي پهرين ڪم ڪري سگهجي ٿو؟ انهيءَ جو مقصد مقامي وسيلن جو استعمال ۽ ٻين تي ڀاڙڻ گهٽائڻ آهي ۽ انهن ملڪن کي انهيءَ فيصلي ۾ آزاد ڇڏيو وڃي، ورلڊ بئنڪ يا آءِ ايم ايف جون هدايتون ۽ ڏکيا شرط اهڙن رٿائن اڳيان بند ثابت ٿيا آهن. ڪنهن به اهڙي انڊسٽري کي ترجيح نه ڏني وڃي، جنهن سان هڪ ته ملڪ کي گهڻ قومي ڪمپنين جو محتاج ٿيڻو پوي ۽ ٻيو ته ”پاور بلاڪ“ انهي انڊسٽري جي هڪ هڪ پرزي تي ان ملڪ جي آزاد جو سودو ڪن.
هن ڏس ۾ ”آسيان“ ملڪن جي ماڊل کي لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ آزاد تجارتي پاليسي، برآمدي مال ۾ واڌارو، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ انفرميسن ٽيڪنالاجيءَ جو عام استعمال شامل آهي. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ٽين دنيا جا مثالي ملڪ بڻجي ويا آهن. هنن ملڪن جي ترقي ڪنهن به نموني مقامي ٻولي ۽ ثقافت کي نقصان نه پهچايو آهي.
ڪميونيڪيشن ۽ اقتصادي ماهرن ”آسيان“ ملڪن جي ماڊل کي معياري قرار ڏنو آهي. ٻيو ماڊل ”چين“ جو آهي،جنهن معيار کي گهٽ ۽ مقدار تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. دنيا هنيئر چين جي مال سان ڀرجي وئي آهي. سستي لئبر ان جو مک ڪارڻ آهي. ين جي پويان ”انڊيا، هلي رهيو آهي، جنهن مڊل ايسٽ جي مارڪيٽ تي وڏو اثر ويهاريو آهي ۽ اڳتي نڪرڻ لاءِ پر ڇنڊي رهيو آهي.
مقامي ضابطا: مغرب جي نظر ۾ پاڪستان جي ڪاٽو پوائنٽ هن جو اسلامي ملڪ هئڻ آهي ۽ پاور بلاڪ جا ملڪ پاڪستان کي توري تڪي پوءِ اڳتي ڇڏيندا. هن وقت جنهن ڳالهه تي ڪم ٿي رهيو آهي، اِها ”انڊيا“ جي بالادستي کي مڃڻ آهي، آمريڪا انهيءَ نقطي تي شدمد سان ڪم ڪري رهيو آهي. ٻي ڪوشش اسلامي سوچ کي ختم ڪري ترڪي يا ملائشيا وانگر ”روشن خيالي“ کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ آهي.
پاڪستان کي پنهنجي سڳي ۾ رکڻ لاءِ ”لٺ ۽ چٺ“ واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪشمير جي مسئلي کي انڊيا جي طئي ڪيل فارمولي موجب حل ڪيو ويندو ۽ پاڪستان هر حال ۾ ان کي قبول ڪرڻ جو پابند هوندو.
پاڪستان کي بنيادي ڍانچو ته مليل آهي، پر جنهن ڳالهه جي کوٽ آهي، ان ۾ قومي ٻڌي، ڪرپٽ انتظاميا جو خاتمو، زرعي مال کي پرڏيهه موڪلڻ، ڊيري کي آسٽريليا واري ماڊل تي ترقي ڏيڻ، تعليم جو معيار اوچو ڪرڻ، قومي ٻولين ۽ ثقافتن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ ۽ صوبن ۾ فيصلن جي وراثتي حق واري خيال کي وڌائڻ، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽انفرميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سافٽ ويئر انڊسٽري کي واڌائڻ، جنهن لاءِ ماڻهو جي دماغ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ڪچي مال جي ضرورت نه آهي، صوبائي حقن کي يقيني بنائڻ، ضلعي حڪومت واري متوازي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ جمهوري نظام کي اثرائتو بنائڻ شامل آهي.
ماس ميڊيا ۽ ترقيءَ جو عمل
آزادي کان اڳ انگريز سرڪار ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ريڊيو استعمال ڪيو، جنهن جو بنيادي مقصد برٽش انڊيا ۾ پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکڻ لاءِ هيٺين سطح تي همدرديون حاصل ڪرڻ هو.
1933ع ۾ ”ڳوٺاڻي نشريات“ جي عنوان سان ڪي ريديو اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. پهرين اسٽيشن ”ڀائوزري“ جي علائقي ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪا ممبئيءَ جي ويجهو هئي. هن اسٽيشن تان مرهٽي، گجراتي ۽ ڪانڊا ٻولين ۾ پروگام نشر ٿيڻ لڳا.
