ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275834   ڀيرا پڙهيو ويو

موديم جو مختصر تعارف


مٿي موڊيم جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي. ”موڊيم“ ميڊيا جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل اصطلاح آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ وارن جي پٽيءَ ۾ هي ”ج“ اکر وانگر آهي، يعني هو هن اصطلاح کان ايترا واقف آهن، جيترو ڪو الف بي واري پٽي ۾ ”ج“ اکر کان واقف هجي.

ماس ميڊيا ۾ تڪڙين خبرن جي پهچ کي آسان بنائڻ ۾ موڊيم جو خاص ڪردار آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته ماس ڪميونيڪيشن وارن کي هن مشين جي ڄاڻ ڏجي.

لفظي طور ”موڊيم“ ٻن انگريزي اصطلاحن جو مرڪب آهي. هڪ ماڊيوليشن ۽ ٻيو ڊي ماڊيوليشن (Modulation and De-Modulation) انهن ٻنهي اصطلاحن جا شروعاتي اکر ملائي هي اصطلاح گهڙيو ويو آهي، يعني ماڊيوليشن مان ايم ۽ او (Mo) ۽ ڊي ماڊيوليشن مان ڊي ، اي ۽ ايم (Dem) اکر کڻي انهن کي ملايو ويو ته ٿي پيو (Modem) موڊيم. ماڊيوليشن ۽ ڊي ماڊيوليشن جو عمل اڳتي سمجهنداسون.

موڊيم ڪنهن به مائڪرو ڪمپيوٽر جي اليڪٽريڪل پلسز ڊيٽا (Electrical Pulses data) کي ٻي ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. موڊيم کان سواءِ اِها ڊيٽا سنئو ن سڌو نٿي موڪلي سگهجي. موڊيم اهڙي ڊيٽا کي موڪلڻ لاءِ ذريعي (Medium) جو ڪم ڪندو آهي. موڊيم کان سواءِ ڊيٽا جي منتقلي لاءِ ٻيا هارڊ ويئر به استعمال ٿين ٿا، موڊيم ۽ اهڙن ٻين ڪل پرزن کي جيڪي ڊيٽا جي منتقلي جو ڪم ڪن ٿا، انهن کي ”ڊيٽا ڪميونيڪيشن ايڪئپمنٽ“ (Data Communication Equipment) (D.C.E) چيو ويندو آهي.

موڊيم ڪمپيوٽر ۽ ڊيٽا موڪليندڙ سرڪٽ جي وچ ۾ لڳندو آهي، ٽيليفون يعني اينالاگ ذريعي جيڪا به ڊيٽا منتقل ڪبي آهي، انهيءَ لاءِ موڊيم جي ضرورت پوندي آهي.

ڊجيٽل موڊيم ڊجيٽل ڊيٽا منتقل ڪندا آهن. ڊجيٽل موڊيم کي ”سي ايس يو“ يا ”ڊي ايس يو“ چيو ويندو آهي، يعني ”چئنل سروس يونٽ“ يا ”ڊيا سرورس يونٽ“.

موڊيم ڪئين ڪم ڪندو آهي؟ موڊيم کي استعمال ڪرڻ لاءِ پهرين ڪنهن به مائڪرو ڪمپيوٽر جي اليڪٽريڪل ڊيٽا کي هڪ خاص قسم جي سگنل ۾ بدلايو ويندو آهي. جيڪو ڏسي ڪو نه سگهبو آهي، پوءِ هن اليڪٽريڪل سگنل کي ڪنهن ذريعي (Medium) مان گذريو ويندو آهي ۽ اهو ذريعو انهي سگنل کي آساني سان پڙهي وٺندو آهي، ميڊيم جڏهن سگنل پڙهي وٺندو آهي ته پوءِ هن کي هڪ ٻيءَ سگنل ۾ تبديل ڪندو آهي، هاڻ اهو سگنل نه پر ڪيريئر (Carrier) يعني کڻي ويندڙ چورائيندو آهي جيڪو اصل پيغام کڻي اڳين منزل ڏانهن روانو ٿيندو آهي. هن عمل کي ماڊيوليشن (Modulation) چئبو آهي ۽ هن لاءِ گهربل سرڪٽ کي ”ماڊيوليٽر“ چئبو آهي. جڏهن ماڊيوليشن جي مرحلي مان گذريل ڊيٽا يا پيغام ضرورتمند ڪمپيوٽر يا حاصل ڪندڙ ڪمپويٽر وٽ پهچندو آهي ته اهو ساڳيو عمل ابتو ڦرندو آهي. يعني ”ڪيريئر“ کي اليڪٽراني سنگنل ۾ بدلايو ويندو آهي ۽ پوءِ اهو اليڪٽراني سگنل ڪمپيوٽر پڙهي وٺندو آهي، اهو ابتو عمل ڊي ماڊيوليشن چورائيندو آهي ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ سرڪٽ کي ”ڊي ماڊيوليٽر“ چيو ويندو آهي، اهي ٻئي ڪم يعني ماڊيوليشن ۽ ڊي ماڊيوليشن موڊيم سر انجام ڏيندو آهي. ڪمپيوٽر آيل مواد کي پڙهي ان تي ڪم (Work) شروع ڪندو آهي.

موڊيم جا قسم

ڪمپيوٽر مشينن ۾ هن وقت ڪيترن ئي قسمن جا ”موڊيم“ استعمال ٿي رهيا آهن، جن کي ٻارنهن (12) قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. اِهي ٻارنهن قسم هيٺين طرح آهن.

(1) اندريا موڊيم (2) ٻاهريان موڊيم (3) اينالاگ موڊيم (4) ڊجيٽل موڊيم (5) هوشيار موڊيم (6) بوڙا موڊيم (7) آپٽيڪل موڊيم (8) ليزڊ لائين موڊيم (9) سئٽلائٽ موڊيم (10) شارٽ هال موڊيم (11) وائرليس موڊيم (12) ملٽي پرٽ موڊيم.

(1) اندريا موڊيم: بيهڪ جي حساب سان موڊيم ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايل هوندا آهن، جن کي ”انديا موڊيم “ ۽ ”ٻاهريان موڊيم“ چيو ويندو آهي. اندريا موڊيم سرڪٽ بورڊ تي لڳل هوندا آهن، جن کي مدر بورڊ (Mother board) جي سلاٽن مان ڪنهن به هڪ سلاٽ تي لڳايو ويندو آهي. انهن موڊيم کي ”موڊيم ڪارڊ“ چيو ويندو آهي. موڊيم ڪارڊ سيريل پورٽ ذريعي ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ ڊيٽا جي مٽاسٽا ۽ رابطي جو ڪم ڪندا آهن. هي سرشتو عام ٽيليفون لائين سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ هن موڊيم لاءِ بجلي مدر بورڊ کان ايندي آهي، هن لاءِ بجلي جو الڳ ڪنيڪشن گهربل نه هوندو آهي. موڊيم ڪارڊ عمر جي لحاظ کان گهٽ پائدار هوندا آهن.

