ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     276051   ڀيرا پڙهيو ويو

بابت ستون -- پبلڪ رليشنز


تازي تحقيق مان پتو پيو آهي ته عام تعلقات جو عمل هر جاندار جي فطرت ۾ ٿورو يا گهڻو شامل آهي. انسانن کانسواءِ ٻين جاندارن کي به پاڻ وڻائڻ ۽ ٻين تي پنهنجو اثر ويهارڻ واري عمل مان گذرندي ڏٺو ويو آهي. ڊولفن انسان جي دوست آهي، ڪتو انسان جو پراڻو دوست آهي ۽ مالڪ کي وڻائڻ لاءِ اچيو هُن جا پير چٽي. اُٺ پکي ٻين جانورن کي سيٽي وڄائي خطري کان آگاهه ڪري ٿو. پکي هڪٻئي سان دوستيون ڪن ٿا، مڇين جا ٽولا ۽ ڪٽنب، ماکين ۽ ماڪوڙين جا نظام ڪنهن ڪميونيڪيشن ۽ ناتن رشتن جي ڪري ئي برقرار آهن.

انسان دماغ ۽ زبان جي بنياد تي اتم جانور ۽ اشرف مخلوق آهي. هن جو ڪو به عمل سوچ کان سواءِ ظاهر نٿو ٿئي. جيڪڏهن تربيت ۽ تعليم هن ۾ هاڪاري سوچ پيدا ڪئي آهي ۽ فطرت به هن ۾ هاڪاري سوچ کي وڌيڪ رکيو آهي ته هن جو هر عمل هاڪاري هوندو يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪو وڏو نقصان نه ڏيندو، پر جيڪڏهن تربيت ۽ تعليم اهڙي ٿي آهي، جنهن هن ۾ ناڪاري سوچ کي حاوي بڻايو آهي يا فطري طور هوشرارتي آهي ته هن جو عمل به ناڪاري لاڙن وارو وڌيڪ هوندو. عمل هاڪاري هجي يا ناڪاري هر انسان پنهنجي سوچ مطابق هن عمل کي جائز سمجهندو آهي. هاڪاري سوچ وارن ۾ غلطي مڃڻ جوگڻ مڙئي سرس هوندو آهي. ناڪاري سوچ وارن ۾ اهو گڻ ڳولي نه لڀندو آهي يا بنهه گهٽ هوندو آهي.

عام تعلقات جو عمل انساني سوچ جو تسلسل (Follow up) هوندو آهي جيڪو انساني روين جو تعين ڪندو آهي. هي انساني روين ۽ لاڙن جو هڪ عمل آهي، جيڪي رويا ۽ لاڙا سماج ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ سماج انهن جو اثر به قبول ڪري ٿو. هي عمل هڪ ”علم“ طور سڃاتو وڃي ٿو. هي علم هاڻ سڄي دنيا جي انهن سمورين يونيورسٽين ۾ پاڙهيو وڃي ٿو، جتي ٻيا سماجي علم پڙهايا وڃن ٿا. پبلڪ رليشنز هڪ فرد کان اڳتي نڪري ادارن، سياسي پارٽين، ڪمپنين ۽ حڪومتي دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن جي وصف هي ٻڌائي ٿي وڃي ته ”پنهنجي يا پنهنجي پيداوار، پارٽي، ڪمپني يا حڪومت لاءِ سماج ۾ سٺي سوچ (Good-will) پيدا ڪرڻ جي عمل کي پبلڪ رليشنز چيو وڃي ٿو.“

سماج ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ڪرڻ، پنهنجي ڪارڪردگي کي عوام تائين پهچائڻ، پنهنجي پاليسي کي ظاهر ڪرڻ، پنهنجي برانڊ کي متعارف ڪرائڻ سڀ پبلڪ رليشنز ۾ اچن ٿا. پبلڪ رليشنز جي ڪم ۽ مقصدن کي حساس ۽ بنيادي ڄاڻايو ويو آهي، حڪومتن جون پاليسيون، انهن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ، ڪاروباري ادارن جي ترقي ۽ ڏيوالو، يونيورسٽين ۽ ٻين علمي ادبي ادارن جو ڪم ۽ ڪارڪردگي ۽ سياسي پارٽين يج ساک هن شعبي سان واسطو رکي ٿي.

پبلڪ رليشنز عام ماڻهن ۽ واسطيدار ڌرين جي وچ ۾ هڪ رابطي ۽ پل جو ڪم ڪيو آهي. هن علم جي ڪري سڀني ڌرين ۾ ڪميونيڪيشن جو وهڪرو بنا رنڊڪ هلندو رهي ٿو ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي ٿي.

ڪمپنين جي ڪاروبار جي حوالي سان به هي شعبو تمام اهم آهي، ڇو جو اشتهارن جي تياري ۽ ڇپائي يا انهن کي نشر ڪرائڻ هن شعبي جو ڪم آهي، هي شعبو جيترا جاندار ۽ پرڪشش ڪمرشل يا اشتهار تيار ڪرائيندو، ڪمپنين جو مال به عوام کي اوترو ئي متوجهه ڪندو. هن شعبي جي ڪاميابي اصل ۾ ڪاروبار جي ڪاميابي هوندي آهي. هن وقت هن شعبي جي اهميت دنيا ۾ مڃجي چڪي آهي ۽ ڪن ملڪن ۾ هن علم کي لازمي مضمون طور به پڙهايو پيو وڃي.

پبلڪ رليشنز جون مختلف وصفون

پبلڪ رليشنز جون مختلف ماهرن مختلف وصفون بيان ڪيون آهن، جن جو مفهوم ته ساڳيو ئي آهي، البت مختلف ماهرن ۽ ادارن جي بيان ڪيل وصفن ۾ لفظن ۽ ادائگي جو فرق ضرور آهي. ڪن اِها وصف مختصر لفظن ۾ بيان ڪئي آهي ته ڪن جامع ۽ تفصيلي بيان ڪيو آهي.

دنيا جي مشهور ويبٽر ڊڪشنري ۾ پبلڪ رليشنز جي وصف ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”ڪنهن ڪارخاني، يونين، ڪارپوريشن، ڌنڌي، حڪومت (يا) ٻي ڪنهن اداري يا انهن جهڙي ڪنهن آرگنائيزيشن جي سرگرمين کي خاص عوام سان تعلقات جي بنياد تي، مثبت انداز ۾ ٺاهڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ، خاص ڪري گراهڪ، ملازم ۽ حصيدار سان ۽ گڏوگڏ عام ماڻهن سان، ته جيئن ماحول ۽ سماج لاءِ اهو عمل پاڻمرادو هلندو رهي.“

هڪ ٻي وصف ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”پبلڪ رليشنز هڪ اهڙو لاڳيتو عمل آهي، جنهن سان انتظاميه کي پنهنجا مقصد حاصل ٿين ۽ نيڪ نيتي وارو اعتماد حاصل ٿئي ۽ واسطيدار عوام هن کي هاڪاري سمجهي.

پبلڪ رليشنز جي مشهور ماهر هربرٽ ايم بئس جو چوڻ آهي ته ”پبلڪ رليشنز فلاسافي، سماجيات، اقتصاديات، ٻولي، نفسيات، صحافت، ڪميونيڪيشن ۽ ٻين اهڙن علمن جو مرڪب آهي، جيڪي انساني فهم ۽ ادراڪ جي سرشتي ۾ ڊاخل آهن.“

گلئين لکي ٿو ته ”پبلڪ رليشنز سماج جو هڪ رويو آهي، جيڪو ڪنهن فرد يا اداري جي پاليسين ۽ طريقيڪار کي ظاهر ڪري ٿو، اهو رويو جيڪو هو عوام آڏو ظاهر ڪن ٿا ۽ جنهن کي عوامي ادارڪ ۽ مقبوليت حاصل ٿئي ٿي.“

پبلڪ رليشنز ٻه طرفو رابطو آهي، جنهن سان اجتماعي ۽ انفرادي هم آهنگي، سچائي ۽ مڪمل ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. پبلڪ رليشنز جو پهريون ڪم عوامي راءِ کي پرکڻ آهي. پبلڪ رليشنز جو ٻيو ڪم انتظاميا جي مدد ڪرڻ آهي ته جيئن انتظاميا عوامي راءِ مطابق پنهنجون پاليسيون ۽ مستقبل جا پروگرام جاري ڪري سگهي.

پبلڪ رليشنز ڪو حادثاتي عمل ڪونهي، پر اڳواٽ هڪ رٿابندي هيٺ سوچيل سمجهيل عمل آهي، جنهن جو مقصد ڪميونيڪيشن جي بهترين ٽيڪنڪ ذريعي عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيڻ آهي.

پبلڪ رليشنز جي تاريخ

جيئن شروع واري تعارف ۾ ذڪر ڪيو ويو ته پبلڪ رليشنز هڪ فطري عمل آهي ۽ جيئن جيئن انساني سماج ترقي پئي ڪئي آهي، تئينتئين هن علم به ترقي پئي ڪئي آهي. تاريخ کي اسان ڪٿان به شروع ڪريون. هي علم هر دؤر ۾ پنهنجي وجود سان اسان جي سامهون ايندو.

هر جاندار پنهنجي جنس سان گڏ گذارڻ پسند ڪندو آهي. فطرت هن کي ائين ئي سيکاريو آهي. اسان ڏسندا آهيون ته مختلف جاندار پنهنجي پنهنجي جنس سان ولر، وڳر، لوڌ، گوهر يا ڌڻ ڪري هلن چلن ٿا ۽ اُڏرن ٿا، انهيءَ ساڳي فطري اصول موجب انسان به پنهنجي جنس سان شروع کان گڏ رهندو پيو اچي. خانه بدوش سماج کان وٺي، موجوده جديد شهري سماج جي جڙڻ تائين، انساني تهذيب وڏو پنڌ ڪيو آهي. انهيءَ عرصي دؤران ڌرتي تي آباد انساني گروهن مختلف سماج جوڙيا ۽ انهن مختلف سماجن ۾ رهندڙ مختلف انساني گروهن پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پنهنجي گروهه تي ڪو نالو رکي ذات ۽ قبيلي کي جنم ڏنو ۽ ائين سوين ذاتيون ۽ قبالي وجود ۾ آيا.

انهن مختلف سماجن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ڪي نظام فطري عمل ذريعي وجود ۾ آيا، يعني انهن مان ڪنهن به نظام لاءِ ڪا اڳواٽ رٿابندي نه ڪئي وئي هئي. پر جيئن جيئن سماجي زندگي ۾ مسئلا درپيش ايندا ويا ته انهن مسئلن جو حل به انهيءَ وقت جي سوچ ۽ حالتن موجب سامهون ايندو ويو. انسان زندگيءَ جي چرخي کي هلائڻ لاءِ ڪي اصول جوڙ:ا ويا، انهن اصولن مان ڪي اصول ترتيب سان جڙيل هئا ته ڪي طاقت جي بنياد تي مڙهيل هئا. ٻنهي صورتن ۾ آخرڪار انهن اصولن ۽ ضابطن، دنيا جي نظامن کي وجود ڏنو، جن جي روشنيءَ ۾ بادشاهيون ۽ حڪومتون قائم ٿيون. انهن بادشاهين ۽ حڪومتن ۾ پبلڪ رليشنز جو عمل بطور پبلڪ رليشنز نه ئي سهي پر بطور روين جي ان وقت کان ئي موجود هو. جڏهن درٻارن ۾ مختلف بادشاهن جا سفير ايندا ويندا رهيا. انساني ضرورتن لاءِ واپار جا سلسلا شروع ٿيا ۽ واپاري قافلن جو مختلف ملڪن ۽ ڏورانهن هنڌن ڏانهن اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، ائين انساني گروهن ۽ سماجن جا ناتا رشتا وڌيا، پبلڪ رليشنز جو اهو سڄو عمل ائين غير سائنسي نموني هلندو رهيو.

جڏهن جمهوري دؤر شروع ٿيا، يعني شهنشاهيت جي خاتمي کان پوءِ جمهوري ۽ علمي دنيا جي اوسر ٿي، علم جون ڪيتريون ئي شاخون وجود ۾ آيون. اڻيهين ۽ويهين صدي عيسوي ۾ پبلڪ رليشنز جو علم سائنسي انداز ۾ سامهون آيو ۽ اهو علم پڙهجڻ ۽ پڙهائجڻ لڳو.

پهرين عالمي جنگ ۾ اخباري دنيا جي اهميت وڌي وئي، ڇو جو جنگ کٽڻ لاءِ هٿيارن سان گڏ نفسياتي ويڙهه جي حڪمت عملين جي به ضرورت محسوس ڪئي وئي. جنگ کٽڻ لاءِ پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي کي لازمي سمجهيو ويو. انهيءَ دؤر ۾ حڪومتي سطح تي پهريون ڀيرو پبلڪ رليشنز جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. پهرين عالمي جنگ دؤران آمريڪا ۾ عوامي اطلاعات (Public Information) بابت هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن جو ڪم آمريڪي حڪومت جي مقصدن ۽ خيالن کي مشتهر ڪرڻ هو. سوويت يونين ۽ ڪميونسٽ بلاڪ به ساڳي نموني ۽ ساڳين مقصدن لاءِ پبلڪ رليشنز جون اهڙيون ڪاميٽيون جوڙيون هيون. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن پڻ آمريڪا جي تقليد ڪندي، پنهنجي ملڪن ۾ اطلاعاتي آفيسون (information offices)  قائم ڪري ورتيون ته جيئن پبلڪ رليشنز جي مدد سان جنگي ماحول پنهنجي حق ۾ رکجي. دشمن ملڪن جي عوام لاءِ ان وقت پروپئگنڊا وڏو هيٿار هو، جنهن دشمن ملڪن جي عوام جي نفسيات ۽ روين تي وار پئي ڪيا، پر ملڪي عوام لاءِ اهي اطلاعاتي آفيسون هيون جي پروپئگنڊا کان بچائڻ ۽ هن جي نفسيات ۽ روين کي حڪومت ۽ رياست جي حق ۾ رکڻ جو ڪم پئي ڪيو.

ننڍي کنڊ ۾ به برٽش راڄ، اطلاعاتي آفيس جي ضروت کي محسوس ڪيو ۽ 1923ع ۾ برطانوي سرڪار عوامي اطلاعات لاءِ هڪ مرڪزي ادارو قائم ڪيو، جنهن کي ”سينٽرل بيورو آف پبلڪ انفرميشن“ جو نالو ڏنو ويو.

1930ع ۾ آمريڪا ڪارپويٽ پبلڪ رليشنز شروع ڪئي. ڪارپوريٽ پبلڪ رليشنز جي قيام جو مقصد حڪومتي ادارن، ڪاروباري ادارن ۽ ملڪي انڊسٽري تي عوامي ويساهه کي پڪو پختو ڪرڻ هو ۽ عوام جي ڪنهن به بي اعتمادي واري رويي کي سلجهائڻ هو. ان وقت آمريڪي عوام جو انهن ٽنهي ڌرين حڪومتي ادارن، ڪاروباري ادارن ۽ انڊسٽري تان ويساهه کڄي چڪو هو، آمريڪي تاريخ ۾ انهيءَ دؤر کي ”ڊپريشن جو دؤر“ سڏيو ويندو آهي، انهي دؤر ۾ ڪارپوريٽ ڌرين اهو محسوس ڪيو ته ميڊيا تي اشتهاري مهم هلائي رڳو منافعو ڪمائڻ ٺيڪ ڪونهي. ڊگهي عرصي لاءِ ڪاروباري فائدا تڏهن ماڻي سگهجن ٿا، جڏهن عوام جو ڪاروباري سرگرمين تي ويساهه ويهي وڃي ۽ اعتبار جوڳن روين کي هٿي ملي، اهڙي ماحول پيدا ٿيڻ سان ئي سڀني طبقن جو اعتماد بحال ٿي پئي سگهيو، جيڪي طبقا ڪارپوريٽ شعبي جي پيداوار استعمال ڪري رهيا هئا.

انهي ”ڊپريشن واري دؤر“ ۾ اهڙي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪارپوريٽ ڌرين آمريڪي ڪاروبار تي عوامي ڀروسو حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدي سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، اڳتي هلي انهن طريقن سان نه رڳو عوامي راءِ هموار ڪرڻ ۾ مدد ملي، پر انهن طريقن ۽ سرشتي کي عوام به دل سان قبوليو. هن عمل ۾ جيڪي سائنسي طريقا استعمال ڪيا هئا، اهي اڳتي هلي ”پبلڪ رليشنز“ چورائڻ لڳا.

