ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275777   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪميونيڪيشن جا قسم


ماهرن طرفان ڪميونيڪيشن جي درجابندي ڪندي ڪيترائي قسم ڄاڻايا ويا آهن. انهن قسمن ۾  ڳالهائڻ واري (Verbal)، بنا ڳالهائڻ واري (Non- Verbal)، ٽيڪنيڪي، غير ٽيڪنيڪي، مصالحتي، غير مصالحتي، گڏيل ۽ ونڊيل ڪميونيڪيشن کان سواءِ ٻين قسمن کي به بيان ڪيو وڃي ٿو. اهي قسم گهڻو ڪري ماسڪميونيڪيشن جي تعليم يا تربيت جي حوالي سان رائج آهن. حقيقت ۾ ۽ عملي طور ڪميونيڪيشن جي سڀني قسمن ۾ ٿورو گهڻو ورجاءُ (overlapping) ۽ گڏ وچڙ ڏسڻ ۾ ايندي. ڪيترن ماهرن هنن قسمن کي نه ته چٽي طرح هڪٻي کان ڌار ڪيو آهي ۽ نه وري انهن مان ڪن کي، اهي ڇڏي سگهيا آهن، بهرحال اهي سڀ قسم ڪنهن ڪنهن حوالي سان اهميت وارا آهن. هنن قسم مان ڪيترائي سادا سودا ۽ ڪي وري منجهيل صورت (complex Phenomenon) وارا آهن.

ڪميونيڪيشن جو اهو درجو جيڪو فردن، انساني گروهن يا ماڻهن جي خاص تعداد سان لاڳاپيل آهي، ان کي ذاتي (Personal) ڪميونيڪيشن چيو ويندو آهي. ذاتي ڪميونيڪيشن جا ٽي قسم آهن. پهريون انٽرا پرسنل ڪميونيڪيشن، ٻيو انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن ۽ ٽيون ٽرانس پرسنل ڪميونيڪيشن.

(1)انٽرا پسنل ڪميونيڪيشن: انٽرا پرسنل ڪميونيڪيشن فرد واحد عڪس هوندو آهي. اصل ۾ اِها خيالن جي ٻوڏ ۽ گهري سوچ هوندي آهي. ڪميونيڪيشن گهڻو ڪري ڪنهن سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو هوندي آهي. پر بس اوچتو ٿي ويندي آهي يا گهڻو ڪري اهڙي ڪميونيڪيشن جو ڪنهن تجربي سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. اهو اسان سڀنيءَ جي مشاهدي ۾ آهي ته ڪي ماڻهو ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي منهن پيا ڳالهائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻه طرفا جملا ٻه ڳالهائيندا آهن. هڪ جلو پنهنجي حوالي سان هوندو آهي ۽ ٻيو جملو غير موجود ڪردار يعني مخاطب طرفان ڳالهايو ويندو آهي. انهيءَ غير موجود ڪردار جا جملا فرضي هوندا آهن، جيڪي ڳالهائڻ واري جي اندر ۾ ٺهندا رهندا آهن، اهو سڄو عمل انٽرا پرسنل ڪميونيڪيشن آهي. نفسياتي مريض ۾ اهڙي ڪميونيڪيشن عام ٿيندي آهي، جنهن کي اسان پنهنجي روايتي ٻولي ۾ چوندا آهيون ته ”همراهه کي جن پئجي ويو آهي“، جيڪو پيو ٿو ڳالهائي يا فقير اٿس ۽ جڏهن ”جن“ ڪڍڻ وارو هن مريض سان مخاطب ٿيندو آهي ته مريض بدليل آواز ۾ پنهنجي عام ڄاڻ ۽ معلومات کان هٽيل ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، اهو سڄو عمل انهيءَ انٽرا پرسنل ڪميونيڪيشن جو حصو آهي، جيڪا بي خيالي يا لاشعوري نموني ظاهر ٿيندي رهندي آهي. جيڪا دٻيل خواهشن جي پوري نه ٿيڻ سبب ظاهر ٿيندي آهي يا اڪثر ٻين کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اختيار ڪئي ويندي آهي.

هر انسان سواءِ ننڊ ۽ بي هوشيءَ جي انٽرا پسنل ڪميونيڪيشن جي عمل مان گذرندو رهندو آهي. هو پنهنجي هزارين خواهشن، مستقبل جي رٿابندين ۽ گذيل واقعن کي ورجائيندو رهندو آهي، ڄڻ ته هن ۾ ٻه انسان سمايل هجن، جيڪي هڪٻئي سان ڪچهري ڪندا رهندا آهن. انسان پاڻ سان ڏک ۽ خوشي به ونڊيندو آهي ۽ اهڙي ونڊ ڪنهن ٻي انسان سان شايد انهيءَ حد جي نه ٿي سگهي، جيڪا هي پنهنجي پاڻ سان ونڊي سگهي ٿو. اسان جا وڏڙا چوندا هئا ته ڪنهن به ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ٻي ماڻهو سان صلاح ضرور ڪجي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ملي ته ”وڻ“ سان صلاح ڪجي، مطلب ته انسان پنهنجي اندر واري انسان سان ڳالهائي، ڪنهن نتيجي تي پهچي.