(2) ٻاهريان موڊيم: هي موڊيم مدر بورڊ جي سرشتي سان جڙي نه سگهندا آهن، انهيءَ ڪري اهي الڳ پيتي جي شڪل ۾ ڪميپوٽر سيٽ جي ڀر ۾ پيا هوندا آهن. هن پيتي کي ٻن پاسن کان سرڪٽ ڏنل هوندا آهن، هڪ پاسي جي سرڪٽ ۾ ڪئبل هڻبي آهي ۽ ٻيو پاسو اينالاگ لاءِ هوندو آهي. ڪئبل هڻبي آهي ۽ ٻيو پاسو اينالاگ لاءِ هوندو آهي. ڪئبل وارو پاسو ڊجيٽل هوندو آهي، جنهن کي ڪمپيوٽر مشين سان ملائبو آهي ۽ اينالاگ وارو پاسو عام ٽيليفون سان ڳنڍبو آهي. پيٽي وارن موڊيمن کي بجلي جو ڪنيڪشن الڳ ڏيڻو پوندو آهي. هن موڊيم تي اٺ ننڍڙيون بتيون لڳل هونديون آهن. جن جي چرپر، موڊيم جي ڪم کي ظاهر ڪندي آهي.

(3) اينالاگ موڊيم: ڪنهن به ڊيٽا کي جڏهن ٽيليفون لائين ذريعي موڪلبو آهي ته ان لاءِ اينالاگ موڊيم جي ضرورت پوندي آهي، ٻاهرين ساخت وارا موڊيم گهڻو ڪري اينالاگ ئي هوندا آهن. اينالاگ موڊيم ڊيٽا جي منتقلي فريڪئنسي ذريعي ڪندا آهن. ڪميپوٽر جي ڊيٽا ٻن ”ڊجٽ“ يعني انگن سان ظاهر ڪئي وئي آهي. هڪ ٻڙي (و) ۽ ٻيو هڪ (1). ٻڙي گهٽ فريڪئنسي لاءِ ۽ هڪ وڌيڪ فريڪئنسيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. موڊيم ڪنهن به ڊيٽا کي ٻڙي يا هڪ جي صورت ۾ وصول ڪندو آهي، جنهن کي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ ”بٽس“ (Bits) چيو ويندو آهي.

موڊيم کي مليل ڪا به ڊيٽا مقدار جي لحاظ کان ماڊيوليشن جي عمل مان گذاري فريڪئنسيءَ جي صورت ۾ ٽيليفون لائين ڏانهن منتقل ٿي ويندي آهي ۽ ائين آيل ڊيٽا جيڪا فريڪئنسي جي شڪل ۾ هوندي آهي، ان کي ڊي ماڊيوليشن جي عمل مان گذاري ڪمپيوٽر ڏانهن موڪليو ويندو آهي.

(4) ڊجيٽل موڊيم: ڊجيٽل موڊيم ڪنهن به ڊيٽا کي ٺيڪ (Accurate) مختصر (Precise) ۽ مضبوط (Strong) بنائڻ لاءِ استعمال ڪبا آهن. ڊجيٽل موڊيم جي اهڙي ڪم (Function) سان، ڊيٽا جي منتقليءَ ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن (Noise) ۽ غلطين (Errors) جي امڪان کي ختم ڪيو ويندو آهي. ڊجيٽل موڊيم خاص ٿيل يا موڪلڻ واري ڊيٽا کي ڇاڻيندا (Filter) آهن ۽ ان ڊيٽا جي سگنلز کي صحيح صورت ڏيندا آهن، بجليءَ جي مداخلت کي روڪيندا آهن ۽ انهن سگنلز کي نئون روپ (Reshaping) ڏيندا آهن. هن عمل سان پيغام تڪڙا ۽ صحيح طرح منتقل ٿي سگهندا آهن. هي موڊيم آواز کي به ڊجيٽل صورت ڏئي ان کي ٻئي پاسي منتقل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪنهن به ڊيٽا کي هڪ کان وڌيڪ چئنلن تي موڪلي سگهن ٿا.

(5) ذهين موڊيم: هي موڊيم ڏنل هدايتن (Commands) موجب ٺيڪ ٺيڪ ڪم ڪندا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي اڙي نه ڪندا آهن. اهڙي موڊيم کي ڪي بورڊ ذريعي هدايتون ڏبيون آهن. هي موڊيم هاڻ عام استعمال ٿين ٿا. ڊجيٽل ٽيليفون بوٿ تي ڪمپيوٽرن ۾ اهڙا موڊيم لڳل هوندا آهن. هي موڊيم، فون ڊائل ڪرڻ واري ڪمانڊ حاصل ڪري گهربل ٽيليفون نمبر ملائي ڏيندا آهن. هن موڊيم ذريعي اي ميل ۽ انٽرنيٽ سرفنگ جو ڪم به ڪيو ويندو آهي.

(6) ٻوڙا موڊيم: هنن موڊيمن کي اشارن سان هلائي سگهبو آهي، ڇو جو هي ڪنهن به سافٽ ويئر جي هدايت ڪو نه ٻڌندا آهن، يا ٻڌي اڻ ٻڌي ڪيو ڇڏين. اهو انهيءَ ڪري جو انهيءَ سافٽ ويئر جي هديت هنن کي سمجهه ۾ ئي ڪا نه اچي. انهيءَ ڪري هنن جي رفتار وڌائڻ ۽ ٻين سهولتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اهڙن موڊيمن کي هٿن سان (Mannully) هلائڻو پوندو آهي. هي موڊيم استعمال ڪرڻ لاءِ عام ”سئچ“ استعمال ڪبا آهن ۽ ٽيليفون نمبر به ٽيليفون سيٽ تان ڊائل ڪبو اهي، هن ذهين موڊيم وانگر پاڻمرادو فون نمبر ڊائل ڪري نه سگهندا آهن.

(7) آپٽيڪل موڊيم: آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ ذريعي جيڪا ڊيٽا منتقل ٿيندي آهي، انهيءَ لاءِ آپريٽڪل موڊيم جي ضرورت پوندي آهي. آپٽيڪل موڊيم برقي ڊيٽا جا سگنل روشنيءَ جي شعائن ۾ تبديل ڪندا آهن، اهي ماڊيوليٽ ٿيل شعا آپٽيڪل ڪئبل ذريعي منزل تي پهچندا آهن ۽ اتي لڳل ٻيو آپٽيڪل موڊيم شعائن کي برقي ڊيٽا جي صورت ۾ ڊي ماڊيوليٽ ڪندو آهي ۽ پوءِ ڪمپيوٽر ڏانهن موڪليندو آهي. اهڙا موڊيم ليزر ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا آهن.

(8) ليزڊ لائين موڊيم: ليزرڊ لائين يعني ڪا گهڻي پر مقرر عرصي لاءِ ورتل ٽيليفون لائين ذريعي هي موڊيم مستقل ڪم ڪندا رهندا آهن. هن سرشتي ۾ ڊجيٽل موڊيم ۽ اينالاگ موڊيم ٻئي استعمال ٿيندا آهن ۽ انهن کي هڪ ”سئچ“ سان گڏ پيتي ۾ بند ڪري ٽيليفون لائين سان ملائي ڇڏبو آهي. ٻنهي پاسن جا ڪمپيوٽر انهيءَ طريقي سان هن لائين ذريعي هميشه پاڻ ۾ جڙيل رهندا آهن، جيڪي ڪا به ڊيٽا ڪيڏي مهل به حاصل ڪري يا موڪلي سگهندا آهن. هي موڊيم انٽرنيٽ جي مستقل رابطي لاءِ گهڻا ڪارائتا رهيا آهن. هن موڊيمن ذريعي اوهان هر گهڙي آن لائين رهي سگهو ٿا.