ننڍي کنڊ ۾ پهرين پبلسٽي مهم ”ريل گاڏي“ اچڻ سان شروع ڪئي وئي. هن مهم جو مقصد بريصغير جي ماڻهن کي ”انڊين ريلوي“ تي سفر ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ هو، پر هن ٽيڪنڪ کي استعمال ڪرڻ جي سڄي تياري لنڊن ۾ ٿي هئي. 1945ع ۾ ”هائوس آف ٽاٽار“ بمبئيءَ ۾ پنهنجو پبلڪ رليشنز شعبو قائم ڪيو. هو.

پروپئگنڊا جو استعمال ٻي عالمي جنگ دؤران ٿيو، جڏهن برشن راڄ جي حق ۾ هندستاني عوام کي مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ساڳي نموني اينگلو – انڊين ڪاروباري ادارن ۽ صنعتي يونٽن به پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پبلڪ رليشنز جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ته جيئن گڏيل هندستان ۾ انهن ڪمپنين جي ڪاروباري مفادن جو تحفظ ٿي سگهي.

پبلڪ رليشنز جي اهميت ۽ ضرورت

صنعتي دؤر کان پهرين ڪاروبار توڙي سماجي لڳ لاڳاپا آسان هئا ۽ انهن لاڳاپن ۾ ڪا ٽيڙ ترڇ به نه هئي، ڪاروباري لاڳاپن وارو عمل گهڻو ڪري ٻن فردن تائين محدود هوندو هو ۽ سماجي ناتن ۾ ڪي خاندان يا قوم قبيلا شامل هوندا هئا، پر عوامي سطح تي ڪو به لاڳاپو رکڻ يا وڌائڻ ممڪن ڪو نه هو. سماج اڃا ايتي منجهيل صورت اختيار نه ڪئي هئي، جيڪا اڄ اسان ڏسون ٿا. صنعتي دؤر شروع ٿيڻ سان ئي سماج ۾ وڇوٽين جنم ورتو. ان دؤر ۾ ئي يورپ جو خانداني يونٽ ٽٽڻ لڳو هو، پر اها سماجي تبديلي ”هڪ نئين سماج“ کي جنم ڏئي رهي هئي.

صنعتي انقلاب چٽاڀيٽي جو ماحول پيدا ڪيو، سڄي سماج روايتي دؤر کي ڇڏي هڪ ٻي پر بلڪل نئين دؤر ۾ پير پاتو. هر پاسي صنعتي ادارا قائم ٿي رهيا هئا. هر صنعت پنهنجي مال کي مارڪيٽ ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ جتن ٿي ڪيا، ائين صنعتن ۾ مقابلي جي هڪ ڊوڙ شروع ٿي وئي هئي.

”هڪ سماج“ واري تصور به انهي دؤر ۾ زور ورتو، جنهن جو بنياد خاندان نه پر فرد هئا، جنهن ۾ عورت توڙي مرد ۽ اقتصادي طور ورهايل سڀ طبقا شامل هئا. اِها سرمائيدار سماج (Capitalist society) جي شروعات هئي ۽ هن نئين سرمائيدار سماج ۾ پبلڪ رليشنز ۽ اشتهار کي اهم جاءِ ملي. انهي دؤر ۾ ئي يورپي اخبارون آزاد ٿيون ۽ ماس ميڊيا سياسي پٽڙي سان گڏ ڪاروباري پٽڙي به استعمال ڪرڻ شروع ڪئي. ڪاروباري ترقيءَ لاءِ حڪومت ماس ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪيو، ماس ميڊيا کي حڪومتي پاليسين ۽ رٿائن جي تشهير لاءِ استعمال ڪيو ويو ته جيئن عوام حڪومتي پاليسين سان سهمت رهي، اهڙ: ماحول ۾ پبلڪ رليشنز کي هڪ اثرائتي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، هن ٽيڪنڪ سان ٻه طرفي رابطي جو بنياد پو، هڪ پاسي نئين ترقي، جنهن ۾ شين جي پيداوار سان گڏ نيون پاليسيون ۽ رٿائون شامل هيون، انهن ڏانهن عوام کي متوجهه ڪيو ويو ۽ ٻئي پاسي عوامي راءِ کي انتظاميا ۽ حڪومتي ايوانن ۾ موجود رٿابندي ڪرڻ وارن تائين پهچايو پئي ويو.

هن ٻه طرفي رابطي جو مقصد اهو هو ته عوام ۾ حڪومت جو هڪ اهڙو تصور اڀارجي، جنهن سان عوامي رهنما ۽ عوام حڪومتي پاليسين ۽ نئين صنعتي ترقي کي قبول ڪري ۽ عوام انهيءَ ترقيءَ واري سڄي عمل تي يقين به ڪري، يعني ساک جي بحالي به پبلڪ رليشنز جي خاص مقصدن ۾ شامل ٿي.

هن سرمائيدار سماج ۾ پبلڪ رليشنز جي علم تمام گهڻي اهميت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ پوءِ اهو علم يورپ ۽ آمريڪا کان نڪري دنيا جي ٻين ملڪن ۽ علائقن تائين پهتو، هن وقت ٽين دنيا جي ملڪن ۾ به هن علم کي اهميت ڏني پئي وڃي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن علم کي تڏهن ئي صحيح طريقي سان لاڳو ڪري سگجهي ٿو، جڏهن سماج ۾ هن علم کي ضروي سمجهيو وڃي ۽ هن علم کي انساني روين لاءِ ضابطي جو هڪ هٿيار سمجهيو وڃي. هي علم سچائيءَ جو علم آهي، جيڪڏهن سچائي نه هوندي ته هي صحيح نموني سان لاڳو ٿي نه سگهندو.

ڪارپوريٽ پبلڪ رليشنز ۾ کاپيندڙ جون شڪايتون ٻڌڻ يا انهن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ هڪ اهم جز تصور ڪيو ويندو آهي. پبلڪ رليشنز جو ڪم رڳو مال کپائڻ يا انتظامي مؤقف کي پيش ڪرڻ نه آهي ۽ نه وري سماج جي ٻين روين کي پوئتي ڌڪي ڪاروباري روين کي اڳتي آڻڻ آهي، پبلڪ رليشنز سڄي سماج ۾ اعتباد جي بحالي واري سوچ پيدا ڪري ٿي.

پبلڪ رليشنز جو مختلف عوامن سان واسطو پوي ٿو ۽ پبلڪ رليشنز ۾ ”عوام“ لفظ جي معنيٰ به مختلف هوندي آهي، پبلڪ رليشنز ۾ ”عوام“ کي اسان علم سياست يا سماجيات جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪو نه وٺنداسون. پبلڪ رليشنز ۾ حڪومت پاڻ به ”عوام“ آهي، سياسي پارٽيون عوام آهن، ڪاروباري ادارن جا انتظاميا به عوام آهن، ته انهن ادارن جا ملازم ۽ مزدور به عوام آهن ۽ هر ”عوام“ جي گهرج، سوچ ۽ سمجهه، فطرت ۽ نفسيات بهمختلف هوندي آهي، پر پبلڪ رليشنز لاءِ اهي سڀ هڪجيترا اهم هوندا آهن.

پبلڪ رليشنز هڪ اهڙي فلاسافي آهي، جيڪا سماج ۾ سانتي سان هر معاملي کي هلائي ٿي، ڪاروباري سرگرميون هجن يا انتظامي امور، ملازمن جا مسئلا هجن يا شاگردن جا مطالبا، هارين سان واسطو هجي يا پوليس سان، سياسي عهديدارن سان معاملا هلائڻا هجن يا فوجي معاملا هلائڻا هجن، پبلڪ رليشنز جي ٽيڪنڪ سان سماج جا اهي سڀ ايڪا مثبت رخ ڏانهن سفر ڪن ٿا، هن علم سان سماج جي مختلف عوامن کي هڪٻي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ملي ٿي. پبلڪ رليشنز سان عوام جي روين ۽ لاڙن کي پرکيو وڃي ٿو ۽ سماج جي مختلف شعبن ۾ انهن جي سرگرمين تي نظر رکي وڃي ٿي. پبلڪ رليشنز سان عوام ۾ تحرڪ پيدا ڪيو وڃي ٿ و، انهن کي ڪنهن اهم سوال (Issue) تي يڪجاءِ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن قومي سوالن تي عوامي راءِ ورهايل نه هجي. پبلڪ رليشنز ڪارپوريٽ سيڪٽر کي سهارو ڏئي ٿي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ عوام جي ذهني ڀائيواري وارو رجهان پيدا ڪري ٿي، جنهن سان سماج ۾ موجوده قومي صنعت کي پنهنجي صنعت سمجهيو وڃي ٿو. هن وقت پبلڪ رليشنز جي ڪم لاءِ مختلف ادارن ۾ باقاعدي شعبا قائم ڪيل آهن، هن جديد دؤر ۾ جڏهن پبلڪ رليشنز جي اهميت وڌي وئي آهي، شايد ئي ڪوڊپارٽمينٽ هوندو، جيڪو هن اهم سماجي سائنس جو انڪار ڪندو هجي. جيڪڏهن ڪنهن اداري، حڪومت يا ڪمپنيءَ جو سربراهه پاڻ ”پڙهيل ڄٽ“ آهي ۽ پبلڪ رليشنز جي ٽيڪنڪ جي خبر ڪا نه اٿس يا هو اداري ۾ اداري جي ڪم جي ڀلي لاءِ سوچي نه آيو آهي پر پنهنجا ڪي خاص مقصد کڻي، غلط ڪارين سان پنهنجو ڀڀ ڀرڻ آيو آهي ته پبلڪ رليشنز جو شعبو اهڙي صورتحال ۾ يقيناً ناڪام ويندو ۽ اندريون توڙي ٻاهريون عوام انتشار جو شڪار ٿي ويندو ۽ ادارن جي قيام جو مقصد ئي ختم ٿي ويندو.

اسان پنهنجي سامهون جن ادارن کي ناڪام ٿيندي ڏسون ٿا يا ادارن جي سربراهن خلاف اندرين عوام يعني عملدار ۽ ملازم مخالف هوندا آهن ۽ سربراهه ڪريل حرڪتون ڪري عملدارن ۽ ملازمن کي هٽائڻ، هيسائڻ ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ جهڙن ڪُڌن ڪمن ۾ رڌل هوندو آهي، اهو سڀ ڪجهه پبلڪ رليشنز جي اهيمت کان اڻواقفيت جي ڪري ٿيندو آهي. اهڙي ماحول ۾ پي آر اوز جو ڪردار يا پبلڪ رليشنز شعبي جو وجود کوکلو ۽ بي مقصد نظر ايندو آهي. ٻيو ته اسان جي سماج ۾ پبلڪ رليشنز جا جيڪي شعبا موجود آهن، اهي ادارن جي حوالي سان گهٽ فعال هوندا آهن، پر سربراهه جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تيز ۽ اڳيان اڳيان هوندا آهن، ائين لڳندو آهي جيئن اهي شعبا اداري جي سربراهه جا ذاتي پريس سيڪريٽريٽ هجن ۽ پي آر او انهي سربراهن جو ذاتي پريس سيڪيٽري هجي، انهن شعبن ۽ پي آر اوز جو ڪم گهڻو ڪري اهو وڃي رهندو آهي تههو اخبارن جا تراشا تيار ڪري صاحب ڏي موڪلين ۽ پوءِ رڪارڊ تي رکن ۽ وقت به وقت صاحب جي ڪرسي بچائڻ ۽ هن جي تعريف ڪرڻ لاءِ ڪو پريس رليز جاري ڪن.

جيڪڏهن پبلڪ رليشنز جي اهميت ۽ افاديت کي مقدم نه رکيو ويندو ته عوام اندرين هجي يا ٻاهريون، ان کي جوابداري، عزت افزائي ۽ همٿ افزائي سان سماجي ترقيءَ ۾ شامل ڪري نه سگهبو.

پبلڪ رليشنز ۽ ڪميونيڪيشن جون ڪجهه نيون صورتون

پبلڪ رليشنز ۽ ڪميونيڪيشن جي ڪن ٻين صورتن کي واضح نموني الڳ ڪرڻ ڪجهه ڏکيو آهي. ڇو جو ڪميونيڪيشن جون مڙئي صورتون هڪٻئي سان جڙيون پيون آهن ۽ پبلڪ رليشنز به ڪميونيڪيشن جي هڪ صورت ئي آهي. ڪنهن ٿوري فرق سان اسان انهن کي مختلف نالا ڏئي بيان ڪندا آهيون. ڪن صورتن ۾ ته اسان کي گهو ورجاءُ نظر ايندو آهي. پر ان هوندي به ڪميونيڪيشن جي صورت پنهنجي هڪ منفرد خاصيت رکي ٿي. پبلڪ رليشنز جو بنيادي مقصد عوامي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ ان راءِ مطابق ڪنهن ڪمپني، اداري جي انتظاميا يا حڪومتي سربراهن کي پاليسي جوڙڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. هن عمل ۾ ڪميونيڪيشن جا سڀ پهلو ۽ صورتون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان شامل ٿي وڃن ٿيون. ڪميونيڪيشن جي انهي سڀني مرحلن لاءِ انگريزيءَ ۾ هڪ سٺو جملو گهڙيو ويو آهي. جيڪو ٽيڪنڪ جي لحاظ کان به مثالي آهي. اهو هنيئن آهي:

“Who says what, through what medium for what purpose, under what circumstances and with what effects?”

پبلڪ رليشنز ڪميونيڪيشن جي اُها صورت آهي، جيڪا خالص سماج جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن هن ڪميونيڪيشن ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي، ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي جي تذليل ڪرڻ وارو عمل ۽ مقصد داخل ڪبو ته اها پبلڪ رليشنز جي دائري مان نڪتل ڪميونيڪيشن هوندي ۽ پروپئگنڊا جي ڪا صورت هوندي.

ڪميونيڪيشن جي هن صورت ۾ اسان کي هروڀرو منفي پهلو نظر نه ايندو، ڇو جو اهو پبلڪ رليشنز جي بنيادي نقطي جي خلاف آهي. هتي اسان ترتيبوار ڪميونيڪيشن جي ٻين صورتن جو جائزو وٺون ٿا ته جيئن اسان کي انهن سڀني جي وچ ۾ فرق محسوس ٿئي.

(1) پروپئگنڊا: پروپئگنڊا ڪميونيڪيشن جي اها صورت آهي، جنهن کي دنيا هن وقت تائين منفي صورت ۾ ئي استعمال ڪيو آهي. جڏهن اسان جي سامهون لفظ پروپئگنڊا اچي ٿو ته اسان جي ذهن ۾ هن لفظ جا ڀرجهلائو لفظ ڦرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اسان کي ڪنهن سازش يا فريب جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. جڏهن ته ائين بلڪل نه آهي. پروپئگنڊا مثبت شين کي اڳتي وڌائڻ جو نالو به آهي. هن ٽيڪنڪ جو مقصد پنهنجن خيالن ۽ مقصدن جو ڦهلاءُ آهي. اهي خيال ۽ مقصد منفي به ٿي سگهن ٿا ۽ مثبت به ٿي سگهن ٿا.

پروپئگنڊا کي ٻين تي اثرانداز ٿيڻ، جذبن کي ضابطي ۾ رکڻ، ڪنهن ڳالهه جي گهڙت پنهنجي حساب سان ڪرڻ، ڪنهن مقصد ۽ خيال کي فروغ ڏيڻ، روين ۽ لاڙن ۾ تبديليءَ پيدا ڪرڻ ۽ ڪنهن مقصد کي عوامي راءِ لاءِ قابل قبول بنائڻ جو علم ڪوٺيو ويو آهي. ڪميونيڪيشن جي هن اهم ٽيڪنڪ، انهيءَ ڪري منفي صورت ورتي جو هٽلر هن ٽيڪنڪ جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪيو. جرمني ٻي مهاڀاري لڙائي کٽڻ لاءِ هن ٽيڪنڪ کي نفسياتي جنگ طور استعمال ڪيو. توڙي جو پروپئگنڊا ڪميونيڪيشن جي هڪ الڳ صورت آهي، پر اِها پبلڪ رليشنز ۾ اڪثر استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر پبلڪ رليشنز ۾ هن جو استعمال گهڻو ڪري هاڪاري هوندو آهي. صرف پنهنجن عيبن تي بڙدو وجهڻ لاءِ هن ٽيڪنڪ جو استعمال ناڪاري (Negative) تاثر ڏئي ٿو. جيئن 12 مئي 2007ع تي ڪراچي واري واقعي ۾ حڪومتي حلقن ۽ايم ڪيو ايم ڪيو هو.

