ڪتاب جو نالو | ماس ميڊيا |
---|---|
ليکڪ | امين لغاري |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 275537 ڀيرا پڙهيو ويو |
پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ماس ميڊياجي مخاطبن تي تحقيق (Audience studies) نه هئڻ برابر آهي. آمريڪا، يورپ ۽ ڪن ايشيائي ملڪن ۾ اهڙي تحقيق جو باقاعدي سلسلو هلندڙ آهي. اتي ماس ميڊيا جي حوالي سان اهڙي تحقيق کي ضروري سمجهيوويندو آهي ته جيئن پڙهندڙ، ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ جي روين ۽ لاڙن جي خبر پوندي آهي. حڪومتون، سياسي پارٽيون، ڪمپنيون ۽ عوامي ادارا انهن تحقيقن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاليسي جوڙيندا آهن. ڪمپنيون پنهنجي اشتهاري مهم ۽ پيداوار بابت سروي ڪرائينديون آهن، اهي اهڙا سوال ناما تيار ڪرائينديون آهن، جن سان روين ۽ لاڙن سان گڏ پيداوار بابت ٻي معلومات پڇيل هوندي آهي.
اخبارون ۽ رسالا پنهنجي سرڪيوليشن وڌائڻ ۽ انهن ۾ بهتري اڻڻ لاءِ اهڙي تحقيق ڪرائيندا آهن.
سماج اهڙي آرسي آهي جنهن کي جانچڻ کان پوءِ سماجي اوڻائن جي خبر پئجو وڃي ۽ انهن مطابق ”ماس ميڊيا“ جا مختلف ”ميڊيم“ پاڻ ۾ بهتري آڻائيندا آهن ۽ سماج جي رهنمائي ڪندا آهن.
هن وقت اهڙا سروي ڪرڻ لاءِ ادارا قائم ٿي چڪا آهن، ڪو به ادارو، پارٽي، حڪومت، ٽي وي چئنل يا اخبار انهن سروي ڪندڙ ادارن معرفت پنهنجو جائزو وٺي سگهي ٿي.
اسان جي يونيورسٽين ۾ صحيح تحقيق جو نه ٿيڻ، ائين ئي آهي جو ڪنهن فئڪٽري ۾ سڀ مزدور ڪم به ڪري رهيا هجن، ڪچو مال به اچي رهيو هجي، انتظاميا ۽ مالڪ صلاحيتون ۽ موڙي به سيڙائي رهيا هجن، پر پيداوار نالي جي ڪا به شئي مارڪيٽ ۾ نه اچي ته اهڙ: فئڪٽري مان فائدو ته ڪو نه ٿيندو، باقي ڏيوالو ٿيڻ يقيني آهي. جنهن يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق نه آهي، ان ۾ ڄڻ ڪا به پيداوار ته ٿي رهي آهي.
اسان جي يونيورسٽين لاءِ سماج ۾ سوشل سائنسز جي حوالي سان تحقيق جو وڏو ميدان پيو آهي، خاص ڪري ماس ڪميونيڪيشن، سائڪالاجي، سوشل ورڪ ۽ سوشيالاجي جي شعبن کي اهڙي تحقيق ۾ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي.
تحقيق لاءِ ”لوڪ ميڊيا“، زراعت، آبپاشي، سڄي ماس ميڊيا تعليم جو ميدان ۽ٻيا به ڪيترائي موضوع ٿي سگهن ٿا، جن ته تحقيق ٿي سگهي ٿي. صحت جو ميدان ئي ايڏو وڏو آهي، جتي اسان جي سماج ۾ ڏهاڪو کن موضوع نڪري ايندا.
حڪومت کي به هن ڏس ۾ ڌيان ڏيڻو پوندو، وفاقي اطلاعات واري وزارت نالي بدلائڻ سان فنڪشنل نه ٿيندي، جنهن جو گذريل اٺن سالن کان ”انفرميشن ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ“ وارو نالو هلي رهيو آهي. اصل ۾ هن جو نالو ”انفرميشن ميڊيا ريسرچ ۽ ڊولمپينٽ“ هئڻ گهرجي، ميڊيا ۽ سماج جي تحقيق کي به اوتري اهميت ملڻ گهرجي، جيتري پبلسٽي ۽ پروپئگنڊا کي ڏني وڃي ٿي.
اڪثر اخباري سروي رپورٽون به تحقيقي رپورٽون نه هونديون آهن، بلڪ ”اسٽاف رپورٽر“، ”بيورو“ يا ڪنهن ٻي اسٽيشن جو نمائدنو پنهنجي ڏيٺ ويٺ وارن ۽ ڪن نالي چڙهيل دوستن ۽ اديبن کان ڪنهن مسئلي تي فون ڪري راءِ پڇي وٺندا آهن ۽ ٻي ڏينهن اها رپورٽ ”سروي رپورٽ“ طور شايع ڪئي ويندي آهي. اها سروي رپورٽ ڪا نه چئبي، البته ڪن فردن جي ذاتي راءِ چورائبي، جيڪا بنا ڪنهن سائنسي انداز ۽ تحقيقي اصولن جي تيار ڪئي ويندي آهي.
آمريڪا ۾ گذريل چاليهن سالن ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ سروي رپورٽون شايعٿيون آهن، جن ۾ سماجي ڏوهن ۽ ماس ميڊيا جي ڪردار کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن رپورٽن جا نتيجا لڳ ڀڳ ساڳيا رهي اآهن، جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”سماج ۾ اڀرندڙ ڏوهن ۽ ننڍي يا وڏي اسڪرين تي ڏيکاريل سماجي ڏوهن جو پاڻ ۾ گهرو ربط آهي. اتي جي نفسيات بابت جڙيل ايسوسيئيشن مطابق آمريڪا ٻار جن جي سراسري عمر ڏهه يا يارنهن سال آهي، اهو ٻار انهيءَ عمر تائين ٽيليويزن يا سئنيما اسڪرين تي اٺ هزار(8000) قتل جا واقعا ۽ ڏوهه هزار (000، 10) فساد ۽ جهڳڙي جا واقعا مشاهدي ۾ آڻي چڪو هوندو آهي.
اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به منفي لاڙن جو وهاپو گهڻو آهي. ماس ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا ۾ آپگهاتي واقعا وڏي شدمد سان شايع ٿين ٿا ۽ اهڙن واقعن جي تشريح يقيناً ناڪاري لاڙن کي جنم ڏنو آهي. اهڙي تحقيق ”جپان“ ۾ ٿي آهي، جتي آپگهاتي واقعا ۽ ماس ميڊيا جي ڪردار تي سروي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، اتي آپگهات جا اڪثر واقعا هڪجهڙا هئا، خاص ڪري وڏين عمارتن تان ٽپ ڏئي زندگيءَ ختم ڪرڻ جا واقعا گهڻا هئا، جيڪي شخص بچي ويا هئا، انهن کان آپگهات جي انهيءَ طريقي کي استعمال ڪرڻ جو جڏهن سبب پڇيو ويو ته انهن مان اڪثر ماس ميڊيا ۾ اهڙي واقعي کي پڙهڻ يا ڏسڻ مان ترغيب وٺڻ جو اعتراف ڪيو هو.
سنڌي اخبارن ۾ به انهي عنصر کي وڌائي يا اهميت سان شايع ڪرڻ سان ممڪن آهي ته آپگهاتي واقعن ۾ گهڻائي ٿي هجي. جيئن پوئتي ذڪر ڪري آياسون ته اسان وٽ جنهن شئي جي کوٽ آهي، سا تحقيق آهي، انهيءَ ڪري هن سلسلي ۾ به ڪا ”مستند ڊيٽا“ موجود ڪانهي.
ٽي وي تي جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جو مقصد ڇا آهي؟ ٽي وي وارا ٽي وي تي ڊراما ڇو ٿا ڏيکارين؟ صرف وقت پورو ڪرڻ لاءِ يا تفريح پهچائڻ لاءِ؟ يا انهن جو ڪو ڪمرشل پهلوبه آهي يا اصلاح، تفريح ۽ سجاڳي لاءِ؟
ڊراما ليکڪ جو به اهم ڪردار هوندو آهي؟ جيڪو شخص ڊرامو لکي ٿو ان جو مقصد ڇا آهي؟ پئسا ڪمائڻ،مشهوري ماڻڻ، سماجي اصلاح، عوامي تفريح ۽ سجاڳي يا ٽي وي چئنل ۽پروڊيسر جي خواهش تي ڊرامو لکڻ. جڏهن ليکڪ پروفيشنل ٿي لکندو ۽ هن سان روزي کي ملائيندو ته ظاهر آهي، هن جو مقصد صرف ڊراما گهڙڻ ٿي ويندو. پاٽ ۽ مرڪزي نقطو هن لاءِ ڪا اهميت نه رکندو.
ٻيو خود ان ليکڪ جي شخصيت به اهم آهي. هو ڪهڙي طبقي سان تعلق رکي ٿو؟ هن جي پالنا ڪئين ٿي آهي؟ ليکڪ احساس محرومي يا ڪمتري جو شڪار ته ڪونهي، هن ۾ انتقامي جذبو ته ڀريل ڪونهي، هوهڪ عام سماج ۽ هڪ بهتر سماج ۾ ڪئين فرق ڪري ٿو؟ هن جي تعليم ۽ هن جي الاد (جيڪڏهن آهي ته ) جو تعليمي معيار ڇا آهي؟ گهريلو زندگيءَ ڪيئن آهي؟ مالي حالت ڇا آهي؟ ليکڪ ۾ چونڊ کان اڳ انهن سوالن جا جواب جانچڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو ليکڪ پنهنجن جذبن ۽ عادتن کي لاشعوري طور تي ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ شامل ڪري ويندو آهي، يا ڪن خاص جذبن وارو ليکڪ پنهنجن جذبن کي ۽ جيئن هو دنيا کي ڏسڻ گهري ٿو، ائين اهي جذبا ۽ نقطو به شعوري طور تي اسڪرپٽ ۾ داخل ڪندو آهي.
ڪي ”اسڪرپٽ رائيٽر“ ڪاپي به ڪندا آهن، ڪي ليکڪ سماج جي مختلف واقعن منفي يا مثبت کي ٿوري ڦير گهير سان جيئن جو تئين پيش ڪندا آهن.
سماج جو هر ماڻهو تي وڏو اثر ٿئي ٿو، سنڌي ڊراما ليکڪ، جيڪي ٻهراڙين سان تعلق رکن ٿا، انهن جي ”اسڪرپٽ“ ۾ وڏيري، ڌاڙيل ۽ باندي عورت جو ڪردار غالب نظر ايندو. اهي ليکڪ مشڪل سان شهري يا صنعتي پس منظر ۾ ڪو ڊرامو لکي سگهندا آهن.