(9) سيٽلائٽ موڊيم: هي موڊيم ٻين جي مقابلي ۾ تيز رفتار هوندا آهن، جيڪي ”سئٽلائٽ براڊ ڪاسٽنگ نيٽ ورڪ“ سان جڙيل هوندا آهن. هن موڊيم يعني پرزي (Device) ذريعي ڊيٽا کي سئٽلائٽ سگنل ۾ ماڊيوليٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اهي سگنل آسمان ۾ موجود سئٽلائٽ وصول ڪندا آهن ۽ مذڪوره سئٽلائٽ انهن سگنلن کي ٽاور اينٽينا ڏانهن موڪليندا آهن. اهي ڊجيٽل سگنل هوندا آهن، جيڪي ٽاور اينٽينا ذريعي مذڪوره موڊيم وٽ پهچندا آهن ۽ موڊيم انهن کي ڊي ماڊيوليٽ ڪري ڳنڍيل ڪمپيوٽر ڏانهن وڌيڪ ڪم لاءِ موڪليندا آهن. ڊجيٽل ٽي وي رسيور يا ڊيڪوڊر ۾ به اهو سرشتو ڪم ڪندو آهي. جيڪو سئٽلائٽ سگنلن کي اليڪٽراني سگنل ۾ تبديل ڪري ٽي وي ڏانهن موڪليندو آهي ۽ائين اسان اسڪرين تي سڄي دنيا جا سئٽلائٽ چئنل ڏسي ۽ ٻڌي سگهندا آهيون.

(10) شارٽ هال موڊيم: هي موڊيم ننڍي مفاصلي تي ڪمپيوٽرن کي ڳنڍڻ ۽ ڊيٽا جي مٽاسٽا لاءِ استعمال ٿيندا آهن. اهو ڳانڍاپو تار نيٽ ورڪ ذريعي هوندو آهي. ڪنهن به وڏي بلڊنگ ۽ ڪئمپس وغيره ۾ اهڙا موڊيم استعمال ٿيندا آهن. ٽن سون فٽن تائين هي موڊيم 9600 BPS جي حساب سان ڊيٽا منتقل ڪري سگهندا آهن. هي موڊيم اٺن ڪلوميٽرن تائين جو علائقو سنڀالي سگهن ٿا، پر ايتري مفاصلي تي رفتار ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي آهي ۽ اهي صرف ٻارنهن سو بٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا منتقل ڪري سگهندا آهن. هن سرشتي کي ”ڪرنٽ لوپ سرڪٽ“ به چئبو آهي.

(11) وائرليس موڊيم: استعمال جي لحاظ کان هي موڊيم سستا هوندا آهن، هنن جو احظو توڙي جو وڏو نه هوندو آهي، پر هڪ دفعو لڳائڻ کان پوءِ ڊيٽا جي منتقلي بنا پئسي ٿيندي رهندي آهي. هي موڊيم چاليهه ڪلوميٽرن تان ڪم ڪري سگهندا آهن. هن موڊيم لاءِ ڪنهن به وجائيندڙ (Repeater) جي ضرورت نه پوندي آهي. هنن موڊيمن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي کي ”اسپريڊ اسپيڪٽرم“ چئبو آهي.

(12) ملٽي پورٽ موڊيم: هي موڊيم هڪ ئي وقت گهڻين لائينن تي ڪم ڪري سگهندا آهن. انهيءَ ڪري هي موڊيم گهڻو ڪري ”لوڪل انٽرنيٽ سروس“ وارا استعمال ڪندا آهن. هي موڊيم انٽرنيٽ سروس مهيا ڪندڙ ادارن جي سرور ۽ اسان جي ڪمپويٽر وچ ۾ ڳانڍاپي (Connectivity) جو ڪم ڪندا آهن. اهڙي هڪ موڊيم کي اٺن کان سورنهن لائينن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

سئٽلائٽ ٽيڪنالاجي

سئٽلائيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال گلوبلائيزيشن جو حصو آهي ۽ هن ٽيڪنالاجي ذريعي سڄي دنيا کي ڳنڍيو ويو آهي، ٻيو طريقو ڪئبل جو آهي، يعني فائبر آپٽيڪل ڪئبل جنهن سان پڻ دنيا کي ڳنڍيو ويو آهي.

زمين جي هن گولي تي چوڏس نشرياتي رابطي لاءِ يا ڪنهن جاسوسي جي ڪم لاءِ يا ٽيليفون ۽موبائل فون جي استعمال لاءِ هن ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪيو ويندو آهي. سئٽلائٽ آسمان ۾ هڪ ورجائيندڙ (Repeater) آهي، جيڪو پنهنجي ”رينج“ مان ايندڙ ڪنهن به سگنل کي حاصل ڪري، ان کي ٽپي ٽوڪي تيار واپس زمين ڏانهن موڪلي ٿو.

سئٽلائٽ کي زمين جي مدار ۾ موڪليو ويندو آهي، جيڪو زمين سان گڏ مدار ۾ پيو ڦرندو آهي، پر انهيءَ جي رفتار اهڙي نموني بيهاري ويندي آهي جو گردش دؤران نه ته هو مقرر هنڌ کان اڳتي نڪري ويندوآهي ۽ نه وري پوئتي رهجي ويندو آهي. جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته جيڪر اسان سئٽلائٽ چئنل مسلسل نه ڏسي سگهون. اهي سئٽلائٽ مدار ۾ ساڪن هوندا آهن ۽ صرف زمين سان گڏ گردش ڪندا آهن. اهڙي مدار کي انگريزيءَ ۾ جيئو اسٽيشنري آربٽ (Geo stationary arbit) چيو ويندو آهي.

سئٽلائٽ کي خط استويٰ يعني زمين جي فرضي وچين ليڪ يا رستي تان آسمان ۾ ڇڏبو آهي. وڏا سئٽلائٽ سج جي روشنيءَ مان بجلي حاصل ڪندا آهن ۽ ان بجليءَ تي ئي انهن جو گذارو هوندو، هن لاءِ سئٽلائٽن ۾ سولر سيل لڳايا ويندا آهن. زمين جي سڄي گولي جو احاطو ڪرڻ لاءِ ٽن وڏن سئٽلائٽن جي ضرورت پوي ٿي. ڇو جو زمين جو گولو 360 ڊگري آهي. انهيءَ حساب سان 120 ڊگريءَ جو احاطو سنڀالڻ لاءِ هڪ سئٽلائٽ گهرجي. ۽ سڄي گولي لاءِ ٽي سئٽلائٽ درڪار هوندا آهن. زمين گول هئڻ باوجود اتر ۽ ڏکڻ قطبن کان پوري گول ڪانهي، پر انهن هنڌن تي ڳُهٻ (Indent) اٿس، انهيءَ ڪري اهي حصا سنڀالڻ لاءِ الڳ سئٽلائٽ ڇڏيا ويندا آهن.

وڏن سئٽلائٽن کان پوءِ وچين درجي جي سئٽلائٽن جو دؤر آيو. هي نبستاً گهٽ فاصلي تي مدار ۾ بيهاريا ويندا آهن، هنن جو زمين کان مفاصلو پنج هزار ڪلوميٽرن کان ٻارنهن هزار ڪلوميٽر هوندو آهي. انهن جو مدار ”ميڊيم ارٿ آربٽ“ چورائبو آهي.

سجي زمين جي احاطي لاءِ وچين درجي وارا ڏهه سئٽلائيٽ گهربل هوندا آهن. انهن ڏهن سئٽلائٽن کان سواءِ هنن سان گڏ واڌو سئٽلائٽ به موڪليا ويندا آهن. جيڪي ڪنهن به سئٽلائٽ جي خراب ٿيڻ تي جلد ان جي جاءِ والاريندا آهن ۽ ائين ڪنهن به قسم جي رابطي ۾ رڪاوٽ نه ايندي اهي. هي سئٽلائٽ ”ميئو سئٽلائٽ“ چورائيندا آهن. هن سئٽلائٽن ذريعي موبائل فون ۽ عام فون کان سواءِ عالمي بئنڪنگ نظام ماسٽر ڪارڊ ۽ ويزا ڪارڊن وغيره جو استعمال به ٿيندو آهي.