زنده انسان جو دماغ هر وقت ڪم ۾ رڌل هوندو آهي ۽ پنهنجي جسم سان ڪميونيڪيشن ڪندو رهندو آهي. دماغ جي سوچڻ جي رفتار ۽ ان جو معيار هر انسان ۾ الڳ الڳ هوندو آهي. ڪنهن به شيءَ، واقعي ۽ رويي کي ته هر انسان محسوس ڪري ٿو، پر هر فرد ان جو مطلب ۽ مفهوم مختلف وٺي ٿو. اسان اڪثر ڏسندا آهيون ته هڪڙو ماڻهو تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو هوندو آهي، پر اوچتو ئي اوچتو هو واپس مڙي پوئتي يعني جتان اچي رهيو هو اوڏانهن وڃڻ شروع ڪندو آهي، هن کي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي؟ ها هن کي ڪا ڳالهه ياد آئي آهي ۽ هن جي دماغ ان وقت فيصلوڪري ورتو هوندو ته هن کي پهرين ياد آيل ڪم اُڪلائڻ گهرجي، پوءِ ٻيو ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان اهڙن ماڻهن کي ”منڌل دماغ وارا ماڻهو“ چوندا اهيون. انهن جا فيصلا هر وقت انهءَ ڪري بدلبا رهندا آهن، جو ماڻهو سور وقت دانهن، خوشي وقت ٽهڪ ۽ هوڪارا، بدبوءِ ۽ خوشبو وقت منهن جو تاثر بدلائيندو رهندو آهي، اهي سڀ عمل انٽراڪميونيڪيشن جي ڪري ظاهر ٿيندا رهندا آهن. ”باڊي لئنگويج“ به اهڙي ڪميونيڪيشن جو هڪ حصو آهي.

(2) انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن: انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن ٻن فردن جو منهان منهن رابطي يا آمهون سامهون ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه (Face to face Communication) کي چيو ويندو آهي، يعني هڪ فرد جي ٻئي فرد سان خيالن ۽ ڳالهين جي ٻوليءَ ۽ اشارن ذريعي سئين سڌي مٽا سٽا ٿي جيڪا ڪنهن به وچين واسطي جي محتاج نه هجي، نه ته ٽيليفون نه وري واڪي ٽاڪي يا لکت ۽ نيت وغيره جو انهيءَ ۾ عمل دخل هجي.

ڪميونيڪيشن جو هي قسم ٻين قسمن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. هي ڪميونيڪيشن گهڻو ڪري ذاتي نوعيت جي هوندي آهي ۽ سوچيل سمجهيل انداز ۾ ٿيندي آهي. روبرو هئڻ ڪري ٻنهي فردن ۾ وقت جي پابندي به نه هوندي آهي ۽ اهي جستائين چاهين هڪٻئي سان رابطي ۾ رهي سگهن ٿا. هن ڪميونيڪيشن جي هڪ ٻي خوبي اِها آهي ته ٻنهي فردن کي پنهنجي موڪليل پيغام جي موٽ (Feed back) جي خبر به پوندي رهي ٿي ۽ بهتر فيڊ بئڪ ۽ نتيجن لاءِ هو پنهنجي پيغام يعني گفتگو کي ٺيڪ ڪندا رهندا آهن.

جيڪڏهن اسان ڪنهن کي پنهنجي پارٽيءَ جي ووٽ لاءِ قائل ڪري رهيا آهيون ته اسان کي پنهنجي پيغام جي موٽ بابت اڳيئن فرد جي گفتگو ۽ باڊي لئنگويج مان خبر پوندي رهي ٿ ي ته اسان ڪيترو ڪامياب وڃي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان کي ڪاميابي جي اميد گهٽ نظر ايندي آهي ته ان مطابق پنهنجي پيغام يعني گفتگو ۾ ردوبدل ڪندا آهيون. انٽرپرسنل ڪميونيڪيشن جي مقابلي ۾ ڪميونيڪيشن جي ٻين قسمن ۾ فيڊبئڪ لاءِ اسان کي تحقيق جي عمل مان گذارڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي اضافي وقت ۽ فردي قوت جي ضرورت پوي ٿي، جيئن ماس ڪميونيڪيشن ۽ گروپ ڪميونيڪيشن ۾ گهربل هوندي آهي.

انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي تڪڙي موٽ جي ڪري ۽ ٻنهي پاسن جي هاڪاري يا ناڪاري روين جي ڪري مخاطب پنهنجي رويي، ٻولي ۽ باڊي لئنگويج ۾ تبديلي ڪندو رهندو آهي، ڪوشش اِها هوندي آهي ته هن جو ظاهر ڪيل پيغام صحيح نموني ٻئي تائين پهچي سگهي، انهيءَ سموري عمل جو تڙو کڙو ٿيڻ انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن کي مڪمل ڪميونيڪيشن بنائي ٿو. مڪمل ڪميونيڪيشن (Total Communication) ۾ لفظن، جسم جي حرڪت، منهن جي تاثر،اکين جي حرڪت، پاتل ڪپڙن، موٽ واري عمل ۽ مڪمل نتيجن کي شامل ڪيو ويندو آهي.

انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن فردن جي حيثيت موجب بدلجندڙ آهي ۽ هُن جو دائرو به انهيءَ حساب سان وڌندو ۽ گهٽجندو رهندو آهي. انسان ڪي ڳاهيون صرف گهر جي ڀاتين تان محدود رکندو آهي، انهيءَ ۾ به درجابندي ڪندو آهي، پنهنجي گهر واري يعني زال سان ڳالهين جو دائرو الڳ هوندو آهي، ماءُ سان الڳ، پيءُ سان، پٽ سان ۽ ڌيءَ سان، هن جي ڪميونيڪيشن جي هڪ حد مقرر ٿ يل هوندي آهي. اهڙي طرح گهر کان ٻاهر آفيس يا ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي ڪميونيڪيشن جو دائرو مختلف هوندو آهي ۽ دوستن لاءِ اِها حد ڪجهه وسيع هوندي آهي، بازار مان شيون خريدڻ وقت، هن جي ڪمونيڪيشن جو دائرو ڪافي محدود هوندو آهي ۽ ڪي ڳالهيون اهڙيون به هونديون آهن، جن کي هو پنهنجي ذات جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو آهي ۽ ائين ڪيترائي راز کڻي وڃي قبر ڀيڙو ٿيندو آهي.

اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ هر روز رسمي ڳالهيون ٻڌندا ۽ ڪندا رهندا آهيون، هڪ واپاري جي ڳالهه ٻولهه (Business Communication) هميشه رسمي هوندي آهي. ساڳي نموني هڪ ميڊيڪل ريپ ۽ ڊاڪٽر جي گفتگو، ڪلارڪ ۽ آفيسر ۾ ٿيل ڪميونيڪيشن به رسمي هوندي آهي، اهڙي رسمي ڪميونيڪيشن جو هڪٻئي جي روين تي تمام گهٽ اثر پوندو آهي، پر هڪ دوست جي ٻي دوست سان ٿيل ڪميونيڪيشن گهري ۽ متاثر ڪندڙ هوندي آهي. هو هڪٻئي کان متاثر ٿيندا رهندا آهن. ڪن مثالن ۾ متاثر ٿيڻ هڪ طرفو هوندو آهي، مثال ڪنهن ورڪر جو پارٽي ليڊر کان متاثر ٿيڻ ۽ هڪ استاد جي گفتگو کان ڪنهن شاگرد جو متاثر ٿيڻ ۽ ڪنهن حُسن واري جي گفتگوکان ڪنهن حسن پرست جو متاثر ٿيڻ. اهي مثال هڪ طرفي تاثر کي ظاهر ڪن ٿا. عام طور تي انهيءَ کي ”آئيڊيل ازم“ چوندا آهيون، جيڪو هڪ طرفو هوندو آهي. ڪميونيڪيشن جي ٻن ماهرن ”ڪنارڊ“ ۽ ”دزمانڊ“ اهڙي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن کي ”حدن واري ڪميونيڪيشن“ (Territorials Communication) چيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني جانور ۽ پکي پنهنجي ڪميونيڪيشن حد مقرر ڪري ان جي حافظت ڪندا آهن، اهڙي نموني ثقافت ۽ ريتن رسمن سان محبت ڪندڙ ماڻهو به ڪميويڪيشن جون حدون مقرر ڪندا آهن ۽ انهن حدن جي هر قيمت تي حفاظت ڪندا آهن.

انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن کي ماهرن وڌيڪ ٻن ننڍن قسمن ۾ ورهايو آهي. هڪ ”غير مرڪوز“ (unfocused) ۽ ٻيو مرڪوز (Focused).

(الف) غير مرڪوز: اِراونگ گاف مين پنهنجي ڪتاب ”عوامي هندن جو رويو“(Behavior in Public places) ۾ لکيو آهي ته گهو ڪري انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن ”غير مرڪوز“ هوندي آهي ۽ اها تڏهن ظاهر ٿيندي آهي جڏهن اسان مان ڪو ڪنهن فرد يا ميڙ جو مشاهدو ڪري رهيو هوندو آهي يا ڪنهن جي ڳالهه جسماني طور متوجهه ٿيڻ کانسواءِ ٻڌي رهيو هوندو آهي. اسان صرف هن ڏانهن پنهنجو ڪن ڏئي هن جي ڳالهه ٻڌندا رهندا آهيون. مثلاً اسان بس يا ٽرين ۾ سفر دوران، چانهه جي هوٽل تي، بس اسٽاپ يا ريلوي اسٽيشن تي، گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪنهن فرد يا فردن جي گفتگو ۽ رويي جو مشاهدو ڪندي، ان مان پاڻ مرادو ڪي نتيجا ڪڍندا رهندا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته اهي نتيجا حقيقي ۽ بامعنيٰ نه به هجن، پر پوءِ به اسان پنهنجي حساب ۽ پنهنجي سوچ مطابق انهن فردن بابت يا انهن جي گفتگو جي بنياد تي پنهنجا ڪي خيال ۽ رويا جوڙي وٺندا آهيون. ساڳي نموني لباس، ڏيک ويک ۽ ڪن رنگن ۽ نشانين سان به ڪي نتيجا ڪڍي وٺندا آهيون. مثلاً هڪ نوجوان سلوار قميص پايو ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيو وڃي رهيو آهي ته ان بابت اسان جو ”نتيجو“ الڳ هوندو آهي، نسبت انهيءَ نوجوان جي جيڪو جينز ۽ شرٽ ۾ وڃي رهيو هجي. اهي نتيجا به اسان جي پنهنجي ثقافتي، رويي ۽ ذهني اوسر واري پس منظر  پاڻمرادو ظاهر ٿيندا آهن. مٿين ٻن نوجوانن بابت، هڪ ثقافت پرست جو نتيجو الڳ هوندو ۽ هڪ جدت پسند جو نتيجو الڳ هوندو.

(ب) مرڪوز:انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جو هي قسم عام موجود هوندو آهي. ٻن فردن جي هڪ ٻئي سان روبرو ٿيل ڳالهه ٻولهه ”مرڪوز“ انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن آهي. هو هڪٻئي کي سڃاڻيندا آهن ۽ اهو به ڄاڻيندا آهن ته هو هڪٻي جي گفتگو مان ڇا محسوس ڪري رهيا آهن ۽ انهي گفتگو ۽ رويي بابت انهن جا نتيجا سو سيڪڙو نه ئي سهي پر گهڻو ڪري حقيقي هوندا آهن. اهي نه صرف زباني گفتگو سان پيغام ڏئي ۽ وٺي رهيا هوندا آهن، پر جسماني حرڪتن سان به ڪميونيڪيشن ڪري رهيا هوندا آهن.