جڏهن پنجابي فلمن جو عروج هو ته ”چوڌري“ جي مٽي پليت هئي ۽ ”هيرو“ هزارين ساٿارين سان گڏ چوڌري کي ماري وڃي يار پوندو هو، ”هيروئن پل تي هيرو جي انتظار ۽ ڳولا ۾ ماندي هوندي هئي، ”سهڻا ماهي ڪٿي گيا“؟ اهو اسڪرپٽ پنجاب جي ثقافتي پس منظر ۾ لکيو ويندو هو. انڊين سئٽلائيٽ چئنل ۾ انگريزي فلمن ۽ جاسوسي ناولن کي نقل ڪيو ويندو آهي.”قاتل جي ڳولا“ سڄي فلم انهي ۾ ختم! ڪي ڊراما ۽ سيريل ته بنا ڪنهن مقصد جي جاري هوندا آهن، جن ۾ سهڻين ڇوڪرين ۽ نئين فيشن کان سواءِ ٻي ڪا خاص ڳالهه نه هوندي آهي. ڇا اسان جا ٻار انهن ڪردارن کي ”رول ماڊل“ ٺاهين ٿا، مفروضو هي آهي ته”ها اهي اڻ ڍنگا ڪردار ٻارن ۽ ذهني بلوغت تائين نه پهتل ڇوڪرين يا ڇوڪرن لاءِ ”رول ماڊل“ هوندا آهن“.
مجموعي طور تي جيڪي منفي رجحان ”ماس ميڊيا“ تي پلجن ٿا، انهن ۾ جنسي حوس، غربت جو مقابلو نه ڪر وارو رويو، وڏيري جو قرض ۽ هاري جي سهڻي زال، بي روزگار کان تنگ نوجوانن جو ڏوهه شروع ڪرڻ، ملڪيت جا جهيڙا، ”روشن خيالي“ وارو لباس، نافرماني ۽ قانوني ۽ قانون ٽوڙڻ جا طريقا ۽ زال مڙس جو جهيڙو شامل آهي. اهي منفي رجحان اسان جي سماجي روين تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ نئون نسل انهن طريقن مطابق ئي زندگيءَ گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
پاڪستان خاص ڪري سنڌ اجتماعي ”مايوسي“ جو شڪار آهي، سماجي مسئلا وڌي رهيا آهن، ملڪي معيشت هڪ پوپٽ وانگر جهڪ ۾ اڏري رهي آهي، جتان ڪو جهوٽو اچي ٿو، انهي پاسي هلي ٿي وڃي، ڪيڏي مهل هيٺ، ڪيڏي مهل مٿي، ڪيڏي مهل وڻ تي ڪيڏي مهل پٽ تي، اهڙي ماحول ۾ غريب طبقي ۾ ڪهڙا جذبا اڀري رهيا آهن، هيٺين مڊل ڪلاس جو ڇا حال هوندو، نوڪرين ۾ موجود ”بابو“ طبقي کي ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟ ميڊيا اڪيلي طور اهي مسئلا حل ته نٿي رڪي سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ اسان دلجوئي ڪري سگهون ٿا، اسان جي ڊرامن ۽فلمن کي ڦٽن تي پها بڻائي سگهجي ٿو.
روشن خيال فلمون يعني جنسي ڪشش واريون فلمون يا جنسي منظر رکندڙ فلمون ۽ سيريل اسان جي نوجوانن تي ڪهڙا اثر ڇڏين ٿا؟ اسان جي ثقافتي روايتن ۽ اصولن کي انهن منظرن مان ڪهڙو فائدو ۽ ڪهڙو نقصان آهي؟ خود ”روشن خيالي“ متعارف ڪرائيندڙ ملڪ به هاڻ پريشان آهي تهنوجوانن خاص ڪري ٻارن لاءِ جنسي ڄاڻ (Sex Education) جو صحيح وقت ڪهڙو آهي؟ يعني ڪهڙي عمر کان اهي اهڙيون فلمون ۽ ڊراما ڏسن؟ آسٽريليا ۾ هڪ سروي رپورٽ تيار ٿي آهي، انهيءَ تحقيق ۾ پنجين ڪلاس تائين جي ٻارن تي جنسي تشريح جا اثر ڏٺا ويا ۽ اهي اثر وڏن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئا. تعليمي ماهرن هنن نتيجن کان پوءِ تجرباتي طور تي ڪن مخلوط اسڪولن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا الڳ ڪلاس هلائڻ جا تجربا ڪيا ويا آهن. هنن تجربن جي شروعاتي نتيجن مان هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته الڳ الڳ ڪلاسن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڪارڪردگي، انهن ڇوڪرين ۽ڇوڪرن کان وڌيڪ بهتر آهي، جيڪي مخلوط طريقي سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
ميڊيا مخاطب (Media-Audience) ڪميونيڪيشن جي سماجي ڪردار واري پس منظر ۽ ماحول سان واسطو رکن ٿا. اهي ميڊيا جي مارڪيٽ آهن. جيڪڏهن اسان ڪميونيڪيشن کي هڪ شئي (Product) سمجهون يا ٻڌي سودي (Merchandise) سان تشبهه ڏيون ۽ ميڊيا کي هن سودي کي کپائڻ جو ذريعو سمجهون ته اهڙي صورت ۾ ميڊيا مخاطب انهيءَ سودي کي کپائڻ لاءِ هڪ مارڪيٽ جو درجو رکن ٿا. يعني ڪميونيڪيشن هڪ سماجي سود آهي، جنهن ۾ ميڊيا مخاطب هڪ شراڪتي گروهه جي حيثيت رکن ٿا ۽ ميڊيا انهيءَ شراڪتي گروهه جون تعليمي، اطلاعاتي ۽ ثقافتي ضرورتون پوريون ڪندڙ آهي، جيڪڏهن ڪميونيڪيشن اسان جي نظر ۾ ترغيب (Persuasion) ۽ پروپئگنڊا جو ذريعو آهي، جنهن کي ميڊيا ذريعي سياسي، مذهبي، ڪاروباري، سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪجي ته پوءِ ميڊيا مخاطب عوام (The Masses) آهي.
ماهرن ڪنهن به رسمي ميڙ ۾ هڪ شرڪت ڪندڙ کي به مخاطب (Audience) سڏيو آهي، پر اهو ميڊيا مخاطب کان ڌار آهي، ڪنهن سياسي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ، ميلو گهمندڙ، ڪنهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ميڊيا مخاطب نه آهي. رسمي ميڙ (Conventionalized crowd) ۾ گهڻ هئڻ باوجود اهي شرڪت ڪندڙ ماس ميڊيا مخاطب جي وصف ۾ نه ايندا. هن جي ڀيٽ ۾ ڪو هڪ فرد جيڪو اڪيلو ڪنهن ڪمري، آفيس يا لئبرريءَ ۾ اخبار پڙهي رهيو آهي ته اهو ميڊيا مخاطب آهي. اهڙي طرح ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي، ڪو انٽرنيٽ تي آهي، ڪو ريڊيو ڪن سان لڳايو ويٺو آهي، ڪو ٽي وي ڏسي رهيو آهي، اهو عمل فردن جي چونڊ ۽ آساني سان مشروط آهي ته هو پنهنجي سهولت ۽ ضرورت مطابق ڪهڙي ميڊيا چونڊين ٿا. توڙي جو چونڊ جو وقت ۽ جاءِ مختلف هوندي آهي، پر عمل جي لحاظ کان اهي سبب هڪ آهن، انهيءَ ڪري اهي سڀ فرد واحد جي حيثيت ۾ به ”ميڊيا مخاطب“ آهن.
ميڊيا مخاطب پنهنجي تجربي ۽ عمر جي حساب سان ميڊيا جي پيغامن کي سمجهن ٿا. يعني عمر جو ڦير (Variable) طبقاطي ڦيرو، ثقافتي ۽ سماجي ڦيرو انهن جا مختلف تجرباتي دائرا آهن. هر ميڊيا مخاطب پيغام وصول ڪرڻ کان پوءِ انهي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مليل پيغامن تي بحث ڪندو آهي ۽ پوءِ ڪن پيغامن کي قبول ڪندو آهي ۽ ڪن کي رد ڪندو آهي.
ماس ميڊيا جو مخاطب سواءِ سئنيما ۽ ٿيئٽر جي ٻئي ڪنهن پيغام کي ”ماس“ جي صورت ۾ وصول نٿو ڪري، پر انهيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ فرد، خاندان يا ذات ۽ قبيلي طور هن پيغام کي وصول ڪري ٿو. پوءِ اهو پيغام جي وسعت تي آهي ته ان جو دائرو ڪيترو آهي.
هر بطقي جي پنهنجي نفسيات آهي ۽ هر طبقي جو ڦيروسماج، ثقافت، اقتصاديات ۽ ريتن رسمن سان جڙيل آهي. مخاطب جي نفسيات (The Psychology of Audience) تي يورپ ۽آمريڪا ۾ ڪافي تحقيق ٿي آهي.
مخاطب جي نفسيات بابت ”گروهه“ (Group) کي وڏي اهميت آهي. پر گروهه ڪهڙو؟ الڳ فڪري سوچ، مختلف سماجي ۽ ثقافتي جوڙجڪ رکندڙ فردن جو گروهه، هن گروهه کان مختلف آهي. هن گروهه ۾ انهن ماڻهن جو مجموعو هوندو آهي، جن ۾ هڪجهڙيون خاصيتون هجن، انهن ۾ ثقافتي، سماجي ۽ مالي هڪجهڙايون هجن. هي هڪ سماجي گروهه آهي.
اهڙي طرح تعليمي گروهه ۾ صرف تعليم جي سطح ۽ عمر ڳڻي ويندي آهي پر هڪ مڪمل سماجي گروهه ۾ ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي سان گڏ مالي هڪجهڙائي به هجي. تڏهن هن کي هڪ ”سماجي گروهه“ مڃيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح انهي ساڳي سماج ۾ ٻيا به مختلف گروهه ٿي سگهن ٿا.
انهن سماجي گروهن ۾ ڪٽنب، ڪميونٽي، ذات، قوم، ٽريڊ يونين، آبادگار جي تنظيم، هارين ۽ پروفيسرن جي تنظيم يا شاگردن جون تنظيمون شامل آهن.
ڪو به زنده انسان ڪنهن نه ڪنهن سماجي گروهه سان ضرور ڳنڍيل هوندو آهي، پر شخصي طور انسان جي زندگيءَ جن تبديلين مان گذرندي رهندي آهي، اهي تبديليون هن کي هڪ گروهه مان ڪڍي ٻي گروهه ۾ داخل ڪنديون رهنديون آهن.
هاري جو پٽ شروع ۾ ”هاري واري گروهه“ (Formers group) سان تعلق رکندو آهي پر جڏهن هو پڙهي سول سروسز جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي نوڪري حاصل ڪري ٿو ته هن جو ”سماجي گروهه“ تبديل ٿي ويندو آهي، هاڻ هو ”فارمر گروهه“ ۾ شامل نه آهي.