وڏن سئٽلائيٽن جي مقابلي ۾ هي سئٽلائٽ گهڻو ڪري ڪنهن به رڪاوٽ (Barrier To Communication) کان پاڪ هوندا آهن. وڏن سئٽلائٽن ۾ رڪاوٽ اسان ٽي وي نشريات يا ٽيليفون جي آواز مان لڳائي سگهون ٿا. ٽي وي نشڙيات ڪڏهن رڪجي رڪجي ايندي آهي يا آواز ۽ تصوير ۾ ربط جي گهٽتائي پيدا ٿي ويندي آهي. يعني آواز ۽ چپن جي حرڪت کي ملائبو ته آواز اڳ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ وات جي حرڪت پوءِ محسوس ٿيندي يا ٽيليفون جو آواز ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو کوهه مان پيو ڳالهائي يا پڙاڏي وانگر رڪجي رڪجي آواز ايندو آهي. پر وچين مفاصلي وارن هنن سئٽلائيٽن جي استعمال سان اهڙي ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ٿيندي آهي. ٽيان سئٽلائٽ مدار ۾ اڄ به گهٽ مفاصلي تي ڇڏيا ويندا آهن. زمين کان انهن جو مفاصلو پندرنهن سو ڪلوميٽرن تئاين هوندو آهي. هنن کي ”ليئوسئٽلائٽ“ چئبو آهي. هن قسم جا سئٽلائيٽ استعمال ۾ پهرين ٻنهي قسمن کان سستا آهن، هنن سئٽلائٽن کي آواز، ڊيٽا، پيجنگ، فئڪس، وڊيو ۽ گرافڪس يعني خاڪن جي منتقلي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي ننڍي مفاصلي وارا سئٽلائٽ ئي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ انقلابي تبديلين جو سبب بڻيا آهن. هنن سئٽلائٽن جي ڪري ئي هڪ نمبر وارا سئٽلائٽ موبائل فون وجود ۾ آيا يعني اوهان کي هڪ نمبر ملندو جيڪو اوهان سڄي دنيا ۾ هر هنڌ استعمال ڪري سگهو ٿا. هنن سئٽلائٽن ذريعي هاڻ جهر جهنگ ۾ ”وائرليس ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي“ سان اسان انٽرنيٽ به استعمال ڪري سگهون ٿا. هي سئٽلائيٽ ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان تمام سٺا آهن.

فائبر آپٽڪ ڪئبل

فائبر آپٽڪ جديد ٽيڪنالاجي آهي، جنهن جي مدد سان تيار ٿيل ڪئبل ذريعي ڊيٽا جي تڪڙي مٽاسٽا ٿيندي آهي.

هنن لفظن جو سنڌي ۾ ترجمو هن طرح ٿيندو: فائبر (Fiber) يعني ڌاڳو يا تاندورو ۽آپٽڪ (Optic) معنيٰ روشني، پر اُها روشني جيڪا انسانن توڙي جانورن جي اک استعمال ڪري ٿي ۽ ڏسڻ جو عمل وجود ۾ اچي ٿو. اک ۽ دماغ جي وچ ۾ جيڪو رابطو ٿئي ٿو، اهو فائبر آپٽڪ ڪئبل ذريعي ٿئي ٿو ۽ اِها ڌڻي تعاليٰ جي تيار ڪيل ڪئبل آهي. هو بهوانهيءَ سرشتي جو نقل، انسان طرفان ڪيل فائبر آپٽڪل ٽيڪنالاجي آهي. انساني اک جيڪو ڏسي ٿي اهو روشنيءَ جي شعائن ذريعي دماغ ڏانهن منتقل ٿئي ٿو ۽ دماغ انهن ڪرڻن کي ڊي ماڊيوليشن جي عمل سان پرکي فيصلو ڪري ٿو ته ڇا ڏٺو ويو ۽ اهو سرشتو ايترو ته تيزي سان ڪم ڪري ٿو جو ڏسڻ واري کي احساس ئي نه ٿيندو آهي ته اک جي ڏسڻ ۽ سگنلن جي فائيبر آپٽيڪل ڪئبل ذريعي دماغـ تائين پهچڻ ۽ دماغ طرفان فيصلي ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو.

فائبر آپٽيڪل ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ڪيل ڪئبل ۽ ان تي موڪليل پيغام ۽ آپٽيڪل ڪئبل سان جڙيل موڊيم ۽ ڪمپيوٽر به ائين ئي ڪم ڪندا آهن جيئن مٿي اک ۽ دماغ وچ ۾ رابطي جو ذڪر ڪيو  ويو.

فائيبر آپٽڪ ڪئبل ذيعي ڪنهن به ڊيٽا کي موڪلڻ لاءِ ان ڊيٽا کي موڊيوليشن جي عمل مان گذاري روشنيءَ جي ڪرڻن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. هن لاءِ جيڪا ڪئبل استعمال ٿئي ٿي، اها هڪ خاص تار آهي، جنهن ڪنهن ڌاتو بجآءِ هڪ خاص قسم جو شيشو استعمال ٿيل هوندو آهي. روشنيءَ جي صورت ۾ تبديل ڪيل ڊيٽا انهيءَ شيشيءَ جي تار مان ڪرڻن جي صورت ۾ گذري ٿي. فائبر آپٽڪ ڪئبل جي ٻنهي پاسن کان آپٽيڪل موڊيم لڳايا ويندا آهن. جيڪي ڊيٽا جي برقي لهرن کي ماڊيوليشن ۽ ڊي ماڊيوليشن جي عمل مان گذاريندا آهن. هڪ ڪئبل ۾ ڪيتريون ئي تازون گڏ ڪيون وينديون آهن. هن ڪئبل ۾ انهن تارن جو تعداد 24 کان 144 تان هوندو آهي.

هن ڪئبل ۾ جيڪو شيشو استعمال ٿيندو آهي، اهو عام شيشيءَ وانگر سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ مان ٺاهڻ بجاءِ ٽن عنصرن لٿيم، ٿوريم ۽ ليوٽيسيم مان تيار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ شيشي کي ”هلائپڊ گلاس“ چيو ويندو آهي. فائبر آپٽڪ ڪئبل ذريعي ڪنهن به ڊيٽا کي ٽي هزار ست سو (3700)  ڪلوميٽرن تان بنا ڪنهن ورجائيندڙ (Repeater) يا وڌائيندڙ (Amplifier) جي پهچائي سگهجي ٿو ۽ هن ڪئبل تي انهيءَ ڊيٽا جي رفتار هڪ سو کرب بٽس في سيڪنڊ هوندي آهي. ايڏي تيز رفتاري سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو هي واحد ذريعو آهي. سئٽلائٽ فيڪئنسي ۽ مائڪرو فريڪئنسي کان هي رفتار ڏهه هزار دفعا وڌيڪ تيز آهي.

هن ڪئبل ۾ مقرر مفاصلي يعني 3700 ڪلوميٽرن کان پوءِ ورجائيندڙ يا وڌائيندڙ (Repeater or Amplifier) استعمال ٿيندا آهن. اڄ سڄي دنيا ۾ هنن ڪئبلن کي ٽيليفون، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ جي رابطن کان سواءِ اي بئنڪنگ ۽ اي ڪامرس لاءِ به استعمال ڪيو يوندو. هن ڪئبل جي ساخت سٺي رکي وئي آهي ۽ هن کي سمنڊن جي تهن ۾ به وڇايو وڃي ٿو.