پبلڪ رليشنز ۽ پروپئگنڊا ٻنهي ۾ ترغيبي طريقو (Technic of Persuasion) استعمال ٿئي ٿو، پر فرق صرف اهو آهي جو پبلڪ رليشنز ۾ اِها ترغيب اجتماعي ۽ ٻه طرفي هوندي آهي. يعني ساڳي وقت اندرين توڙي ٻاهرين عوام سان خيالن ۽ راين جي مٽاسٽا ڪئي وڃي ٿي. ماڻهن ۽ملازمن کان ڪنهن نقطي تي راءِ ورتي ويندي آهي، پنهنجو مؤقف ۽ پنهنجا خيال انهن اڳيان رکيا ويندا آهن. هن عمل ۾ ٻنهي پاسن جو نيت ۽ رويو ٺيڪ هئڻ ضروري آهي. پروپئگنڊا گهڻو ڪري پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ ۽ پاڻ مرڪوز (Self-centeredness) هوندي آهي، جيڪا هڪ رخي هوندي آهي. هن ۾ صرف پنهنجي ڳالهه ڪبي آهي، ٻئي جي ڳالهه نه ٻڌبي آهي يا ان تي ڪو توجهه نه ڏنو ويندو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه ورائي ورائي ڪبي آهي.

پروپئگنڊا ۾ اصل ۽ لڪيل مفادن کي ڍڪي (Camouflage)  پيش ڪبو آهي. يعني ڳالهه هڪڙي هوندي آهي، پر جي پٺيان ججها ۽ وڏا مفاد ۽ منصوبا لڪيل هوندا آهن. اهو انهيءَ ڪري جو عوام کي اصل حقيقتن کان بي خبر رکي. هن بيخبري جي بنياد تي پنهنجا اصل مفاد ماڻيا ويندا آهن. پروپئگنڊا اخلاقي حدون به اورانگهي ٿي، پر پبلڪ رليشنز ۾ اخلاقيات کي اهم سمجهيو ويندو آهي، سماجي نفسيات جي جائزي، عوامي روين ۽ لاڙن کي آڏو رکي، تحقيق کان پوءِ ڪو قدم کنيو ويندو آهي.

(2) پبلسٽي ۽ اشتهار: پبلسٽي ۽ اشتهار گهڻو ڪري اڻيهه، ويهه جي فرق سان ڪميونيڪيشن جون ٻه مختلف صورتون آهن. ماس ڪميونيڪيشن جي علم ۾ هنن ٻنهي حڪمت عملين کي واضح طور الڳ ڪيو ويو آهي. ڪن ماهرن ته پبلسٽي ۽ اشتهار کي پبلڪ رليشنز جو حصو سڏيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پبلسٽي يا اشتهار بازي پبلڪ رليشنز جي شعبي جو ئي ڪم آهن. پر فني لحاظ کان اهي ٽئي شيون هڪٻئي کان ڌار آهن. پبلسٽيءَ کي هڪ ڏينهن جو چلتو (One-day-promotion) سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به خيال، مقصد يا شئي وغيره جي ڄاڻ يا پڌرائي جي تشهير هڪ ڏينهن ۾ ڪري وٺبي آهي، يعني پبلسٽي کي وقتي عمل ڇيو ويو آهي. جڏهن ته اشتهار ڪميونيڪيشن جو هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن سان ڪنهن به شئي، خيال يا خدمت وغيره بابت عوام جي ذهنن کي لاڳيتو متاثر ڪيو ويندو آهي ته جيئن عوام کي انهن شين، خيالن يا خدمتن بابت چٽي پرک پئجي وڃي، نه صرف انهنشين، خيالن يا خدمتن وغيره جو سراسري تعارف انهن آڏو پيش ٿي وڃي، پر مڙني خوبين سان انهن شين جو ورائي ورائي تذڪرو به ٿيندو رهي ته جيئن اُهي عوام جي ذهنن ۾ ويهي رهن ۽جڏهن انهيءَ شئي، خيال يا خدمت وغيره جو نالو يا شڪل عوام آڏو اچي ته اهي انهن کي نئون يا غير نه سمجهن.

اشتهارن کي پئسن واري پبلسٽي به چيو ويو آهي. اسان کي ڪنهن ڪتاب جي پڌرائي، امتحانن جي اطلاع يا نوازشريف جي خطاب وغيره بابت آيل اخباري خبر يا پارٽي جلسي جي خبر ڇپرائڻ لاءِ پئسو خرچ نٿو ڪرڻو پوي، اِها بنا پئسي واري پبلسٽي آهي. پر اسان کي نئين داخلا پاليسي، نئين موٽر وي جي ڪم، پارٽي منشور جاري ڪرڻ، نوڪرين جي تشهير لاءِ يا چانهه جون خوبيون بيان ڪرڻ لاءِ اشتهار جو سهارو وٺڻو پوي ٿو، انهيءَ ڪري اسان انهيءَ پبلسٽي کي پئسن واري پبلسٽي چئون ٿا، انهيءَ پبلسٽي لاءِ اسان کي ميڊيا تي وقت ۽ جاءِ خريد ڪرڻي پوي ٿي.

پبلڪ رليشنز ۾ اشتهار ۽ پبلسٽي يعني ٻنهي صورتن کي شامل ڪيو ويو آهي. پبلسٽي بنا پئسي واري هجي يا پئسي واري ٻئي پبلڪ رليشنز جي دائري ۾ اچن ٿيون. انهي کان سواءِ دستاويزي فلمون تيار ڪري جاري ڪرڻ، سلائيڊ، ضروري مواد جي اشاعت، سوينئر جي تياريءَ ۽ ڇپائي يا ڪنهن خاص موقعي تي تصويري نمائش جو اهتمام ڪرڻ به پبلڪ رليشنز جو ڪم هوندو آهي. انهيءَ ڪري پبلڪ رليشنز ڪميونيڪيشن جي انهن مڙني صورتن کان اُتم (Supreme) صورت چورائي ٿي.

پبلڪ رليشنز جا ڪم

هن کان اڳ هن ئي باب ۾ واضح ڪيو ويوآهي ته پبلڪ رليشنز عمل ۾ ڪيئن اچي ٿي؟ انهيءَ جي ڪم جي حد ڇا آهي؟ ۽ سرگرميون ڪهڙيون اٿس؟ هتي جن ڪمن جي ڳالهه ڪنداسون، اهي سڀ عملي طريقا آهن، جن سان پبلڪ رليشنز جا ڪم عملي شڪل اختيار ڪن ٿا، انهن طريقن جو جائزو هيٺ وٺنداسين.

پبلڪ رليشنز ٻين کي بيوقوف بنائڻ يا سمجهڻ جو نالو نه آهي ۽ نه وري هر آئي وئي سان اَهاني بهاني ڪنهن جي خلاف ڪوڙ ڳالهائي يا پنهنجي لاءِ ڪي ڪوڙ گهڙي پنهنجي قدامت کي وڌائڻ ۽ ٻين تي اثر ڇڏڻ جو نالو آهي ۽ نه وري پنهنجي مخفي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي پار پوڻو آهي. پبلڪ رليشنز ۾ ڪوڙ ۽ ڪوڙي جي ڪا جاءِ آهي ئي ڪانه.

پبلڪ رليشنز ۾ ڪوڙ کي وڏي ڪمزوري ڳڻيو ويو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان وقتي مقصد شايد حاصل ٿي به وڃن، پر ٿوري عرصي ۾ اوهان جي پيداوار، خيال، شخصيت، اداري يا هن جي سربراهه جي ساک ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهو سڄو وانهوار سماج جي معياري محفلن ۾ ”ڪوڙ“ طور سڃاتو ويندوآهي.

ڪوڙ هڪ اهڙو سماجي رويوآهي، جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ ڪوڙي فرد جي عادت بڻجي ويندو آهي ۽ ڪوڙ جو اڳيون ڏاڪو منافقت آهي، يعني جتي ڪوڙ جي حد ختم ٿئي ٿي، اتان منافقت جي حد شروع ٿئي ٿي.

سماجي نفسيات جي ماهرن ڪوڙي ۽ منفاقت ماڻهو کي پرکڻ لاءِ ٽي اصول ٻڌايا آهن ۽ اهي اصول هزارين ماڻهن تي آزمايا به ويا آهن. اهي اصول وڏي تحقيق ۽ مشاهدي جي نتيجي ۾ سامهون آيا آهن. پهريون اصول هي آهي ته منافق ماڻهو جڏهن به ڳالهائيندو ڪوڙ ڳالهائيندو. هن جون به مخلتلف سطحون آهن، ٻيو ته هو امانت جيڪا قومي هجي يا فردي، ان ۾ خيانت ڪندو، ٽيون واعدو ڪندو ته ان جي خلاف ورزي ڪندو. هي سماجي نفسيات جو بحث آهي. انهيءَ کي ڊگهو ڪبو ته گهڻو ڊگهو ٿي ويندو. اسان هتي صرف پبلڪ رليشنز جي حوالي سان اهڙين روين جو ٿورو ٿورو ذڪر ڪندا سون جيڪي هن عمل جي ڪم ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ماڻهن جي روين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين. پبلڪ رليشنز جي ڪاميابي ۽ ناڪامي ۾ اهڙين روين جو بنيادي ڪردار هوندو آهي. ادارن، حڪومتن، پارٽين، ڪاروبارن ۽ صنعتن جا بنيادي مقصد ته سٺا هوندا آهن، پر انهن کي خراب ڪرڻ وارا اهي فرد هوندا آهن، جيڪي انهن ادارن، حڪومتن پارٽين، ڪاروبارن ۽ صنعتن جا سربراهه ڪري ويهاريا ويندا آهن، انهن جا منفي رويا انهن سڀني ادارن جي ناڪامي ۽ بدنامي جو سبب بڻبا آهن. اهي فرد نه ته پبلڪ رليشنز جي بنيادي ٽيڪنڪز کان واقف هوندا آهن ۽ نه وري انهن جو ڪردار ۽ نيت ٺيڪ هوندي آهي.

ماهرن پبلڪ رليشنز جي ڪم جي طريقيڪار کي ڇهن اهم حصن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ پهريون عوامي راءِ جو پتو لڳائڻ ٻيو انتظاميا جي مشاورت ڪرڻ ٽيون عوام کي متحرڪ ڪرڻ چوٿون رٿابندي ۽ رابطي ڪاري ڪرڻ، پنجون ميڊيا سان رابطي ۾ رهڻ ۽ ڇهون اشاعتي مواد جي تياري شامل آهن.

(1) عوامي راءِ جو پتو لڳائڻ: پبلڪ رليشنز جي ڪم جي طريقيڪار ۾ پهريون طريقو عوامي راءِ جو پتو لڳائڻ آهي، عوام ٻاهرين ۽ اندرين ٻئي شامل آهن. جيستائين عوام جي راءِ سامهون نٿي اچي، ايستائين پبلڪ ريلشنز جي ڪا به حڪمت عملي جوڙڻ اونداهيءَ ۾ هٿوڻيون هڻڻ جي برابر آهي. پبلڪ رليشنز جو اهو بنيادي ڪم آهي ته عوامي راءِ جو جائزو وٺجي، اندرين عوام ڇا ٿي چاهي؟، ان جو گهرجون، ان جي نفسيات ۽ ڪردار اهو سڀ ڪجهه سامهون هئڻ گهرجي ۽ ٻاهرين عوام ۾ سماج جي اجتماعي روين ۽ نفسيات کي جانچڻو هوندو آهي. عوام جا لاڙا ۽ رويا ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙين ڳالهين ۽ ڪهڙن فيصلن تي اهي رويا ڪهڙو رخ اختيار ڪري سگهن ٿا؟ ۽ جيڪڏهن رويا تبديل ٿي چڪا آهن ته انهن جو بنيادي ڪارڻ ڇا آهي؟ هن طريقيڪار سان اهو به پتو لڳايو ويندو آهي ته عوام جي پسند ۽ ناپسند ڇا آهي؟

جيڪڏهن انڌ ۾ گهوڙا ڊوڙائبا ته سواءِ مشقت ۽ تڪليف جي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ۽ ڪا به بي مقصدي مهم جوئي پبلڪ رليشنز جو ڪم نه آهي. پبلڪ رليشنز کي پختن بنيادن تي بيهارڻ ۽ انهن بنيادن تي مستقبل جي رٿابندي ڪري عملي پروگرام شروع ڪرڻ ئي اصل ۾ پبلڪ رليشنز آهي. هڪ سٺو پي آر او هميشه اهڙا طريقا استعمال ڪندو آهي، جنهن سان هو اندرين ۽ ٻاهرين عوام جي نس جي حرڪت معملوم ڪري سگهندو آهي. هو ڪميونيڪيشن جون اهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪندو آهي، جن سان هو عوامي راءِ تائين پهچي ويندو آهي.

(2) انتظاميا جي مشاورت ڪرڻ: هڪ وضاحت سمجهائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان هتي صرف علامت طور پبلڪ رليشن آفيسر جو نالو استعمال ڪيو آهي. باقي پبلڪ رليشنز آَيسر مان هر اهو فرد مراد آهي، جنهن کي حڪومت، پارٽي، ادارو يا ڪا ڪمپني پنهنجو ترجمان مقرر ڪري ٿي. پبلڪ رليشنز جو ٻيو اهم ڪم انتظاميا جي مشاور ڪرڻ آهي، پر انتظاميا کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته پبلڪ رليشنز آفيسر ان جو حصو آهي. پبلڪ رليشنز آفيسر کي هر اهم معاملي تي انتظاميا سان صلاح (Counseling) ڪرڻي آهي، انتظاميا کي مدد ڏيڻي آهي ته ڪهڙن معاملن تي ڪهڙا رويا اختيار ڪڻ گهرجن. هن ڪم لاءِ پبلڪ رليشنز آفيسر کي مختلف مسئلن تي ڊيٽا گڏ ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن هو انگن اکرن سان صحيح طريقو اختيار ڪندي انتظاميا کي ٺيڪ صلاحڏئي سگهجي. پبلڪ رليشنز آفيسر کي هميشه مقابلي ۾ بيٺل ڌر پوءِ اُها حڪومت هجي يا مخالف ڌر، هڪ پارٽي هجي يا ادارو يا ڪا ڪمپني وغيره کي سامهون رکي ڪائونسلنگ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. گڏ ڪيل ڄاڻ ئي رٿيل پروگرامن کي صحيح انداز ۽ صحيح وقت تي شروع ڪرڻ ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ياد رکڻ گهرجي ته ڪاميابي، ورتل ڊيٽا، سان سلهاڙيل هوندي آهي، جيتري ورتل ڊيٽا صحيح هوندي، مقصدن کي ماڻڻ به اوترو آسان ۽ ويجهو ٿي پوندو، ٻي صورت ۾ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

(3) عوام کي متحرڪ ڪرڻ: جئين اڳ ڄاڻائي آيا آهيون ته پبلڪ رليشنز ۾ عوام به خاص هوندو آهي، جنهن کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا، هڪ اندريون عوام ۽ ٻيو ٻاهريون عوام. اسان جيڪڏهن ڪنهن فرضي ڪمپني جو مثال وٺون جنهن ۾ اوهان پي آر او آهيو ته اوهان لاءِ هن ڪمپنيءَ جي انتظاميا، ملازم ۽ ورڪر، ڊسٽريبوٽر ۽ ٻڌي جا سڀ واپاري اندريون عوام هوندا آهن ۽ ٻاهريون عوام اهو آهي جيڪو اوهان جي ڪمپني جي شئي واپرائي ٿو.

اندرين عوام کي اوهان سڃاڻو ٿا، ڇو جو اِها ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪمپني ۽ پي آر او سان رابطي ۾ هوندو آهي، پر ٻاهرين عوام کي اوهان نٿا سڃاڻو، اوهان صرف هن جواندازو ئي ڪري سگهو ٿا. البته اوهان وٽ هڪ ڊيٽا ضرور هوندي آهي ته اوهان جي شئي مارڪيٽ ۾ ڪيترو وڪرو ٿي، پر ڪنهن ڪنهن خريد ڪئي، اهو ڄاڻڻ ناممڪن آهي، تنهن هوندي به تحقيق سان اهو معموم ڪري سگهجي ٿو ته اِها شئي سماج جي ڪهڙن ڪهڙن طقبن خريد ڪئي؟

پي آر او کي ڪمپني جي مفادن ۾ ٻنهي عوامن سان رابطو رکي انهن کي متحرڪ ڪرڻو هوندو آهي. اندرين عوام کي پيداوار وڌائڻ، ڪمپني جي ماحول کي روين جي حساب سان بهتر بنائڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻاهرين عوام کي ڪمپني جون شيون واپرائڻ ۽ ڪمپنيءَ جا شيئر خريدڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻو هوندو آهي.