1936ع ۾ ساڳي نموني جي ريڊيو اسٽيشن الهه آباد ۾ قائم ڪئي وئي. 1939ع ۾ سرحد صوبي ساڳي مقصد سان ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، هي علائقو بنسبت ”ڀائوزري“ ۽ ”الهه آباد“ جي غريب علائقو هو ۽ماڻهن وٽ ريڊئيءَ جي ڪا خاص اهميت به نه هئي، انهيءَ ڪري سرڪار هڪ سو ريڊيو سيٽ انهيءَ علائقي ۾ موڪليا، جيڪي تپيدارن معرفت اهڙن هنڌن تي رکيا ويا هئا، جتي وڌ ۾ وڌ ماڻهو جمع ٿيندا هجن. هنن کي ”ڪميونٽي ريڊيو سيٽ“ چيو ويو. واندڪائي ۾ ڳوٺاڻا انهن ريڊيو سيٽن تان گڏجي پشتو زبان ۾ مختلف پروگرام ٻڌندا هئا.
توڙي جو برٽش انڊيا جي مک شهرن ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيل هيون، پر انهن اسٽيشنن جي شريات شهري انداز جي هئي، جنهن ۾ سرڪاري سرگرمين کان پوءِ گهڻو وقت موسيقي کي ڏنو ويندو هو. ان وقت جي لوڪ ميڊيا، البت ماڻهن ۾ مشهور ۽ مقبول هئي، جنهن ناٽڪ، کيل تماشين وارا پروگرام ۽ ميلا شامل هئا.
آزادي کان پوءِ پاڪستان ۾ ريڊيو سرڪاري ۽ تفريحي پروگرامن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، 70 واري ڏهاڪي تائين ريڊيو مقبول ميڊيم رهيو، هن ڏهاڪي جي آخر ۾ ٽي وي زور وٺڻ لڳي، پر اهو زور شهري زندگيءَ تي هو، جتي بجلي ۽ ٽي وي آساني سان دستياب هئي. ٻهراڙيءَ ۾ بجلي ۽ ٽي وي سيٽ جي غير موجودگيءَ کان سواءِ نشريات بوسٽر جي به کوٽ هئي ۽ هر هنڌ نشريات نٿي پهتي. انهيءَ ڪري ڳوٺاڻي سطح تي ريڊيو ئي مقبول رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ جو اهم ڪردار رهيو. سنڌي فنڪار پيدا ٿيا، نوان نوان ڪلاڪار ۽ موسيقار ۽ لوڪ فنڪار متعارف ٿيا ۽ ٻيو ته ٽي وي لاءِ ريڊئي اڪيڊمي جو ڪم ڪيو، تيار اداڪارن، پروڊيوسرن، فنڪارن ۽ اسڪرپٽ رائيٽرن کان سواءِ ٻيوبه ڪيترو عملو ريڊيو ڇڏي ٽي وي ڏانهن ويو.
سنڌ جي ترقيءَ ۾ اخبارن ۽ رسالن جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو، خاص ڪري مزاحمتي تحريڪ کي ڀارڻ ۾ ۽ شعور جي سجاڳي لاءِ انهن قابل ذڪر ڪم ڪيو.
سنڌي اخبارن جي تاريخ ۾ 90 وارو ڏهاڪو اهم ۽ عجيب رهيو، 1985ع واري غير جماعتي اسيمبليءَ ۽ سينٽ ۾ اخباري ايڊيٽرن ۽ صحافين کي داخل ٿيڻ جو مقوعو مليو، جنهن سان اخباري ملڪن ۽ عامل صحافين ۾ ايوانن اندر داخل ٿيڻ جي سڪ پيدا ٿي ۽ اخبارون اجتماعي ترقي يا ڪردار ادا ڪرڻ کان وڌيڪ ”شخصيت پرستي“ جو اوزار بڻجڻ لڳيون. اهڙ: موج مستي ماڻڻ لاءِ 1990ع کان پوءِ ڪيترائي سنڌي ڪروڙين روپيا کڻي اخباري دنيا ۾ ڪاهي پيا ۽ بنا ڪنهن رٿابندي جي شروع ڪيل اهي اخبارون جلد بند ٿي ويون ۽ سڄي موڙي به ٻڏي وئي.
پاڪستان جي حوالي سان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم عملي زندگيءَ جي ڪا ايتري اثرائتي ثابت ٿي نه سگهي آهي، جيتري طاقتور ملڪن ۾ بااثر آهي. انهن ملڪن ۾ زندگيءَ جو هر شعبو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي علم سان لاڙهيل نظر اچي ٿو. اِهي ملڪ پنهنجن ٻارن کي اسڪولي سطح تي صحافت پڙهائين ٿا ۽ ٻارن کي بنيادي سطح تي هن علم کان واقف ڪيو وڃي ٿو. ثانوي ۽ اعليٰ سطح تي زراعت، صحت، اقتصاديات، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ڪمپيوٽر سائنس جهڙن اهم مضمونن سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن پڻ پڙهائي وڃي ٿي.