مائڪرو ويو ٽرانسميشن

مائڪرو ويو جي سنڌيءَ ۾ معنٰ ٿي ننڍڙيون لهرون. هي ننڍڙيون لهرون اهي ريڊيائي لهرون آهن، جن جي فريڪئنسي 1GHZ کان وڌيڪ هوندي آهي. هنن کي مائڪرو ويو به انهي ڪري چيو ويو آهي، جو انهن لهرن جي ڊيگهه گهٽ هوندي آهي.

اسان هن ٽيڪڪنالاجي ذريعي ريڊئي جي نشڙيات کان سواءِ ٻي به ڊيٽا منتقل ڪري سگهون ٿا. مائڪرو ويو ذريعي ڪنهن به ڊيٽا کي موڪلڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ٽاور اينٽينائن جي ضرورت پوي ٿي، اهي ٽاور اينٽينائون هڪٻئي کي سگنل ڏينديون ۽ وٺنديون رهنديون آهن. اهي ٽاور هڪٻئي جي سِڌ ۾ ۽ مقرر فاصلي تي هنيا ويندا آهن، جن سان سگنل پوانٽ – ٽو پوانٽ ڪميونيڪيشن (Point – to Point – Communication) ذريعي سفر ڪندا رهندا آهن. انهن ٽاورن جي وچ ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وئي ته لهرون منتشر ٿي وينديون ۽ لهرن جو سفر ختم ٿي ويندو. اهڙن ٽاورن ۾ گهڻو ڪري ٽي شيون رڪاوٽ وجهنديون آهن. وڏا وڏا جبل، وڏيون وڏيون عمارتون ۽ وڏا گهاٽا وڻ به رڪاوٽ جو سبب بڻبا آهن. ٻن ٽاورن جي وچ ۾ گهڻو ڪري مفاصلو ٽيهه ڪلوميٽر هوندو آهي. هڪ ٽاور کان موڪليل ڊيٽا اهو مفاصلو بنا ڪنهن وجائيندڙ جي طئي ڪري سگهندي آهي، جيڪڏهن مفاصلو وڌائڻو آهي ته ورجائيندڙ جي ضرورت پوندي يا بوسٽر لڳائڻا پوندا آهن. هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ سگنل جي منتقليءَ جو ڪم ٽرانسيور (Transceiver) ڪندا آهن. جيڪي ٽاور جي چوٽيءَ ۾ هنيا ويندا آهن. ٽرانسيور ٻن لفظن مان نڪتل هڪ نئون لفظ آهي. هڪ لفظ آهي ٽرانسميٽر (Transmitter) ۽ ٻيو رسيو (Receiver)، انهن لَظن جا پهريان اڌحصا کڻي پاڻ ۾ ملائي هي لفظ تيار ڪيو ويو آهي. هي ٽيڪنالاجي ٻي ڪنهن به ٽيڪنالاجي يعني سئٽلائٽ يا فائيبر آپٽڪ کان گهڻي سستي آهي. هي سرشتو قئام ڪرڻ لاءِ حڪومتون لائيسن به جاري ڪنديون آهن، موبائل فون ڪمپنيون اجازت نامي کان پوءِ هن ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجي سرس شروع ڪنديون آهن. هن ٽيڪنالاجي ذريعي آواز سان گڏ تصويرون ۽ خاڪا وغيره به آساني سان منتقل ٿي سگهن ٿا.

اڳي هنن ٽاورن ۾ لڳل پراڻي سرشتي ۾ ڊيٽا چوري ٿيڻ جو خطرو موجود هو، يعني لڳل ٽاور جي سڌ ۾ ڪو ٻيو ٽاور هڻي ڊيٽا چرائي سگهبي هئي، البته هاڻ ان ۾ سڌارو ڪري اهڙي چوري واري عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

سافٽ ويئر جي دنيا

انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان جيتريون به مشينون استعمال ٿين ٿيون. انهن کي اسان هارڊ ويئر چئون ٿا، پر اِهي هارڊ ويئر ايستائين صرف بت آهن جيستائين انهن ۾ سافٽ ويئر جو روح نه وڌو وڃي. جڏهن اسان ڪنهن ڪمپيوٽر مشين ۾ سافٽ ويئر داخل ڪندا آهيون، تڏهن اها ڪم ڪرڻ شروع ڪندي آهي. ڊجيٽل روبوٽ هجي يا ڪمپيوٽر، اي ٽي ايم مشين هجي يا موبائل فون اهي مشينون پنهنجي نفس يعني سافٽ ويئر مطابق ڪم ڪنديون آهن. توڙي جو انهن جو روح ۽ کين ڏنل هدايتون انسان جون طئي ڪيل هونديون آهن. پر اهي مشيون ڪيترن ئي ڪمن ۾ رڳو انسان جون محتاج نه هونديون آهن. بلڪه هاڻ انسان انهن جو محتاج ٿي پيو آهي.

هن باب جي شروع وارن عنوانن ۾ پاڻ پڙهي آياسون ته انفرميشن ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد طاقتور ملڪن جي بالادستي قائم ڪرڻ هو. سافٽ ويئر جي ڪهاڻي به ڪا ان کان مختلف ڪانهي. ان جو بنيادي به فوجي بالادستي آهي. اسان هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو جيڪو عام استعمال ڏسون ٿا، اهو انهي بنيادي ۽ اصل مقصد جو واڌو فائدو آهي ۽ يقيناً اهو فائدو سڀ امير غريب ملڪن پنهنجي اهليت ۽ وسيلن مطابق حاصل ڪري رهيا آهن.

سڌريل ملڪن جو ٻيو وڏو مقصد فردي قوت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هو، يعني هڪ ته انهن لاءِ ماڻهو جي بين الاقوامي لڏپلاڻ جو مسئلو هو ۽ اڃا به آهي. جنهن جو بار انهن مير ملڪن تي پئجي رهيو هو ۽ ان لڏپلاڻ جو وڏو سبب امير ملڪن جي اقتصادي ترقي ۽ صنعتي انقلاب هو، جنهن جي دام ۽ غريب ملڪن جا ماڻهو ڦاٿا ۽ اڃا به ڦاسي رهيا آهن. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مزدورن جي اهڙي گهرج کي گهٽائڻ شروع ڪيو. سڌريل ملڪن غير ملڪي مزدورن جي آبادڪاري يا ان بهاني اتي آباد ٿيڻ وارين ڪوششن کي روڪڻ لاءِ صنعتن ۾ وسيع پئماني تي هن ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال شروع ڪيو، هاڻ ڏهن ويهن ماڻهن جي جاءِ تي هڪ ڪمپيوٽر ڪم ڪرڻ لڳو آهي. ڪارن جي ڪارخانن ۾ ڊجيٽل روبورٽ استعمال ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي گاڏيون ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. هن ٽيڪنالاجي هڪ پروفيسر کي هڪ ئي وقت هڪ لک شاگردن کي پڙهائڻ آسان ڪري ڇڏيو آهي، هن ٽيڪنالاجي جي ڪري ورچوئل ايڊيوڪيشن ۽ ورچوئل يونيورسٽين جو بيناد پيو آهي. سڄي بئنڪ جو ڪم صرف هڪ اي ٽي ايم مشين ڪرڻ لڳي آهي. بل پيارڻ، روڪ رقم جمع ڪرائڻ، پئسا، ٻئي کاتي يا ٻي بئنڪ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ ويندي ٻئي ملڪ ڏانهن موڪلڻ، سرڪاري آفيسن جا چالان ڀرڻ ۽ شاگردن جون فيون جمع ڪرائڻ اهو سمورو ڪم هڪ مشين ڪري رهي آهي.

