ڪتاب جو نالو | ماس ميڊيا |
---|---|
ليکڪ | امين لغاري |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 275539 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڪميونيڪيشن جا مغربي ماڊل گهڻو ڪري ارسٽوٽل جي بلاغت واري نظرئي تي ٻڌل آهن. بلاغت جي سولي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي ٿيندي ”لفظن جو مفهوم ۽ وسعت جي لحاظ کان ڀرپور استعمال“. بلاغت جو بنيادي مقصد مائل ۽ قائم ڪرڻ لاءِ، لفظن جي چونڊ ڪرڻ کي ارسٽوٽل جي چوڻ موجب ”بلاغت ٽن لفظن تي ٻڌل آهي، هڪ ڳالهائيندڙ، ٻيو ڳالهه ۽ ٽيون ٻڌندڙ.“
مٿي ٽنهي لفظن کي سامهون رکندي اولهه جي ماهرن ڪميونيڪيشن بابت ڪي ماڊل متعارف ڪرايا آهن. توڙي جو هر ماهر انهن ۾ ڪي ترميمون ڪري پنهنجي طور ڪميونيڪيشن ماڊل جي ڪم ۽ استعمال کي بيان ڪيو آهي. ايشيا جي ڪيترن ئي ماهرن انهن مغربي نظرين کي جيئن جو تئين قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته هر سماججي پنهنجي جوڙجڪ آهي ۽ ڪميونيڪيشن جو عمل به مقامي ريتن رسمن ۽ قاعدن کي پاڻ ۾ سموئي هلي ٿو، ايشيا جي پنهنجي ثقافت آهي، انهيءَ ڪري ايشيا ۾ ڪميونيڪيشن جا مغربي ماڊل جيئن جو تئين قبول نٿا ڪري سگهجن.
اسان بحث لاءِ هيٺي ڪن مغربي ماڊلن جو جائزو وٺنداسون ته جيئن انهيءَ بحث دؤران اسان سمجهي سگهون ته اهي ماڊل ڪيئن ڪم ڪن ٿا ۽ انهن ۾ ڪهڙيون سٺايون ۽ ڪهڙيون خرابيون آهن.
ماس ڪميونيڪيشن جي حوالي سان ارسٽوٽل جي بلاغت واري نظرئي جي وصف اِها ساڳي ئي ٿيندي جيڪا آمريڪي سياستدان هرولز ڊي لاس ويل بيان ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪميونيڪيشن جي عمل جي وضاحت ڪرڻ جو سولو طريقو هيٺين سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ آهي:
ڪير؟
ڇا ٿو چوي؟
ڪهڙي ذريعي يعني چنل سان؟
ڪنهن کي؟
ڪيتري فهم ۽ اثر سان؟
لاس ويل جو چوڻ آهي ته ڪنهن به سماج ۾ ڪميونيڪيشن جا مرحليوار ٽي اهم ڪم هوندا آهن. پهريون ماحول جي نگراني يعني سماج ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان کي نظر ۾ رکڻ، ٻيو سماج جي سڀني جزن سان ڳانڍاپو ۽ ٽيون هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن ثقافتي منتقلي.
هن جو چوڻ آهي ته ڪميونيڪيشن جو هي ماڊل عملي ۽ اثرائتو آهي، جيڪو مستقبل جي ڪميونيڪيشن نظرين تي به اثر انداز ٿيندو رهندو. لاس ويل هن ماڊل تي عمل ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته ”اهو ضروري آهي ته پيغام جي گهربل نتيجن کي منتقل ڪرڻ واري بنيادي تصور کي سمجهيو وڃي.“
لڳ ڀڳ اهڙو ئي نظريو بيريلس ۽ اسٽئنر به پيش آهي، انهن جو چوڻ آهي ته خيالن، جذبن، ڄاڻ ۽ مهارت وغيره کي پهچائڻ لاءِ لفظن، شڪلين، خاڪن ۽ نقشن جو استعمال اصل ۾ ڪميونيڪيشن آهي.
ڪميونيڪيسن جي مغربي نظرين موجب ڪميونيڪيشن جو بنيادي مقصد ”قائم ڪري اثروجهڻ“ آهي. هڪ ٻئي ماهر آسگوڊ جو چوڻ آهي ته ”اسان ڪو خيال، جذبو يا ڄاڻ تڏهن منتقل ڪري سگهون ٿا، جڏهن هڪ طريقه ڪار موجب ڪنهن چئنل معرفت پيغام ٻئي تي اثرانداز ٿئي، يعني منزل تي پهچي پنهنجو اثر ڏيکاري ۽ گهربل نتيجا ڏئي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن لاءِ ضروري آهي ته ڪي متبادل ۽ قابل عمل ذريعا ۽ اشارا استعمال ڪجن، جيڪي ڪنهن به ڳنڍيل چئنل معرفت پيغام منتقل ڪري سگهن.