ڪو به فرد ڪيترو ئي کڻي پختن خيالن جو ڇو نه کڻي هجي، پر هن جي خيالن تي پنهنجي گروهه جو مسلسل اثر ۽ دٻاءُ رهندو آهي، جيڪو هن جي لاڙن، روين ۽ طور طريقن ۾ تبديليءَ جو سبب بڻبو آهي، گروهه جو اثر ۽ دٻاءُ تمام گهڻو طاقتور هوندوآهي ۽ هن اثر ۽ دٻاءُ سبب ڪو به فرد مذڪوره گروهه جون عادتون ۽ عقيدا اپنائڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي، يعني لاشعوري طور يا شعوري طور تي هن کي پنهنجي گروهه جهڙو ٿيڻو پوندو آهي. اهي ”سماجي گروهه“ ڪنهن به ثقافتي يلغار اڳيان هڪ بند ثابت ٿيندا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ اهو به نوٽ ڪيو ويو آهي ته”ماس ميڊيا“ ۾ موجود ”تبديلي وارن طاقتور اثرن“ اهڙن گروهن تي تبديليءَ جا ڪي به اثر نه ڇڏيا آهن ۽ سماجي گروهه جا اثر ”ماس ميڊيا“ کان وڌيڪ طاقتور رهيا آهن. انهن سماجي گروهن جا رهنما (Opinion leaders) انهن گروهن جي ڪردارن جي تشڪيل ۽ انهن جي روين جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
سماجي ماهرن گروهن جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن. انهن ۾ پهريون بنيادي گروهه (Primary group) ٻيو ثانوي گروهه (Secondary group) ۽ ٽيون حوالي وارو گروهه (Reference group)
(1) بنيادي گروهه: خاندان يا اهو هنڌ جتي ڪنهن فرد جي پالنا ٿئي ٿي، اهو هن جوبنيادي گروهه آهي. بنيادي گروهه جي روين ۽ لاڙن جو هڪ فرد تي سنئون سڌو اثر پوي ٿو. ٻار يا وڏو پنهنجي بنيادي گروهه جي طور طريقن، عادتن ۽ خيالن جي ترجماني ڪندو آهي. بنيادي گروهه ۾ ٽي شيون اهم آهن، جيڪڏهن ڪو فرد يا ٻار اهي ٽ: شرط پورا نه ڪندو ته اهو مذڪوره گروهه جو نه چورائيندو. اهي ٽي شرط هي آهن، پهريون جسماني موجودگي يعني ان فرد جو انهي گروهه ۾ رهڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ٻار ڄمڻ کان پوءِ ماءُ پيءُ بجاءِ ڪنهن ٻي جي نگرانيءَ ۾ هليو ويو ت، اهو ماءُ پيءَ جي ”بنيادي گروهه“ جو نه چورائيندو. پر پالنا واري گروهه جو چورائيندو. ٻيو انهي گروهه جو تعداد ٿورو هجي، يعني ڪنهن عام خاندان جي ڀاتين جيترو ڳاڻيٽو هجي. هن کان مٿي وارو تعداد مجموعو ٿي ويندو، جيڪو گروهه جي وصف ۾ نه ايندو، پر هڪ ئي ماءُ پيءُ جا پندرنهن ٻار بنيادي گروهه جا مڃيا ويندا. ٿوري تعداد جي هئڻ جو ٻيو مقصد هي به آهي ته انهن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سهڪاري رجحان جي هئڻ جي پڪ هوندي آهي ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن رشتي ۾ هڪ ٻي سان جڙيل هوندا آهن يا ائين چئون ته هڪٻي جي مائٽي ۾ هوندا آهن. جيئن زال مڙس ۽ ٻار، مامو ماسي، چاچي چاچو، ڏاڏي ڏاڏو يا نانو ناني وغيره.
(2) ثانوي گروهه: هن گروهه جي فردن جو تعلق پهرين گروهه جي مقابلي ۾ گهٽ هوندو آهي. پهريون گروهه فطري جوڙجڪ سان تعلق رکي ٿو، جڏهن تهثانوي گروهه جي جوڙجڪ سماجي هوندي آهي. هي گروهه هميشه ٽٽندو ۽ ٺهندو رهندو آهي، اهي لاڳاپا ٽٽي نه سگهندا آهن.
ثانوي گروهه جي جوڙجڪ ۾ گڏيل مقصدن ۽ مفادن کي بنيادي حيثيت حاصل هوندي آهي. جيستائين مقصد ۽ مفاد ساڳيا آهن، تيستائين تعلقات به باقي آهن ۽ گروهه به سلامت رهي ٿو پر جيئن ئي مقصدن ۽ مفادن ۾ ڦيرو اچي ٿو ته گروهه ٽٽي پوي ٿو. هن گروهه کي ”مقصدي گروهه“ به چئبو آهي. هن گروهه ۾ ٽريڊ يونينون ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي تنظيمون شامل آهن.
(3) حوالي وارو گروهه: ماهرن هن گروهه کي ”تصوراتي گروهه“ به چيو آهي، جڏهن ڪنهن سماجي گروهه جي هڪ فرد تي ٻي سماجي گروهه جا اثر پون يا هو انهن اثرن کي پاڻمرادو قبول ڪري ته اهو گروهه انهيءَ فرد لاءِ ”حوالي وارو گروهه“ (Reference group) هوندو، جنهن جا اثر هو قبول ڪري ٿو.
حوالي وارو گروهه، عقيدي ۽ وابستگي کانسواءِ اخلاق ۽ روين کي به متاثر ڪندو آهي ۽ متاثر فرد کي ڪي معيار مقرر ڪندو آهي ته جيئن هو پاڻ کي ٻين سان ڀيٽي سگهي.
ريفرنس گروپ حالتن مطابق بدلبا رهندا آهن، جنهن ۾ جذبن ۽ خواهشن کي وڏو عمل دخل حاصل هوندو آهي. ڪو به فرد پنهنجي گروهه ثقافتي، ذاتي، مذهبي، ٻولي ۽ وطن سان محبت واري جذبي هيٺ ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن نئين گروهه ۾ داخل ٿي ويندو آهي.
هڪ مڊل ڪلاسي جو ريفرنس گروپ اوچتو طبقو هوندوآهي، هن جي خواهش هن کي انهيءَ گروهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اتساهيندي رهندي آهي.
ريفرينس گروپ فردن کي تصور يا شروعاتي نقطو Frame of Reference) مهيا ڪن ٿا ۽ انهيءَ تصور جي بنياد تي اهي فرد ڪميونيڪيشن جو جواب (Respond) ڏين ٿا، اهڙي طرح فرد مختلف ميڊيائن جي پيغامن تي پنهنجا رد عمل مختلف ظاهر طريقن سان ۽ اڳ ڪن ٿا، رد عمل جو سبب گروهي وابستگي به هوندو آهي.
مختلف سماجي گروهن جي فردن جو ججهو ميڙ ”عام ميڙ“ (The mass) چورائيندو آهي. عام ميڙ انهن مختلف گروپن جو مجموعو هوندو آهي، جن جو پاڻ ۾ يا ته بلڪل ٿورڙو يا نه جي برابر تعلق هوندو آهي. جيڪڏهن اسان انهن کي ڪنهن ”تنظيم“ سان ڀيٽيون ته اِها تنظيم ڪمزور، بي ربط ۽ گهرگهلي نظر ايندي، ڇو جو عام ميڙ جا ميمبر هڪٻئي، کان اڻ واقف ۽ هڪٻي لاءِ اوڀرا هوندا آهن ۽ ساڳي وقت ڪميونيڪيٽر لاءِ به اهي اجنبي هوندا آهن، يعني ”ماس“ کي مخاطب ٿيندڙ پنهنجي مخاطبن کان اڻ واقف هوندو آهي. اهي سڀ فرد صرف پيغام ۽ ”ميڊي۾، ذريعي هڪٻئي سان جڙيل هوندا آهن.
ماس ڪميونيڪيشن جي علم ۾ ”ماس ميڊيا مخاطب (Mass Media Audience) هڪ لامحدود تصور آهي، ماس ميڊيا مخاطب بابت ڪميونيڪٽر کي ڪا به خبر نه هوندي آهي يا تمام گهٽ هوندي آهي.ٽي وي تي نشر ٿيندڙ تقرير يا خبر ڪنهن ڪنهن ٻڌي، تقرير واري ۽ خبر ٻڌائڻ واري کي ان بابت صحيح ڄاڻ نه هوندي آهي، اخبار ڪيترن پڙهي ان جو صحيح انداز ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
هڪ عام مخاطب (A Mass Audience)، ڪنهن ليڪچر ۽ موسيقيءَ جي محفل ٻڌندڙ يا ناٽڪ ڏسندڙ کان مختلف هوندوآهي ۽ هن جو لاڙو انهن کان وڏو هوندو آهي.
لفظ ”عام ميڙ“ (The Mass) جي وصف به لچڪدار آهي. ڪنهن عوامي اجتماع (Mass Meeting) يا عوامي جلسي (Mass Rally) ۾ شرڪت ڪندڙ فرد ”عام ميڙ“ جي معنيٰ ۾، انهي صورت ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جڏهن هو ڪنهن خاص حوالي ۽ مقصد سان مذڪوره اجتماع يا جلسي ۾ شريڪ ٿيندو آهي ۽ڪنهن خاص رويي ۽ سرشتي سان سلهاڙيل هوندو آهي.
”ماس“ لفظ جي معنيٰ الڳ آهي، ”علم اقتصاديات“ ۾ هن جو استعمال مختلف آهي. اهڙي طرح ماس ميڊيا جي حوالي سان ”ماس“ لفظ مختلف معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو. جديد ماس ميڊيا ”عام مخاطب“ يعني The Mass کي وڏي مخاطب طور متعارف ڪرايو آهي، يعني هڪ لامحدود مجموعو آهي.
سئٽلائيٽ چئنلن ۽ انٽرنيٽ جي استعمال عام مخاطب کي لامحدود بڻايو آهي. ماس ميڊيا جي مخاطب (Audience) جو صحيح اندازو لڳائڻ مشڪل هوندو آهي. اسان صرف مفروضن تي ٻڌل انگ اکر ظاهر ڪري سگهون ٿا.
اسان کي صحيح خبر ڪانهي ته ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي جا ڏسندڙ ڪيترا آهن ۽ ڪيترا فرد ڪشش ٽي وي ڏسي رهيا آهن. سئٽلائيٽ چئنل جي پکيڙ وسيع هوندي آهي، دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ڪو شخص ڪيڏي مهل پنهنجي ٽي وي جو بٽڻ کولي ڪهڙي چئنل جي نشريات ڏسي ٿو، هن ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
اهڙي طرح ”ڪاوش“۽ ”عبرت“ جي سرڪيوليشن جي خبر ته پئجي سگهي ٿي، پر انهن اخبارن کي ڪيترن ماڻهن پڙهيو، هن لاءِ صرف مفروضو ئي قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ انهي مفروضي مطابق ئي تحقيق ٿي سگهي ٿي.