(4)رٿابندي ۽ رابطي ڪاري: رٿابندي مان مراد پنهنجي اداري، حڪومت، پارٽي يا ڪمپنيءَ جي لاءِ اڳواٽ ڪي اهڙيون رٿون جوڙڻ آهي، جن سان ڪميونيڪيشن جي سرشتي کي جاري ۽ ساري رکڻ ۾ مدد ملي ۽ گهربل نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيش نه اچي. رابطي ڪاري مان مراد اندرين ۽ٻاهرين عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ آهي. پبلڪ رليشنز رڳو وقتي رابطي جو نالو نهآهي، يعني جڏهن رابطي جي ضرورت هجي ته رابطو ڪجي ۽ جيڪڏهن ضرور نه هجي ته نه ڪجي، ائين ڪرڻ پبلڪ رليشنز جي بنيادي مقصدن کان اڻڄاڻائي هوندي. پبلڪ رليشنز ته مسلسل ۽ مستقل رابطن جو نالو آهي.

پي آر او انتظاميا، حڪومت، ڪمپني يا پارٽي ۽ عوام وچ ۾ هڪ رابطي ڪار (Coordinator) طور ڪم ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ٻنهي پاسن ڏانهن هن جا مسئسل رابطا رهڻ ضروري هوندا آهن. اهڙي رابطي جي نتيجي ۾ پي آر او هر وقت عوام جي روين، لاڙن ۽ سماجي تبديلين جو پتو لڳائي سگهي ٿو ۽ ان مطابق اڳواٽ رٿابندي ڪري سگهي ٿو.

پبلسٽيءَ جي رٿابندي لاءِ جن شين جي ضرورت پوي ٿي، انهن کي هر وقت تيار رکڻ پي آر او جو ڪم آهي، هن کي سلائيڊن ۽ دستاويزي فلمن جي تياري، ڪئلينڊرن ۽ ڪارڊن جي تياري ۽ ڇپائي، مختلف تعارفي پروگرامن جي تياري، بروشرن ۽ ڪئٽلاگن جي تياري جو ڪم ڪرڻو هوندو آهي. پي آر او کي تڪڙي رابطي لاءِ اندرين ۽ ٻاهرين عوام جي اهم رهنمائن جون ائڊريسون ۽ فون نمبر به رکڻ گهرجن.

(5) ميڊيا سان رابطو: ميڊيا سان رابطو پبلڪ رليشنز جو اهم ڪم آهر. اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا پرنٽ ميڊيا ٻنهي سان لهه وچڙ ۾ رهڻ ۽ انهن سان رابطو ۽ سٺا ناتا قائم ڪرڻ پبلڪ رليشنز جي ضرورت هوندي آهي. پي آر او کي صحافين سان رابطو رکي پنهنجي اداري، پارٽي، حڪومت يا پيداوار بابت ڄاڻ ڏيڻي هوندي آهي. هو ميڊيا جي ماڻهن کي انهن جاين جا دؤرا به ڪرائيندو آهي، جتي ترقياتي ڪم يا ڪي ٻيون سرگرميون هلي رهيون هونديون آهن. سربراهن جي پريس ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ به پي آر او جو ڪم هوندو آهي.

پريس يا اليڪٽرانڪ ميڊيا سان رابطو نيڪنيتي تي ٻڌل هجي ۽ ميڊيا وارن کي به رڳو ٻوڙ مانيون کائي خبرون ڇاپڻ يا نشر ڪرڻ نه گهرجن، پر نيڪ نيتي سان ادارن، انهن جي سربراهن، حڪومتن يا پارٽين ۽ ڪمپنين جي پيداواري، فلاحي، سماجي ۽ سٺين سياسي حڪمت عملين جي پٺڀرائي سان گڏ خامين ۽ ڪمزورين کي به وائکو ڪرڻ گهرجي. پي آر او ميڊيا کي ”ڊڪٽيٽ“ نٿو ڪرائي سگهي ۽ نهئي هو هڪ خبر هلائڻ ۽ ٻي خبر کي روڪڻ جي فرمائش ڪري سگهي ٿو. پر جڏهن ميڊيا سان نيڪ نيتي جي بنياد تي رابطا هوندا ته اُها پاڻ هن ڳالهه جو لحاظ رکندي ته ڪهڙي خبر هلائجي ۽ ڪهڙي نه هلائجي.

(6) اشاعتي مواد جي تياري: پبلڪ رليشنز آفيسر جو اهو بنيادي ڪم آهي ته هو پبلسٽيءَ جي دائري ۾ ايندڙ مواد جي پراڊڪشن ۽ پبليڪيشن کي يقيني بڻائي.مثلاً هن کي نيوز بلٽن لاءِ مواد گڏ ڪرڻ، ڪمپوز ڪرائڻ، پروف پڙهڻ ۽ ڇپائي ورهائڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي هوندي آهي ته جيئن وقت تي بلٽن نڪري سگهي. اهڙي نموني ساليانيون رپورٽون، ڊائريون، ڪئلينڊر، عيد ڪارڊ، مختلف بروشر ۽ ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ لاءِ مواد تيار ڪرڻ به پبلڪ رليشنز شعبي جو ڪم آهي. پبلڪ رليشنز شعبو هن مقصد لاءِ پروگرام شعبي ۽ پبلسٽي ونگ جيڪڏهن الڳ موجود آهي ته ان سان لهه وچڙ ۾ رهڻو آهي. اهڙي رابطي سان مواد جي تياري ۾ مدد ملي ٿي ۽ انگن اکرن، تايخن ۽ ڏينهن وغيره جي غلطي جو امڪان به گهٽ رهي ٿو. اهڙيون غلطيون اسان اڪثر ادارن، پارٽين يا حڪومتي مواد ۾ ڏسندا آهيون.

پبلڪ رليشنز جا قسم

پبلڪ رليشنز جا اوترائي قسم آهن، جيترا سماجي زندگيءَ جا شعبا آهن. ٻار جي تربيت به سماجي پبلڪ رليشنز آهي ۽ هڪ ٻار سان به پبلڪ رليشنز جي ٽيڪنڪ مطابق هلبو آهي ته هن جا نتيجا ۽ اثر ٻيا هوندا، بنسبت روايتي نپاج يا روايتي يوريي جي، جيڪو اسان جي سماج ۾ ماءُ پي عام طور ٻار ڏانهن اختيار ڪندا آهن.

هڪ بس جو ڪنڊڪٽر توڙي جو پبلڪ رليشنز جي علم کان اڻ واقف هوندو آهي، پر هو انهيءَ حڪمت عملي کان واقف هوندو آهي تههن کي مسافرن سان ڪيئن هلڻو ۽ ڳالهائڻو آهي. ڪنهن حجام جو رويو ٻڌائي ٿو ته هو پبلڪ رليشنز جو ماهر آهي.

ائين سياسي ۽ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي روين کي پرکبو ته معلوم ٿيندو ته ڪن صورتن ۾ اهي عزت ڀريو رويو اختيار ڪن ٿا ۽ ڪڏهن هوتذليل واري رويي جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ انهن ٻنهي صورتن ۾ اڳين ماڻهن جو رد عمل به مختلف هوندو آهي. پبلڪ رليشنز جي ٽيڪنڪ ۾ اهڙي ٻٽي رويي جي ڪا به گنجائش ڪانهي.

ائين اسان زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ پبلڪ رليشنز جو عمل ٿيندي محسوس ڪندا آهيون. ماهرن سائنسي طريقي واري پبلڪ رليشنز جا ڇهه قسم بيان ڪيا آهن. انهن ۾ پهريون حڪومتي پبلڪ رليشنز، ٻيو سياسي پبلڪ رليشنز، ٽيون سماجي پبلڪ رليشنز چوٿون اقتصادي ۽ صنعتي پبلڪ رليشنز پنجون بين الاقوامي پبلڪ رليشنز ۽ ڇهون ڪميونٽي پبلڪ رليشنز شامل آهي. انهن ڇهن ئي قسمن جو تفصيلوار ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو.

(1) حڪومتي پبلڪ رليشنز: حڪومتون صحيح پبلڪ رليشنز کان سواءِ ناڪام ٿي سگهن ٿيون. اهڙي خوف خطر کي مهسوس ڪندي اولهه جي حڪومتن انفرميشن جا کاتا قائم ڪيا، جيڪي ”پريس ڪائونسلنگ“ کان سواءِ حڪومتي ڪارڪردگي کي عوام اڏو آڻڻ ۽ عوامي راءِ کي هموار ڪرڻ ۽ اطلاعات جو ڪم ڪندا هئا. انهيءَ ضرورت کي مهسوس ڪندي ٽين دنيا جي ملڪن به اهڙن کاتن جو بنياد وڌو.

انگلينڊ جو پبلڪ رليشنز نظام پاڪستان جي پبلڪ رليشنز جو ماڊل ته نه بڻجي سگهيو آهي، البته ڪي ڳالهيون برٽش نظام مان کنيو ويو هيون. انگلينڊ ۾ هر وزارت لاءِ پنهنجو الڳ ۽ مڪمل پبلڪ رليشنز جو کاتوآهي، جنهن جو سربراهه ان کاتي جو وزير هوندو آهي ۽ سڀني وزارتن ۾ موجود انهن پبلڪ رليشنز کاتن جي رابطي ڪاري (Coordination) لاءِ مرڪزي اطلاعاتي آفيس (Central office of information) قائم ڪيل آهي، مرڪزي آفيس حڪومتي سرگرمين جي پبلسٽي لاءِ مواد تيار ڪرڻ جي ذميوار هوندي آهي.

اسان جي وفاقي نظام ۾ حڪومتي پبلڪ رليشنز جي لاءِ هڪ ڊويزن قائم ڪيل آهي، جيڪا وزارت اطلاعات ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ سنڌ ۾ حڪومتي پبلڪ رليشنز جو ڪم سنڌ اطلاعات کاتي جي ذميواري آهي. هن کاتي جو ڪو هڪ انفرميشن آفيسر، سنڌ جي هر وزارت ۾ پي آر او جا فرض نڀائيندو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت، وفاقي سطح تي ڊسمبر 1974ع ۾ وزارت اطلاعات ۽ براڊڪاسٽنگ جي نئين سر تشڪيل ڪئي. هن نئين جوڙجڪ ۾ برٽش ماڊل کي آڏو رکيو ويو. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو وڏي ذهني خفت جو مالڪ هو ۽ جدت پسند هو، هن وزارت جي نئين جوڙجڪ ڀٽي صاحب جي نگراني ۾ ٿي هئي. نئين جوڙجڪ ۾ هڪ وفاقي اطلاعات آفيس قائم ڪئي وئي ۽ انفرميشن ڊويزن کي سنئون سڌو وزيراعظم جي نگراني ۾ ڏنو ويو. وفاقي اطلاعاتي آفيس کي هلائڻ لاءِ هڪ انتظامي بورڊ جوڙيو ويو، جنهن جو چيئرمئن وزيراعظم جو اطلاعات لاءِ خاص مددگار (Special Assistant) مقرر ٿيو. انتظامي بورڊ ۾ اطلاعات ڊويزن جا سينيئر عملدار، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر جا سربراهه شامل هئا. پراڻي کاتي کي ٽوڙڻ کان پوءِ نئين جوڙجڪ ۾ چار نوان کاتا قائم ڪيا ويا، جن ۾ رِفرينس ڊپارٽمينٽ، ٻيو ريسرچ ڊپارٽمينٽ، ٽيون نيوز ريلز ۽ ڊاڪيومينٽري ڊپارٽمينٽ ۽ چوٿون پبليڪيشن ڊپارٽمينٽ شامل هئا.

پبلڪ انفرميشن ڊويزن لاءِ هڪ نئون ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جيڪو سيڪريٽري اطلاعات جي نگراني ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پراڻي جوڙجڪ وارا عهدا پرنسپل انفرميشن آفيسر ۽ ڊپٽي پرنسپل انفرميشن آفيسر ختم ڪيا ويا.

پبلڪ انفرميشن جي نئين ايڊيشنل سيڪريٽري کي ٻه واڌو ذميواريون به ڏنيون ويون، هڪ ته هو سڀني وزارتن جي سرگرمين جي پڌرائي ۽ پبلسٽيءَ جو ”چيف ايڊيٽر“ هوندو ۽ انهيءَ حيثيت سان هو سڀني وزارتن ۾ اطلاعات رابطي ڪاري جو ذميوار بڻيو ۽ ٻيو هو ”نيوز ايڊيٽر“ هوندو، جيڪو چوويهه ڪلاڪ بنا ناغي ڪم ڪندڙ مرڪزي نيوز ڊيسڪ جي نگران ڪندو.

نئين پبلڪ انفرميشن ڊويزن کي ٽن شعبن ۾ ورهايو ويو، پهريون اقتصادي معاملن وارو شعبو، جنهن کي ناڻي واري وزارت کانسواءِ، پلاننگ ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت، صنعت، مواصلات، خوراڪ ۽ زراعت پيداوار، تيل ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۽ وزارت تجارت جي اطلاعات سرگرمين لاءِ ذميوار بڻايو ويو. ٻيو سماجي معاملن وارو شعبو، جنهن کي وزارت محنت، صحت، سماجي ڀلا.ي، آدمشماري جي رٿابندي، تعليم، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت جي اطلاعاتي سرگرمين لاءِ ذميوار بڻايو ويو. ٽيون عام تشهير يعني جنرل پبلسٽيءَ وارو شعبو قائم ڪيو ويو، جنهن کي وزارت داخلا، رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وزارت، قانون ۽ پارليمنٽ، مذهبي معاملن واري وزارت، صوبائي رابطي ڪاري ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وزارت بابت اطلاعات ۽ ٽشهيري سرگرمين لاءِ ذميوار بڻايو ويو. صرف ٻن وزارتن هڪ خارجا ۽ ٻي دفاع کي هن جوڙجڪ کان الڳ ڪيو ويو. وزارت خارجا لاءِ ”فارين پبلسٽي سيل، جيڪا انهيءَ کاتي ۾ اڳ ئي قائم هئي ان کي ۽ دفاع لاءِ قائم انٽر سروس پبلڪ رليشنز (ISPR) کي جيئن جو تئين رهڻ ڏنو ويو. البته انهن ٻنهي کاتن کي مرڪزي اطلاعات آفيس سان رابطي ڪاري لاءِ پابند بڻايو ويو.

اٿارٽين، ڪارپوريشن، بئنڪن ۽ ٻين نيم خود مختيار ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ به پبلڪ رليشنز جا شعبا کولڻ جي هدايت ڏني وئي. البته انهن کاتن ۾ يا خالص سرڪاري کاتن ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري رکندڙن کي ترجيح نه ڏني وئي. وفاقي سطح تي سي ايس ايس جو هڪ گروپ”انفرميشن گروپ“ قائم ڪيو ويو ۽ هن گروپ جي آفيسرن کي ئي اطلاعات کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو. صوبن ۾ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنن ذريعي انفرميشن آفيسر ڀرتي ڪيا ويا، پر انهي پوسٽن لاءِ هر ڊگري هولڊر کي امتحان ڏيڻ جي اجازت هئي ۽ اڃا به آهي. اٿارٽين ۽خودمختيار ٻين ادارن ۾ صحافت جي تجربي وارن کي ترجيح ڏني وئي، باقي ڊگري کي ثانوي درجي تي رکيوويو. انهي سان جنهن ڳالهه جي کوٽ آئي سان پبلڪ رليشنز جي هئي، ڇو جو پبلڪ رليشنز هڪ مڪمل مضمون آهي، ڪميونيڪيشن جي هڪ اهم ٽيڪنڪ آهي، هن علم ۽ ٽيڪنڪ کي سکڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ ڪئين ٿي پبلڪ رليشنز ٿي سگهي؟ اهو ئي سبب آهي جو اسان کي حڪومتي ادارن جي پبلڪ رليشنز يا حڪومتي پبلڪ رليشنز، پبلڪ رليشنز گهٽ ۽ پروپئگنڊا وڌيڪ نظر اچي ٿي. سرڪاري ادارن جي پبلڪ رليشنز ادارن بجاءِ انهن ادارن جي سربراهن جي شخصيت يا اُنهن جي غلط ۽ صحيح ڪمن ڪارن کي اڀارڻ ۾ لڳي رهندي آهي. اتي مقرر پي آر او ادارن جا نه پر سربراهن جا پي آر او لڳندا آهن.