ماس ميڊيا جا جيڪي به ذريعا هن وقت موجود آهن، انهن ۾ اخبار اڄ به طاقتور ذريعو ليکيو وڃي ٿو، ڇو جو هڪ ته اخبار انهن هنڌن تي آساني سان پهچيو وڃي، جتي ٻيا ميڊيا نٿا پهچن ۽ ٻيو ته اخبار واقعن جو هڪ مستند رڪارڊ پڻ آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ورڪر ماس ڪميونيڪيشن جي علم کان اڻ واقف هجن ۽ صرف تجربن جي بنياد تي اخبار ڪڍي رهيا هجن ته اهڙي اخبار سماج ۾ بنيادي تبديليءَ جو سبب بڻبي، ٿيندو ائين جو جيڪي اهم واقعا ۽ خبرون هونديون. اهي پوئتي رهجي وينديون ۽ غير اهم واقعن ۽ خبرن کي وڌيڪ اهميت ملندي ۽ سماج اڏو مثبت پهلو نه آندا ويندا، پر هر جاءِ تي منفي سوچ کي هٿي وٺرائي ويندي. اخبار ۽ پوليس ٿاڻي ۾ ڪو فرق باقي نه رهندو. ملڪي ترقيءَ ۾ ماس ميڊيا جي اهميت به انهيءَ پس منظر ۾ واضح ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ميڊي اجي رٿابندي ٿيندي ۽ انهيءَ لاءِ صرف ڄاڻو ماڻهو اڳتي آندا ويندا.
سگهارن ملڪن ۾ زراعت، سياست، صحت ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ”ڪميونيڪيشن“ جا مهر ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن. اشتهاري ادارا اهڙن ماهرن کي ڳرن معاوضن تي مقرر ڪندا آهن، جن کي ٻوليءَ جي صحيح استعمال ۽ نعرن (Slogans) جي سماجي ڪارج جو فهم هوندو آهي. اسرندڙ ملڪن ۾ اڃا تائين اهو تاثر موجود آهي ته ”ماس ڪميونيڪيشن“ جهڙا علم شوقيا پڙهڻ گهرجن. اهي سماج جي بهتري ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪندا آهن. انهيءَ سوچ جو مک ڪارڻ اسرندڙ ملڪن ۾ انساني روين جي ترقيءَ کان وڌيڪ ”پيٽ“ جو مسئلو آهي. سماجي قدر ٻئين يا ٽئين درجي تي هوندا آهن. پهريون مسئلو جيڪڏهن آهي ته اهو ”روزي“ جو آهي. اهڙي سماج ۾ يقيناً انساني سوچ ۽ تخليق مادو محدود ٿي ويندو آهي ۽ اهڙن ملڪن ۽ سماجن ۾ علم به اهي پڙهيا ۽ پڙهايا ويندا آهن، جيڪي ”روزي پاڻي“ جو مسئلو حل ڪري سگهن. انهيءَ ماحول ۾ ماڻهو فلسفو ڇو پڙهن، سماجي نفسيات ۽ لسانيات کي هو ڇا ڪن؟ ميوزيالاجي ۽ اينٿراپالاجي هنن جو پيٽ ڪئين ڀريندي؟ اهي مضمون پڙهي، هو صرف پرائمري ماستر ٿي سگهن ٿا، جنهن لاءِ هو وقت ۽ پئسو ڇو وڃائين، مئٽرڪ سطح تي به پرائمري ماستري وارو ڪم ٿي سگهي ٿو. چوڻ جو مطلب هي آهي ته معاشي مسئلن جي ڪري ڪيترائي اهم مضمون ۽ علم مڌم ٿي ويندا آهن يا مرڳو انهن جي ڪا اهميت ئي نه رهندي آهي. انهن غريب ملڪن ۾ مذڪوره علمن وانگر ”ماس ڪميونيڪيشن“ به اهڙي اجتماعي رويي جو شڪار هي آهي. سنڌ جو جائزو وٺون ته هن علم بابت به ڪا سٺي حالت نظر نه ايندي. سنڌ ۾ ڪل ٽي وڏيون سرڪاري يونيورسٽيون آهن، پنج ڪروڙ ماڻهن لاءِ يونيورسٽين جو اهو تعداد ڪافي آهي يا نه، اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر اسان وٽ سنڌ سطح تي جيڪي يونيورسٽيون موجو آهن، انهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس شامل آهي. هن وقت اهي ٽئي يونيورسٽيون سائنسي، سماجي ۽ فني علم پاڙهي رهيون آهن. انهن ٽنهي يونيورسٽين مان صرف ٻه يونيورسٽيون يعني ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي هن وقت ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي باقاعدي تعليم ڏئي رهيون آهن. پر ماس ڪميونيڪيشن شعبن جي پراڊڪٽ يعني شاگرد مارڪيٽ ۾ ڪيتري جاءِ ولارين ٿا؟ ڪراچي يونيورسٽيءَ جا شاگرد ته مارڪيٽ ۾ ڪا نه ڪا جاءِ والاري وڃن ٿا، ڇو جو هڪ ته اتي جي فئڪلٽ جاندار آهي ۽ ٻيو ته خود ڪراچي شهر ”ماس ڪميونيڪيشڻ، جي وڏي مارڪيٽ آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ شروع کان عملي ڪم (Practical work) تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ هن عم جي مختلف مضمونن کي عملي طور پڙهائڻ لاءِ لئبارٽري به موجود آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرادڪٽ يعني شاگرد مارڪيٽ ۾ ڪا ڳڻائڻ جهڙي جاءِ والاري نه سگهيا آهن. انهيءَ جو بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي تعليم روايتي تعليمي سرشتي مطابق ڏني وڃي ٿي، ”عملي ڪم “ تمام گهٽ ٿيندو آهي ۽ نه وري گهربل فئڪلٽي موجود آهي ۽ نه گهربل سامان ۽ حيدرآباد جي حوالي سان مارڪيٽ به ڪا ايتري جاندار ڪانهي.