سڌريل ملڪن ۾ اوهان ڪوچن، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي ٽڪيٽ لاءِ اڳواٽ رزويشن يا بڪنگ به انٽرنيٽ ۽ فون ذريعي ڪري سگهون ٿا ۽ اڳيان اوهان جو ڪم اُڪلائڻ وارو ڪو ماڻهو ڪونهي، پر هڪ ڪمپيوٽر آهي.

سافٽ ويئر جو بنياد ڪهڙو آهي ؟ ۽ اهو ڪيئن ٿو ڪم ڪري” سافٽ ويئر جو بنياد ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر هوندو آهي ۽ ان مطابق ڪي بورڊ سيٽ ڪبو آهي ته جيئن اندر رکيل اکر مطلوب اکرن يا ڊيٽا موجب اسڪرين تي ظاهر ٿيندا رهن.

شروع ۾ ڊيٽا جي مشهور ڪمپيوٽر ڪمپنين جا ڪمپيوٽر هڪ ٻي سان گالهائي نه سگهندا هئا، اهوانهي ڪري جو اهي مختلف ذاتين ۽ ٻولين وارا هئا، ڄڻ ته هڪ ٿري هو ۽ ٻيو بروهي، هاڻ ٻئي هڪٻئي جي ٻولي ڪيئن سمجهن!! اهڙي طرح هڪ خاص ماڊل وارو ڪمپيوٽر ٻي ماڊل جي ٻولي نه سمجهي سگهندو هو. ”ايپل ميڪنٽوش“ جو مواد ”آءِ بي ايم“ تي اچي نه سگهندو هو ۽ ”ايپريڪونس“ جو مواد ”امسٽريڊ“ پڙهي نه پيو سگهي. اهوانهيءَ ڪري جو هر ڪمپنيءَ جو سافٽ ويئر ۽ ان ۾ استعمال ٿيل ڪوڊنگ يعني ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر ۽ ڪي بورڊ جي بيهڪ الڳ هوندي هئي. تنهن ڪري هنن الڳ الڳ ٻولي پئي ڳالهائي ۽ هڪٻئي جي ٻولي نه ٻڌي ۽ نه پئي سمجهي.

اهڙي بنياد تي بيٺل ڪمپيوٽرن کي ڪنهن به انٽرنئشنل نيٽ ورڪ تي ڳنڍڻ به مناسب نه هو ۽ خاص ڳالهه جيڪا طاقتور ملڪن جي گهرج هئي ته هن سرشتي سان هنن جنهن غير ملڪي حساس ڊيٽا تائين پهچڻ پئي چاهيو اهو ممڪن نه هو.

انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ فوراً سوچيو ويو ته ڇو نه هڪ اهڙو ڪوڊ متعارف ڪرائجي جنهن کي دنيا جو هر ڪمپيوٽر پڙهي سگهي ۽ ان مطابق ڪم ڪري سگهي ۽ ائين ٿيڻ سان غير ملڪي دفاعي ۽ ٻي حساس ڊيٽا تائين پهچڻ سولو به هو.

مائڪرو سافٽ ويئر ڪمپني دنيا جي مشهور هڪ آمريڪن ڪمپني آهي، جيڪا ونڊوز يعني ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر دريون ٺاهيند آهي ۽ هن وقت هر ڪمپيوٽر تقريباً اهي دريون استعمال ڪري ٿو. 2000ع تائين مائڪرو سافٽ ويئر جيڪي به دريون ٺاهيون، اهي خاص آمريڪي يا انگريزي ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر جي بيناد تي تيار ڪيون ويون هيون ۽ جڏهن ڪا اهڙي ڊيٽا، جنهن جي ڪمپيوٽر ٻولي (يعني جيئن ”جاوا“ وغيره) الڳ هجي ۽ اُها اڳ ڪوڊ پليٽ جي بنياد تي تيار ٿي هجي ته اها منتقل ڪرڻ سان ئي اڳيون ڪمپيوٽر وائڙو ٿي ويندو هو ۽ ان ڊيٽا کي اُهو ڪمپيوٽر صرف چوڪور ننڍڙن باڪسن ۾ ظاهر ڪندو هو ۽ اصل ڊيٽا جي خبر ڪا نه پوندي هئي.

هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ آمريڪي ادار ۽ ماهرن عالمي ڪوڊپليٽ (Universal code plate) جو تصور پيش ڪيو. هن تصور کي بنياد بڻائي مائڪرو سافٽ ويئر ڪمپني فوراً ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ هو جلد هڪ يونيورسل ڪوڊ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ پوءِ هنن 2000ع جو ونڊو ورشن ۽ ان کان پوءِ (XP) ايڪس پي سيريز جون دريون ”يوني ڪوڊ سپورٽيڊ“ ٺاهڻ شروع ڪيون. يعني انهن درين ۾ دنيا جون اهي سموريون ٻوليون قبول ٿي ڪيون جيڪي يوني ڪوڊ پليٽ ۾ رکيون ويون هيون.

هن ڪوڊ سان انٽرنيٽ جو استعمال به آسان ٿي پيو. هاڻ يوني ڪوڊ پليٽ ۾ هر داخل ڪيل ٻول ”ٽيڪسٽ فارم“ يني لکجي اچڻ لڳي ۽ ”اميج فارم“ يعني ڪنهن لکت وغيره آهي سڪين ڪري منتقل ڪرڻ يا پنهنجي لاءِ استعمال ڪرڻ وارو جڳاڙي ڪم گهڻو ڪري ختم ٿي ويو، ٽيڪسٽ فارم سان نه صرف ڪمپيوٽرن جي ڪم ۾ تيزي آئي پر هن بنياد تي هر ان ٻوليءَ ۾ اي ميل موڪلڻ، ويب سائٽ جوڙڻ ۽ ڪنهن به سافٽ ويئر تي ڪم ڪرڻ آسان ٿي پيو، جيڪا يوني ڪوڊ ۾ داخل ٿي چڪي هئي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر

جيئن اڳي پڙهي آياسون ته يوني ڪوڊ جو مقصد فوجي بالادستي هو ته جيئن ڪنهن به ملڪ جي حساس ڊيٽا تائين پهچ آسان ٿي پوي. يوني ڪوڊ ٺهي وڇڻ سان هاڻ طاقتور ملڪ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سپر ڪمپيوٽرن جي مدد سان ڪنهن به ملڪ جي حساس ڊيٽا چوري ڪري ٿي سگهيا، اهي ملڪ دفاعي ڪمپيوٽرن جي ڊيٽا ايٽمي لئبارٽرين جي ڪمپيوٽر لئب جي ڊيٽا ۽ ڊيٽا بئنڪ ۾ پيل حساس مخفي مواد به حاصل ڪري پئي سگهيا.

يوني ڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به جاءِ ملي ۽ فارسي خط يعني اردو به ان ۾ شامل ٿي. سنڌي جا سمورا پراڻا ۽ نوان اکر بنا ڪنهن ترتيب جي ڪوڊ پليت ۾ داخل ڪيا ويا ۽ انهن جو ڪو ڪوئليشن آرڊر به نه هو. اها سنڌي ٻولي جي حادثاتي ڪاميابي هئي، اسان کي يوني ڪوڊ ۾ جاءِ وٺي ڏيڻ واري عربي ٻولي هئي. هن کان اڳاسان ايپل ۽ آءِ بي ايم کي صرف ڪمپوزنگ لاءِ استعمال پئي ڪيو ۽ اهو به عربي ٻولي جي ڪوڊ پليٽ ۾ ڪي جڳاڙ ڪري اسان ڪم ٽپايو هو. پر ان بنياد تي اسان سافٽ ويئر جي دنيا ۾ شامل ٿي نه پئي سگهياسون.