(2) سياسي پبلڪ رليشنز: سياسي جماعتون تڏهن زنده رهي سگهن ٿيون، جڏهن انهن جي سياسي بت ۾ عوام بطور رت جي ڊوڙي رهيو هجي. عوام جي مدد ۽ انهن جو اعتماد سياسي پارٽين جي جياپي لاءِ تمام ضروري آهي. انهيءَ ڪري سڀ سياسي پارٽيون عوام سان وڌ ۾ وڌ ۽ هر وقت رابطي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. عوام تائين پنهنجو منشور پهچائڻ ۽ پنهنجن پروگرامن جي عوامي تائيد حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي پبلڪ رليشنز جي ضرورت پوي ٿي، جنهن کي هو گهڻو ڪري ميڊيا ذريعي پورو ڪرڻ چاهينديون آهن. چونڊ مهم دؤران هاڻ اهي سياسي پارٽيون ائڊورٽائيزنگ ايجنسين کي پنهنجي پبلسٽي، منشور ۽ پروگرام جي پرچار لاءِ ٺيڪو به ڏيڻ لڳيون آهن. سياسي پارٽين جا پريس سيڪريٽري يا اطلاعات سيڪريٽري انهن پارٽين جا پي آڙ او هوندا آهن، جيڪي پبلسٽي لاءِ ميڊيا سان رابطن جا ذميوار هوندا آهن. ڪنهن به تحريڪ شروع ڪرڻ کان اڳ سياسي پارٽين کي عوام سان ڪميونيڪيشن ۽ رابطي جي ضرورت پوندي آهي ۽ صرف اهي پارٽيون عوام کي متحرڪ ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پبلڪ رليشنز جي ٽيڪنڪ کان واقف هونديون آهن، ڇو جو پبلڪ رليشنز هڪ رٿيل تحقيق جو علم آهي ۽ انهيءَ تحقيق جي بنياد تي اڳتي وڌيو آهي. تحقيق سان جيڪڏهن اِها ڳالهه سماهون اچي ته عوام اڃا متحرڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهڙي تحريڪ کي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪيو ويندو آهي. تحريڪ جي ڪاميابي سياسي پارٽين جي منشا سان نه پر عوامي رويي تي ٻڌل هوندي آهي.

سياسي پارٽين ۾ عوام ٽن قسمن جو هوندو آهي. هڪڙا پارٽي عهديدار ٻيا سرگرم ورڪر ۽ ٽيان اهي ماڻهو جيڪي خاموش اڪثريت ۾ شمار ٿين ٿا. پارٽيون انهي ٽن قسمن جي عوام سان رابطا رکنديون آهن ته جيئن انهن سڀني جي حمايت ۽ سچائي حاصل ڪري سگهجي. سياسي پارٽيون گهڻو ڪري جيڪي حڪمت عمليون اختيار ڪنديون آهن، انهن ۾ پروپئگنڊا، پريشر گروپن جو قيام، سماجي ڀلائي وارا ڪم، ريليون ۽ جلسا جلوس شامل آهن.

اسان کي اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته سياسي حڪمت عمليون الڳ شئي آهي ۽ ڪميونيڪيشن حڪمت عمليون الڳ ڳالهه آهي، پر اهي هڪ ٻي سان جڙيل ضرور آهن. پروپئگنڊا جي ٽيڪنڪ سياسي حڪمت عملي به آهي ۽ ڪميونيڪيشن جي ٽيڪنڪ به آهي. سياسي پارٽيون پنهنجن مخالفن لاءِ جنهن پروپئگنڊا ٽيڪنڪ جو استعمال ڪنديون آهن، اها سياسي حڪومت عملي هوندي آهي. گهڻو ڪري حڪومت کي مخالف ڌر طرفان اهڙي شروع ڪيل نفسياتي جنگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سياسي ميدان بازي هجي يا ٻاهرين ڄاڻ، ماس ڪميونيڪيشن هجي يا انٽرنئشنل ڪميونيڪيشن يا نظرياتي جنگ هر پارٽي کي انهن مرحلن ۽ روين مان گذرڻو پوي ٿو، انهن سڀني مرحلن ۾ ڪاميابي لاءِ پبلڪ رليشنز جي ضرورت پوي ٿي ۽ پبلڪ رليشنز جا گرو ۽ ماهر ئي هن ڪم لاءِ صحيح ماڻهو هوندا آهن، جن پارٽين وٽ اهڙا ماڻهو، موجود هوندا آهن، انهن لاءِ پبلڪ رليشنز به آسان ٿيو پوي. هاڻ گهڻو ڪري هر پارٽي جا ميڊيا سينٽر به کلي ويا آهن، جيڪي پبلڪ رليشنز جي ڪم کي اُڪلائين ٿا.

وڏيون وڏيون سياسي پارٽيون پنهنجي پارٽي اندر ذيلي تنظيمون جوڙينديون آهن، اهي انهيءَ پارٽيءَ جا پريشر گروپ هوندا آهن، انهن کان به پروپئگنڊا جو ڪم ورتو ويندو آهي. اهي پريشر گروپ پارٽيءَ جي ڪنهن به مخفي يا ظاهري ايجنڊا تي ڪم ڪندا آهن. سياسي پارٽين طرفان  مخالف سياسي پارٽين يا سرڪاري پارٽي تي انهن گروپن طرفان دٻاءُ وجهرايو ويندو آهي، اهي گروپ ٽيليگرام مهم، خط مهم، صحي مهم، ايڊيٽرن کي خط ۽ ٻين اهڙن قسمن جي سرگرمين ذريعي دٻاءُ وڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن.

سياسي پبلڪ رليشنز جي ٻي ٽيڪنڪ سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ آهي. اهڙا ڪم شروع ڪرڻ جو مقصد صرف سماجي ڀلائي نه هوندو آهي، پر پنهنجي پارٽيءَ لاءِ عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ هوندو آهي، سياسي پارٽيون وقت به وقت مفت طبي ڪئمپون، رعايتي ڪتابي ميلا، سماجي مسئلن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ، غريب شاگردن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ برسات ۽ زلزلي جي متاثر ماڻهن ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن، اهي سڀ عمل سياسي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن، جن سان عوام کي متوجهه ڪبوآهي ته جيئن اهي انهيءَ خاص سياسي پارٽي ڏانهن همدردي ۽ پنهنجائپ وارو رويو رکن.

(3) ڪاروباري ۽ صنعتي پبلڪ رليشنز: ڪاروباري ۽ صنعتي ادار ۾ پبلڪ رليشنز وڏي اهميت رکي ٿي. اُتي پبلڪ رليشنز کي هڪ ڪميونيڪيشن ٽيڪنڪ طور ملازمن، ٽريڊ يونين ۽ آفيسرن جي تنظيمن سان رابطي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪمپني جي حصيدار (Share holders) سان به ساڳي نموني رابطو رکيو ويندو آهي، ڪاروباري ۽ صنعتي پبلڪ ريلشنز ۾ مذڪوره سڀ اندرين عوام آهن. جڏهن ته ٻاهرين عوام جنهن ۾ حڪومتي ادارا، شيون واپرائيندڙ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا يا شامل آهن، انهن سان به رابطو رکيو ويندو آهي.

وڏا وڏا ڪاروباري گروپ ۽ ڪمپنيون دنيا جي مختلف ملڪن تائين پکڙيل هونديون آهن. گهڻملڪي ڪمپنين ۽ مشهور صنعتي هائوسز جو ڪاروبار گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ نظر ايندو آهي ۽ انهن ڪمپنين جا اُهي مقامي يونٽ انهن ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ٿيل هوندا آهن، انهي حوالي سان انهن ڪمپنين جا حصيدار به سڄي دنيا ۾ موجود هوندا آهن، جيڪي انهن ڪمپنين جو اندريون عوام ليکبو آهي. اهڙين ڪمپنين ۾ پنهنجي اندرين عوام لاءِ خاص ”هائوس جنرل“ جاري ڪيا ويندا آهن. انهيءَ کانسواءِ ڪميونيڪيشن جي ٻين ذريعن جهڙوڪ نيوز بلٽن، ڪاروباري خطن، اجتماعي گڏجاڻين، تعارفي بروشرن کي به استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻاهرين عوام ۾ حڪومتي ادارا به شامل آهن.

رابطي ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا لاءِ پريس رليز، پريس ڪانفرنسون، خط و ڪتابت، نمائشون، مارڪيٽ مشهورين، راندين يا ٻين سماجي ڪمن جي اسپانسر شپ کي استعمال ڪيو ويندو آهي. پبلڪ رليشنز جو شعبو ٻاهرين ۽ اندرين عوام سان اثرائتي نموني ڪميونيڪيشڻ لاءِ رٿابندي ۽ حڪمت عملي جوڙي انتظاميا جي صلاح سان ان تي عمل ڪندو آهي. پبلڪ رليشنز شعبي جي ذميواري ۾ ڪو به ڪم جز وقتي نه هوندو آهي. پر پبلڪ رليشنز هڪ لاڳيتو عمل ۽ ڪل وقتي ڪم آهي.

ڪاروباري ۽ صنعتي پبلڪ رليشنز ۾ پنجن ڌرين سان واسطو پوي ٿو، جن سان رابطو ۽ واسطو رکڻ ضروري هوندو آهي، انهن ڌرين ۾ هڪ ڌر ڪارڪن هوندا آهن، ٻي حصيدار يعني شيئر هولڊرز ٽين ڊسٽريبيوٽر ۽ ڊيلر چوٿين واپرائيندڙ ۽ پنجين ڌر ميڊيا آهي. ڪمپني جي ساک ۽ فائدي لاءِ انهن سڀني ڌرين سان ناتا سٺا ڪرڻا ۽ رکڻا پوندا آهن. انهن ڌرين سان ڪيئن تعلقات رک؟ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر هيٺ ترتيبوار ڪجي ٿو.:

(الف) ڪارڪنن سان تعلقات: ورڪر ڪنهن به صنعتي اداري جي خاص موڙي هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ٺيڪ ڪم نه ڪن يا گهربل نتيجا نه ڏئي سگهن ته صنعت کي گهاٽو پئجي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ملازمن ۽ ورڪرن سان صنعت جو اهڙو ناتو هجي، جنهن سان پيداواري مقصد به حاصل ٿين ۽ ڪم جو ماحول به بهتر رهي. اهو پبلڪ رليشنز شعبي جو ڪم هوندو آهي ته اهو ورڪرن سان سٺن تعلقاتن کي فروغ ڏئي ۽ انتظاميا ۽ ورڪرن وچ ۾ هڪ پل جو ڪم ڪري.

پبلڪ رليشنز شعبي کي ٻه طرفو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، هڪ پاسي پبلڪ رليشنز شعبو ورڪرن کي انتظاميا جي پروگرامن، ڪمپني ۾ ٿيندڙ نين انتظاميا ۽ اقتصادي تبديلين بابت آگاهه ڪري ٿو ۽ اهم فيصلن تي ورڪرن کي اعتماد ۾ وٺي ٿو. هن رابطي لاءِ ڪميونيڪيشن جي اُها ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويندي آهي. جنهن سان ورڪرن ۾ پنهنجائپ وارو احساس پيدا ٿئي ۽ اهي ڪمپني آهي، انهيءَ ۾ ڪمپني جي جوڙجڪ ۽ پس منظر، مال جي پيداوار ۽ کپت، انشورنس پاليسيون، اولڊ ايج بينيفٽ فنڊز جا وچور، سالياني بونس جي پاليسي، مارڪيٽ ۾ مال کي نيڪال ڪرڻ کان اڳ واري تشهير، انڪم ٽيڪس جي ادائگي، بجلي، گيس ۽ پاڻي جي ساليانو خرچ، آفيسرن ۽ ورڪرن جو ساليانو پگهار، سڄي سال جو مڪمل خرچ، آمدني ۽ صافي بچت، ورڪرن جي ڀلائيءَ جا اهم منصوبا، جن ۾ انهن جي ٻارن جي پڙهائي ۽ علاج جوبندوبست ڪرڻ يا ورڪرز ڪالوني جي قيام بابت ڄاڻ به ان ۾ شامل هوندي آهي. ڪميونيڪيشن جي وصف ۾، هن قسم جي ڪميونيڪيش کي مٿيان کان هيٺ واري ڪميونيڪيشن (Top-down-communication) چيو ويندو آهي.

ٻئي پاسي واري ڪميونيڪيشن ۾ هيٺيان کان مٿي واري ڪميونيڪيشن (Down-top-communication) شامل آهي، جنهن کي پبلڪ رليشنز شعبو عملي طور رائج ڪندو آهي. انتظاميا لاءِ اهڙي ڪميونيڪيشن تمام اهم هوندي آهي، جيڪڏهن ورڪرن جي رويي، خيالن ۽ منصوبن جي خبر نه پوي ۽ هو ڪنهن به رابطي واري وٿي (Communication gap) جو شڪار ٿي وڃن ته هڙتال يا ڪو ٻيو اهڙو قدم کڻي سگهن ٿا جنهن سان ڪمپني مالي ۽ انتظامي طور وڏي ڏچي ۾ اچي سگهي ٿي. انتظاميا لاءِ اهو ممڪن ڪونهي ته هو هر هڪ ورڪر سان روبرو ملي. اهو ڪم پبلڪ رليشنز شعبي جو هوندو آهي ته اهو ورڪرن جي ليڊرن ۽ وچان وچان ڪن ورڪرن سان هر وقت رابطي ۾ رهي. هيٺيان کان مٿي واري ڪميونيڪيشن ۾ گهڻو ڪري مطالبا هوندا آهن. پبلڪ رليشنز شعبو وقت به وقت ٽريڊ يونين جي عهديدارن کي انتظاميا سان ملائيندو رهندو آهي. اهڙين گڏجاڻين ۾ صنعت ۽ ورڪرن جي مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو آهي. ورڪرن جي ليڊرن کان ڪمپني جي ڀلي لاءِ صلاحون به ورتيون وينديون آهن. اهڙين صلاحن وٺڻ ۽ ڏيڻ تي ورڪر گهڻو خوش ٿيندا آهن ۽ صنعت يا ڪمپني کي پنهنجو سمجهي ڪم ڪندا رهندا آهن. عام ورڪرن جي راين کي سوالنامن ذريعي به ڄاڻي سگهجي ٿو ۽ انڊسٽري بابت صلاحون وٺي سگهجن ٿيون.

(ب) حصيدارن يعني شيئر هولڊرن سان تعلقات: ڪنهن به ڪمپني جي حصيدار سان ڪمپنيءَ جا سٺا ناتا هئڻ ضروري آهن، حصيدارن جو ڪمپني تي اعتماد ڪمپني جي فائدي ۾ هوندو آهي ۽ اهڙ: اعتماد سان مالي معاملن کي ٺيڪ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ڪمپني مالي طور مستحڪم رهندي آهي. موٽ ۾ ڪمپني به حصيدارن جي موڙي ۽ مفادن جو خيال رکندي آهي. ڪمپني جي انتظاميا وڏن وڏن حصيدارن سان ته گڏجاڻيون ڪندي رهندي آهي ۽ رابطن جو سلسلو به هلندو رهندو آهي پر هن وقت ڊي نئشنلائيزيشن دؤران مک ڪمپنين جا شيئر حاصل ڪندڙ ننڍن حصيدارن سان ڪو به سڌي رابطي جو بندوبست ٿيل نه آهي. جڏهن ته پبلڪ رليشنز جي اصولن موجب سڀئي حصيدار برابر آهن.

حصيدارن سان ناتا قائم رکڻ ۾ جيڪي ڪميونيڪيشن ٽيڪنڪز استعمال ٿين ٿيون، انهن ۾ ٽه ماهي رپورٽون، گڏجاڻين لاءِ اخباري اطلاع، اسٽاڪ هولڊر لاءِ مئگزين جاري ڪرڻ، ساليانيو رپورٽون جاري ڪرڻ، مالي ۽ انتظامي معاملن بابت بروشر تيار ڪرڻ ، بڪ ليٽرز ۽ ڊاڪيومينٽري فلمون تيار ڪرڻ شامل آهن. انهن شين کانسواءِ حصيدارن سان علائقي جي حساب سان به گڏجاڻين جو سلسلو شروعڪبيو آهي. يعني لاهور ريجن جي گڏجاڻي، ڪوئيٽا ريجن جي گڏجاڻي ۽ پلانٽ جا دؤرا ڪرائڻ، ذاتي ملاقاتن ۽ نمائشي پروگرامن جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي. ڪن خاص منصوبن تي کانئن سوالناما به ڀرايا ويندا آهن.

(ج) ڊسٽريبيوٽرن ۽ ڊيلرن سان تعلقات: هي تعلقات خالص ڪاروباري هوندا آهن، هنن ناتن ۾ مال جو وڪرو، نئين مال جي تشهير ۽ مالي ڀائيواري شامل هوندي آهي.

ڊيلرن جا دوڪاندارن سان ويجها تعلقا هوندا آهن ۽ اِهي ڊيلر ڪمپني جي دوڪاندارن وچ ۾ رابطي جي هڪ شڪل هوندا آهن. هن رابطي کي ڪمپنيءَ جي ساک کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پبلڪ رليشنز جو شعبو ڊيلرن ۽ ڊسٽريبيوٽرن سان ويجها رابطا رکندو آهي.