اسان جي رياست ۽ حڪومتون ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهڻ ۾ اڃا تائين غلطي ڪري رهيو آهي. جيڪي شعبا خالص ”ماس ڪميونيڪيشن“ سان تعلق رکن ٿا، اتي ڪا به ٻي ڊگري رکندڙ فرد رکڻ ۽ کڻڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿي ڪئي وڃي. خود اسان جي مادر عملي يعني سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1992ع تائين پبلڪ رليشنز شعبي کي سنڀاليندڙ محترمه ”سوشل ورڪ“ جي ڊگري رکندڙ هئي. ان کان پوءِ پهريون دفعو ماس ڪميونيڪيسن جي ڊگري رکندڙ فرد کي پبلڪ رليشنز شعبي جو ذميوار بڻايو ويو، پوءِ به هي ڳالهه ٻڌي حيراني ٿيندي ته جيڪو ”ماس ڪميونيڪيشن“ فيلڊ جو ماڻهو هو، ان کي امتحانن واري شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو، انهي تبديليءَ مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي اعليٰ ۽ لکيل پڙهيل طبقي ۾ ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي علم جي اهيمت ۽ افاديت جو تصور ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن يونيورسٽين ۾ به اهو تاثر چٽو ٿي نه سگهيو هجي ته ”پبلڪ رليشنز“ ۽ ”امتحانن وارو شعبو“ فني لحاظ کان الڳ به آهن يا نه ۽ انهن ٻهي شعبن جي الڳ الڳ ڪهڙي حيثيت آهي يا ائين کڻي چئي ته ايم ايڊ ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي ايم اي ۾ ڪو فرق به آهي يا نه؟ ايترو ته ضرور هئڻ گهرجي جو ”علم تعلي۾ ۽ ”علم فهم“ ۾ ڪو ته فرق هئڻ گهرجي! هتي ”علم فهم“ ڄاڻي واڻي ماس ڪميونيڪيشن جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، هي ڪا عام معنيٰ نه آهي، پر هڪ راءِ آهي ته ”ماس ڪميونيڪيشن“ فهم جي سرچشمي جو هڪ اهم حصو آهي.
”ماس ڪميونيڪيشن“ جي حوالي سان هڪ ٻي حقيقت به بيان ڪندا هلون، جڏهن جنرلزم ڊپارٽمينٽ کي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ بدلايو ويو هو، ته ڪافي لکيل پڙهيل ماڻهو به ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي لفظ کي سمجهي نه سگهندا هئا، ڪي ”ماس ڪميونيڪيشن“ چوندا هئا ته ڪي جيڪڏهن هي اصطلاح سمجهي به ويندا هئا ته مفهوم ۽ مطلب لاءِ وري به پڇندا هئا ته اهو ڇا آهي؟ انهن کي پوءِ سولن لفظن ۾ سمجهائڻو پوندو هو ته اهو صحافت جو نئون نالو آهي، اهو ته اسان جو حال هوٰ
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اڃا ته هن ڊپارمينٽ جي شروعات نه ٿي سگهي آهي، شايد انهيءَ شعبي جي ضرورت ئي مهسوس نٿي ڪئي وڃي، البت جنرلزم ۾ ايم اي بطور خانگي اميدوار امتحان ورتو وڃي. ڪاليجن، زرعي، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ بطور مضمون پڙهائڻ وارو سوال ته اڃا پيدا ئي نه ٿيو آهي. مٿين حقيقت کان پوءِ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم اسان جي سماج ۾ تڏهن وڌي ۽ ويجهي سگهندي جڏهن مٿين توڙي هيٺين سطح تي هن علم جي اهميت کي محسوس ڪيو ويندو ۽ ريدئي، ٽي وي چئنلن، خابرو ايجنسين، اخبارن، رسالن، اشتهاري ايجنسين ۽ پبلڪ رليشنز جي شعبن ۾ صرف ”ماس ڪميونيڪيشن“ وارن کي رکيو ويندو. گڏوگڏ زرعي يونيورسٽي، ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ انجنيئري يونيورسٽين کان سواءِ ڪاليجن ۽ هاير سيڪنڊڙي اسڪولن ۾ ”ماس ڪميونيڪيشن“ بحيثيت مضمون پڙهايو ويندو. جڏهن تهسياسي پارٽين جا ترجمان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جا ماهر هوندا ۽ ڪمپنيني جي اشتهاري مهم ۽ پبلڪ رليشنز جي سنڀال لاءِ ”ماس ڪميونيڪيشن“ وارا مقرر ٿيندا. اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ خود ”ماس ڪميونيڪيشن” سان سلهاڙيل ماڻهن کي پاڻ ۾ خود اعتبادي ۽ علمي ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي.
سنڌ جي مڙني يونيورسٽين مان صرف ٻن يونيورسٽين ۾ هن وقت ماس ڪميونيڪيشن جا شعبا موجود آهن. انهن کان سواءِ اردو ڪاليج جنهن کي وفاقي حڪومت هاڻ باباءِ اردو يونيورسٽي تائين وڌايو آهي. انهيءَ ۾ به ماس ڪميونيڪيشن پڙهائي وڃي ٿي. هيٺ اسان مختصر نموني ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبن جو جائزو ۽ تعارف پيش ڪنداسين.