باڊي لئنگويج ۽ اکين جو وڏو ڪردار هوندو آهي، مرڪوز ڪميونيڪيشن واي عمل ۾ اکين جي حرڪت سان ڳالهين جي شروعات ٿئي ٿي، اکين ذريعي ٻئي ڌريون فيصلو ڪنديون آهن ته ڳالهين کي جاري رکجي يا اتي ئي کٽائجي. اهي اکيون رابطي کي وڌائڻ، کٽائڻ ۽ ان کي معتدل رکڻ جو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون آهن. البت ٻئي ڌريون انهي ڪميونيڪيشن جي تشريح کان گهٽ واقف هونديون آهن. گهڻو ڪري روين مان نتيجو حاصل ڪيو ويندو آهي، پر اها موٽ (Feed back) سو سيڪڙو صحيح نه هوندي آهي، ڇو جو اڪثر ماڻهو ڳالهيون کائي ويندا آهن ۽ انهن جو ڳالهين بابت رد عمل ايترو تڪڙو ظاهر نه ٿيندو آهي يا ڪن حالتن ۾ ته بلڪل ئي ظاهر نه ٿيندو آهي.

انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جون سطحون

انٽرپرسنل ڪميونيڪيشن ٽن سطحن تي مشتمل هوندي آهي، جنهن ۾ پهرين سطح کي اسان تعارفي سطح چوندا آهيون، جڏهن ته ٻي ذاتي سطح ۽ ٽين گهري چورائيندي آهي.

(الف) تعارفي سطح: انٽرپرسنل ڪميونيڪيشن جي هي پهرين سطح ”وڌيڪ ڳالهائڻ“ جو ماحول تيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. اهو عمل شعوري به ٿي سگهي ٿو ۽ غير شعوري به ٿي سگهي ٿو. انٽر پرسنل ڪيونيڪيشن جي هي سطح غير معروف هوندي آهي، هن سطح تي ثقافت ۽ ريتن رسمن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. تعارفي سطح لاءِ “Phatic stage” جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جيڪو يوناني لفظ (Phasis) مان نڪتل آهي ۽ انگريزيءَ ۾ هن جي معنيٰ An-utterance ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ هن لاءِ ڪو تُز لفظ يا اصطلاح ته ڪونهي، پر اسان هن کيڪار، دعا سلام، ڀليڪار يا آءُ ڀڳت چئي سگهون ٿا ۽ اها اسان وٽ ڳالهين جي تعارفي سطح هوندي آهي. هي سطح السلام عليڪم کان شروع ٿئي ٿي ۽ اشارن، اکين جي نماڻائي يا تيزي، هٿ ٻڌڻ، کل مک اڳتي وڌي ٻئي هٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائي هٿ ملائڻ ۽ عورت جي صورت ۾ مٿي تي هٿ رکڻ ۽ زبان سان خوش خيريافت وارن جملن تي ختم ٿئي ٿي.

هر سماج ۽ ثقافت موجب اِها تعارفي سطح واري انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن هڪٻئي کان مختلف هوندي آهي. اسان جي سنڌي ريتن ۽ رسمن موجب همراهه هڪٻئي کي هٿ ڏئي ويهڻ کان اڳ يا ويهڻ کان پوءِ جيئن ماحول هجي، ان مطابق تعارفي سطح جي گفتگو شروع ڪندا آهن، اِها ڪميونيڪيشن رسمي هوندي آهي، جنهن ۾ خوش خيريافت جا جملا چيا ويندا آهن. مثلاً ”ادا خوش آهين، ٻار ٻچا، ڍور ڍڳا سڀ خوش آهن، ٻيو مڙئي خير، هجي به خير، گهرجي به خير، ڀلي آئين، جي آئين، ڪهڙي خبر آهي؟ هي سڄي ڪميونيڪيشن باقاعدي ڳالهه شروع ٿيڻ کان اڳ وري هوندي آهي. اسان جي ثقافت ۾ انهي رسمي ڪميونيڪيشن کانسواءِ اڳتي وڌي ٻي ڳالهه ڪرڻ سٺو نه سمجهيو ويندو آهي. باقاعدي شروع ٿيندڙ ڳالهه سان هنن جملن جو ڪو به تعلق نه هوندو آهي، توڙي جو هنن تعارفي لفظن ۾ ڪو دوکو نه هوندو آهي، پوءِ به اهي سڀ مٿاڇرا جملا هوندا آهن. مثلاً طبيعت يا خير بر پڇڻ تي اڳيون ماڻهو هنئين ڳالهه شروع ڪري ٿو..... ادا ٻيو سڀ خير، هن جملي تائين تاعرفي سطح جي ڪميونيڪيشن ختم ٿي، هاڻ باقاعدي ڳالهه هتان شروع ٿئي ٿي.....”پر ڪالهه اسان جي ڪوٽ مان ڍڳا نڪري ويا آهن، اسان جا همراهه ڪتن جي ڀؤنڪ تي اٿيا ۽ پويان ويا، پر اسان جي همراهن کي ڪارن ڌڪي وڌو ۽ ڍڳا ڪاهي ڪچي ۾ لهي ويا.“ يعني پهريون تعارفي سطح وارا جملا بلڪل رسمي آهن ۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جي حادثي يا واقعي جو ذڪر نه ٿيندو.