مارڪيٽ ۾ هميشه مقابلي واري صورتحال هوندي آهي ۽ ڊيلر يا ڊسٽريبيوٽر انهي برانڊ کي وڌيڪ فروغ ڏيندا آهن، جنهن مان انهن ڊيلرن ۽ ڊسٽريبيوٽرن کي وڌيڪ مالي فائدو پهچي ۽ ٻيو عنصر رابطي جو آهي، جيڪڏهن ڪمپني جا ڊيلرن ۽ ڊسٽريبيوٽرن سان ويجها ۽ دوستاڻا ناتا هوندا ته انهيءَ ڪمپني کي اهي ترجيح ڏيندا آهن. اهي ڪمپنيون پنهنجي پبلڪ رليشنز شعبي کي ڊيلرن ۽ ڊسٽريبيوٽرن لاءِ ڪئلينڊر، ڊائريون ۽ گهڙيال جن تي ڪمپني جو لوگو لڳل هوندو آهي، تيار ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي، پبلڪ رليشنز شعبو انهن ڊيلرن لاءِ ورڪشاپن ۽ سيمينارن جو سلسلو به شروع ڪندو آهي. اهي ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪنهن وڏي هوٽل ۾ رکيا ويندا آهن، جتي انهن ڊيلرن کي مفت رهائش ۽ کاڌو ڏنو ويندو آهي. ڪمپنيون وقت به وقت ڊيلرن کي ملڪي ۽ غير ملڪي سياحتي دؤرا به ڪرائينديون آهن. هن سطح تي ٽن صورتن واري ڪميونيڪيشن استعمال ٿيندي آهي، هڪ فردي ڪميونيڪيشن ٻي گروپ ڪميونيڪيشن ۽ ٽين اشاعتي يا ويوئل ڪميونيڪيشن.

(د)گراهڪ سان تعلقات: گراهڪ جي حد (Beat) ۽ دائرو وڏو هوندو آهي. ڪن شين جو وڪرو عالمي سطح تي ٿيندو آهي، جيئن ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا وغيره، ڪي شيون ڪنهن هڪ کنڊ تائين محدود هونديون آهن، جيئن برقي سامان جا ڪجهه برانڊ، ڪي شيون ملڪي سطح جون هونديون آهن، جيئن زرعي ڀاڻ يا ٻجن جا برانڊ وغيره ائين هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن ڪمپني جا ڪي نه ڪي گراهڪ موجود هوندا آهن، پر اهي گراهڪ ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن. ڪپنيون سڀني گراهڪن سان ويجها تعلقات قائم ڪرڻ ۽ مال جي ساک بيهارڻ ۽ ان مال جي وڪري کي تيز ڪرڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪنديون آهن. مثلاً زرعي شيون تيار ڪندڙ ڪا ڪمپني پنهنجن گراهڪن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ زمين جي مفت چڪاس، فصل جو مفت معائنو، ڪنهن آبادگار جي زمين ۾ نمائشي پلاٽ تيار ڪري ڏيڻ جهڙا سلسلا هلائيندي آهي، اهي سلسلا انهي ڪري هلايا ويندا آهن ته جيئن پنهنجن گراهڪن کي پاڻ وٽ رکجي ۽ نون گراهڪن کي متوجهه ڪري سگهجي. اهي سڀ گُر پبلڪ رليشنز جي عمل ۾ اچن ٿا ته جيئن گراهڪ جو ڪمپني سان ويجهو رابطو رهي ۽ اهي ڪمپني جي شين کي اعتماد سان استعمال ڪن.

چانهه ڪمپنين وارا چانهه جي پڙين ۾ انعامي پرچيون وجهندا آهن تهجيئن گراهڪ متوجهه ٿي سگهن ۽ انعام ڪنهن وڏي تقريب ۾ ڏنا ويندا آهن. اهي چانهه ڪمپنيون شهرن جي اهم چوڪن ۽ عوامي جاين (Public Places) تي چانهه جون پڙيون مفت ورهائڻ، ڪنهن شو جو اهتمام ڪرڻ ۽ انهيءَ شو ۾ چانهه ڪاڙهي اتي موجود ميڙ کي پيارڻ، فلمون ڏيکارڻ جهڙيون ٽيڪنڪ کي استعمال ڪنديون آهن. اهو سڀ ڪجهه گراهڪي وڌائڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته اهڙي پبلسٽي تڏهن ڪامياب ويندي آهي جڏهن ”برانڊ“ معياري هجي.

هاڻ گراهڪن وٽ سئنون سڌو پهچڻ لاءِ ڪمپنين سهڻيون ڇوڪريون ”سيلز گرلز“ طور ڀرتي ڪيون آهن، جيڪي مختلف ”برانڊ“ کڻي آفيسن ۽ گهرن ۾ تعارفي وڪري جو ڪم ڪن ٿيون. اهو سنئي سڌي وڪري واري طريقي (Direct sale method) جو هڪ مثال آهي، جنهن سان وڪري سان گڏ شين جو تعارف به ٿيندو رهندو آهي ۽ گراهڪ جي سوالن ۽ خدشن جا جواب به ڏنا ويندا آهن ۽ شئي جي استعمال جو عملي مظاهرو به ڪيو ويندو آهي.

(هه)ميڊيا سان تعلقات: ميڊيا کان سواءِ پبلڪ رليشنز ائين آهي، جيئن لوڻ کانسواءِ ٻوڙ يعني ڦڪو، ائين عام تعلقات به بي سوادا لڳندا، جيڪڏهن ميڊيا کي پبلڪ رليشنز کان الڳ رکجي.

هر ڪمپنيءَ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هن جا ميڊيا سان سٺا تعلقات هجن. ڪمپنين ۾ مارڪيٽنگ جو شعبو ته لازمي طور موجود هوندوآهي،جيڪو پبلڪ رليشنز جي معاملن کي سنڀاليندو آهي. مارڪيٽنگ شعبو ائڊورٽائيزنگ ايجنسين ذريعي ميڊيا سان رابطو رکندو آهي. انهي رابطي جو بنياد گهڻو ڪري ڪمپنيءَ جا اشتهار هوندا آهن، هر قسم جو اشتهار ۽ پبلسٽي اِنهن اشتهاري ايجنسين جي ذمي هوندو آهي.

مارڪيٽنگ شعبو ميڊيا سان سنئون سڌو رابطو به رکندو آهي، ڪنهن به نئين برانڊ کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ کان اڳ مارڪيٽنگ شعبو صحافين کي ان برانڊ جو تعارف ڪرائيندو آهي، هنن کي پلانٽ جا دؤرا ڪرايا ويندا آهن. نوان ڊسپلي سينٽر ڏيکاريا ويندا آهن، ڪمپني جي سربراهه سان انٽرويو جو اهتمام ڪرايو ويندو آهي. ميڊيا پاڻ به مختلف ڪمپنين سان سٺا ۽ گهرا تعلقات چاهيندي آهي، ڇو جو ميڊيا جو گاڏو به اشتهارن ذريعي هلندوآهي. هتي اسان کي ٻه طرفي پبلڪ ريلشنز نظر ايندي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون اڳڀرائي ڪن ٿيون. گڏيل سهڪار سان اهي عوام لاءِ گالا شو، نمائشن، سيمينارن ۽ مذاڪرن جو اهتمام به ڪنديون آهن. هن عمل سان ڪمپني ميڊيا ذريعي گراهڪن تائين آساني سان پهچي ويندي آهي.

(4) بين الاقوامي پبلڪ رليشنز: بين الاقوامي پبلڪ رليشنز مان مراد، آزاد ملڪن ۽ رياستن وچ ۾ سٺا تعلقات آهي.هونئن ته هن مقصد لاءِ سوشل سائنسز جو هڪ الڳ مضمون ”انٽرنيشنل رليشنز“ به موجود آهي، پر انهيءَ ۾ رياستن جا معاملا، معاهدا ۽ تعلقات وغيره بحث هيٺ اچن ٿا. بين الاقوامي پبلڪ رليشنز ۾ ناتن جو مک مرڪز انهن ملڪن جو عوام هوندو آهي. انهن تعلقات کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، هڪ ماڻهن جا ماڻهن سان رابطا (People to People Contact) ۽ ٻيو حڪومتن جا ماڻهن سان رابطا (Governments to People Contact) انهن ٻنهي قسمن جي رابطن جو هيٺين طرح جائزو پيش ڪجي ٿو.

(الف) ماڻهن جا ماڻهن سان رابطا: جڏهن پاڪستان ۽ انڊيا جي ماڻهن جو هڪٻي ڏانهن اچڻ وڃڻ شروع ٿيو آهي ته اسان هن قسم جي رابطي کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا. اسان وٽ مختلف ملڪن جي عوام سان رابطي لاءِ فرينڊشپ فورم به جڙي چڪا آهن. پاڪ – انڊيا دوستي فورم، پاڪ – آمريڪن فرينڊشپ فورم يا پاڪ- جپان دوستي فورم انهي پبلڪ رليشنز جا مثال آهن. تازو انڊيا سان تعلقات بهر ڪرڻ جي عمل ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، ججن اداڪارن، اسيمبلي ميمبرن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جي نمائيندن کي ٻنهي ملڪن جا دؤرا ڪرايا پيا وڃن، ته جيئن شروعاتي سطح تي عوام هڪٻي جي ويجهو اچن ۽ هڪٻئي جي حڪومتن تي ڪنهن به امڪاني فيصلي خلاف ڪو ايترو جوش ۽ جذبو نه ڏيکارين، جيڪو انهن رابطي جي نه هئڻ ڪري ظاهر ٿي پئي سگهيو. اهڙن تعلقات ۽ رابطن ۾ حڪومتن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو ضرور هوندوآهي، ڇو جو ويزا ڏيڻ انهن جي ئي هٿ ۾ هوندو آهي، جيڪڏهن ڪا حڪومت ويزا نه ڏئي ته اهي عوامي سطح جا دؤرا ٿي نه سگهندا. بين الاقوامي رانديون يا ٻن ملڪن وڇ ۾ ٿيندڙ رانديون، ثقافتي نمائشون، سرڪس شو ۽ ثقافتي وفدن جي اچ وڃ به انهيءَ پبلڪ رليشنز جو حصو هوندي آهي.

(ب)حڪومتن جا ماڻهن سان رابطا: دنيا جي مختلف ملڪن جون حڪومتون ٻين ملڪن ۾ ڪي اهڙا پروگرام شروع ڪنديون آهن، جن سان اتي جي عوام سان انهن حڪومتن ۽ ملڪن جو ويجهو رابطو رهندو آهي ۽ انهن ملڪن جي عوام جي دلين ۾ مذڪوره حڪومتن لاءِ عزت ۽ همدردي پيدا ٿيندي آهي.

امير ۽ سگهارا ملڪ اهڙي پبلڪ رليشنز تي وڌيڪ توجهه ڏيندا آهن، ظاهر آهي اهڙي پبلڪ رليشنز لاءِ پئسو وڌيڪ گهربل هوندو آهي، جيڪو امير ملڪ ئي سيڙائي سگهن ٿا. انهن ملڪن کي بين الاقوامي مسئلن ۽ مونجهارن يا ڪنهن ملڪ تي قبضي دؤران اهڙي پبلڪ رليشنز جو فائدو ٿيندو آهي. آمريڪا جا گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ ”آمريڪن ڪلچر سينٽر“ ڪم ڪن ٿا، جيڪي آمريڪي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ٻين ملڪن ۾ فروغ ڏين ٿا. مختلف ثقافتي ۽ سماجي پروگرامن جي تشهير ڪئي وڃي ٿي، جن ۾ آمريڪي ثقافت کي متعارف ڪرايو ويندو آهي. هن پبلڪ رليشنز جو ٻيو حصو نشرياتي سروس هوندي آهي، جيڪا هو ٻين ملڪن جي عوام لاءِ جاري ڪندا آهن ۽ اِها انهن جي مقامي ٻوليءَ ۾ هوندي آهي، وائيس آف آمريڪا جي اردو ريڊيو سروس يا اردو ٽي وي سروس، بي بي سي اردو، فارسي ۽ پشٽو يا هندي سروس، وائيس آف جرمني، ايران ريڊيو يا ماسڪو ريڊي جي اردو سروس اهڙي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن.

ٻيو تعليمي ۽ سماجي ڪمن جي شروعات به انهي پبلڪ رليشنز هيٺ ڪئي ويندي آهي. برٽش ڪائونسل ۽ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جرمني جا تعليمي پروگرام ۽ يو ايس ايڊ، هلال احمد سعودي ۽ آڪسفام جهڙن ادارن جا سماجي ۽ فلاحي ڪم به انهي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن.

گهڻو ڪري سڀني غير ملڪي سفارتخانن ۾ پريس اتاشي ۽ ڪلچرل اتاشي مقرر ڪيا ويندا آهن، جيڪي اتي جي ميڊيا سان رابطي ۾ رهن ٿا، هو پنهنجي ملڪ جي يوم آزادي يا يوم وطن جي موقعي تي اخبارن ۾ خاص ضميما شايع ڪرائيندا آهن. انهن ضميمن ۾ انهن ملڪن جي اقتصادي سياسي ۽ ثقافتي صورتحال کي متعارف ڪرايو ويندو آهي. هنن ضميمن ۾ سفيرن جا پيغام به شايع ڪيا ويندا آهن، اهو ميڊيا ذريعي سنئون سڌو عوام سان رابطيءَ جو هڪ قسم آهي.

جڏهن ڪميونيزم ۽ سوشلزم نظريئي جو چلتو هو ته سوويت ڪمونسٽ پارٽي يا چيني سوشلسٽ پارٽي طرفان اردو ۾ مواد ڇپرائي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي کي عوام ۾ ورهائڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. اهو به هن پبلڪ رليشنز جو هڪ مثال آهي.

(5) سماجي پبلڪ رليشنز: سماجي تعلقات جو سٺو مثال غير سرڪاري تنظيمون (NGOS) آهن، جيڪي سماج ۾ مختلف هنڌن تي ٿلهو ٿڪو ڪم ڪندي نظر اينديون آهن. انهن تنظيمن مان ڪن جا ٿي سگهي ٿو ته ڪي خاص پس منظر ۽ ڪي خاص مقصد هجن پر گهڻو ڪري اهي تنظيمون عوامي فلاح ۽ عوامي رابطن جو ڪم ڪن ٿيون. سماجي پبلڪ رليشنز جو بنياد گهڻو ڪري مقامي سطح (Local level) تي هوندو آهي ته جيئن اتي جي عوامي سان سٺا تعلقات قائم ڪري سگهجن. اين جي اوز اهڙيون رپورٽون تيار ڪري ڊونرز ايجنسين ڏانهن به موڪلينديون آهن ته جيئن انهن کان مالي ساهتا ملي سگهي.

سماجي پبلڪ رليشنز کي مذهبي تبليغ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، هن ڪم ۾ عيسائي مشنري تيز آهي. اهي مشنريو پهريان سماج جي ڪنهن طبقي يا علائقي ۾ سماجي ۽ فلاحي ڪم ڪنديون آهن ۽ اتي عوام جو اعتماد حاصل ڪنديون آهن ۽ ٻئي مرحلي تي ”برين واش“ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي ۽ عوام کي چيو ويندو آهي ته ڏسو اسان جيڪي به فلاحي ۽ سماجي ڪم اوهان لاءِ ڪيا آهن، انهن جي ڪرڻ لاءِ اسان کي اسان جو مذهب چوي ٿو ته سنسار جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي خدمت ڪريو. ڏسو اسان جو مذهب انسانيت لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪري؟

اسان وٽ سنڌ ۾ به هنن جون ڪيتريون ئي اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، ڪنريءَ ۾ اکين جي مفت اسپتال، ڪراچي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ اسپتالون. تازو هنن سنجهوري جي ڀر ۾ موالين کان نشو ڇڏائڻ جي اسپتال کولي آهي. ساڳي نموني اهي مشنريون ڪيترائي اسڪول هلائين ٿيون. ماتلي ۾ باندي هارين لاءِ مريم هاسٽل به قائم ڪئي اٿن. اهي سڀ فلاحي ڪم عوامي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. پبلڪ رليشڻز جي سماجي شاخ جو اهو بهترين استعمال آهي.

انهيءَ کان سواءِ ايڌي ٽرسٽ، انصار برني ٽرسٽ، هيومن رائٽس فورم يا ڪميشن، لايرز فورم، ليگل ايڊ ڪميشن به سماجي پبلڪ رليشنز جا مثال آهن.