ڪراچي يونيورسٽي: ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”جنرلزم ڊپارٽمينٽ“ 1955ع ۾ قائم ٿيو هو، جنهن کي هاڻ اسان ”ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ“ چئون ٿا. هن ڊپارٽمينٽ شروع ۾ عامل صحافين لاءِ ڊپلوما ڪورس شروع ڪيو هو، 1962ع تائين يعني ست سال ڊپلوما ڪورس ئي ڪرايو ويندو هو، انهي سال ڊپلوما جي جاءِ تي ٻن سالن جو ايم اي (صحافت) لاءِ ڪورس ترتيب ڏنو ويو. هن ڪورس جي سفارش پاڪستان پريس ڪميشن ڪئي هئي، هن کان پوءِ باقاعدي ڊگري ڪورس پڙهائجڻ لڳو. گڏوگڏ هي ڊپارٽمينٽ وڌندو ۽ ويجهندو رهيو، بي اي آرنرس جا ڪلاس 1993ع ۾ شروع ڪيا ويا ۽ پهرين سال ئي آنرس ۾ داخلا لاءِ 900 درخواستون جمع ٿيون. اڳوڻي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين ۾ موجود صحافت وارن شعبن کي ”ماس ڪميونيڪيشن“ شعبن ۾ بدلائڻ جي سفارش ڪئي ۽ اهڙي نموني ڪراچي يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو جنرلزم ڊپارٽمينٽ بدلجي ”ماس ڪميونيڪيشن“ ڊپارٽمينٽ ٿي پيو.
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جا شاگرد هن وقت پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهم ذميواريون سنڀالي رهيا آهن. انهن مان ڪيترا وفاقي توڙي صوبائي اطلاعات کاتي ۾ پڻ ڪم ڪري رهيا اهن. جوڻيجي جي حڪومتي دؤر (1988- 1985ع) ۾ هن شعبي لاءِ هڪ ميڊيا لئبارٽري منظور ڪئي وئي هئي، جيڪا پڻ شاگردن کي عملي ڪم سکڻ ۾ مدد ڏئي رهي آهي. هن وقت هن شعبي ۾ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.
سنڌ يونيوسٽي ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي جڏهن ڪراچي کان حيدرآباد پهتي ته موجوده ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جي عمارت ۾ هن نئين يونيورسٽي ۾ پهرين ته ڪي محدود شعبا کوليا ويا، ڇو جو جا3 ۽ فئڪلٽي، ٻنهي جو مسئلو درپيش هو. نيٺ ڄام شوري واري موجوده جاءِ نئين ڪئمپس لاءِ چونڊي وئي. خيال هو ته اهو هنڌ اڳتي هلي هڪ ”ايڊوڪيشن سٽي“ جو روپ ڌاريندو. نئين ڪئمپس ۾ آهستي آهستي نوان شعبا کلڻ شروع ٿيا. عمارت سازي جو ڪم به جاري رهيو. انتظامي بلاڪ تيار ٿيڻ کان پوءِ سڄي انتظاميا پراڻي ڪئمپس مان منتقل ٿي نئين ڪئمپس پهتي.
1977ع تائين جنرلزم ڊپارٽمينٽ جو ڪو وجود ڪو نه هو، انهي سال هن نئين شعبي جو بنياد پيو. پروفيسر خان محمد پنهور (مرحوم) ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي (صحافت) جي ڊگري وٺي آيو هو، جنهن کي هن ڊپارٽمينٽ جو پهريون استاد مقرر ڪيو ويو، ائين اهو استاد هن ڊپارٽمينٽ جو باني ٿي پيو. خان محمد پنهور کان سواءِ ٻيا استاد پارٽ ٽائيم مُدرس مقرر ٿيا. ان وقت ئي ايم اي (صحافت) جو ڪورس شروع ڪيو ويو هو ۽ گڏوگڏ ڊيلوما ڪورس پڻ ڪرايو ويندو هو. هن شعبي جي سفارش تي يونيورسٽي عامل صحافين لاءِ ايم اي صحافت جو خانگي امتحان پڻ وٺڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي هن شعبي جي فارغ ٿيل شاگردن مان ڪن کي اتي ئي استاد مقرر ڪيو ويو. يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي سفارش تي صحافت واري شعبي کي ماس ڪميونيڪيشن ۾ بدلايو ويو. شروع ۾ ته اها حالت هوندي هئي جو شاگردن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٽي ۽ وڌ ۾ وڌ ٻارنهن هوندو هو. هن وقت بي اي آرنرس جا ڪلاس به هلي رهيا آهن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ جي ڪري هاڻ سوين شاگرد هن مضمون کي پڙهڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري رهيا آهن. هاڻ داخلا به انٽر ٽيسٽ سان منسوب ڪئي وئي آهي. هن شعبي سان گڏ هڪ ذيلي شعبو ”ميڊيا ريسرچ سينٽر“ به ڪم ڪري رهيو آهي.
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت غير ملڪي شاگرد به داخلائون وٺي رهيا آهن.