(ب) ذاتي سطح:انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي ٻ سطح کي سطح (Personal stage) چيو ويندو آهي، هن سطح تي رسمي گفتگو کان نڪري پنهنجن خيالن ۽ مقصدن جو اظهار ڪيو ويندو آهي. پهرين تعارفي سطح کان پوءِ جيڪا به ڪميونيڪيشن ٿئي اُها ذاتي سطح جي هوندي آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي ذاتي مسئلي يا ذاتي واقعي ۽ ڳالهه کي سامهون آڻيندو آهي. ڪاروباري گفتگو، راڄ جا فيصلا، سگتن جي ڏي وٺ دوران ٿيندڙ ڳالهيون، مئنيجر ۽ ڪلارڪ جي گفتگو، زميندار ۽ هاري جي گفتگو اهي سڀ ذاتي سطح جي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جو حصو آهن. عام ڪچهري يا هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ذاتي سطح ۾ شامل آهي. ڇو جو انهن ۾ ڪنهن به قسم جو ذاتي سوال نه هوندو آهي ۽ نه ڪو ذاتي مسئلو ۽ معاملو بحث هيٺ هوندو آهي.

(ج)گهري سطح: هي سطح ڪچهري ۽ رواجي گفتگو واري سطح آهي ۽ انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي عام سطح آهي. هي سطح گهڻو ڪري دوستن، واسطيدارن ۽ مائٽن لاءِ هوندي آهي ۽ هي رشتي ۽ دوستي جي حد سان گڏ گهيري ٿيندي رهندي آهي. مائٽ، واسطي واري ۽ دوست سان اسان جي جيتري ويجهڙائي هوندي، هي سطح به اوتيري گهري هوندي. هي سطح حدن واري ڪميونيڪيشن (Territorial Communication) سان ملندڙ جلندڙ آهي، هن سطح جي ڪميونيڪيشن ۾ هر رشتي ۽ ذاتي واسطي واري سان، ان جي حد موجب گفتگو ڪئي ويندي آهي. هن ۾ ذاتي سطح واري ڪميونيڪيشن به شامل هوندي آهي ۽ گهري سطح واري ڪمونيڪيشن به شامل هوندي آهي. تعارفي سطح يعني رسمي گفتگو تمام گهٽ ۽ نه هجڻ جي برابر هوندي آهي. پٽ پيءُ کي ذاتي مسئلو ٻڌائي ٿو، عام ڳالهه ٻڌائي ٿو، ڪچهري ڪري ٿو پر.... ڪهڙا حال آهن، ٻار ٻچا ڍور ڍڳا خوش آهن، ڪهڙي خبر آهي؟ وارا جملا نٿو چوي. هن سطح کي اعليٰ پئماني جي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن چيو ويو آهي. هي سطح گهڻو ڪري صرف پيارن ۽ ويجهن لاءِ مخصوص هوندي آهي.

(3) ٽرانس پرسنل ڪميونيڪيشن: انساني جي اجتماعي رابطن سان واسطو رکندڙ هن ڪمينيڪيشن کي ٽرانس پرسنل ڪميونيڪيشن چيو ويندو آهي. هن ڪميونيڪيشن ۾ گروپ ڪميونيڪيشن، ماس ڪميونيڪيشن ماس لائين ڪميونيڪيشن ۽ گڏيل ڪميونيڪيشن شامل آهن، جن جو هيٺ تفصيلي وچور پيش ڪجي ٿو:

(الف) گروپ ڪميونيڪيشن: گروپ ڪميونيڪيشن به گهڻو ڪري انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي ويجهو هوندي آهي. انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن جي ذاتي سطح جڏهن گروپ جي شڪل اختيار ڪري ته ان کي اسان گروپ ڪميونيڪيشن چونداسون. هي ٻن فردن کان مٿي، جيڪي به گروهه ٺهندا، ويندي ماس ڪميونيڪيشن تائين، هي گروپ ڪميونيڪيشن آهي. انهيءَ حد کان پوءِ ”ماس ڪميونيڪيشن“ شروع ٿئي ٿي. گروپ جي وڌي وڃڻ سان هي ڪمونيڪيشن هڪ ٻي سطح جي ڪميونيڪيشن ڏانهن وڌي وڃي ٿي، جنهن کي مونو لاگ (Mono Logue) چيو وڃي ٿو. جيئن اسان جلسن ۾ ڏسندا آهيون ته هڪ ماڻهو اسٽيج تي ڳالهائيندو آهي، باقي ٻيا ٻڌڻ وارا هوندا آهن. هن ڪميونيڪيشن ۾ جڏهن گروهه وڌي وڃي ته شريڪ ٻين فردن کي ڪميونيڪيشن قائم رکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، پر جي گروپ ننڍو آهي ته ڪميونيڪيشن آسان ٿيو پوي، پر انهيءَ لاءِ شرط آهي ته گروپ ۾ شريڪ فردن ۾ هڪجهڙا ۽ ويجهڙائي هجي. يعني گروپ ۾ شريڪ ماڻهن جو هڪٻي سان واسطو ۽ گهرائپ ۽ ان گروپ جي سربراهه جي رويي ۾ جيتري هم آهنگي هوندي گروپ ڪميونيڪيشن به ڪاميابي سان هلندي رهندي. جيڪڏهن هم آهنگي نه آهي ته ميمبرن کي هڪٻئي جو پيغام سمجهڻ ۾ ڪميونيڪيشن کي برقرار رکڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي. گروپ ڪميونيڪيشن جي مقابلي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن آسان ۽ گهربل نتيجن تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ مددگار هوندي آهي ، ڪنهن به جنرل باڊي، اسيمبلي جي اجلاس، ڪمپني جي بورڊ آف ڪمپنيز يا سينٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي گڏجاڻين کان اڳ ميمبرن کي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن ذريعي پنهنجي مؤقف کي بيان ڪرڻ ۽ انهي سان ٻئي جي مؤقف کي هم آهنگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن کي اسان عام طور تي ”لابنگ“ چونندا آهيون، ڇو جو اجلاس يا گڏجاڻي شروع ٿيڻ سان گروپ ڪميونيڪيشن شروع ٿي ويندي ۽ اتي خيالن ۽ نقطن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ثقافتي ويڇا ۽ ريتون رسمون انٽر پرسنل توڙي گروپ ڪميونيڪيشن ۾ غلط فهمين جو سبب بڻبيون آهن. پر انهن غلط فهمين کي انٽر پرسنل ڪميونيڪيشن ۾ ٺيڪ ڪرڻ آسان هوندو آهي، نسبت گروپ ڪميونيڪيشن جي، جتي نه صرف غلطين کي ٺيڪ ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي پر انهن غلطين کي پرکڻ به ڏکيو هوندو آهي. گروپ ڪميونيڪيشن جي نتيجن کي پرکڻ لاءِ موٽ جي عمل (Feed back) مان گذرڻو پوي ٿو ۽ انهي لاءِ الڳ وقت گهربل هوندو آهي، پر اهڙي عمل سان مستقبل جي رٿابنديءَ ۾ فائدو ٿيندو آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ انٽرپرسنل ڪميونيڪيشن ۾ موت جو عمل (Feed back) فطري هوندو آهي ۽ ٻئي فرد انهي پيغام جي نتيجن تائين پهچندا رهن ٿا.