سنڌي لئنگويج اٿارٽي ان وقت يعني 2000ع ۾ انهيءَ حادثاتي ڪاميابي کي غنيمت سمجهيو، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ان وقت اٿارٽيءَ جو چيئرمئن هو، جنهن جي بصيرت ۽ محنت سان ”يوني ڪوڊ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترتيب قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. خوشقسمتي سان ڪمپيوٽر ماهر ماجد ڀرڳڙي آمريڪا ۾ ئي موجود هو، جنهن سصان فوراً رابطو ڪيو ويو، اٿارٽي اڳ۾ ئي مائڪرو سافٽ ويئر ڪمپني کي هن سلسلي ۾ خط به لکيو هو ۽ ڪمپني ان خط جي موٽ ۾ مدد جي پڪ ڏياري هئي. هن کان اڳ ماجد ڀرڳڙي صاحب پنهنجي ليکي به مائڪرو سافٽ ويئر ڪمپني سان رابطو ڪيو هو پر انهن اهو چئي کيس جواب ڏئي ڇڏيو هو ته ڪمپني ڪنهن فرد کي انفرادي طور ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، پر جيڪڏهن پاڪستان ۾ حڪومت يا ڪو حڪومتي ادارو، اوهان کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ۽ ”اختياري خط“ به ڏئي ته اوهان کي ڪوڊ پليٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ هم ڪار بڻائي سگهجي ٿو. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ اهڙو ”اختياري خط“ ماجد ڀرڳڙي ۽ مائڪرو سافٽ ويئر ڪمپنيءَ کي ڏياري موڪليو ۽ ائين يوني ڪوڊ ۾ سنڌي کي صحيح حالت ۾ آندو ويو ۽ ان جو ڪوئيليشن آرڊر به تيار ڪيو ويو ۽ اٿارٽيءَ طرفان هڪ معيار فونٽ به چونڊي ڏنو ويو. هاڻ اسان ڪنهن به ”يوني ڪوڊ بيسڊ“ ونڊو تان سنڌي لکي پئي سگهياسون. بنيادي ڪم مڪمل ٿيو پر اڃا فنشنگ ٺاهه ٺوهه جو ڪم باقي رهيل هو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جو اٿارٽي ۾ مدو پورو ٿي ويو. پوءِ انفرادي طور ماجد ڀرڳڙي اهو ڪم پورو ڪيو. پر جنهن انداز ۾ اٿارٽي جي مشاور سان اهو ڪم ٿي رهيو هو اهو سلسلو باقي نه رهيو.

”نئشنل ڪوڊ پليٽ“: ”يوني ڪوڊ“ ٺهڻ کان پوءِ ٻين ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به اها سوچ پيدا ٿي ته پنهنجي حساس ڊيٽا ۽ حساس ادارن جي ڪمپيوٽر لئبن ۽ ڊيٽا بئنڪن لاءِ اهڙي ڪوڊ پليٽ تيار ڪجي، جيڪا ڪنهن به ملڪ يا فرد جي پهچ کان پري هجي، جنهن سان نه صرف حساس ڊيٽا کي چوري ٿيڻ کان بچائجي، پر ڪمپيوٽر جي سافٽ ويئر کي ڌاڙو هندڙ (هئڪرز) به ان ۾ داخل ٿينه سگهن ۽ هن ڊيٽا ۽ نظام کي ڪو ٻيو نقصان به نه پهچائي سگهن. اهڙي ڪم لاءِ حڪومت پاڪستان طرفان ”نادرا“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن کي سڄي ملڪ جي حساس ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ کان سواءِ ڪي اهڙا سافٽ ويئر جوڙڻ لاءِ چيو ويو جن سان ٻين ملڪي ادارن کي به فائدو پهچي. ”نادرا“ جڏهن قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ اليڪشن ڪميشن جي سهڪار سان ووٽر لسٽن لاءِ ڪم شروع ڪيو تهشروع ۾ سنڌيءَ جو ان ۾ ڪو به ذڪر نه هو. يعني سنڌي ماڻهن کي هن کان اڳ، جيڪي قومي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌي ۾ ٺهي ملندا هئا، اهي هاڻ نئين نظام ۾ متروڪ ٿي وڃڻا هئا. نوان ڪارڊ اردو ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ ساڳي وقت ووٽر لسٽون به سنڌي بجاءِ اردو ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ڇو جو اردوءَ جو سافٽ ويئر انهن ٻنهي ڪمن لاءِ تيار هو.

”نادرا“ ۽ ”مقتدره قومي زبان“ اسلام آباد انهيءَ رٿا تي گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ ائين ”قومي ڪوڊ پليٽ“ اردوءَ جي بيناد تي تيار ڪئي وئي، ڪوئليشن آرڊر ۽ ڪي بورڊ جي جوڙجڪ به ٻنهي ادارن جي سهڪار سان اردو ۾ مڪمل ٿي چڪي هئي.