هاڻ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ باقي نه رهيو آهي ته ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم هن جديد دؤر جي سڀني سماجن لاءِ ڪيتري نه اهميت واري آهي. حقيقت هي آبهي تهاسان ”ماس ڪميونيڪيشن“ ۾ مهارت کان سواءِ نه ته حڪومتي ادارا صحيح نموني هلائي سگهنداسون ۽ نه وري هڪ واپاري قوم طور اڀري سگهنداسون.
سياسي پارٽين جي سياسي رٿابندي هجي يا ڪنهن ترقياتي رٿا جي رٿابندي هجي، هن علم کان سواءِ ان رٿابندي مان نه ته گهريل فائدو حاصل ڪري سگهبو ۽ نه وري عوامي راءِ کي ڪنهن رٿابندي ۾ شامل ڪري سگهبو. هن علم کان سواءِ نه ته ڍنگ جي صحافت ٿي سگهندي ۽ نه وري ڪا جنگ کٽي سگهجي ٿي. ماس ڪميونيڪيشن جون حڪمت عمليون ئي نفسياتي جنگ کٽڻ جو واحد سبب هونديون آهن. اسان جا ريڊيو ۽ ٽي وي چئنل هن علم کان سواءِ ايڊهاڪ ازم جو شڪار رهندا.
هي علم ڪهڙي نموني ۽ ڪيتري وسعت ماڻي چڪو آهي ۽ اڃا ڪيتري محنت جي ضرورت آهي؟ ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪجن؟ جن سان هن علم جي افاديت وڌي ۽ اسان جو سماج هن علم کي ”مڙئي علم“ نه سمجهي انهي ڏس ۾ هتي ڪن تجويزن تي بحث ڪجي ٿو.
هن علم جي تعليم کي وسعت ڏيڻ لاءِ ڪي ورڪنگ گروپ جوڙڻ گهرجن، جيڪي هر سطح تي هن مضمون کي پڙهائڻ بابت پنهنجون تجويزون ڏيڻ ۽ انهن ورڪنگ گروپ جي سفارشن کي لاڳو ڪرائڻ حڪومتن جو ڪم هجي. سوشل سائنس کان سواءِ ٻين فيلڊن ۾ هي مضمون سماج ۾ موجود رابطي جي کوٽ (Communication Gape) واري تصور کي ختم ڪرڻ لاءِ پڙهايو وڃي. انهيءَ ڳالهه کانانڪار ڪونهي ته هڪ ڊاڪٽر ڪميونيڪيشن جو ماهر نه به هجي، پر کيس ايتري حڪمت عملي اچڻ گهجيس، جنهن سان مريض ڪنهن به شڪ جو شڪار نه ٿئي، ڊاڪٽر جي هدايت ۽ مريض سان رابطو ۽ رويو اهڙو وزندار هجي، جو هو نفسياتي طور پنهنجي مرض واري فڪر کان نڪري اچي. انهيءَ ڪري ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ”ڪلينڪل ڪميونيڪيشن“ جو مضمون پڙهائڻ لازم هجي. ساڳي نموني انجنيئري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ”ريسرچ ۽ ڪميونيڪيشن“ جو مضمون پڙهائڻ گهرجي ته جيئن انجنيئر پنهنجن شعبن ۾ ڪي نيون شيون متعارف ڪرائڻ ۽ انهن بابت ريسرچ آرٽيڪل ۽ ڪتاب لکڻ جا اهل ٿي سگهن ۽ ”ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن“ جي تصور کان واقف ٿي سگهن. ذريعي يونيورسٽين ۾ ”ايگريڪلچر ڪميونيڪيشن“ جو مضمون پڙهائڻ گهرجي، جيئن اڻ پڙهيل هارين کي نين جنسن، مڇين جي پالنا، پاڻي جي صحيح استعمال ۽ چؤپائي مال جي پالنا بابت سمجهائڻ سولو ٿي پوي، هاري ۽ زميندار زرعي تحقيق ۾ هر سطح تي زرعي ماهرن سان رابطي ۾ رهي. انتظامي عهدن تي رهڻ وارن کي اڪيڊمين ۾ هي مضمون پڙهائڻ گهرجي ته جيئن هو عوام سان رابطي جو صحيح رستو اختيار ڪن ۽ قوم کي گهنٽي تي گهرائڻ جو رواج ختم ٿئي. اين جي اوز ۾ موج مستين جي جاءِ تي عوامي راءِ کي بالغ بنائڻ جو رحجان پيدا ٿئي.
2006ع ڌاري هڪ اين جي او ”ڪاروڪاري“ بابت ڄاڻ واري مهم هلائي، ان مهم ۾ سيمينار ۽ ورڪشاپن کان سواءِ لکين رويپا ”لٽريچر“ ڇپرائي ورهائڻ تي خرچ ڪيا ويا، هن سڄي مهم جو خاص نعرو (Slogan) هو ”اسان ڪري سگهون ٿا ڪاروڪاري جو خاتمو“. ڪميونيڪيشن حڪمت عملي جي ڄاڻ نه هئڻ سبب پيغام اڌورو رهجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان جو ابتو مطلب نڪرندو آهي، مٿين سلوگن ۾ به ابتو مطلب نڪري ٿو. ” ڪاروڪاري جو خاتمو“ غلط يا صحيح سماج ۾ اڳ ئي ٿي رهيو آهي ۽ هاڻ مذڪوره اين جي او به انهي ڪُڌي ڪم ۾ شامل ٿي وئي، بظاهر مطلب تهاهو نڪري ٿو. جيڪڏهن صرف هڪ لفظ جو اضافوڪجي ها ته مطلب ۽ مفهوم صحيح بيهي ها، يعني”اسان ڪري سگهون ٿا ڪاروڪاري رسم جو خاتمو“ هي نعرو ئي صحيح پيغام ڏئي رهيو آهي.
