ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275854   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري ته وسعت آهي،جو هن ٻوليءَ ۾ ڪنهن به جديد علم کي لکي ۽ پڙهي سگهجي ٿو. پر تنهن هوندي به اسان کي سنڌيءَ ۾ جديد عملن جا ڪتاب گهٽ ملن ٿا. هن ٻوليءَ کي اڳتي نه وڌائڻ ۾ ڌارين سان گڏ اسان سنڌي به انهيءَ ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچيءَ ۾ نٿو پڙهايو وڃي. ڪراچيءَ کان سواءِ باقي سڄي سنڌ جو، سنڌ جي راڄڌاني سان ڪو تعليمي ناتو باقي نه رهيو آهي.

ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سڄي سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ هر ضلعي لاءِ خاص سيٽون مقرر ٿيل هجن ها. ڪراچيءَ جا سوين شاگرد سنڌ، شاهه لطيف، لياقت، مهراڻ، قائدي عوام ۽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن ها ۽ ٻين ضلعن جا شاگرد سرڪاري سرپرستي هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ داخلائون وٺن ها. هن عمل سان وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿئي ها، جو ڪراچي جا شهري سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کان اوپرا نه رهن ها اسان جا ماڻهو جڏهن انگلينڊ ۽ آمريڪا پڙهڻ ويندا آهن ته وطن موٽڻ کان پوءِ اهي ڪارا انگريز اتان جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کان ايترو ته متاثر ٿي ايندا آهن، جو ان تي ناز ڪندا وتندا آهن. اهي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ کي اتان جي زندگيءَ ۽ ثقافت سان ڀيچاڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سماجي نفسيات جي اصولن مطابق اهڙو تاثر وٺڻ فطري عمل آهي. چوندا آهن ته ”ڪارو ٻڌجي ڪمري سان، رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي“. پر هن پاسي سوچڻ جو ڪنهن وٽ وقت ئي ڪونهي.

ٻي ڳڻتي جي ڳالهه هي آهي ته اسان جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن يونيورسٽين هڪ سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻولي تعليم جو ذريعو رهندي پئي اچي ۽ انهن ٻنهي يونيورسٽين ۾ سوين فئڪلٽي ميمبر سنڌي لکي پڙهي سگهن ٿا، پر انهن مان ڪيترا اسان ڳڻي سگهون ٿا؟ جن پنهنجي مضمون (Subject) تي ڪو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو هجي؟ جيڪڏهن هڪ استاد پنهنجي ٻوري نوڪري دؤران هڪ ڪتاب به سنڌيءَ ۾ لکي ها ته اڄ مختلف مضمونن تي سنڌي ۾ لکيل سوين ڪتاب اسان جي هٿن ۾ هجن ها، پر ائين نه ٿيو آهي ۽ هاڻ به صرف اميد ئي ڪري سگهجي ٿي، باقي پڪ نه آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ سائنس، سوشل سائنس، زراعت، ڪمپيوٽر، انفرميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائنسز ۾ ڪي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ دستياب ٿي سگهندا. ائين نه ڪرڻ سان اسان کي ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي لاپرواهي جي نتيجي ۾ ڌڻي نه ڪري پر مستقبل ۾ ڪنهن اهڙي فيصلي ٿيڻ جو خطرو آهي، جنهن جو پڙاڏو اسان هينئر به انهن فيصلن ۾ ٻڌي سگهون ٿا، جيڪي ويجهي ماضي ۾ سنڌ بابت ٿيا هئا. اهو امڪاني خطرو ٻن قسمن جو ٿي سگهي ٿو، اسان کي شروع ۾ چيو ويندو ته مختلف مضمونن ۽ خاص ڪري جديد مضمونن جا ڪتاب ۽ پڙهائڻ لاءِ گهربل ٻيو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري هاڻ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو بنائڻ فضول ٿيندو، تنهن ڪري هاڻ انگريزي يا اردو کي تعليم جو ذريعو بڻائجي ٿو. اسان وٽ انهيءَ فيصلي کي روڪرائڻ لاءِ ڪو به مضبوط دليل موجود ڪو نه هوندو ۽ اسان اِها دعويٰ نه ڪري سگهنداسون ته هر مضمون جو ڪتاب ۽ گهربل مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي. ٻيو خطرو هي ٿي سگهي ٿو ته پهريان اسان جي مٿي تي هٿ ڦيرائي چيو ويندو ته هي دؤر ترقيءَ ۽ گلوبلائيزيشن جو آهي. انگريزي عالمي ٻولي آهي ۽ ترقيءَ جو اهم ذريعو به اِها ئي ٻولي آهي ۽ هر مضمون جا ڪتاب به هن ٻوليءَ ۾ موجود آهن. انهيءَ ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ترقي يافتا قومن جي صف ۾ بيهڻ لاءِ انگريزيءَ کي ئي تعليم جو ذريعو بڻائيجي هاڻ اهو راڳ شروع به ٿي چڪو آهي ۽ انهيءَ جي شروعات سنڌي اسڪولن کان ڪئي وئي آهي، جتي نه استاد آهي نه ڪو سپروائيزر، پنجين درجي ۾ پڙهندڙ ٻار کي ه ته سنڌي چڱي طرح پڙهڻ ٿي اچي ۽ نه وري کوڙا لکڻ ٿا اچ ۽ اتي انگريزي لاڳو ڪري اسان کي ترقيءَ جو آسرو ڏنو ويو آهي.