سماجي پبلڪ رليشنز ۾ ميڊيا جو به اهم ڪردار هوندو آهي، مڙئي اين جي اواز پنهنجن سرگرمين جي تشهير به ميڊيا ذريعي ڪنديون آهن. اخبارن ۾ پريس رليز ۽ خبرون ڇپرايون وينديون آهن، خبرناما ۽ ساليانيون ڪارڪردگي رپورٽون به شايع ڪرايون وينديون آهن ته مختلف ثقافتي پروگرام به ڪرايا ويندا آهن.

(6) ڪميونٽي پبلڪ رليشنز: توڙي جو سوشل پبلڪ رليشنز ۽ ڪميونٽي پبلڪ رليشنز ڪٿي ڪٿي هڪٻئي کي ورجائين (Over lapping) ٿيون. پر تنهن هوندي به تري گوڏي جي فرق سان اهي هڪٻي کان مختلف آهن. اسان جا راڄ ڀاڳ، ڀت پوت، مرڻا پرڻا ۽ فيصلا نبيرا وغيره سڀ ڪميونٽي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن.

هن پبلڪ رليشنز ۾ تعلقات ٽن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا فطري ٻيا ثقافتي ۽ ٽيان ضرورت وارا.

مائٽي مٽي ۾ هڪٻي سان واسطو ۽ رابطو فطري عمل آهي. آءٌ پنهنجي ماسي جي گهر انهيءَ ڪري وچان ٿو جو اُها منهنجي امان جي ڀيٽ آهي. اهڙي نموني دوستي جا تعلقات به فطري آهن. انسان جا ٿورا يا گهڻا دوست ضڙور ٿين ٿا. انهن ڏانهن اچ وڃ جا رستا به هن پبلڪ رليشنز ۾ داخل آهن.

ذاتين، قبيلن ۽ قوم جا هڪٻي سان واسطا هڪڙي ٻولي ۽ هڪڙي ثقافت جي ڪري هوندا آهن. اسان انهن رابطن جي نتيجي ۾ فيصلا ٿيندي ڏسون ٿا، علائقن ۽ صوبن جي مفادن لاءِ گڏ آواز اٿاريندي ڏسون ٿا. اهي ڪميونٽي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن.

ضرورت وارا ناتا اهي هوندا آهن، جيڪي ڪنهن طبقي يا گروهه کي ڪنهن ضرورت هيٺ گڏ رکندا آهن. اهڙي مثال ۾ شهري ڪميونٽي تنظيمون شامل آهن. اسان جڏهن ڪنهن رهائشي اسڪيم، ڪامپليڪس يا ڪالوني ۾ رهندا آهيون ته اتي شايد ئي ڪو اسان جو مائٽ يا قوم قبيلي جو ماڻهو هجي، پر پوءِ به اسان تي رهندڙ ٻين ماڻهن سان ملي هڪ يونين يا تنظيم ٺاهيندا آهيون، جيڪا اسان جي اسڪيم، ڪالوني يا ڪامپليڪس جي ڪمن ڪارن جو ڪم اُڪلائيندي آهي. هي پبلڪ رليشنز، ضرورت واري نظري هيٺ جنم وٺندي آهي. هنن تنظيمن جون چونڊون به ٿينديونآهن، پريس رليز به نڪرندا آهن، ڪنهن گهرج جي پورائي لاءِ جلوس به نڪرندا ۽ ڌرڻا به لڳندا آهن.

ڪميونٽي پبلڪ رليشنز جو ٻيو مثال مختلف ڪميونٽين طرفان پنهنجي ڪميونٽين لاءِ ڪم ڪرڻ شامل آهي، جيئن آغا خان فائونڊيشن، ڪٺياواڙي ميمڻ تنظيم، گجراتي ميمڻ يا سنڌي ميمڻن جي يونائٽيڊ ميمڻ تنظيم وغيره اهي سڀ پنهنجي ڪميونٽي ۾ رابطن ۽ ڪمن ڪارن جو ڪم ڪنديون آهن. ڪميونٽي پبلڪ رليشنز جو استعمال سماج لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ميڊيا به هن پبلڪ رليشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان جا نوجوان جيڪي پڙهيل لکيل آهن، اهي اسان جي روايت، ٻولي ۽ ثقافت کي هن ٽيڪنڪ سان ملي، مانجهي ۽ چمڪائي به سگهن ٿا.

پبلڪ رليشنز جون حڪمت عمليون

ڪميونيڪيشن جون حڪمت عمليون (Strategies) ماس ڪميونيڪيشن جي هر شعبي جي ڪاميابي لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. جيڪڏهن انهن حڪمت عملين کي سامهون نه رکيو ويندو ته ڪميونيڪيشن جو عمل يا ته بلڪل ناڪام ٿي ويندو يا اڌگابرو هلي بي مقصد بڻجي ويندو. پبلڪ رليشنز ۾ به انهن حڪمت عملين جو وڏو عمل دخل آهي، جن کي ڪن ذريعن سان عمل ۾ آندو وڃي ٿو. جيڪڏهن هڪ پي آر او کي انهن حڪمت عملين جي استعمال جي صحيح خبر هوندي ته هو انهن کي مختلف ذريعن سان استعمال ڪندي پنهنجي پارٽي، اداري يا ڪمپني لاءِ ضرور ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.

ڪميونيڪيشن جون ڪهڙيون صورتون ڪهڙن چئنلن يا ذريعن سان وڌيڪ اثرائتي نموني استعمال ٿي سگهن ٿيون؟ انهيءَ ڳالهه جو دارومدار سماج ۾ موجود حالتن تي هوندو آهي. ادارن، ڪمپنين يا پارٽين جي اندرين عوام (Internal Publics) ۽ ٻاهرين عوام (External Publics) سان رابطي ۽ ان رابطي ذريعي گهربل نتيجن تائين پهچڻ لاءِ هڪ پي آر او ڇا ڇا ڪندو آهي؟ هو گڏجاڻين جو انتظام ڪندو آهي، رابطي واري خط وڪتابت ڪندو آهي، خبرناما ۽ رپورٽون جاري ڪندو آهي، سيمينار ۽ ورڪشاپن جو سهارو وٺندو آهي، بئنرن، نمائشن، بروشرن ۽ پمفليٽن جو استعمال ڪندو آهي. ميڊيا سان پنهنجي رابطي کي استعمال ڪندو آهي، اخبارن ۽ رسالن ۾ فيچر ۽ خاص ڪالم لکرايا ويندا آهن. اهي سڀ ڪميونيڪيشن جون حڪمت عمليون آهن، جيڪي هو استعمال ڪندو آهي. هن ڪميونيڪيشن ۾ پي آر او طرفان ڪميونيڪيشن جا مختلف ماڊل عمل ۾ آندا ويندا آهن.

ماس ڪميونيڪيشن جا سڀ مضمون بشمول پبلڪ رليشنز اهڙا فن (Arts) آهن، جن کي سائنسي طريقن سان استعمال ڪيو ويندو آهي. پي آڙ او انهيءَ فن کي سائنسي انداز سان عمل ۾ آڻيندو آهي، پبلڪ رليشنز ۾ قول ۽ فعل جو فرق نه هوندو آهي، جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ان جا ابتا نتيجا نڪرندا. اندرين ۽ ٻاهرين عوام سان زباني پبلڪ رليشنز بهترين ۽ عملي پبلڪ رليشنز بدترين هوندي ته سواءِ بي اعتمادي ۽ بغاوت جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

ڪميونيڪيشن حڪمت عملين کي پبلڪ رليشنز، جن ذريعن سان استعمال ڪندي آهي، انهي ۾ پريس ڪانفرنسون، انٽرويو يعني درشن، عوامي ۽ خاص خطاب، خاص پروگرام ترتيب ڏيڻ، ڪميونٽي پروگرامن ۾ شرڪت، خط و ڪتابت ڪتابن جي ڇپائي يا اشاعت، حوالاجاتي يا مددي مواد جي تياري، اشتهار ۽ پبلسٽي شامل آهي. هيٺ انهن سڀني ذريعن جو تفصيلوار ذڪر ڪجي ٿو.

(1)پريس ڪانفرنسون: پريس سان واسطو رکڻ پر بهتر واسطو رکڻ پي آر او جي سٺي حڪمت عملي هوندي آهي، جنهن سان ميڊيا جي دنيا ۾ ڪمپني، پارٽي، يا اداري لاءِ سٺي جاءِ پيدا ٿئي ٿي. پي آر او اهڙن واسطن کي استعمال ڪندي ڪنهن به وقت پريس ڪانفرنس ڪرائڻ جو اهتمام ڪري سگهي ٿو. اسان جي مشاهدي ۾ آهي ته نيڪ نيتي جي بنياد تي ٿيل پريس ڪانفرنسن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لفظ يا جملا استعمال ٿي ويندا آهن، جيڪي جنجال بڻجي ويندا آهن ۽ ٻيو مسئلو اهو هوندو آهي ته اوهان چيو ڪجهه ۽ صحافي سمجهيو ڪجهه ۽ اهو ڇپجي ويو، پر جيڪڏهن اوهان جا پريس يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪا جاءِ ٺهيل آهي ۽ واسطا سٺا آهن ته ڪنهن غلط لفظ ۽ جملي کي پنهنجي ليکي ئي ڪٽيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ”مس ڪميونيڪيشن“ ٿي وئي هجي ته ان بابت اوهان کي پڇيو ويندو آهي ۽ ڳالهين کي چٽو ڪيو ويندو آهي ۽ ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ اوهان جو خيال رکيو ويندو آهي، اوهان جي مفادن ۽ پسند کي سامهون رکيو ويندو آهي. اهڙي واسطي ۽ رابطي جي ڪري جنهن مقصدن لاءِ پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي هوندي آهي، اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. ٻيو ته جڏهن پريس ڪانفرنسن جي آخر ۾ سوالن جوابن جو سلسلوشروع ٿيندو آهي ته اوهان کي منجهائي نه ماريو ويندو آهي.

(2) انٽرويو يعني درشن: پبلڪ رليشنز جي حڪمت عملين ۾ انٽرويو ڪرڻ يا پي آر او جي صورت ۾ ان جو بندوبست ڪرائڻ به هڪ اهم حڪمت عملي آهي، جنهن سان پنهنجي اداري، پارٽي يا ڪمپني جي پروگرام کي تفصيل سان بيان ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ انٽرويو ۾ پنهنجي مؤقف کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وقت به وڌيڪ ملي ٿو. جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪنهن سربراهه جو انٽرويو ڪرائجي ته ڏيک ويک جو خيال رکرائجي، ڇو جو پر اعتماد شخصيت جو هڪ خاص اثر ٿئي ٿو. رسمي انٽرويو ڪرڻ کان اڳ هڪ غير رسمي انٽرويو ڪرڻ ضروري هوندو آهي، يعني انٽرويو ڏيندڙ ۽ وٺندڙ پنهنجن خيالن، مقصدن سوالن ۽ جوابن کان هڪٻي کي واقف ڪن ته جيئن انٽرويو دؤران ڪنهن به قسم جو ڪو مونجهارو پيدا ٿي نه پوي. ڪي انٽرويو وٺندڙ هروڀرو جذباتي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن انٽرويو ڏيندڙ وڦلجي آف دي رڪارڊ ڳالهيون به عوام اڏو آڻي، انهيءَ ڪري انٽرويو ڏيندڙ يعني درشن ڪرائيندڙ اهڙي ماحول مان جذباتي ٿيڻ بجاءِ بردباري وارو رستو اختيار ڪري. انٽرويو ڏيندڙ جو مقصد پنهنجي مقصد، پيغام، منشور پاليسي يا پروگرام کي عوام تائين پهچائڻ آهي.

پرنٽ ميڊيا جا انٽرويو نسبتاً سولا هوندا آهن. پبلڪ رليشنز آفيسر اهڙي انٽرويو کي ڇپجڻ کان اڳ ٺيڪ ڪرائي سگهي ٿو، يعني انهيءَ ۾ بهتري جي گنجائش موجود هوندو آهي.

(3) عوامي ۽ خاص خطاب: عوامي خطاب (Public speaking)  به انٽرويو وانگر ڪميونيڪيشن جي حساس حڪمت عملي آهي. توڙي جو هن ۾ سوال جواب انٽرويو وانگر نه ٿيندا آهن، پر عوامي خطابن جي ڪن حالتن ۾ سوالن جا جواب به ڏيڻا پوندا آهن.

عوامي خطابن جون مختلف صورتون هونديون آهن. انهن مان ڪي خاص خطاب هوندا ته ڪي عام خطاب هوندا آهن. خاص خطاب خاص طبقن يا گروهن لاءِ هوندا آهن ۽ عام خطاب هر طبقي لاءِ هوندا آهن. خاص خطابن ۾ ليڪچر پروگرام، سيمينار ۽ مذاڪرن جا خطاب، ڪنهن ڪانفرنس جا مقالا، ڪنهن باڊي اجلاس، ڪنهن به پروگرام جا صدارتي، خاص مهمان ۽ اعزازي مهمانن وارا خطاب شامل آهن. جڏهن ته عوامي خطابن ۾ جلسن ۽جلوسن کي خطاب، ريلين ۽ کليل ڪچهرين کي خطاب ڪرڻ شامل آهن.

هر خطاب جي ٽيڪنڪ الڳ هوندي آهي، پبلڪ رليشنز ۾ انهن سڀني خطابن کي اهم حڪمت عملي سڏيو ويو آهي. هنن خطابن جا اثر عوام تي سنوان سڌا پون ٿا ۽ رد عمل يا موٽ (Feedback) به تڪڙي ملي ٿي. سياسي پارٽيون هجن يا سماجي ۽ سڌارڪ تنظيمون، جڏهن انهن جا سربراهه يا ورڪر عوام کي مخاطب ٿين ٿا ته انهن جا نتيجا ڪنهن به پريس رليز يا رپورٽ کان مختلف ۽ بهتر نڪرن ٿا، هتي به سچائي غالب آهي، جيڪڏهن انهن خطابن ۾ سچائي نه هوندي ته عوامي ويساهه وڃائي ويهبو.

(4) خاص پروگرام ترتيب ڏيڻ: پبلڪ رليشنز جي هن حڪمت عملي ۾ ڪن خاص موقعن يا واقعن جي نسبت سان خاص پروگرام تشڪيل ڏنا ويندا آهن. ڪمپني جي يا پارٽي جي سالگرهه تي خاص پروگرام، يوم وطن، يوم دفاع، عورتن جي عالمي ڏينهن يا نوجوانن جي عالمي جي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ترتيب ڏيڻ هن حڪمت عملي جو حصو آهن. هن حڪمت عملي کي عملي طور رائج ڪرڻ ۾ پي آر او کي گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي، مختلف ماهرن سان صلاحون ڪرڻيون پون ٿيون، جيڪڏهن پروگرام هيڊڪوارٽر کان پري ڪرايا پيا وڃن ته اڳواٽ انهن علائقن جا دؤرا ڪرڻا پون ٿا. هنن پروگرامن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پي آر او کي انتظامي ۽ سماجي لاڳاپا استعمال ڪرڻا پون ٿا.

پبلڪ رليشنز شعبو انتظاميا جي صلاح سان، آيل خاص مهمانن ۽ وفدن جو آڌر ڀاءُ ڪري ٿو، وفدن کي سٺي موٽ ڏيڻ سان، اهي وفد پارٽي، ڪمپني، حڪومت يا اداري لاءِ سٺو تاثر کڻي وڃن ٿا. هنن پروگرامن لاءِ جيڪي اڳواٽ انتظام ڪيا ويندا آهن، انهن جي صحيح هجڻ جي پڪ ڪرڻ پي آر او جو ڪم آهي. ڪارڊن جي تياري ۽ ورهاست صدارت ڪندڙ شخصيت ڏانهن خط ۽ فون رابطا، اهڙي نموني خاص مهمان ۽ اعزازي مهمانن سان رابطا ۽ نالن جي پڪ ڪرڻ، تعارفي مواد ۽ سوينيئر جي تياري ۽ ڇپائي، ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جو بندوبست، ريفريشمينٽ ۽ کاڌي جي انتظام کان سواءِ اسٽيج بئنرڪ به پي آڙ او کي اڳواٽ ڏسي پڪ ڪرڻي هوندي آهي ته سڀ انتظام ٺيڪ آهن. جيڪڏهن ڪٿي ڪا لانجهي نظر اچي ته انتظاميا کي چئي ان کي درست ڪرائڻ به هن جو ڪم آهي. ڪي ورڪشاپ ۽ سيمينار اهڙا به ٿيندا آهن، جن ۾ سلائيڊ، شفافا ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت پوندي آهي ۽ انهن سائيڊن، شفافن ۽ دستاويزي فلمن کي هلائڻ لاءِ جن اليڪٽراني سامان ۽ پروجيڪٽر وغيره جي ضرورت هوندي آهي، اهي شيون به اڳواٽ تيار رکڻيون هونديون آهن ۽ هڪ جرنيٽر جو بندوبست به انهي مشق جو حصو هوندو آهي ته جيئن بجلي جي گم ٿيڻ ڪري ڪا پريشاني نه ٿئي ۽ پبلڪ رليشنز جو هي سڄو عمل ناڪام ٿي نه وڃي.