ماس ڪميونيڪيشن جي پراڊڪٽ يعني شاگردن جي باري ۾ پهرين به تذڪرو ڪري آيا آهيون، هي اقتصاديات جو دؤر آهي ۽ واپار گهرج (Demand) ۽ پهچ (Supply) واري اصول تحت هلي ٿو. ماس ڪميونيڪيشن جي پراڊڪٽ به انهي اصول هيٺ کپي سگهندي. ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي پراڊڪٽ لاءِ مارڪيٽنگ ضروري آهي ۽ مارڪيٽنگ لاءِ هيٺين اصولن کي سامهون رکڻو پوندو:
(الف) مضمون جي چونڊ: اسان جي تعليمي ماحول ۾ مضمون جي چونڊ هڪ مسئلو رهيو آهي ۽ اڃا به آهي. شروع ۾ ٻارڙن کي ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جو شوق ڏياريو ويندو آهي، پر انهيءَ ڳالهه کي خاطر ۾ نه آندو ويندو آهي ته ٻار جو ذهني لاڙو ۽ رجحان ڪهڙي پاسي آهي، هو ڪهڙي مضمون ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي سگهي ٿو. هن ڏس ۾ اسان جي ٻارن يا نوجوانن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، انهن ۾ مائٽن جي ذاتي خواهش، سرڪاري سطح تي ٿيندڙ اڻ پوري رٿابندي، تعليم کاتي ۽ تعليمي ادارن ۾ سياسي ۽ سفارشي ڀرتين، جنهن جي نتيجي ۾ چند فردن کي روزگار ته ملي وڃي ٿو، پر نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ وارو خال وڌندو وڃي ٿو.
سوشل سائنس جي حوالي سان جيڪا تعليم ملي ٿي، اُها گهڻو ڪري حادثاتي هوندو آهي. گهڻو ڪري ڪو به نوجوان مئٽرڪ سطح تي نه پاڻ، نه والدين ۽ نه استاد انهيءَ لاءِ تيار هوندا آهن ته هي نوجوان اڳتي هلي ”ماس ڪميونيڪيشن“ يا ”اينٿراپالاجي“ ۾ ماسٽر ڪندو. هن وقت ته يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان ڪو نه ڪو نظام رائج آهي، پر ويجهي ماضي ۾ جڏهن يونيورسٽين ۾ داخلا فارم ڀرائبو هو ته فارم ۾ پنهنجي خواهش موجب ترتيبوار ڪي به ٽي مضمون لکبا هئا، يعني پهريان فلاڻي مضمون ۾ داخلا وٺڻ ٿو چاهيان، پوءِ ٻيو مضمون ۽ ائين پوءِ ٽين خواهش لکبي هئي، مثلاً بايولاجي جو شاگرد باٽني، زولاجي ۽ فريش واٽر بايولاجي ائين ترتيبوار پنهنجي خواهش لکي فارم ڀري ڇڏيندو هو ۽ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ائڊميشن برانچ مان خط ايندو ته اوهان جي ”سوشل ورڪ“ ۾ داخلا ٿي وئي آهي ۽ اوهان فلاڻا فلاڻا سرٽيفڪيٽ ۽ داخلا في جمع ڪرائڻ واري رسيد فلاڻي تاريخ تائين ائڊميشن برانچ ۾ جمع ڪرايو، ٻي صورت ۾ اوهان جي داخلا رد سمجهي ويندي. اهڙي طرح شاگرد حادثاتي طور علم سياست، ماس ڪميونيڪيشن، سوشيالاجي ۽ فلاسافي وغيره داخل ٿي ويا ۽ جيئن تئين ڪري ڊگري وٺي وڃي پرائمري ماستر ٿيا يا بي روزگاري جي زندگي گذارڻ لڳا.