گروپ ڪميونيڪيشن جي ڪاميابي گروپ جي سربراهه سان گهڻو واسطو رکي ٿي.جيڪڏهن سربراهه فن خطابت يعني تقرير جي فن ۾ ڀڙ آهي ۽ جملن جي لاهن چاڙهن کان واقف آهي ته ان جا نتيجا بهتر نڪرندا. خاص ڪري هڪ طرفي مٿيان کان هيٺين رخ ڏانهن ايندڙ ڪميونيڪيشن (Conway top –down Communication) ۾ اهڙي مهارت جو هجڻ تمام ضروري آهي. گروپ ڪميونيڪين ۾ سماجي جوڙجڪ (Social Engineering) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ ان مطابق سائبرنيٽ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي پيغام جي ضابطي بندي ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن صحيح ضابطي بندي نه ڪئي وئي ته پوءِ هي ڪميونيڪيشن، گروپ ڪميونيڪيشن جي دائري مان نڪري پروپئگنڊا، اشتهار ۽ سازش (Manipulation) جي ذمري ۾ داخ ٿي ويندي آهي.

گروپ ڪميونيڪيشن ۾ به آمهون سامهون واري رابطي (Face to face communication) کي وڌيڪ اهميت آهي، ڇو جو اِها ڪميونيڪيشن وڌيڪ رغبتي ۽ اثرائتي ٿئي ٿي، لفظ، لهي ۽ باڊي لئنگويج سان ويجهڙائي وارا رويا جلدي پيدا ٿين ٿا، پر انهي عمل ۾ مثبت يعني هاڪاري پهلو ضرور هئڻ گهري. اڄ به اشتهاري ادارا ۽ وڏيون ڪمپنيون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مضبوطي باوجود پنهنجن شين، پيداوار ۽ خذمتن جو وڪرو ”سيلز گرلز“ يا ”سيلز بوائز“ ذريعي ڪن ٿيون، اهي ورڪر دردر ۽ گهر گهر وڃي واپرائيندڙن کي ترغيب ڏئي شيون ۽ ضروري خدمتون آڇين ٿا. اسان انشورنس ڪمپنين جي پاليسين بئنڪن جي ڪريڊٽ ڪارڊن، گهرن ۽ ٻين ننڍين ننڍين شين کي کپائڻ لاءِ اهڙن ورڪرن کي اڪثر پنهنجي سامهون ويٺل ڏسون ٿا.

گروپن ۾ ٻه گروپ اهم آهن، هڪ ننڍا گروپ (Micro group) ۽ ٻيا ثقافتي يا روايتي گروپ (Traditional group) اهي ٻئي گروپ ڪميونيڪيشن ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. مائڪرو گروپن ۾، يونين، جنرل باڊيون، بورڊ آف گورنرس يا بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ سينڊيڪيٽ گڏجاڻيون وغيره شامل آهن، انهن گروپن ۾ ايجنڊا مطابق ڪميونيڪيشن ٿيندي آهي، جنهن جي حيثيت ۽ جوڙجڪ ان ايجنڊا سان سلهاڙيل هوندي آهي، جڏهن ته روايتي گروپن ۾ ناٽڪ منڊليون، ميلا، پڙيون ۽ اسٽيج شو وغيره اچي وڃن ٿا. هنن گروپن جي ڪميونيڪيشن فطري ۽ طئي ٿيل رسمن موجب ٿيندي آهي، انهن لاءِ ڪنهن به ايجنڊا جي ضرورت نه هوندي آهي.