اسان کي جن ڳالهين جي خبر پئجي سگهي ٿي، ان ۾ گهرن جو تعداد، جن ۾ اخبار وڃي ٿي، هاڻ تحقيق ۾ اسان گهرن جي لحاظ کان مردن ۽ عورتن جو تعداد مقرر ڪري سگهون ٿا ۽ اهي گهر ڪهڙي اقتصادي طبقي سان تعلق رکن ٿا. اهو معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي نموني شهرن جي سرڪيوليشن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ وڪري جو تعداد به معلوم ڪري سگهجي ٿو. سرڪاري آفيسن ۽ لئبررين ۾ اخبار جي وڪري بابت به معلوم ڪري سگهجي ٿو. اهڙي تحقيق ۾ غلطين جو تناسب 3 کان 5 سيڪڙو هوندو آهي ۽ 95 سيڪڙو صحيح ڊيٽا ملي ويندي آهي.
عوام: عوام کي ماهرن ماڻهن جو منتشر گروهه چيو آهي. پر انهيءَ منتشر گروهه ۾ اڪثر شيون هڪجهڙيون هونديون آن. ماڻهن جو اهو منتشر گروهه ڪن اهم سوالن (Issues) تي هڪ راءِ ۽ گڏ هوندو آهي ۽ ڪڏهن ورهايل. انهن اهم سوالن ۾ انهيءَ منتشر گروهه جي منتشر گروهه دلچسپي هوندي آهي ۽ انهن سوالن بابت اهي پاڻ ۾ بحث ڪندا آهن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن.
جن سوالن تي عوامي راءِ گڏيل (Collective opinion) هوندي آهي، اها باقي بچيل ننڍن گروهن تي به اثر انداز ٿيندي آهي يا ان لاءِ مان انهن ننڍن گروهن جي متاثر ٿيڻ جو گمان هوندو آهي.
”عوام“ ڪنهن به خراب صورتحال کي اجتماعي طور ڀوڳيندي آهي ۽ ڪن تضادن ۽ سوالن تي اهي ذهني ۽ جسماني طور گڏ هوندا آهن. مثلاً ڪالاباغ ڊيم جي سوال، سنڌ جي منتشر گروهن کي ”عوام جي هڪ راءِ“ ۾ پويو آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي منتشر گروهن کي جمهوريت ”عوام جي هڪ راءِ“ ۾ جڙيو آهي، ائين اهي سنڌ جو عوام ۽ پاڪستان جو عوام چورائين ٿا.
”عوام“ ڪنهن مقرر تعداد جو نالو ڪونهي، هڪ لک به عوام آهي ته هڪ ارب جو مجموعو به عوام آهي. ڪن ماهرن ”عوام“ کي بي ساخت مجموعو (Spontaneous collection) به چيو آهي. اهو بي ساخت مجموعو ۽ ماس ميڊيا هڪٻئي جو ذهني ڀائيوار آهي. اهو جوڙ خيالن ۽ ڪن اهم سوالن تي ڪڏهن گڏ ۽ ڪڏهن تضاد واري ماحول مان گذرندو آهي. جيڪڏهن ماس ميڊيا نه هجي ته ڪن اهم سوالن تي انهي منتشر گروهه کي گڏ ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ ڪن صورتن ۾ ناممڪن به ٿي ويندوآهي.
ماس ميڊيا عوام جي بي ترتيب گروهن کي ڪن اهم سوالن ۽ مفادن تي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ اهي سوالن ۽ مفاد ايترا ته اهم هوندا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن، انهن سوالن ۽ تضادن تي عقيدو، ثقافت، ٻولي ۽ سماجي سڃاڻپ به قربان ٿي ويندي آهي.
عوامي راءِ: عوامي راءِ (Public opinion) جو اصطلاح پهريون ڀيرو ”علم سياست“ ۾ استعمال ٿيو ۽ پوءِ ٻين علمن ڏانهن منتقل ٿيو. اهو اصطلاح صحافت ۾ ان وقت استعمال ٿيڻ لڳو، جڏهن ماس ميڊيا ”اليڪشن“ جي خبرن ۽ تبصرن ڏانهن توجهه ڏنو ۽ پوءِ سروي ۽ مارڪيٽ تي تحقيق ڪندڙ ماهرن به اهو اصطلاح استعمال ڪيو.
”عوامي راءِ“ اهڙي گڏيل سوچ کي چئبو آهي، جيڪا گهڻن گروهن ۾ وڏي تعداد ۾ موجود هجي يا گهٽ ۾ گهٽ انهن گروهن جي رهبرن ۾ موجود هجي. اهو ضروري نه آهي ته اِها سوچ سماج جي سڀني طبقن جي سڀني ماڻهن جي نمائندگي ڪندي هجي. اسان هن اصطلاح کي قديم رومن اصطلاح “Vox Populi” يعني ”عوامي آواز“ سان به تشبيهه نٿا ڏئي سگهون، ڇو جو ”عوامي راءِ“ هن سوال ۽ مسئلي تي الڳ الڳ ظاهر ٿيندي آهي، ڪن اهم سوالن تي متفق ۽ ڪن گهٽ اهميت وارن سوالن تي منتشر هوندي آهي.
”عوامي راءِ“ ڪڏهن به هڪ جاءِ يا سطح تي قائم نه رهندي آهي ۽ اها اڪثر وقت ۽ حالتن موجب بدلجندي رهندي آهي. عوامي راءِ کي متضاد بنائڻ جوڙڻ کان وڌيڪ آسان هوندو آهي، پر سماجي جياپي وارن ڪن معاملن تي ائين ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.
”عوامي راءِ“ لازمي نه آهي ته ڪنهن تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي، اِها خاموش به ٿي سگهي ٿي. عوام کي جڏهن به ”عوامي راءِ“ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ته اُها اصلي صورت ۾ يعني طاقت سان ظاهر ٿيندي آهي.
ماس ميڊيا جي چونڊ جو فيصلو اسان ثقافتي ۽ سماجي ناتن رشتن سان ڪندا آهيون. اسان هڪٻئي کي ٻڌائيندا آهيون ته فلاڻي چئنل تي سٺو يا سٺا پروگرام هلن ٿا، فلاڻو ڪتاب بهترين آهي، فلاڻي اخبار سٺي آهي ۽ فلاڻي ويب سائيٽ تي هي هي شيون موجود آهن.
ماس ميڊيا عوامي راءِ جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. بجيٽ تقرير ٻڌڻ يا پڙهڻ کان پوءِ مختلف طبقن جي راءِ مختلف ٿي ويندي آهي. جي پگهار وڌيا ته نوڪري واري طبقي جي راءِ هاڪاري هوندي پر جي زميندارن تي ٽيڪس مڙهيا وڃن، يوريا ۽ ٻجن کي مهانگو ڪيو وڃي ته زميندارن ۽ هارين ۾ بجيٽ بابت راءِ ناڪاري هوندي.
اهڙي نموني ثقافت، مذهب، جاگرافي، ذات قبيلي ۽ قوم بابت به ”راءِ“ ۾ ”ڦيرا“ ايندا آهن. ماس ميڊيا تي ايندڙ اهڙيون خبرون ۽ تبصرا ۽ پاليسي بيان ”عوامي راءِ“ کي بدلائيندا رهندا آهن.
ماس ميڊيا سان گڏ مقامي پروپئگنڊا (Street propaganda) افواهه ۽ ڪوڙ به ”عوامي راءِ“ کي جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ جو ڪم ڪن ٿا. ماس ميڊيا هر وقت ”عوامي راءِ“ کي جوڙڻ جو ڪم نٿي ڪري، پر ڪن خاص سوالن ۽ مسئلن تي لکن يا اشتهاري مهم ذريعي ”عوامي راءِ“ کي جوڙڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو.
”ماس ميڊيا“ جي چونڊ بابت ذڪر ڪيو سين، ته اسان ماس ميڊيا جي چونڊ ۾ پنهنجن دوستن ۽ ويجهن جي راءِ مڃيندا آهيون ۽ ان ”ميڊيم“ کي اختيار ڪندا آهيون، جنهن جي اسان کي صلاح ڏني ويندي آهي. اهو انهيءَ ڪري جو اسان وٽ هاڻ ايترو وقت ناهي، جو هن تيز زندگيءَ ۾ٻين سمورن ڪمن ڪارن کي اُڪلائڻ کان پوءِ سڀ جا سڀ ”ميڊيا“ مطالعي ۽ مشاهدي هيٺ آڻيون. اسان نه ته سڀ جا سڀ چئنل مڪمل طور ڏسي سگهون ٿا ۽ نه ئي سڀ ريڊيو ٻڌي سگهون ٿا ۽ نه وري سموريون اخبارون ۽ رسالا پڙهي سگهون ٿا ۽ نه ئي سڀ جون سڀ ويب سائيٽون ڏسي سگهون ٿا. انهيءَ ڪري انهيءَ خاص ”ماس ميڊيا“ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، جنهن جي صلاح اسان کي دوستن ۽ ويجهن طرفان ڏني ويندي آهي. جهڙي موني ”ماس ميڊيا“ عوامي راءِ جوڙڻ يا ٽوڙڻ جو سبب بڻبي آهي، اهڙي نموني ”عوامي راءِ“ به ”ماس ميڊيا“ تي اثرانداز ٿيندي رهندي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن گروهه يا فرد وغيره جي راءِ جي خلاف يا حقيقتن جي ابتڙ ڪي خبرون ۽ تبصرا شايع يا نشر ٿيندا آهن ته اهو گروهه يا فرد احتجاج ڪندي ايڊيٽر يا انتظاميا کي ان بابت خط لکندو آهي ۽ مذڪوره گروهه ۽ فرد پنهنجي حق ۾ ٻين کان به اهڙا خط لکرائي ”ميڊيا“ تي دٻاءُ وجهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن معاملو گهڻو اڳتي وڌي ويندو آهي ۽ اسان کي صحافين، پريس ۽ ٻي ميڊيا خلاف تشدد وارو رجحان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ انهي دٻاءُ کي قبول نه ڪندي به قبول ڪيو ويندو آهي ۽ پاليسي کي بدلايو ويندو آهي. اهڙي طرح هڪ طاقتور ”عوامي را“ به ماس ميڊيا جي رويي ۽ ڪردار ۾ تبديليءَ جو سبب بڻبي آهي.
آمريڪا ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٻارن جي پروگرامن کي صحيح وقت نه ملڻ خلاف مهم هلائي وئي، جنهن کي ACT يعني “Action for children’s Television” جو نالو ڏنو ويو. هن جدوجهد جي نتيجي ۾ عوامي راءِ ايتري ته مضبوط ٿي وئي هئي، جو آخرڪار سڀني ٽي وي چئنلن طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته آئيندي انهن جي نشريات ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو پروگرام ٻارن لاءِ هوندا. اهڙيون ڪوششون سنڌي ماڻهن به ڪيون هيون، جڏهن پي ٽي وي PTV ڪراچي سينٽر تان اُهي سنڌي پروگرام نشڙ ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئا ۽ ان وقت هن سوال تي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ راءِ جڙيل هئي، مارشل لا دؤر ۾ ته ڪجهه نٿيو، البته پي پي پي (89-88) حڪومت دؤران علائقائي چئنل شروع ڪيا ويا هئا. ان وقت ٽنڊي الهيار مان سنڌي ٻوليءَ لاءِ نشرياتي سلسلو شروع ڪيو ويو هو. جيڪو گهڻي جٽا نه ڪري سگهيو ۽ بند ٿي ويو.