(ب) مضمون جي مارڪيٽنگ: جئين مٿي ذڪر ڪري آيا سون ته هي اقتصادي دؤر آهي ۽ ڪاروباري دنيا ۾ اهڙي شيءِ جي کپت هوندي آهي، جنهن جي ضرورت هجي. ”ماس ڪميونيڪيشن“ مضمون جو ڪارج به مارڪيٽبلٽي (Marketability) سان جڙيل آهي. هن وقت تائين پاڪستان ۽ سنڌ سطح تي ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي ڪا خاطر خواه مارڪيٽبلٽي موجود نه رهي آهي، جڏهن ته مارڪيٽ به موجود آهي، پاڪستان ۾ سوين اخبارون نڪرن ٿيون، سوين رسالا نڪرن ٿا، سئٽلائيٽ چئنل موجود آهن، وڏيون وڏيون ڪمپنيون موجود آهن. سرڪاري ادارا ۽ اطلاعاتي ادارا به ڪم ڪري رهيا آهن. هزارن جي تعداد ۾ اين جي اواز مصروف عمل آهن. پر ماس ڪميونيڪيشن گريجوئيٽ جي انهن سڀني ادارن ۾ پهچ ۽ کپت نه هئڻ جي برابر آهي. ائين ڇو آهي؟ ظاهر آهي ته هڪ ته انهن ادارن کي پنهنجي ڪم هلائڻ جي ڳڻتي هوندي آهي، اهي اهڙا ماڻهو هٿ ڪن ٿا، جيڪي سستا ۽ پنهنجي شعبي ۾ ڪو تجربو رکندا هجن. هنن وٽ ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي ڊگري هئڻ يا نه هئڻ جي ڪا اهميت ڪانهي. ”ماس ڪميونيڪيشن“ جو ”ٻولي“ سان گهرو تعلق آهي. يعني اوهان جيڪڏهن انگريزي اخبار يا رسالو ڪڍڻ چاهيو ٿا يا اتي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي انگريزي ٻولي سهڻي نموني اچڻ گهرجي. اوهان انگريزي لکي سگهو، انٽرويو ڪرڻ لاءِ انگريزي ڳالهائي سگهو، سب ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ ٻوليءَ کي ايڊٽ ڪري سگهو، انگريزي ۾ مضمون لکي سگهو. اوهان وٽ اِها اهليت نه آهي ۽ ”ماس ڪميونيڪيسن“ ۾ ماسٽر آهيو يا ڊاڪٽريٽ به ڪئي اٿو ته اِها به ڪنهن ڪم جي نه آهي. اوهان سنڌي اخبار يا رسالي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا تهاوهان کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي تي دسترس هجي. سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ٻي ڳالهه آهي، ان ۾ لکڻ ٻي ڳالهه آهي. اهڙي نموني اردو سان به ساڳيو قاعدو لاڳو آهي. جيڪڏهن اوهان پي آر او آهيو ته اوهان کي ٽنهي ٻولين ۾ ڀڙ هئڻ گهرجي، ڇو جو اوهان کي تقريرون لکڻيون آهن، پنهنجي اداري جي بلٽن ۽ پبلسٽي بابت مواد تيار ڪرڻو آهي، خبرون پريس رليز جي شڪل ۾ تيار ڪرڻيون آهن.
اوهان ۽ اسان جي تجربي جي ڳالهه آهي ۽ اکين آڏو اهڙا سوين مثال موجود آهن ته ڪيترائي فرد ڪنهن ڊگري جي بنياد تي نه پر ٻولي ۽ تجربي جي بنياد تي ماس ڪميونيڪيشن جي مختلف فيلڊن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڇا اهو ٺيڪ آهي؟ بلڪل ٺيڪ ڪونهي، ٻوليءَ جي اهيمت پنهنجي جاءِ تي ضرور آهي، پر هڪ عطائي ڊاڪٽر ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۾ بهرحال فرق آهي ۽ ڪنهن چوڪ تي ويٺل گاڏين جي مڪينڪ ۽ بي اي مڪينيڪل واري ۾ تفاوت آهي. هڪ هاري ۽ زميندار، هڪ زرعي گريجوئيٽ کان وڌيڪ تجربو رکندا هجن، پر فصلن جي رٿابندي، بيمارين، پوکي ۽ لاباري جي سائنسي اصولن ۽ فصلن جي ڦير گهير بابت هڪ زرعي گريجوئيٽ ئي بهتر ڄاڻي سگهي ٿو، بلڪل اهڙي طرح پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي ڪم جو تجربو رکندا هجن، لکڻ به ايندو هوندن، پر هڪ ماس ڪميونيڪيشن گريجوئيٽ ئي صحافتي نزاڪتن، ڪميونيڪيشن جي حڪمت عملين، سماج جي اوسر ۽ آئيندي جي خطرن ۽ خوبين کان بهتر نموني واقف هوندو.
ماس ڪميونيڪيشن گريجوئيٽ وارن لاءِ ٻيو پاسو نجي ڪاروبار واروآهي، اهي ڇپائيءَ جي ايجنسي کولي سگهن ٿا، اخبارن لاءِ اشتهارن جي مارڪيٽنگ ڪري سگهن ٿا، پبلشر بڻجي ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪري جي وسيع ڪاروبار ۾ گهڙي سگهن ٿا. پنهنجا مئگزين جاري ڪري سگهن ٿا. مومن بلو، جيڪو انگريزيءَ ۾ گيجوئيٽ آهي، اڪيلي سر انگريزي رسالوسو به معياري ”دي رپورٽر“ جي نالي سان باقاعدگيءَ سان جاري ڪري رهيوآهي. اهو ته ماس ڪميونيڪيشن گريجوئيٽ وارن لاءِ هڪ مثال آهي، اهي بهسنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ پنهنجا رسالا جاري ڪري سگهن ٿا، انهيءَ کانسواءِ علائقائي اخبارون يعني ميرپورخاص مان اخبار جاري ڪجي ۽ جيڪب آباد مان ٽه روزه اخبار جاري ڪري علائقي تي توجهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان مقامي اشتهار به ملندا، روزي به هلي پوندي ۽ علائقي جي خبرن ۽ واقعن يعني علائقي جي آواز کي ٻين تائين پهچائي به سگهجي ٿو.