(ب) ماس ڪميونيڪيشن: ماهرن ماس ڪميونيڪيشن کي گروپ ڪميونيڪيشن جي وڌيڪ صورت ڄاڻايو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته گروپ ڪميونيڪيشن ڪتاب، رسالن، اخبارن، سئنيمائن، ريڊئي ۽ ٽيوي جي سئٽلائيٽ چئنل، وڊيو ۽انٽرنيٽ ذريعي ماس ڪميونيڪيشن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اسان ماس ڪميونيڪيشن کي گهڻو ڪري انهي جديد ماس ميڊيا ذريعي سڃاڻيندا آهيون، پر ياد رکڻ گهرجي ته اِها جديد ماس ميڊيا صرف ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ هڪ اوزار حيثيت رکي ٿي انهن کي ڪميونيڪيشنجي مفهوم ۾ داخل ڪرڻ نه گهرجي، مثلاً ٽي وي هڪ مشيني کوکو آهي، جيڪواوهان جي ڪنهن ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيل آهي. ڇا اسان انهيءَ کي ”ماس ڪميونيڪيشن“ چونداسون؟ ٻيو ته اسان ”ميڊيا جي طاقت“ بابت به مبالغي ۽ وڌاءُ جو شڪار آهيون. ماس ميڊيا کي ڪن ماهرن ”سماج کي ڏاريندڙ تحريڪ ۽ قوت“ سڏيو آهي ۽ ڪن هن کي ”جادوئي قوت“ چيو آهي. ممڪن آهي ته اِهي اصطلاح ترقي يافتا ملڪن لاءِ صحيح هجن، جتي ماس ميڊيا جي ذريعن کي ”ٻڌ ڇوڙ“ يعني پاليسين، سياست، دفاع ۽ خارجي معاملن ۾ اهم ڪردارار مليل آهي. اسان وٽ ته پوليس جا سپاهي ڪنهن ٽي وي چئنل جي آفيس ۾ گهڙي پون ٿا ۽ لٺن سان صحافين، عملي ۽ اوزارن کي ڀڃي ڀور ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ ”جي او“ جي آفيس وارو واقعو هڪ جهلڪ هئي ته اسان جي ميڊيا ڪيتري طاقتور آهي، حقيقيت اِها آهي ته ماس ڪميونيڪيشن ۽ ماس ميڊيا جا اصطلاح به يورپ ۽ آمريڪا جي سماج ۾ ٺهڪن ٿا، ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهي اصطلاح اڻپورا لڳن ٿا ۽ اسان جهڙن سماجن ۾ ته ٺهڪن ئي نٿا. اسان جي سماج ۾ ڪهڙي ميڊيا آهي؟ جيڪا سڀني بالغن وٽ پهچي ٿي. هڪ ته اسان جي آبادي ۾ پڙهائي جو سيڪڙو ئي پورو سورو آهي، جو ماڻهو ڪتاب، رسالو يا اخبار پڙهي سگهن. سنڌ ۾ پوڻا پنج ڪروڙ سنڌي رهن ٿا، پر اسان جو پبلشر ڪنهن به ڪتاب جون هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاپيون انهيءَ ڊپ کان نٿو ڇپرائي ته اهو ايتري تعداد ۾ وڪامبو ئي ڪو نه. اخبارن جي سرڪيوليشن وڏو ڇيهه به لک سوا ڪاپيون. وڏي آبادي ٻهاڙين آهي، ڪيترن وٽ بجلي پهتل آهي؟ ۽ جي بجلي آهي ته ٽي وي، ريڊيو، انٽرنيٽ جي سهولت ڪيترن وٽ موجود آهي؟ اسان موبائل فون جي استعمال ۾ به گهربل تناسب کان هيٺ آهيون. انهي ڪري اهي ”ماس“ يعني اڪثرتي ميڊيا ته نه چورائيندا پر اهي ”اقليتي ميڊيا“ چورائبا.

ماس ڪميونيڪيشن اسان وٽ ٽڪرن (Pockets) ۾ موجود آهي، شهرن ۾ البت ان جو وهاپو نظر ايندو، پر روايتي زندگيءَ ۾ اڄ به جيڪڏهن ڪا ميڊيا طاقتور آهي ته اها ”لوڪ ميڊيا“ آهي. لوڪ ميڊيا ۾ روايتي ميلا ملاکڙا، ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون ۽ ڪئسٽ ڪلچر شامل آهي، جيڪي ٿوري خرچتي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪن ٿا ۽ ”ميڊيا جي تسڪين“ واري گهرج کي پورو ڪن ٿا.

ڪو زمانو هو جڏهن اسان وٽ ناٽڪمنڊليون هڪ طاقتور لوڪ ميڊيا طور ڪم ڪنديون هيون، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سکر ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهن کي تفريح ۽ تعليم ڏينديون رهنديون هيون. 1947ع کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ ۾ ناٽڪمنڊلي به ڄڻ ته لڏي وئي.

اسان ته هن پاسي اڃا سوچيو ئي نه آهي، پر ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن هاڻ ”لوڪ ميڊيا“ کي ترقي ۾ تعليم ۽ سماجي سجاڳي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڄم روڪ مهم، ٻارڙن جي بيمارين لاءِ بچاءُ جا ٽڪا، عورتن ۽ ٻارن جي حقن کان سواءِ زرعي ترقيءَ لاءِ به ”لوڪ ميڊيا“ هڪ ڪارگر هٿيار ثابت ٿيو آهي. اهي سڀ ميڊيم ”ماس ڪميونيڪيشن“ ۾ داخل آهن.

(ج)ماس لائين ڪميونيڪيشن:مائوزي تنگ، جڏهن چين جي ثقافتي ۽ اقتصادي انقلاب جي اڳواڻي ڪئي هئي ته هن عوام سان رابطي لاءِ، جنهن ڪميونيڪيشن کي استعمال ڪيو هو، ان کي هن پاڻ يعني مائوزي تنگ ”ماس لائين ڪميونيڪيشن“ جو نالو ڏنو هو. هن ڪميونيڪيشن ۾ ڪو به مشيني ذريعو استعمال نه ٿيو هو، نه اخبار نه رسالو نه ريڊيو نه ٽي وي نه لائوڊ نه وري ڪو ٻيو ذريعو، بس پيرين پنڌ ڳوٺ ڳوٺ وڃي، ماڻهن کي ”نئين چين“ پيغام پهچايو ويو ۽ انهن ۾ تحريڪ پيدا ڪيو هو.