ساڳي وقت بي بي سي ۽ وائيس آف آمريڪا تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه وقت رکرائڻ بابت به مهم هلائي وئي هئي، پر اها به ڪامياب ڪا نه وئي.
عوامي راءِ جا اڳواڻ
اسان پهرين بابت ۾ ڪميونيڪيشن جي ٻن ۽ ٽن ڏاڪن وارن ماڊلن جو مطالعو ڪري آيا آهيون. انهن ٻنهي ماڊلن ۾ عوامي راءِ جي رهنمائن (Opinion leaders) ڳالهه ٿي هئي. جيڪي بنيادي ذريعن (Basic sources) مان سنئون سڌو ڄاڻ حاصل ڪري هيٺين سطح يعني عوامي سطح تائين اثرائتي نموني پهچائين ٿا. انهن ٻنهي ماڊلن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عوامي راءِ يا عام راءِ جا اهي اڳوا۾ عام راءِ يا عوامي راءِ ٺاهڻ يا ڊاهڻ ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. عام راءِ جا اڳواڻ پيغام جي چونڊ ڪندا آهن ته انهن کي ڪهڙو پيغام ٻُڌڻو آهي؟ ۽ ڪهڙو پيغام هيٺين سطح تائين پهچائڻوآهي؟ ڇو جو اهي ڪي پيغام صرف ٻڌندا آهن، پر اڳتي روانا نه ڪندا آهن، اهي پيغام ريڊئي، ٽي وي، انٽرنيٽ، اخبار يا سياسي رهنمائن کان حاصل ڪندا آهن، هو پنهنجي خوشي ۽ ارادي سان ڪميونيڪيشن جي هن عمل مان گذاريندا آهن ۽ پوءِ حاصل ڪيل ڄاڻ ذريعي عوامي گروهن تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن.
هر سماجي گروهه ۽ طبقي جا پنهنجا، عوامي راءِ جا اڳواڻ هوندا آهن. تحقيق سان اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته گهڻو ڪري عوام پنهنجي طور ڪنهن هڪ راءِ تي متفق نه ٿيندو آهي پر اهو ڪنهن تحريڪ (Mobilization) جي نتيجي ۾ يڪراءِ ٿيندي آهي.
انهن سماجن ۾ جتي تعليم جو سيڪڙو گهٽ هوندو آهي ۽ ميڊيا جو استعمال به گهربل تعداد کان گهٽ هوندو آهي، اتي اهي عوامي راءِ جا رهنما ئي ذهن سازي ڪندا آهن. خود ”ميڊيا“ به عوامي راءِ جي اڳواڻ طور ڪم ڪندي آهي، پر تنهن هوندي به هيٺين سطح تي ڪنهن پيغام کي هنڍائڻ ۽ عمل ڪرائڻ جو ڪم ”اوپينين ليڊرز“ ئي ڪندا آهن ۽ ڪن صورتن ۾ ”ميڊيا“ به عوامي راءِ جي اڳواڻن کي ڪنهن خاص مهم ۾ استعمال ڪندي آهي.
عوام ڪن اهم سوالن (Issues) جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ به عوامي راءِ جي اڳواڻن جي راءِ جو انتظار ڪندوآهي. اهي اڳواڻ ”ميڊيا“ جي مطالعي ۽ مشاهدي کان پوءِ، انهن سوالن جو مختصر خاڪو ۽ امڪاني نتيجن بابت راءِ پنهنجي سماجي گروهه اڏو رکندا آهن ۽ ائين انهي گروهه کي تيار ٿيل راءِ (Ready-made-opinion) ملي ويندي آهي، جنهن کي سامهون رکندي، اُهي ڪنهن رد عمل جو مظاهرو ڪندا آهن.
انهن اڳواڻن جو ڪردار ڪميونيڪيٽر ۽ پروپئگنڊا ڪندڙ يا مشتهر جو هوندوآهي. پر گهربل هاڪاري يا ناڪاري نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جو پنهنجي سماجي گروهه ۾ مقبول هئڻ شرط آهي، اهي رڳو ڪميونيڪيٽر، پروپئگنڊا ڪندڙ يا مشتهر نه هوندا آهن، پر انهن جي راءِ کي ٻڌو ۽ هنڍايو به ويندو آهي.
سياسي ۽ نظرياتي پارٽيون پنهنجن مقصدن لاءِ سماج جي مختلف گروهن ۾ موجود عام راءِ جي اڳواڻن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ انهن کي متاثر ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي منشور ۽ مقصد کي اِنهن اڳواڻڻ ذريعي سماجي گروهن ۾ متعارف ڪرائينديون آهن ۽ عوامي حمايت حاصل ڪنديون آهن.
اهي اڳواڻ ”ذهن سازي“ ۾ ڀڙ هوندا آهن ذهن سازي جو عمل مرحليوار ڪيو ويندو آهي. اهي اڳواڻ پهرين سطح تي ڪنهن به پارٽي يا تنظيم جي منشور يا مقصد جي ڳالهه نه ڪندا آهن، پر انهي سطح تي ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٻي سطح تي مذڪوره منشور يا مقصد عوام جي ذهنن ۾ اوتيو ويندو آهي.
جيڪڏهن ڪن سماجي طبقن ۾ ”عام راءِ جا اڳواڻ“ موافق نه ملندا آهن، يعني پيغام سان اختلاف رکندڙ آهن ته اتي نوان عام راءِ جا اڳواڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انهن کي اهڙي طريقي سان اڀاريو ويندو آهي ته جيئن اهي ڀرپاسي جي ماحول ۾ ”رول ماڊل“ بڻجي وڃن، هن لاءِ فلاحي ڪمن تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ مختلف سماجي گروهن جون همدرديون حاصل ڪيون وينديون آهن. اهي سماجي گروهه جڏهن انهن فردن جي قول ۽ فعل ۾ يڪسانيت جي پڪ ڪري وٺندا آهن ته پوءِ آهستي آهستي متاثر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. ٺلهي پروپئگنڊا بي فائدي ۽ ڪن صورت ۾ نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي.
ذهن سازي ڪرڻ ۽ هڪ راءِ پيدا ڪرڻ وارو عمل هڪ ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿيندو آهي، هن عمل لاءِ سالن جا سال گهربل هوندا آهن. ڇو جو پنهنجي مقصد ۽ منشور کي ماڻهن جي ذهن ۾ آهستي آهستي داخل (Inject) ڪيو ويندو آهي. جيستائين انهن جي سوچ انهي پيغام مطابق نه ٿي ٿئي اهو عمل جاري رهندو آهي.
هن ماڊل ۽ طريقي کي عيسائي مشنري وارا وڏي مهارت سان استعمال ڪندا آهن ۽ اهي ڪنهن غريب علائقي کي چونڊي اتي موجود سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن، اِهي ڪڏهن به ڪنهن فرد کي سنئون سڌو عيسائي مذهب ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت نه ڏيندا آهن، پر سالن جا سال فلاحي ڪم ڪري رول ماڊل بڻجي پوءِ پنهنجي مقصد کي ذهنن ۾ اوتڻ جو ڪم ڪندا آهن. سماج جي ڏتڙيل طبقن ۾ اهڙي ڪوشش جلد ۽ يقين طور ڪامياب ٿيندي آهي.
ڪميونيزم جي پکيڙ ۾ به اهو ئي طريقو استعمال ڪيو ويو هو، پر اتي ڳالهيون ڊگهيون ۽ عمل جي کوٽ هئي، سماج جا ڏتڙيل طبقا رڳو مستقبل جي واعدن تي گهڻو وقت اعتبار نه ڪندا آهن، پر هنن کي موجود اهم مسئلن جو ترت حل به گهربل هوندو آهي.
عام راءِ جي اڳواڻن جي پيغام کان سواءِ عام ماڻهو ساڳيو پيغام سنئون سڌو ٻين ذريعن کان به حاصل ڪندا آهن، پر اهو انهن تي ايترو اثر انداز نه ٿيندو آهي، جيترو عام راءِ جي اڳواڻن جو پيغام هنن کي متاثر ڪندو آهي، عوام ٻينذريعن کان حاصل ڪيل پيغامن جي تصديق لاءِ اِنهن اڳواڻن سان رابطي ۾ ايندو آهي. اهڙي طرح اهي اڳواڻ پيغام جي ذريعي (Source) ۽ وصول ڪندڙن (Receivers) جي وچ ۾ اهم ڳانڍاپي (Vital-link) وارو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
اهو به لازمي ناهي ته هڪ سماجي طبقي ۾ صرف هڪ اوپينين ليڊر هجي، ساڳي سماجي طبقي ۾ هڪ کان وڌيڪ عام راءِ جي اڳواڻ به ٿي سگهن ٿا، بلڪه هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سماجي گروهه ڪنهن خاص راءِ تي منتشر ٿيويندا آهن، يعني اهي مسئلي يا سوال تي ورهايل هوندا آهن، انهن جي اِها ورهاست انهن عام راءِ جي اڳواڻن جي ڪري ٿيندي آهي. عام راءِ کي منتشر ڪرڻ لاءِ سماجي گروهن ۾ عام راءِ جي اڳواڻن کي اڪثر استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪي سوال(Issues) اهڙا به هوندا آهن، جيڪي عوامي راءِ کي منتشر ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ عام راءِ جا اڳواڻ به انهي راءِ کي منتشر نه ڪري سگهندا آهن، پر اهڙي ڪوشش سان خود انهن رهنمائن جي ساک متاثر ٿيندي آهي. مثلاً سنڌ جي حوالي سان سڀني سماجي طبقن جي وڏي اڪثريت ڪالاباغ ڊيم جي نه ٺهڻ، راجا رنجيت سنگهه طرفان قبضو ڪيل علائقا سنڌ کي واپس ڪرائڻ، پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ سنڌ تي پنهنجي فطري حاڪميت واري حق کي مڃائن واري جدوجهد ۽ سوالن تي متفق آهي، سواءِ انهن سوالن جي ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال ۽ مسئلا موجود آهن، جن تي سنڌ جو عوام ورهايل آهي. اهو انهي ڪري جو ڪن اهم سوالن (Vital Issues) تي عام راءِ جا اڳواڻ يا ته متفق ۽ هڪ راءِ نه آهن يا خاموش آهن.
عام راءِ جا اڳواڻ گهٽ ڄاڻ وارن (Less-informed) فردن تي جلد اثر انداز ٿيندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي نبض تي انهن جو هٿ هوندو آهي، مختلف سماجي گروهن جا اڳواڻ هڪٻي کي به متاثر ڪندا رهندا آهن. جنهن سان انهن جو پنهنجو سماجي گروهه اڻ سڌي طرح متاثر ٿيندو آهي.