(5)ڪميونٽي پروگرامن ۾ شرڪت: ڪنهن ڪمپني يا اداري ۽ پارٽي وغيره کي مقامي ڪميونٽي سان رابطا رکڻ ضروري هوندا آهن. پبلڪ رليشنز آفيسر اهڙن پروگرامن کي تشڪيل ڏيندو آهي ته جن سان سماج جي مختلف ڪميونٽين سان سڌو رابطو رهي سگهي. هن پبلڪ رليشنز جي حڪمت عملي ۾ جيڪي ڳالهيون شامل آهن، انهن ۾ رانديون ڪرائڻ، طبي ڪئمپون لڳرائڻ، ثقافتي پروگرام ڪرائڻ ۽ لوڪ ميڊيا جو استعمال شامل آهي.

(6) خط و ڪتابت: پبلڪ رليشنز جي هي حڪمت عملي اهم ۽ سستي هوندي آهي ۽ تاريخي طور هي ڪميونيڪيشن گهڻي پراڻي ۽ آزمايل آهي، دنيا ۾ رابطن جو پهريون سلسلو خطن ذريعي ئي شروع ٿيو هو ۽ اڄ به پارٽيون، فرد، حڪومتون ۽ڪمپنيون وغيره هڪٻئي سان رابطي لاءِ هن ڪميونيڪيشن جو استعمال ڪنديون آهن.

انتظامي معاملن جا خط انتظامي شعبي جو معاملو هوندو آهي، پر رابطن کي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ وارا خط پبلڪ رليشڻز شعبي جي ذميواري هوندي آهي. ڪننهن شخصيت جي صحت ۽ خيريت پڇڻ لاءِ خط، جنهن کي اردو وارا ”خير سگالي جو پيغام“ چوندا آهن ۽ ٻيا اهڙا خط جنهن ۾ ڪاروباري ۽ انتظامي معاملا بحث هيٺ نه ايندا هجن. انهيءَ کانسواءِ نئين سال جي آمد تي ڪارڊ موڪلڻ، پيارن ڏي عالمي محبت واري ڏينهن تي ڪارڊ موڪلڻ، عيد ڪارڊ موڪلڻ سالگرهه ڪارڊ موڪلڻ به هن پبلڪ رليشنز جو حصو آهي.

اسان دوستن ۽ مائٽن ڏانهن جيڪي خط موڪليندا آهيون، انهن خطن جا ٻه مقصد هوندا آهن، هڪ ته انهن کي ڪا ڄاڻ ڏجي ۽ پنهنجي خيريافت بابت اطلاع ڏجي، ٻيو پنهنجن رشتن کي انهن خطن سان مضبوط ڪجي. هي خط اسان جي محبت ۽ جذبن کي تازو ۽ گهرو رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

(7) ڪتاب جي اشاعت: ڪنهن به مواد جي ڪتابي صورت پبلڪ رليشنز جو اهم ذريعو ۽ هڪ جٽادار حڪمت عملي آهي. ٻي مواد جي ڀيٽ ۾ ڪتابن جي عمر وڏي ٿئي ٿي. ماڻهو ڪتابن کي ذاتي لئبررين ۾ سانڍي رکندا آهن ۽ مختلف ادارن پنهنجن لئبررين ۾ به ڪتابن کي سنڀالي رکندا آهن ته جيئن حوالن ۽ تحقيق لاءِ انهن ڪتابن کي وقت به وقت استعمال ڪري سگهجي.

پبلڪ رليشنز ۾ ڪتاب جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو ساڳيو ڪتاب هر هر ۽ ڪيترن ئي فردن طرفان پڙهيو ويندو آهي. ڪتاب ذريعي ڪمپني، ادارو، حڪومت يا پارٽي پنهنجو مؤقف پختن بنيادن تي اڳتي وڌائي سگهي ٿي.

هائوس جنرل، تحقيقي ۽ تفريحي رسالا، ڇپيل ساليانيون رپورٽون، ڪنهن سير تفريح ۽ قديم آثارن واري جاءِ لاءِ ڇپيل تعارفي ڪتاب يا گائيڊ بڪ، مئنيوئل، قانوني ڪتاب، ملازمن، شاگردن ۽هارين لاءِ رهبر ۽ قاعدن جا ڪتاب، سلور جوبلي، گولڊن جوبلي يا پلاٽينيم جوبلي جي موقعي تي ڇپيل ڪتاب، ڪنهن ڪانفرنس ۽ سيمينار وغيره جي موقعي تي ڇپيل سوينيئر سڀ ڪتابي پبلڪ رليشنز جو حصو آهن.

ڪتابن جي اشاعت ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪڙا ڪتاب خاص گروهن لاءِ شايع ڪيا ويندا آهن ۽ ٻيا ڪتاب عام هوندو آهن، انهن کي ڪو به پڙهي تفريح يا ڄاڻ حاصل ڪري سگهندو آهي. ڪمپنين جي خاص اشاعت، ڪانووڪيشن جي موقعي تي تعارفي ڪتاب ۽ سوينيئر، طبي، زرعي ۽ سائنسي ڄاڻ جا ڪتاب ۽ تحقيقي جنرل خاص گروهن ۽ طبقن لاءِ هوندا آهن. جڏهن ته ملڪي سياست ۽ سماجي حالتن تي لکيل ڪتاب، ڊڪشنريون، ناول، شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن بابت ڇپيل ڪتاب عام هونندا آهن. انهن کي ڪو به ڄاڻ ۽ تفريح لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. انهن ٻنهي قسمن ۾ پهريون قسم جا ڪتاب انهن خاص گروهن جي مضمونن بابت هوندا آهن، جيڪي صرف خاص فيلڊ سان تعلق رکن ٿا.

(8) حوالاجاتي ۽ مددي مواد: حوالي جو مواد ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڇاپي مواد (Printed Material) ۽ ٻيو اليڪٽراني مواد (Electronic Material) جيڪو پبلڪ رليشنز جي هن حڪمت عملي ۾ نسبتاً جديد آهي. هيٺ ٻنهي قسمن جي مواد جو جائزو وٺون ٿا.

(الف) ڇاپي مواد: ڇپيل يا ٽائيپ ڪيل مواد ادارن، پارٽين، ڪمپنين ۽ حڪومتي ادارن جي ڄاڻ کي پکيڙڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.

ڪو شاگرد جڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ چاهيندو آهي ته هن کي داخلا لاءِ ضروري ڪارروايون پوريون ڪرڻيون پونديون آهن. هو پهرين مذڪوره يونيورسٽي يا ڪنهن مقرر بئنڪ مان فارم وٺي ان کي ڀريندو آهي ان فارم سان گڏ هن کي هڪ ڪتابچو يعني ”پراسپيڪٽس“ به ملندو آهي، جنهن ۾ داخلا جي سڄي پاليسي ۽ رهبري شامل هوندي آهي. ڇو جو داخلا برانچ وارن وٽ ايترو وقت نه هوندوآهي، جو هو هزارين شاگردن مان هڪ کي يونيورسٽيءَ جي داخلا پاليسي سمجهائين ۽ رهبري ڪن. بس اهو پراسپيڪٽس ئي انهن جو رهبر هوندو آهي، جنهن ۾ داخلا جي طريقي، گهربل لياقت، گهربل ضروري ڪاغذن ۽ داخلا في جي باري ۾ ٻڌايل هوندو آهي ۽ هن ۾ يونيورسٽيءَ جي مختلف فئڪلٽين ۽ شعبن جو مختصر تعارف به شامل ڪبو آهي. هي سڄو ڪم پبلڪ رليشنز شعبي جو آهي، جيڪو اڳواٽ ئي انتظاميا ۽ داخلا برانچ سان لهه وچڙ ۾ اچي داخلا پاليسي ۽ فيصلن موجب مددي مواد تيار ڪري وٺندو آهي ۽ پوءِ اهو ”پراسپيڪٽس“ يا بروشرن ۽ پمفليٽن جي صورت ۾ ڇپرائي داخلا فارم سان گڏ داخلا وٺندڙ شاگردن تائين پهچايو ويندو آهي. اهڙي نموني ڪمپنيون پنهنجي سامان لاءِ ڪئٽلاگ شو ڪرائينديون آهن، انهي ڪئٽلاگ شو جي تياري پبلڪ رليشنز شعبي جو ڪم هوندو آهي.

ساڳي نموني بئنڪن، مالياتي ادارن ۽ انشورن ڪمپنين طرفان پنهنجن پاليسين ۽ اسڪيمن بابت مددي مواد ڇپرائي پنهنجن آفيسن جي حاطي ۾ رکيل خاص شيلفن ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن هر ”ڪسٽومر“ ايندي ويندي اتان مواد کڻي، تازي معلومات حاصل ڪري سگهي. مٿي جيڪي به مثال پيش ڪيا ويا آهن، انهن سڀني مثالن ۾ ذڪر ڪيل مددي مواد جي تياري پبلڪ رليشنز جي ذميواري هوندي آهي. هي پبلڪ رليشنز جي اهم حڪمت عملي آهي.

(ب) اليڪٽراني مواد: هن مواد ۾ آڊيو وڊيو ڪئسٽون، سي ڊيون، ڪمپيوٽر فلاپيون وغيره شامل آهن ۽اهڙي مددي مواد ۾ ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي اڃا به اضافو ڪيو آهي. مختلف ڪمپنين، اشاعتي ادارن ۽ سياسي پارٽين طرفان اهڙو مواد تيار ڪرائي ورهايو ويندوآهي ته جيئن پنهنجي ڳالهه ۽ مقصد کي ٻين تائين پهچائي سگهجي. پبلڪ رليشنز شعبو اهڙي مواد جي تياريءَ جو ذميوار هوندوآهي. ڊاڪيومينٽري فلمون به انهيءَ مواد جو حصو آهن. هي مواد گهڻو ڪري انهن علائقن ۾ وڌيڪ ڪارگر ۽ ڪامياب حڪمت عملي ثابت ٿئي ٿو، جن علائقن ۾ تعليم جوسيڪڙو گهٽ هجي. اهي هن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري مواد سان ئي متاثر ٿين ٿا.

هن وقت ڪيتريون ئي ويب سائيٽون کلي ويون آهن. هر ڪمپني، ادارو يا پارٽي ڪوشش ڪري انٽرنيٽ تي اچڻ چاهي ٿي. ويب سائيٽ جو مواد تيار ڪرڻ ۽ ويب سائيٽ کي انٽرنيٽ تي آڻڻ به هن حڪمت عملي ۾ شمار آهي. ويب سائيٽن تي هاڻ فارم، پاليسيون ۽ امتحانن جا نتيجا به جاري ڪيا وڃن ٿا.

(9) اشتهار: پبلڪ رليشنز جي حڪمت عملين مان اشتهار پراڻي ۽ اثرائتي حڪمت عملي آهي. اشتهارن کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙا مارڪيٽنگ جي حوالي سان شين جي وڪري کي فروغ ڏيڻ (Sales promotion) وارا اشتهار ۽ ٻيا اعتماد بحال ڪرڻ (Confidence Building)  يا ساک وڌائڻ وارا اشتهار.

پاڪستان ۾ ڪمپنين ۽ ادارن جي جوڙجڪ پنهنجي طريقيو سان ڪئي ويندي آهي ۽ شعبن جي ڪمن جي ورهاست به انهي حساب سان ٿيندي آهي. اسان وٽ ڪمپنين جا اشتهار مارڪيٽنگ شعبي جي ذميواري ۾ شامل هوندا آهن ۽ سرڪاري ادارن ۾ اعتماد جي بحالي، ڪمن ڪارن جي تشريح يا مارڪيٽنگ جا اشتهار پبلڪ رليشنز شعبو سنڀاليندوآهي.

پرنٽ ميڊيا لاءِ اشتهار هجن يا اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ڪمرشل، ٻنهي جو مقصد شين، خيالن ۽ خدمتن کي فروغ ڏيڻ يا وڪڻڻ هوندوآهي. اعتماد جي بحالي وارا اشتهار گهڻو ڪري حڪومتون ڏينديون آهن. پبلڪ رليشنز جي هن حڪمت عمليءَ کي انهيءَ ڪري به وڌيڪ اهميت آهي جو هن حڪمت عملي سان ڪمپني، اداري، پارٽي يا حڪومت ۽ ميڊيا کي هڪٻي سان بهتر ناتا جوڙڻ جو موقعو ملندو آهي. ميڊيا کي هلڻ لاءِ اشتهار ۽ ڪمرشل گهرج ۽ ڪمپنين، پارٽين ۽ حڪومتن کي ميڊيا جي همدردي گهرجي. هن حڪمت عملي سان ٻنهي ڌرين جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. پر ڪڏهن ڪڏهن حڪومتن طرفان اهڙيون فرمائشون ٿيڻ لڳنديون آهن، جو ميڊيا انهن کي پوري ڪرڻ کان قاصر هوندي آهي ۽ نتيجي ۾ ميڊيا جا اشتهار يا ڪمرشل بند ڪيا ويندا آهن.

پبلڪ رليشنز شعبو اشتهارن جي تياريءَ لاءِ اشتهار تيار ڪرڻ واري ايجنسي ۽ ميڊيا سان رابطي ۾ رهندو آهي ته جيئن پبلڪ رليشنز جي هن حڪمت عملي مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهي.

(10)پبلسٽي: پبلڪ رليشنز جي هي حڪمت عملي گهڻو ڪري صنعتي ادارن، وڏن وڏن بزنس هائوسز ۽ سياسي پارٽين لاءِ اهم هوندي آهي. هن کان اڳ مٿي پبلڪ رليشنز جون جيڪي به حڪمت عملديون بيان ڪيون ويون آهن، انهن سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پبلسٽي چئي سگهجي ٿو، پر ماس ڪميونيڪيشن ۾ ٽيڪنيڪي طور پبلسٽي مٿين مڙني قسمن کان الڳ ۽ مختلف آهي. پبلسٽيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، پر پبلسٽي جي وصف هڪڙي ئي آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪجي ته پوءِ چئبو ”هر اهو عمل جيڪو ٻين کي متوجهه ڪري ۽ ڪو ظاهري يا مخفي پيغام ڏئي ته اِها پبلسٽي آهي.“

مشڪرو زنانا ڪپڙا پائي ۽ ترالي ٽوپي ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو آهي. هو انهن ڪپڙن ۽ ٽوپي جي مدد سان پنهنجي پبلسٽي ڪندو آهي، هو نه ته ڪو نعرو هڻندو آهي ۽ نه ڪو اعلان ڪندو آهي، بس اسان هن جو ويس ڏسي سمجهي ويندا آهيون ته هي مشڪرو آهي.

اسان مختلف فيشن ۽ نوان اسٽائيل انهيءَ ڪري اختيار ڪندا آهيون ته جيئن اسان منفرد لڳون. اِها اسان جي هڪ رٿيل ۽ ذاتي پبلسٽي هوندي آهي. پبلڪ رليشنز جي هن حڪمت عملي جي وسيع ڪارج آهي. اسان جي اداري، ڪمپني ۽ شوروم وغيره جو ڏيل ويک صفائي سٺائي ۽ لائيٽنگ به ٻين کي متوجهه ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. اهي شيون پبلسٽي جو حصو هونديون آهن.

هڪ ماڻهو اسان سان ڪجهه به نه ڳالهائي ۽ بازار مان اسان جي سامهون پيپلز پارٽي جو ٽه رنگو جهنڊو کڻي گذري وڃي ته اهو اسان کي پيغام ڏيندو ويندوآهي ته هو مذڪوره پارٽيءَ جو ورڪر آهي.

مختلف ڪمپنين پلاسٽ جا ڊسپوزبل گلاس تيار ڪرائنديون آهن ۽ انهن گلاسن تي انهي ڪمپني جو نالو لکيل هوندو آهي ۽ لوگو به ٺهيل هوندوآهي، ڪي ڪمپنيون پنهنجي نالي واريون بال پئنون تيار ڪرائينديون آهن. ڪي گهڙيل ته ڪي وري چاٻين وارا ڇلا، پنهنجي نالي سان تيار ڪرائي ماڻهن ۾ ورهائينديون آهن. پبلڪ رليشنز جي هي حڪمت عملي ڪامياب حڪمت عملي آهي.