ماس لائين ڪميونيڪيشن ۾ سربراهه جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ پيغام جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار ”نيت ۽ عمل“ تي هوندو آهي، جيڪڏهن سربراهه يعني پيغام پهچائڻ واري جي نيت، مقصد ۽ منزل ٺيڪ آهي ۽ هُن سربراهه جو عمل به عوام آڏو بي داڳ ۽ صاف آهي ته ماس لائين ڪميونيڪيشن مان گهربل نتيجا ملندا. مائوزي تنگ جي نيت به ٺيڪ هئي ڪردار به صاف هو، انهيءَ ڪري ڳوٺ جا ڳوٺ، جٿن جا جٿا هجوم بڻجي، هن جي لانگ مارچ ۾ شامل ٿي ويا، هي چيني سربراهه پيغام ۽ ماڻهن جي سمنڊ سان گڏ اڳتي وڌندو رهيو ۽ ڪاميابي ماڻي ورتي. هي ڪميونيڪيشن عوامي سطح جي ڪميونيڪيشن (Grassroots level communication) هئي.

لانگ مارچ ذريعي اسان جي ڪن سربراهن به ماس لائين ڪميونيڪيشن جي ابتدا ڪئي ۽ اهڙي ڪوشش اڪثر ٿيندي رهندي آهي، پر اسانجي سربراهجي قول ۽ فعل ۾ تضاد هئڻ ڪري، اهو عمل اخبارن تائين يا وڌ ۾وڌ ٽي وي چئنل ۽ ڪجهه پارٽي ورڪرن تائين محدود ٿي ويندو آهي. اهو عمل عوام (Masses) کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيو آهي. هن جو هڪ سبب اهو به آهي، جو 1983ع واري ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ طاقتور ڌريون عوام کي غير سياسي (De-   politicize) ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.

(د)گڏيل ڪميونيڪيشن: وڊيو، ڪئبل، ٽيليٽيڪس، وڊيو ٽيڪسي، اي – بئنڪنگ ۽ ڪامرس، ٽيلي شاپنگ، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ کي گڏيل (Interactive) ڪميونيڪيشن جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن سڀني ذريعن کان سواءِ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي بنياد تي جيڪي ذريعا ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن عام ٽيليفون، وائرليس فون، پيجر، موبائل فون، اي ميل ۽ فئڪس سروسز وغير انهن کي به گڏيل ڪميونيڪيشن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

هي ڏاڪي به ڏاڪي ڪميونيڪيشن وارو سرشتو آهي، يعني ڪميونيڪيشن جو هڪ ذريعو ٻئي ذريعي کي جنم ۽ ترقي ڏيندڙ آهي. اقتصادي طور تي هن ڪميونيڪيشن کي هر سطح تي پيداواري (Value-added) ڪميونيڪيشن چيو وڃي ٿو. ڪاروباري ڌيون ٽيليڪانفرنس،  آن لائين ٽريڊ ۽ بئنڪنگ يا وڊيو ڪانفرنس ذريعي پنهنجون واپاري سرگرميون جاري ۽ ساري رکيو اچن. جنهن سان انهن جو وقت ۽ پئسو ٻي بچن ٿا. حڪومتون به پنهنجي انتظامي معاملن کي ٺيڪ رکڻ لاءِ انهن ذريعن جو استعمال ڪرڻ لڳيون آهن، جنهن کي اي – گورمينٽ چيو وڃي ٿو، جنهن سان پڻ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ملي اهي. عام ماڻهو انٽرنيٽ، موبائل ۽ عام فون ذريعي پنهنجن ڪم ڪارن ۽ اقتصادي فائدن لاءِ هڪٻي سان رابطي ۾ آهن. هن وقت حڪومتون، ڪمپنيون ۽ عام ماڻهو پنهنجون ذاتي ويب سائيٽون جوڙي رهيا آهن، مختلف سرڪار،ي نيم سرڪاري تعليمي ادارن جون ويب سائيٽون به کلي ويون آهن، جن ذريعي هو بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ ججهڪ جي پنهنجي ملڪي عوام کان سواءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ ڪروڙين انسانن سان رابطي ۾ رهندا آهن. ويب سائيٽن ذريعي ڪروڙين ڊالرن جو اشتهاري ڪاروبار الڳ آهي.

گڏيل ڪميونيڪيشن جي هڪٻئي وڏي خوبي اِها آهي، جو هن ڪميونيڪيشن جا سڀ ذريعي اوهان جي ضابطي (Personal control)  ۾ رهن ٿا. پيغامن جو موڪلڻ يا آيل پيغامن کي پڙهڻ ۽ ڏسڻ پنهنجي سهولت سان ٿئي ٿو، انهيءَ جي برعڪس ٽيليويزن يا ريڊيو وغيره ٻڌڻ ۽ ڏسڻلاءِ پروگرامن جا مختلف وقت مقرر ٿيل آهن، جيڪڏهن اوهان کان اهو وقت ڪنهن سبب جي ڪري نڪري ويو ته اوهان انهيءَ پروگرام کان محروم ٿي ويندؤ يا اوهان کي اهو پروگرام ڏسڻ لاءِ ممڪن آهي ته ڪنهن ٻي ضروري ڪم کي ڇڏڻو پوي يا ان جي وقت ۾ تبديلي ڪرڻي پوي، پر گڏيل ڪميونيڪيشن جي ذريعن ۾ ائين نٿو ڪرڻو پوي، اوهان جا پيغام اي ميل تي محفوظ ٿي وڃن ٿا، اوهان جي موبائل فون تي ”ايس ايم ايس“ يا ”ايم ايم ايس“ ذريعي پهتل پيغام ضاع نٿا ٿين، اوهان جي فئڪس مشين پاڻ مرادو پيغام وصول ڪندي رهي ٿي. اهي سڀ پيغام اوهان پنهنجي مرضي سان پنهنجي فراغت واري وقت ۾ پڙهي ۽ انهن جا جواب ڏئي سگهو ٿا.