عام راءِ جا اڳواڻ پنجن قسمن جا هوندا آهن. پهريان ”آئيڊيل ماڻهو“ جن پنهنجي شخصيت، فن ۽ ڪردار سان اهو مرتبو ماڻيو هجي، ٻيا خاص پيشن ۾ مهارت ۽ مرتبو ماڻڻ وارا، جن پنهنجن تجربن ۽ ڄاڻ جي بنياد تي سماج ۾ مرتبو ماڻي ورتو هجي ۽ پنهنجي شعبي ۾ ”اٿارٽي“ طور سڃاتا ويندا هجن. ٽيان مشهور اسڪالر، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ، جن جي ڳالهه سماج ۾ دلچسپي سان ٻڌي ويندي هجي ۽ سماج جا عام فرد پنهنجي ڳالهه ۽ لکڻين ۾ انهن جا حوالا ڏيندا هجن، چوٿان سماجي خدمتگار، جيڪي سماجي جي مختلف طبقن جا سماجي مسئلا بنان ڪنهن لالچ ۽ هٻڇ جي حل ڪندا هجن يا حل ڪرڻ ۽ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا هجن. پنجان راڄ جا نيڪ مرد يعني سماج جي مختلف طبقن جا اهي فرد جيڪي ڪردار جي حوالي سان مثالي هجن، انهن ۾ ذاتين جا چڱا مڙس، مذهبي رهنما ۽ پير مرشد شامل آهن، جيڪي روايتي طور اڳواڻ مڃيا وڃن ٿا ۽ انهن جي ڳالهه سماجي طبقن ۾ ٻڌي ۽ عمل ۾ آندي وڃي ٿي.
عوامي راءِ جو جائزو (Public opinion survey) وٺڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خاص ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي ملڪي ۽ عالمي سوالن تي وقت بهوقت عوام جي راءِ جو جائزو وٺندا رهندا آهن. اشتهاري ادارا به ڪاروباري ڪمپنين طرفان، اِهڙن ادارن کان ئي تحقيق ۽ سروي ڪرائيندا آهن. هنن ادارن جي جمع ڪيل ڊيٽا ۽ نتيجن جي مستقبل جي رٿا لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هنن جائزن جي روشنيءَ ۾ پاليسيون ٺهنديون ۽ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. حڪومتن، سياسي پارٽين توڙي مشتهرن لاءِ اهي سروي وڏي اهميت رکندا آهن.
آمريڪا ۾ هن قسم جي سروي لاءِ ڪافي تعداد ۾ ادارا موجود آهن، پر انهن سڀني ادارن مان ”گلپ“ کي وڌيڪ معتبر سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻي غير ملڪي دنيا به انهيءَ اداري جي ڪيل تحقيق کي صيحيح سمجهندي آهي. هن اداري جو بنياد جارج گلپ (George Gallup) رکيو هو ۽ هي ادارو ٻئي نمبر جي پول آرگنائيزيشن مڃي وئي آهي.
پاڪستان ۾ به اهڙا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر اڃا انهن جي سروي ۽ رپورٽن کي ايتري اهميت نه ملي رهي آهي، جو حڪومتي يا سماجي پاليسيون انهن جي روشنيءَ ۾ شروع يا تبديل ٿي سگهن.
عام راءِ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان جائزي جا نتيجا ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارن يا پارٽين کي موڪليا ويندا آهن. سماج جو باشعور طبقو اهڙن نتيجن کان متاثر ٿين ٿا. شهري آبادي وڌيڪ اثر وٺي ٿي. خاص ڪري ووٽن جي زماني ۾ اهڙا سروي خاموش ووٽرن تي وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا. ڇو جو نسبتاً اها خاموش آبادي پنهنجي راءِ ۽ سوچ ۾ آزاد هوندي آهي ۽ اها ڪنهن جذباتي لڳاءُ جي ڀيٽ ۾ حقيقتن ۽ جائزي کي اهميت ڏيندي آهي. گڏ وچڙ ثقافتي ماحول ۽ سماجي تضادن جي صورت ۾ جذبات (Emotions) وڌيڪ اهميت وارا ٿي پوندا آهن، ٻي صورت ۾ آزاد راءِ بنا ڪنهن جذبي جي ڪم ڪندي رهندي آهي.
جائزي ۽ تحقيق لاءِ چونڊ نموني (Random sampling) وارو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به طبقي جي سڀني ماڻهن کان راءِ وٺڻ ڏکيو ڪم هوندوآهي، انهي ڪري انهي طبقي جي ڪن فدن کان طئي ٿيل سوال پڇيا ويندا آهن ۽ انهن سوالن جي بنياد تي نتيجا ڪڍيا ويندا آهن ۽ ائين هر علائقي يا سماجي گروهه مان سوکن ماڻهو کنيا ويندا آهن، فردن جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٻن کانٽن هزارن تائين هوندوآهي.
هن وقت تحقيق جا جديد طريقا جن کي ”ممڪنات“ چيو وڃي ٿو. (Modern probability) استعمال ٿين ٿا، جن ۾ چونڊ (Sampling) ۽ شماريات (Statistics) وارو اهڙو طريقو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان لڳ ڀڳ مستند نتيجا حاصل ٿين ٿا. هن طريقي ۾ غلطي جو امڪان 3 کان 4 سيڪڙو هوندوآهي. 1952ع کان آمريڪي صدارتي چونڊ جي حوالي سان گلپ جي سروي ۾ غلطي جو امڪان 2. 1 سيڪڙو رهيو آهي.
ڪن اهم مسئلن تي عوامي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ حڪومتن طرفان رفرينڊم به ڪرايا ويندا آهن. هن طريقي ۾ ووٽرن کي صرف ”ها“ يا ”نه“ ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻو هوندوآهي ۽ انهيءَ طريقي سان قومي راءِ معلوم ڪئي ويندي آهي.
دنيا ۾ هن وقت ”سروي“ جوڪم، هڪ وڏو ڪاروبار ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي ادارا هي ڪاروبار ڪم ڪن ٿا. ماس ميڊيا جا مالڪ ۽ وڏا وڏا پبليشر پنهنجن اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن بابت عوامي راءِ ڄاڻڻ چاهيندا آهن، اشتهاري ادارا ۽ گهڻ ملڪي ڪمپنيون پنهنجن شين جي وڪري ۽ تشهيري مهم بابت ڄاڻڻ چاهينديون آهن. حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي مقبوليت ۽ ڪن اهم سوالن ۽ پاليسين تي عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهينديون آهن ۽ اهي سڀ ڌريون ماهرن جي کوٽ سبب پاڻ سروي جو سائنسي طريقو استعمال ڪندي نتيجا حاصل ڪري نه سگهنديون آهن. انهيءَ ڪري اهي ”سروي“ جو ڪم ڪندڙ ادارن کي اهڙيون ذميواريون ڏينديون آهن.
ماس ميڊيا ۽ سياست جو پاڻ ۾ چولي ۽ دامن وارو تعلق آهي. اِها ڳالهه ڪرڻ اجائي ٿيندي ته ”چولو“ ڪير آهي ۽ ”دامن“ پر اِها حقيقت آهي ته ماس ميڊيا سياست کانسواءِ ٻاڙي نظر ايندي ۽ ساڳي نموني سياست جو ساهه ماس ڪميونيڪيشن جي طوطي ۾ آهي.
سڌريل ملڪن ۾ ماس ميڊيا رڳو سياست تي گذارو ٿي ڪري ۽ هر شعبي لاءِ الڳ اخبارون، رسالا ۽ ٽي وي يا ريڊيو چئنل هلن ٿا. پر مُک اخبارون ۽ چئنل سماج جي سڀني شعبن کي جاءِ ۽ وقت ڏين ٿا. ماس ميڊيا طرفان هر شعبي جي خبرن ۽ رپورٽن کي توازن سان هلايو ويندو آهي، جنهن لاءِ هر اخبار ۽ چئنل طرفان پاليسي تيار ڪئي ويندي آهي ته فلاڻي شعبي کي هيترو سيڪڙو جاءِ يا وقت ملندو، فلاڻي کي هيترو!
ٽين دنيا جي ٻين ملڪن وانگر اسان وٽ به ماس ميڊيا تي سياست جو عنصر وڌيڪ غالب آهي. حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي پبلسٽي ۽ پروپئگنڊا لاءِ ماس ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪن ٿيون.
پاڪستان ۾ انتظامي لحاظ کان ميڊيا ٻن حصن ۾ ورهايل رهي آهي، هڪ خانگي ميڊيا ٻي سرڪاري ميڊيا. خانگي ميڊيا کي سرڪاري انتظام هيٺ آڻڻ جو ڪم ايوب خان جي وقت ۾ شروع ٿيو هو، جڏهن 1959ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي ذريعي ”پروگريسو پيپرز لميٽيڊ“ کي سرڪاري نگراني ۾ آڻي، هڪ ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو هو. ان وقت پاڪستان جي مشهور انگريزي اخبار ”پاڪستان ٽائيمز“ چوڌري ظهور الاهي جي ملڪيت هئي، جيڪا ”پروگريسو پيپرز لميٽيڊ“ جي ميمبر اخبار هئي، جنهن کي سرڪاري نگرانيءَ ۾ آندو ويو. 1964ع ۾ ”نئشنل پريس ٽرسٽ“ قائم ڪئي وئي، هن ٽرسٽ جي سرپرستي سرڪار وٽ هئي ۽ هن ٽرسٽ جي ضابطي هيٺ زبردستي، روزاني ”امروز“، ”مشرق“ ۽ ”نئشنل نيوز پبليڪيشن“ جون مڙئي اخبارون آنديون ويون. ان وقت نئشنل نيوز پبلڪيشن جي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”مارننگ نيوز“ ڪافي مقبول هئي. انهيءَ کانسواءِ هڪ انگريزي ماهوار “Sports Time” ۽ ٻي هفتيوار اخبار ”اخبار خواتين“ به ٽرسٽ ۾ شامل ڪئي وئي.
افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه اِها آهي جو ڀٽي صاحب جي جمهوري حڪومت به انهن اخبارن ۽ رسالن کي واپس مالڪن جي حوالي نه ڪيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ سنڌي اخبار ”هلال پاڪستان“ کي پيپلز ٽرسٽ جي نگراني ۾ حڪومت پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ويو. آزاد ميڊيا لاءِ ”ايڊوائيز“ يعني مشاورت لازمي قرار ڏني وئي. پاڪستان جي هر حڪومت خانگي پريس کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ سرڪاري اشتهار ۽ نيوز پرنٽ جي تلوار مياڻ مان هميشه ڪڍي رکندي هئي. انهن حرڪتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سياسي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ماس ميڊيا کي زيردست ڪرڻ اسان جي ملڪ جي حڪومتي پاليسي بڻجي وئي هئي.
قومي سطح جي وڏين پارٽين پنهنجي پارٽيءَ جي ترجمانيءَ لاءِ الڳ اخبارون جاري ڪيون ته جيئن اهي پارٽي پروپئگنڊا جي مهم اثرائتي نموني هلائي سگهن.