اسان وٽ هن وقت واحد هٿيار ”قلم“ آهي، تعليم آهي. انهن ٻنهي هٿيارن جو ٺيڪ ٺيڪ ۽ وڌ ۾ وڌ استعمال ئي سنڌ تي اسان جي مالڪي جو ضامن آهي. اسان کي ڪنهن به ٻوليءَ سان ڪا عداوت ڪانهي، اسان سڀ ٻوليون سکنداسون ۽ پڙهنداسون، پر پنهنجي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ سماجي روايتن کي قربان نٿا ڪري سگهون. اهي ئي اسان جي سڃاڻپ ۽ ترقي آهن. اچو وچن ڪريون ته جيڪي اسان مان ”قلم“ جو ٺيڪ ٺيڪ استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي مضمون ۾ به ڀڙ آهن، هي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ضرور لکندا ۽ ٻيو ته اسان پنهنجن تعليمي، ثقافتي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي ادارن کي ذاتي ڪمائي جو ذريعو نه ٻنائينداسين ۽ انهن ماڻهن جو به هر حالت ۾ استعمال ڪنداسين جيڪي انهن اُتم ادارن جي اعليٰ عهدن کي ماڻڻ لاءِ گهات هنيو ۽ پنجوڙ کوڙيو ويٺا آهن ته جيئن هو پنهنجا شوق شڪار پورا ڪري سگهن.

هي ڪتاب مٿين پس منظر کي آڏو رکي لکيو ويو آهي ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن کان سواءِ عامل صحافين ۽ سوشل سائنس جي شاگردن ۽ سماج جي انهن سڀني طبقن لاءِ آهي جيڪي سنڌي سماج جي سڌاري ۾ پنهنجو حصو پتي وجهڻ چاهين ٿا.

آخر ۾ آءٌ ٿورائتو آهيان سنڌي لنئگويج اٿارٽي جي چيئرمئن جناب عبدالقادر جوڻيجي ۽ اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جو، جن هن اهم ڪتاب کي اٿارٽيءَ طرفان ڇپرائڻ جي هائوڪار ڪئي ۽ منظور ڏني. خالد آزاد ۽ خان محمد جروار جو به ٿورائتو آهيان جن ڊيٽا هٿ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. محمد رمضان ڪمپيوٽر آپريٽر جو ٿورائتو آهيان، جنهن لڳن ۽ تسلسل سان هي اهم مسودو ڪمپوز ڪيو. اٿارٽيءَ هميشه سنڌي سماج ۾ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هي ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

 

وادي الخليص- جده                                          امين لغاري

       سعودي عرب

            2007-07-20