اردو ۾ ڪارڊ ٺاهڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن جو رد عمل فطري هو، سنڌي ماڻهن طرفان هر پليٽ فارم تان اها گهر ڪئي پئي وئي ته جيئن اڳي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ ٺاهيون ٿي ويون، ائين ڪمپيوٽري ڪارڊ ۽ لسٽون به سنڌي ۾ ٺاهيون وڃن. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پنهنجو فرض سمجهندي هن مسئلي تي نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ۽ سنڌي ماڻهن جو مطالبو ان خط ۾ ورجايو ويو ته انهن کي اڳي وانگر پنهجي ٻولي ۾ ڪارڊ ملن ۽ ووٽر لسٽون بهانهيءَ ٻولي ۾ ٺهڻ گهرجن، خط ۾ اهو به لکيو ويو ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي هر ممڪن ٽيڪنيڪل ۽ ٻي ضروري مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن خط جي ڪاپي اخبارون کي به جاري ڪئي وئي. اها 2000ع جي پڇاڙي ۽ 2001عجي شروعات هئي ۽ ڊاڪٽر غلان علي الانا اٿارٽيءَ جو چيئرمئن هو. اٿارٽيءَ جي خط جي جواب ۾ ”نادرا“ ۽”اليڪشن ڪميشن“ اٿارٽيءَ سان رابطا ڪيا ۽ پنهنجا بااختيار آفيسر اٿارٽيءَ ڏانهن موڪليا. هن سلسلي ۾ اٿارٽيءَ ۾ هڪ مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ اٿارٽيءَ جي آفيسرن کان سواءِ ٻاهريان ڪمپيوٽر ماهر به شامل هئا. ”نادرا“ ۽ ”اليڪشن ڪميشن“ سان ٿيل گڏجاڻيون ڪامياب ويون ۽ ٻنهي ادارن اٿارٽيءَ جي مؤقف کي مڃي وتو. ”نادرا“ طرفان سنڌي ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر جي گهر ڪئي وئي ته جيئن ان بنياد تي سنڌيءَ جو سافٽ ويئر جوڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪارڊ جاري ڪري سگهجن ۽ گڏوگڏ اها ڊيٽا محفوظ ۽ منتقل ٿڻ جوڳي به هجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي مختصر عرصي ۾ سنڌي ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوليشن آرڊر تيار ڪري ورتو، هن سلسلي ۾ مقتدره قومي زبان اسلام آباد جي اردو انفرميشن شعبي جي انچارج آتش دُراني سان به گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ مدد ورتي وئي. معياري سنڌي ڪوڊپليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر جو خاڪو ”نادرا“ جي حوالي ڪيو ويو. نادرا وارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن کي ”ووٽر لسٽن جي تڪڙي ضرورت هئي، جو بلدياتي اليڪشن ۾ باقي ڪو مهينو هو ۽ ايتري ٿوري عرصي ۾ سڄي سنڌ جون ووٽر لسٽون سنڌي ۾ اردو ۾ گڏي تيار ڪرڻ هڪ چئليج هو. سنڌي لئنگويج اٿارٽي اهو چئلينج قبول ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي آڇ ڏني ته اهو ڪم اٿارٽي مقرر وقت اندر ڪري سگهي ٿي. هن ڏس ۾ اٿارٽيءَ طرفان سڀ ٽيڪنيڪل بندوبست به ڪيا ويا. اٿارٽيءَ جي لئب کان سواءِ ٻاهر موجود ڪمپوزنگ گروپ سان به رابطا ڪيا ويا. روزاني ”عبرت“ حيدرآباد جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر جناب قاصي اسد عابد پاڻ ڊاڪٽر الانا صاحب کي فون ڪري ”عبرت گروپ آف پبلڪيشنز“ جي سڄي ڪمپوزنگ لئيب حوالي ڪرڻ جي آڇڪئي. مٿان سرڪار طرفان سيڪريٽري ڪلچر، جناب عبدالحميد آخوند اٿارٽيءَ کان اِها پڪ ورتي ته ڇا هو ايتري مختصر عرصي ۾ ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندي؟ جنهن کي پڻ اعتماد ۽ ٽيم ورڪ واري جذبي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ هائوڪار ڪئي وئي. بهرحال پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان اهي ووٽرلسٽون پنهنجي طور ٺهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪميشن طرفان انهن ۾ سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ داخلائون شامل ڪرڻ جي پڪ ڏياري وئي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. ٻي طرف ”نادرا“ سنڌي ڪوڊ پليٽ ۽ ڪوئليشن آرڊر جي بنياد تي سافٽ ويئر تير ڪري سڃاڻپڪارڊ جا ڪچا خاڪا اٿارٽيءَ کي تصديق لاءِ ڏياري موڪليا، سائين تاج جويو ان وقت اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري هو، جيڪو هر ڪم وانگر هن سڄي ڪم ۾ به اڳيان اڳيان هو ۽ هن آيل خاڪن ۾ ٻولي ۽ ڍانچي جون ضروري درستيون ڪري خاڪا واپس ”نادرا“ کي موڪلي ڏنا ۽ ائين نادرا سنڌي ماڻهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ شروع ڪيا.

سافٽ ويئر جو ڪاروبار

سافٽ ويئر جو ڪاروبار هن وقت دنيا جي وڏن ڪاروبارن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ انڊيا هن وقت پيش پيش آهي. انڊيا مان نڪرندڙ اخبار ”دي اڪانامڪس ٽائيمز“ (The Economic Times) جي 8 جولاءِ 1996ع واري شماري ۾ هڪ جدول ڏني وئي هئي، جنهن ۾ انڊيا جي ڏهن وڏين ڪمپنين کي ڳڻايو ويو هو جيڪي سافٽ ويئر ايڪسپورٽ ڪن ٿيون، 1998ع ۽ 1999ع ۾ انڊيا جي مجموعي سافٽ ويئر ايڪسپوٽ ٻه هزار پنج سو ملين آمريڪن ڊالر هئي.

هن وقت انڊيا ۾ دنيا جي ڏهن وڏين ڪمپنين، پنهنجا سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪيا آهن. انهن ۾ موٽورولا، آءِ بي ايم ۽ مائڪرو سافٽ بهشامل آهن. پاڪستان ۾ ته اسان 2000ع کان پوءِ وڃي سوچيو هو ته هن پاسي به توجهه ڏجي، پر اسان جي مجموعي سافٽ ويئر ايڪسپورٽ ڪجهه سو ملين کان اڳتي ٽپي نه سگهي آهي. اسان جون يونيورسٽيون جيڪي پروفيشنل پيدا ڪري رهيون آهن، انهن جو معيار ايترو نهآهي، جيڪو انڊيا جو معيار آهي. انڊيا هر سال 55 هزار پروفيشنل پيدا ڪري رهيو آهي، جيڪو رڳو سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي جا ماهر آهن. جنهن ۾ هڪ سؤ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارا به شامل آهن.

هزارين نوجوان انڊيا ۾ ويهي آمريڪا ۽ يورپ کي سافٽ ويئر ٺاهي ڏين ٿا، اهي پرديسي نوجوان انهن ملڪن کي سستا پون ٿا، اهڙي نوڪري کي ”باڊي شاپنگ“ (Body Shopping) چيو وڃي ٿو.

سنڌي جي نج سنڌي يونيورسٽين جو حال ڪهڙو آهي؟ اسان سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪهڙا ڪم ڪيا آهن ۽ حڪومتي ادارن جو ڪهڙو حالآهي؟ زمينن جا انگريزي دؤر وارا رڪارڊ پوين پسان ۾ آهن، نئين رڪارڊ، نقشن ۽فارمن کي جنم ڏيڻ وارو ڪو ڪونهي. اهي ڪڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيندا؟ ڪڏهن اسان جي يونيورسٽين جو شاگرد پنهنجي في اي ٽي ايم ذريعي جمع ڪرائيندا. ڪڏهن اسان ٽئڪس اي بئنڪنگ ذريعي ادا ڪري سگهنداسيون؟ ڪڏهن اسان جو نوجوان آمريڪا جي ڪنهن ڊاڪٽر يا ”فرم“ کي پنهنجي گهران سافٽ ويئر تيار ڪري موڪليندو ۽ سرڪاري نوڪري پويان ڪشتو کڻي نه ڊوڙندو؟ تپيدار جي موڪليل ڍل۽ پڙتال ڪڏهن ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڏسي سگهبي؟ اهي سڀ سوال حڪومت ۽ يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن کان پڇيا ويا آهن. وقت ڪافي نڪري ويو آهي، هاڻ اسان کي وڏيون ٻلاهانگهون ڏئي اڳتي وڌڻو آهي. (Leapfrog in to the age of Information) جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين ته گهڻو پوئتي رهجي وينداسون.

مددي ڪتاب جي فهرست

(1) David Clark and William Blankendurg “you and Media Mass Communication and Society” New York, canfield press, 1973.

(2) Kusum singh Gandhi and mao as mass communicators, ann Arbor, India, 1978.

(3) Wilbur Schramm “Mass Media and Natinal Development” Stanford university press, 1964.

(4) J.S Yadava and A.Mohnof “Advertising and social responsibility” Volume one, IIMC, New Delhi, 1982.

(5) Mansell, Robin “The New Tele Communications a political economy of network Evolution” London sage, 1993.

(6) David Crowley and David Mitchell “Communication theory today” Combridge polity press, 1994.

(7) Denis Mcquail “mass Communication theory; an Introduction” sage 1994.

(8) Patrice flichy “Dynamics of Modern Communication” New Delhi, Sage, 1995.

(9) Martin, William J “the Global Information society” London, Gower, 1995.

(10) الانا غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ. 1996ع.

(11) لغاري امين، ميمڻ سعيد ”جديد صحافت“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع.

(12) دلشاد ڪنور محمد“ ذرائع ابلاغ اور تحقيقي طريقي“ مقتدره قومي زبان، اسلام آباد، 1999ع.

(13) دلشاد ڪنور محمد ”اشتهار“ مقتدره قومي زبان، اسلام آباد 1991ع.