پيپلز پارٽيءَ طرفان ”مساوات“، جماعت اسلامي طرفان ”جسارت“ ۽ ”حريت“ ۽ مسلم ليگ طرفان سنڌي اخبار ”مهراڻ“ جاري ٿي. ان وقت مسلم ليگ اِها ئي هئي، جيڪا هنيئر فنڪشنل مسلم ليگ“آهي، ٻين مسلم ليگي ڌڙن جو ان وقت ڪو وجود ئي ڪو نه هو. ”روزاني مهراڻ“ تي ڀٽي صاحب پابندي وجهي ڇڏي هئي، جيڪا مارشل دؤر تائين جاري رهي.
سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ ماس ميڊيا جي اهم ڪردار رهڻ باوجود، اسان ج ملڪ ۾ ماس ميڊيا جي وڏي ڌڙي مارشل لائي حڪومتن جو ساٿ ڏنو آهي، ايوبي مارشل لا ۾ ته ميڊيا سان زبردستي ڪئي وئي، پر ضياءُ الحق واري مارشل لا ۾ اخباري ڌڙن کي حڪومت سان مارشل لائي انتظاميا جو ساٿاري بڻايو ويو. ايوبي دؤر ۾ ته ”نواءِ وقت“ ۽ ”دي نيشن“ صدارتي چونڊن ۾ محترمه فاطمه جناح جي مقابلي ۾ ايوب جي اليڪشن مهم هلائي پر انهن ٻنهي اخبارن جو ڪردار ضياءَ واري مارشللا ۾ اهڙو نه هو. ”جنگ گروپ ضياءُ الحق کي تمام گهڻو ويجهو هو ۽ هن گروپ جو مالڪ مير خليل الرحمان ضياءُ الحق جو ذاتي دوست بڻيل هو. جنگ اخبار ۾ فوجي حڪمرانن جا گڻ ڳايا ويندا هئا. ماس ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا جي هڪ غلطي اها به آهي جو ڪيترين اخبارن جا مالڪ مئنيجنگ ايڊيٽر طور ڪم ڪن ٿا ۽ اهي صاحب سياسي عمل ۾ ان اخبار جي زور تي حصو وٺن ٿا. 1985ع واري غير جماعتي اليڪشن ۾ مارشل لائي حڪومت ڪيترن ئي اخباري مالڪن کي ”سينيٽر“ چونڊرائي حڪومتي ڌر جو همدرد بڻايو. آغا مرتضيٰ پويا جنهن جي اخبار ”دي ڊيلي مسلم“ بظاهر پروگريسو اخبار هئي، پر آغا صاحب کي اسلام آباد واري سيٽ تان سينيٽر چونڊرايو ويو. اقبال فصيح الدين جيڪو ڪوئيٽا مان جاري ٿيندڙ هڪ اخبار جو مالڪ آهي، تنهن کي بلوچستان جي سيٽ تان سينيٽر چونڊرايو ويو، روزاني ”آفتاب“ حيدرآباد جي مالڪ شيخ علي محمد (مرحوم) کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو ويو. جناب عبدالمجيد عابد کي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو. اهڙي سياسي سرشتي کي ڏسندي، ڪيترن ئي اخباري ايڊيٽرن ۽ مالڪن سياسي پارٽين يا سرڪاري ڌر جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ”اخباري طاقت“ جو استعمال شروع ڪيو.
بينظير ڀٽو جي پهرين دؤر ۾ جيڪي صحافي سينيٽر بڻيا، انهن ۾ يوسف شاهين روزاني ”برسات“ جو مالڪ ۽ روزاني ”امن“ جو مالڪ ”اجمل دهلوي“ شامل آهن، دهلوي ايم ڪيو ايم طرفان سينيٽر چونڊرايو ويو هو.
جيڪي مشهور صحافي سياست ۾ آيا، انهن ۾ مشاهد حسين، اياز امير، شيري رحمان شامل آهن. ٻين به ڪيترن ئي صحافين سياسي عمل جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪي اڃا تائين انهيءَ ڪوششن ۾ رڌل آهن. اخباري مالڪن مان قاضي اسد عابد پي پي جي سيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
آزاد اليڪٽرانڪ ميڊيا ته هاڻ آئي آهي. 90ع واري ڏهاڪي جي به آخري ۾ خانگي ٽي وي چئنلن جو سلسلوشروع ٿيو ۽ پوءِ ايف ايم ريڊيو به شروع ٿيا، ايف ايم ريڊيو ته صرف تفريحي پروگرمن لاءِ شروع ٿيا آهن. البته ٽي وي چئنلن خبرون، سياسي تبصرا ۽ جلسا جلوس نشر ڪن ٿا. سنڌي ٽي وي چئنلن مڙئي عتاب ۾ رهندا پيا اچن. ”سنڌ“ ٽي وي تي بهتر ڪوريج نه ملڻ ڪري، حڪومتي ڌر هن نشڙيات کي پاڪستان دشمن قرار ڏئي ڪجهه وقت لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو.
ماس ميڊيا ۽ سياست جو تعلق ڪيترو گهرو آهي؟ انهيءَ جو اندازو اسان مٿين جائزي مان لڳائي سگهون ٿا. ماس ميڊيا عام ماڻهن کي به سياسي عمل ۾ شامل ڪري ٿي، ماڻهن ۾ سياسي ڄاڻ ۽ سياسي شعور وڌي ٿو، ماڻهو ذاتي ڪچهرين ۾ سياست تي ڳالهائين ٿا ۽ تبصرا ڪن ٿا. هنن جي تبصرن جو بنيادي ذريعو (Source) ماس ميڊيا ئي هوندو آهي. هاڻ ماڻهو حڪومتي پاليسين تي سوچين ٿا ۽ ڳالهائين ٿا. ماس ميڊيا جي سياسي ڪردار جي ڪري ئي ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ سڏيو ويندو آهي. ماس ميڊيا عوام سان گڏ سماج جي جمهوري حقن لاءِ به ويڙهه ڪري ٿي، جمهوريت لاءِ صحافين به گهڻيون ئي قربانيون ڏنيون آهن. ماس ميڊيا ئي عوام جي آواز کي قومي پاليسين تي اثرانداز ڪرايو آهي.
سنڌي ميڊيا جو رويو شروع کان سنڌ جي حقن لاءِ حقيقي ۽ فطري رهيو آهي. سنڌي ميڊيا پاڪستان جي مضبوطيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، عام ماڻهن کي پنهنجن حقن جي ڄاڻ ڏيندي، وفاقي سياست کي مضبوط ڪيو آهي. سنڌي ميڊيا ماڻهن کي سياسي شعور ۽ سياسي سجاڳي ڏني آهي. وڏيرڪي سياسي اثر هوندي به ماس ميڊيا مقامي سياست تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي ۽ قومي پارٽين يعني قوم پرست پارٽين کي هڪ پريشر گروپ طور نروار ڪيو آهي.
ترغيب (Persuasion) ۽ پروپئگنڊا ماس ميڊياجا اهم هٿيار ۽ ڪردار آهن، جن کي سمجهڻ ضروري آهي ته جيئن ماس ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ، توڙي عام پڙهندڙن کي انهن ٻنهي اصطلاح جي حقيقت معلوم ٿئي ۽ انهن جي استعمال ۽ ڪم جي به خبر پئجي سگهي.
ترغيب: ترغيب سماجي نفسيات جو اهڙو عمل آهي، جنهن کي هڪ فن سان تعبير ڪيو ويندو آهي، هن فن سان دوست ٺاهي سگهجن ٿا ۽ ماڻهن تي ڀرپور طريقي سان اثرانداز ٿي سگهجي ٿو. ترغيب ماڻهن تي زبردستي پنهنجي ڳالهه مڙهڻ جو نالو ه آهي ۽ نه وري چالاڪي سان ڳالهين ۽ واقعن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ماڻهن جي ذهن ۾ لاهڻ جي ڪا ڪوشش آهي. هي ريجهائڻ جو هڪ عمل آهي. جيڪي ماڻهو ريجهائڻ جي عمل کان واقف آهن، اهي ڄاڻين ٿا ته هن عمل ۾ ڪيتري نه هيٺائين ڪرڻي پوندي آهي ۽ اڳين جي ڳالهه مڃيندي پنهنجي ڳالهه مڃائبي آهي.
ترغيبي پيغام جي ڪاميابي جو دارومدار ترغيب ڏيندڙ جي رويوي ۽ لفظن جي پيشڪش تي هوندو آهي. پيغام ڏيندڙ ۽ وصول ڪندڙ پنهنجي مرضي سان (Voluntarily) هن عمل مان گذرندا آهن، انهن تي ڪو به زور نه هوندو آهي ته اهي هروڀرو اها ڳالهه ڪن ۽ مڃين، ثقافتي ۽ روايتي ماحول ۾ ترغيبي پيغام وصول ڪندڙ تي جلد اثر ڪندو آهي. ترغيب ۾ ڪنهن به جذباتي رويي جي ڪا به گنجائش نه هوندي آهي. ڳالهه ۾ دليلن سان وزن پيدا ڪيو ويندو آهي ته جيئن پيغام وصول ڪندڙ دليل ٻڌڻ کان پوءِ خوشيءَ سان اهو پيغام هنڍائي.
ترغيبي ڪميونيڪيشن (Persuasive Communication) ۾ رد (Resistance) ايترو مضبوط نه هوندو آهي، جو هن عمل تي اثرانداز ٿئي، يعني وصول ڪندڙ پيغام وصول ڪرڻ کان هروڀرو انڪاري نه هوندو آهي ۽ جيترو ”رد“ ظاهر ڪيو ويندو آهي، اهو گهڻو ڪري بي اثرائتو هوندو آهي. ميڊيا جي ڪن ماهرن هن کي برين واش (Brain wash) جو عمل سڏبو آهي ۽ ڪن هن عمل کي سازباز (Manipulation) سان ذهنن ۽ روين کي موڙڻ قرار ڏنو آهي.
مذڪوره ٻنهي ڳالهين سان ماهرن جي اڪثريت اختلاف ڪيو آهي، انهي اڪثريت جو چوڻ آهي ته ترغيبي عمل برين واش يا سازباز ڪري ذهني لاڙا ۽ رويا موڙڻ جو نالو نه آهي، هنن جو چوڻ آهي ته هن عمل ۾ منفي پهلو کان وڌيڪ مثبت پهلو موجود آهي، هن عمل سان ڪيترن ئي اهم فيصلن ۽ پاليسين لاءِ ماڻهن کي قائم ڪري سگهجي ٿو، جيڪي انهن جي سماجي ڪردار ۽ اقتصادي ترقي ۾ واڌاري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ جي حوالي سان ترغيبي ڪميونيڪيشن جي ڳالهه ڪبي ته اها اڃا سائنسي انداز ۾ جاري ٿيندي نظر نه ايندي. سنڌي ماس ميڊيا يا اسان جا عوامي رهنما سڄي عوام جي اجتماعي ڪردار کي سجاڳ ڪرڻ ۽ ترقي ۽ جياپي جا مقصد ماڻڻ ۾ ڪي گهڻا ڪامياب نه ويا آهن. سماجي سڌارن ۾ اسان اڃا گهڻو پوئتي آهيون. هتي سماجي سڌارن مان مطلب روين جا سڌارا آهن.