شينان ويور جو هي ماڊل ڪميونيڪيشن جو توريل تڪيل ماڊل چورائيندو آهي ۽ اهو به مشهور آهي ته هي ماڊل عوام کي وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهي. هنن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪميونيڪيشن هڪ نظام جي حيثيت سان پنهنجن بنيادن جنزن تي مشتمل آهي، رنڊڪ (Noise) کي هنن اضافي نقطو ڄاڻايو آهي. انهن پنجن جزن ۾ ڄاڻ جو ڪو ذريعو يا بنياد، منتقل ڪندڙ، چئنل، وصول ڪندڙ ۽ منزل شامل آهن.
اِهي ٻئي ماهر ٽيليڪميونيڪيشن جا انجنيئر هئا. هنن ٻي مهاڀاري لاڙائي دوران آمريڪا جي ”بيل ٽيليفون لئبارٽري“ ۾ ڪي تجربا ڪيا هئا. انهن تجربن جو مقصد، اهو ڳولڻ هو ته ڪميونيڪيشن لاءِ ڪهڙي چئنل کي وڌ ۾ وڌ اثرائتي نموني استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ هن تجربي ۾ هنن ٻه الڳ الڳ چئنل استعمال ڪيا، هڪ ”ٽيليفون جي تار“ ۽ ٻيو ”ريڊيائي لهرون“. توڙي جو هي ٽيڪنيڪل تجربو هو ۽ هن ماڊل لاءِ هنن خالص رياضي وارو (Mathematical) طريقو اختيار ڪيو هو، پر اڳتي هلي هنن دعويٰ ڪئي ته ”هي ساڳيو ماڊل انساني ڪميونيڪيشن لاءِ به ايترو ئي ڪارگر آهي جيترو مشيني ڪميونيڪيشن لاءِ ڪارگر آهي.“
ولبرم شرام، جنهن جا نظريا ايشيائي ملڪن ۾ ترقيءَ جي رٿابندي لاءِ هڪ مثالي ماڊل طور استعمال ٿين ٿا، هن جڏهن پهريون دفعو شينان ۽ ويور جو ماڊل انساني ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪيو ته چيائين ”هن ماڊل ۾ صرف ٻه عنصر هڪ موڪلڻ (Encoding) ۽ ٻيو وصول ڪرڻ (Decoding)، اهم آهن، جيڪي هن ڪميونيڪيشن ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا.“ هن وڌيڪ چيو ته هن ماڊل سان ٿيل ڪميونيڪيشن، خيالن، ڄاڻ ۽ جزبن ۾ حصيداري واري حيثيت رکي ٿي.
ولبرم شرام ارسٽوٽل جي بنيادي اصولن جي تائيد ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪميونيڪيشن جي عمل ۾ ٽن جزن ذريعو، پيغام ۽ منزل کي اهم ۽ بنيادي ڪرار ڏنو ويو آهي، پر هن پاڻ اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته ”پيغام صحيح ۽ اثرائتي نموني پهچائڻ لاءِ موڪلڻ (Encoding) ۽ وصول ڪرڻ (Decoding) جو عمل اهم آهي. هن لاءِ هي مثال پيش ڪري ٿو ته هن ماڊل جي ڪميونيڪيشن آهي، جنهن ۾ موڪلڻ واري لاءِ ”مائڪرو فون“، جيڪا پيغام کي موڪلڻ واري عمل (Encoding) مان گذاري ٿي ۽ وصول ڪرڻ واري لا3 ”ايئر فون“، جيڪا پيغام کي وصول ڪرڻ واري عمل (Decoding) مان گذاري ٿي، ضروري آهي. هن چيو ته ساڳي نموني انساني ڪميونيڪيشن لاءِ ذريعو (Source) ۽ موڪليندڙ (Encoder) هڪ ئي ماڻهو هوندو آهي ۽ وصول ڪندڙ (Decoder) ۽ منزل (Destination) ٻيو ماڻهو هوندو آهي ۽ ٻولي انهن جو سگنل هوندي آهي، جيڪي اِڪوڊنگ ۽ ڊي ڪوڊنگ جي عمل مان گذرندا رهندا آهن.
ڪميونيڪيشن جو هي ماڊل ولبر شرام ۽ آسگوڊ ٻنهي گڏجي تيار ڪيو اهي. هنن ماهرن جو چوڻ آهي ته ”اصل ۾ ڪميونيڪيشن هڪ ڦيرائتو (Circular) عمل آهي، جنهن ۾ موڪليندڙ ۽ حاصل ڪندڙ ٻئي ساڳئي عمل مان گذرندا رهندا آهن. موڪليندڙ ۽ حاصل ڪند ساڳي وقت موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ (Encoding and Decoding) جي عمل مان هڪ جيترو گذرن ٿا ۽ ٻئي انهي عمل ۾ هڪ جيترا حصيدار آهن.
هن ماڊل مطابق ڪميونيڪيشن جو عمل ختم نٿو ٿئي، پر ڦرندو رهي ٿو. پيغام موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ پيغام کي جذب ڪندا رهن ٿا ۽ ان مطابق رد عمل ظاهر ڪندا رهن ٿا، ائين پيغام پنهنجي منزل تي پهچندو رهي ٿو. هن ماڊل کي چٽو ڪرڻ لاءِ هنن ڪميونيڪيشن جو هيٺيو خاڪو پيش ڪيو آهي.