اسان کي ڪنهن حد تائين اقتصادي ترقي ته نظر ايندي، روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، ٽيليفون، گيس ۽ بجلي جي ٽرانسميشن جهڙا سڌارا به هلي رهيا آهن ۽ سياسي سڌارن جي حوالي سان نوان نوان تجربا به موجود آهن، ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي به نظر ايندي پر اسان ۾ روين جي سڌارن جي اڻاٺ جيئن جو تئين موجود آهن. اسان جي روين جو اهو حال آهي، جو پنهنجا روڊ رستا هٿ سان خراب ڪندا آهيون. اسڪول جا پنکا ۽ در پٽيو کنيو وڃون، اسپتال ۾ ڊاڪٽر اچن ئي ڪو نه، سهپ ۽ مثبت سوچ ختم ٿي وئي آهي، تعليمي ماحول کي گڏجي تباهه ڪيو اٿئون، اڄ جا عالم ۽ مهارت ۾ چوٽي تي پهتل اڪثر سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل آهن، پر هن وقت سرڪاري اسڪولن جو ڪهڙو حال آهي؟ اسان سپ ڄاڻون ٿا.
ڳوٺ جو اسڪول ڳوٺ جا استاد، ساڳي ڳوٺ جا شاگرد چڱا مٺا به ڳوٺ ۾ موجود، پر شاگرد پنجين ڪلاس ۾ هوندي به ”ڪڪ پٽي“ کان اڻ واقف، ”هجي پڙهڻ“ کان اڻواقف ايتري تائين جو پٽيءَ جا ڪي اکر به سڃاڻي ڪو نه ٿا سگهن. هن عمل ۾ ٻاهرين سازش نظر ته ڪا نه ٿي اچي؟ اهي اسان جا رويا ئي آهن، جيڪي ڪِري ڪِري انهيءَ حد تائين وڃي پهتا آهن ۽ اسان پسگردائي ۽ پنهنجي ماحول کان بيحس ٿي چڪا آهيون، اجتماعي سوچ جي بجاءِ انفرادي سوچ مضبوط ٿي وئي آهي، ”سڀ جو ڀلو“ ختم ٿي چڪو آهي، آئيندي جي سوالن تي ڪا به نظر ڪانهي. انهيءَ ڪري ماس ميڊيا ۽ عام راءِ جي اڳواڻن کي ترغيبي ڪميونيڪيشن جو ڀرپور استعمال ڪندي ”سماجي سڌارا“ آڻڻ گهرجن يا گهٽ ۾ گهٽ هن جي ڪوشش ته ڪرڻ گهرجي.
ماس ميڊيا عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ سماجي تبديلي آندي آهي. ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته مڊل ڪلاس طبقي جي رهڻي ڪهڻي ۾ جدت ضرور آندي آهي. پر روين ۽ ذهني لاڙن جي تبديليءَ وارو عمل بلڪل اڻ لکو ۽ سست رهيو آهي. اسان جي ماس ميڊيا ماحول کي جيئن جو تئين (Status quo) رکڻ واري صورتحال کان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي ۽ اڃا تائين ماس ميڊيا سماجي تبديليءَ جو مؤثر هٿيار بڻجي نه سگهي آهي.
سوال آهي ته ماس ميڊيا جي پيغام کي جلد ڇونٿو قبول ڪيو وڃي؟ اهو انهيءَ ڪري جو پيغام قبوليت وارو گهربل سطح تي پهچڻ کان اڳ ان پيغام جو مخاطب (Audience) پنهنجي انفرادي سماجي ضرورتون ۽ اميدون سامهون رکندو آهي، انهيءَ ڪري اهو پيغام صحيح دڳ تي پهچي نه سگهندو آهي. تجربن مان معلوم ٿيو آهي ته عوام هدايتي صورتحال (Instructional situation) ۾ پيغام کي قبول ڪري ٿو، ڪميونيڪيٽر جي مددي رويي جو مخاطب تي وڏو اثر پوندو آهي. هدايتي پيغام جي ڀيٽ ۾ ترغيبي ڪميونيڪيشن ۾ سماجي ضرورتون ۽ اميدون پيغام جي قبوليت ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. البت سماج جو پڙهيل گروهه ترغيبي ڪميونيڪيشن سان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، اهو انهيءَ ڪري جو هن ڪميونيڪيشن ۾ ”دليلن“ کي خاص اهميت حاصل هوندي آهي ۽ دليلن واري ڳالهه پڙهيل گروهه جلد قبول ڪري ٿو. هن جي مقابلي ۾ اڻ پڙهيل گروهه روايتي ماڻهن جو مجموعو هوندو آهي، هو دليلن کان وڌيڪ ريتن رسمن کي اهميت ڏيندو آهي، انهي ڪري هو تبديليءَ وارو پيغام رد يا بلڪل اڻ لکو قبول ڪندو آهي.
پروپئگنڊا: اسان پروپئگنڊا بابت پهرين باب ۾ پڙهي آيا آهيون پر اتي پروپئگنڊا کي ڪميونيڪيشن جي رڪاوٽن طور بحث هيٺ آندو ويو آهي. هتي اسان پروپئگنڊا کي ”ماس ميڊيا“ جي هڪ عمل طور پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
پروپئگنڊا هڪ سوچيل سمجهيل عمل هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به منفي يا مثبت مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويندو آهي. اڪثر اسان پروپئگنڊا کي ڪنهن سازباز (Manipulation) واري عمل سان ڀيٽيندا آهيون. پروپئگنڊا ماڻهن جي سوچ انهن جي خيالن، رين، عقيدي ۽ ريتن رسمن کي سامهون رکي ڪئي ويندي آهي. پروپئگنڊا جو عمل مٿي ذڪر ڪيل ڪيفيتن کي جيترو ويجهو هوندو، اوترو ئي جلد متاثر ڪندو ۽ نتيجا ڏيندو. پروپئگنڊا لاءِ ڪميونيڪيشن جا سڀ طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن لاءِ ٻولي، اشاره، جهنڊه، يادگار گيتن ۽ لوڪ موسيقي وغيره جهڙا طريقا اثرائتي نموني استعمال ڪري سگهجن ٿا.
پروپئگنڊا اتفاقي عمل نه آهي. پر اهو هڪ اهڙو مسلسل عمل آهي جيڪو ڦيرائي ڦيرائي ان وقت تائين جاري رکيو ويندو آهي، جيستائين گهربل مقصد حاصل نه ٿين. پروپئگنڊا ۾ ڪنهن به بحث مباحثي جي گنجائش نه هوندي آهي ۽ نه وري هن عمل ۾ خيالن جي آزاد ڏي وٺ (Free exchange of Ideas) کي هٿي ڏني ويندي آهي، اهي ٻئي عمل پروپئگنڊا کي نقصان پهچاچيئندا آهن.
پروپئگنڊا ڪدڙ پنهنجي سوچ، خيالن، عقيدي ۽ مقصدن بابت هميشه چٽو هوندو آهي ۽ ڪنهن به قسمجي شڪ ۾ نه هوندو آهي. پروپئگنڊا ڪندڙ جو سمورو توجهه پنهنجي ”نشاني“ تي هوندو آهي، انهي ڪري ئي پروپئگنڊا ڪندڙ کي بند گهٽي (Closed Mind) وارو سڏيو ويندو آهي، جيڪو هر حال ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ هو ڪنهن به متبادل رستي ڏانهن نه ڏسندو آهي.
پروپئگنڊا ڪندڙ ڪنهن به سوال (Issue) تي هڪ رخي تصوير پيش ڪندو آهي. يعني صرف پنهنجي ڳالههڪندو آهي، پر انهيءَ جي مقابلي ۾ ايڊيوڪيٽر يا ترغيب ڏيندڙ (Persuader) معاملي جا ٻئي رخ بيان ڪندو آهي. پروپئگنڊا ڪندڙ جي لغت ۾ ٻيو پاسو يا رخ (Other side) ٿيندو ئي ڪونهي، جنهن کي هو ٻڌي يا پنهنجي ڳالهه سان گڏ هُن جي ڳالهه به ڪري.
پروپئگنڊا ڪندر اهو نه چاهيندو آهي ته پنهنجي پيغام کان سواءِ، ٻڌندڙ، ڏسندڙ يا پڙهندڙ ڪنهن ٻي جو پيغام ٻڌي يا پنهنجي مرضي ۽ ارادي جو پاڻ تعين ڪري، هو چاهيندو آهي ته ٻيا ائين ئي سوچين ۽ ڪن جيئن هي سوچي ٿو يا چاهي ٿو.
پروپئگنڊا ۽ تحريڪ (Agitation) ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ماهرن ٻنهي ۾ فرق ظاهر ڪندي چيو آهي ته پروپئگنڊا پڙهيل ماڻهن جي خاص تعداد کي متاثر ڪندو آهي. هن عمل کي فلسفي، نفسيات، تاريخ ۽ پيش منظر سان سائنسي دليلن ذريعي پيش ڪيو ويندو آهي. ٻئي پاسي تحريڪ (Agitation) ۾ جذباتي نعرا، ڪڏهن به حل نه ٿيندر سوالن کي حل ڪرائڻ جا سکڻا واعدا، اڌ سچ ۽ اڌ وڌاءُ جهڙين ڳالهين کي پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن سان اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل (Illiterate and semi illiterate) طبقو گهڻو متاثر ٿيندو آهي. تحريڪ جو اثر تڪڙو ظاهر ٿيندو آهي، پر اهو گهڻو وقت رهي نه سگهندو آهي، هن جي مقابلي ۾ پروپئگنڊا بابت رد عمل دير سان ظاهر ٿيندو آهي پر هن جا اثر گهڻو وقت هلندا رهندا آهن. ڪن خاص حالتن ۾ پروپئگنڊا جو رد عمل تڪڙو ظاهر ٿيندو آهي، پر اهو پروپئگنڊا ڪندڙ ۽ مخاطب گروهن جي نظڙياتي، ثقافتي ۽ سماجي وابستگي سان مشروط هوندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن پروپئگنڊا جو ابتو اثر (Back fire) به ٿيندو آهي. خاص ڪري انهن حالتن ۾ جڏهن مخاطب گروهن تي اهو ظاهر ٿي پوي ته اسان کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سڄو گروهه يا ان جي اڪثريت پيغام کي قبول نه ڪندي آهي ۽ ان کي رد ڪري ڇڏيندي آهي.ڪن حالتن ۾ گروهه ۽ فرد اڻ ڌريان (Neutral) ٿي ويندا آهن. ڪميونيڪيشن جي رٿابندي ڪندڙ ماهر اڳواٽ ڪو به اندازو نٿا لڳائي سگهن ته پروپئگنڊا مهم جي ڪاميابي ڪيتروسيڪڙو هوندي ۽ ڪيترا ماڻهو هن پيغام کي قبول ڪندا ۽ ڪيترا هن کي رد ڪندا ۽ ڪيترا اڻ ڌريا ٿي ويندا.