ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275774   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پنجون -- عملي صحافت


هن ڪتاب ۾ صحافت کي اسان ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ ”عملي صحافت“ (Professional Journalism)  ۽ ٻي ”اختياري صحافت“ (Personal Journalism) عملي صحافت مان مراد اُها صحافت آهي، جنهن لاءِ عامل صحافي ڪم ڪندا هجن، صحافت جون مختلف صنفون به انهيءَ حساب سان الڳ ڪيون ويون آهن ۽ ”اختيار صحافت“ مان مراد اها صحافت آهي، جيڪا جز وقتي (Part time) هجي ۽ عام طور تي اهي صنفون عامل صحافي کان سواءِ ڪو ٻيو لکڻ وارو به لکي سگهي. اختياري صحافت بابت اڳئين باب ۾ بحث ڪنداسون. هن باب ۾ عملي صحافت تي بحث ٿيندو. صحافت ڇا آهي؟ هن بحث ۾ پوڻ کان اڳ لفظ ”صحافت“ جو جائزو وٺون ته اهو ڪٿان آيو. هي لفظ بنيادي طور تي عربي ٻولي جو آهي. جنهن جو ڌاتو ”صحت“ آهي، يعني چاڪ چڱو ڀلو ۽ تندرست نوبنو، انگريزيءَ ۾ صحافت لاءِ ”جنرلزم“ لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ٻن لفظن ”جنرل“ ۽ ”ازم“ جو مرڪب آهي. جنرل ڪاغذن جي ٿهي کي چئبوآهي ۽ ”ازم“ انگريزي ٻوليءَ جي هڪ ”پڇاڙي“ آهي، جيڪا ”فعل“ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.

صحافت جي شروعات صحيفن کان شروع ٿي، جڏهن حاڪمن ۽ بادشاهن پنهنجن عملدارن ڏانهن تازن ۽ تڪڙن حڪمن کي پهچائڻ لاءِ انهن کي استعمال ڪيو. هر ”صحيفو“ نئين خبر هوندو هو ۽ جيڪي نوان حڪم ۽ شريعتون اڳين نبين ڏانهن موڪليون ويون، اهي به ”صحيفا“ سڏجن ٿيون، جو انهن ۾ به نئين ڄاڻ هوندي هئي.

لفظ ”خبر“ به عربي ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪا نئين ڳالهه ۽ ڄاڻ آهي. اخبار ”خبر“ جو جمع اهي، جنهن جي معنيٰ ٿي، گهڻيون خبرون يا گهڻي ڄاڻ واريون ڳالهيون.

اطلاع مان اسان جي مراد به ڪنهن ڄاڻ جو حاصل ٿيڻ ئي آهي يا اها ڄاڻ، جيڪا ڪنهن تحقيق، تعليم يا هدايتن سان حاصل ٿي هجي.

”صحافت“ مان اسان جي مراد ڪنهن تازي واقعي بابت مواد حاصل ڪرڻ يا موڪلڻ ۽ ان کي ايڊٽ ڪري، ڪنهن نيوز ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ آهي.

”صحافت“ ڄاڻ، تعليم ۽ عوام کي صحيح دڳ سان لائڻ يا ان بابت ڏس ڏيڻ جو نالو آهي. صحافت کي سماجي علمن جو هڪ اهم ايڪو (Unit) چيو ويو آي ۽ خبر کي ان جو لازمي خبر (port) سڏيو ويو آهي.

هر اُها لکڻي جيڪا ڪنهن اخبار يا مئگزين لاءِ لکي وڃي ان کي صحافت ۾ شمار ڪيو ويو آهي. اُن ڄاڻ جي ذريعي کي به ماهر ”صحافت“ ٿا، جيڪا ڄان هڪ وهڪري وانگر اخبارن ۽ رسالن ذريعي عوام تائين پهچي ٿي.

ويبسٽر انٽرنئشنل ڊڪشنري جي ٽئين ڇاپي ۾ ”جنرلزم“ يعني صحافت جي معنيٰ ۾ لکيو ويو آهي ته ”جديد واقعن جي انهيءَ مواد کي صحافت چئبو آهي جيڪو گڏ ڪري ايڊٽنگ کان پوءِ ڇپائي لاءِ يا نشر ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي.“چئمبر ويهين صدي واري ڊڪشنريءَ جي ڇاپي ۾ صحافت لاءِ لکيل آهي ته ”هڪ اهڙو فن ۽ علم، جيڪو لکت ۾ عوامي رسالن ۾ ڪم آندو وڃي.“۽ جنرلزم جي معنيٰ ۾ ڄاڻايل آهي ته هي لفظ ”جنرل“ ڌاتو مان جڙيو آهي. جنهن جي معنيٰ ”روزنامچو“ آهي، يعني اهڙو رجسٽر يا ڊائري، جنهن ۾ هر روز ڪجهه نه ڪجهه لکيو وڃي. ”جنرل“ لفظ انهن مئگزينن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، جيڪي طئي ٿيل وقفي سان جاري ٿيندا هجن.

هر شعور رکندڙ انسان فطري طرح ڪنهن نئين ڄاڻ ۽ خبر لاءِ اڻ تڻ ۽ جستجو جو مادو رکي ٿو. هر انسان فطري طرح هڪ ”جانچوس“ آهي. اِها جانچ ۽ جانچوسي، هو پنهنجي جبلتي تسڪين لاءِ ڪندوآهي. هي اجرتي يا ڪنهن کي نفعي يا نقصان پهچائڻ واري جانچوسي ڪانهي. هر انسان ڄاڻڻ چاهيندو آهي ته هن جي اوسي پاسي ڇا پيو ٿئي. هو پنهنجي اک، ڪن ۽ هٿ جي استعمال سان ٿيندڙ جانچوسي لاءِ پاڻ خودمختيار هوندو آهي. هي اوسي پاسي واري جنهن شئي کي چاهي ڏسي، ٻڌي ۽ هٿ سان ڇهي محسوس ڪري ۽ ان بابت باخبر رهي. پر جيڪي واقعا ۽ شيون هن جي اک، ڪن ۽ هٿ جي ڇهاءُ کان پري آهن، انهن جي ڄاڻ لاءِ ڪنهن ٻي ذريعي کي استعمال ڪندو آهي، پوءِ اهو ڪو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو، ڪنهن ڪبوتر جي ٽنگ ۾ ٻڌل ڪا چٺي ۽ خط به ٿي سگهي ٿو، اخبار، مئگزين، ريڊيو، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ به ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيا اهي سڀ جديد ذريعا جن سان ڄان حاصل ٿي سگهي ۽ جيڪي هن انسان جي فطري ضرورت لاءِ ايجاد ڪيا ويا آهن. هاڻ انهن ذريعي جي معرفت جيڪا به ڄاڻ انسان کي ملي ٿي اُها ”صحافت“ آهي ۽ اهڙي ڄاڻ گڏ ڪندڙ ”صحافي“ چورائيندا آهن.

صحافت جي تاريخ

صحافت جي تاريخ پرنٽنگ پريس جي تاريخ سان گڏ شروع ٿئي ٿي. ائين سمجهڻ گهرجي ته جنهن ڏينهن پرنٽنگ پريس جو بنياد پيو، ان ڏينهن صحافت جو به بنياد پيو. اڳ وارا صحيفا قلمي هوندا هئا، انهي ڪري جديد صحافت جي اوسر پريس سان جوڙي وئي آهي. جيئن جيئن پرنٽنگ پيس ترقي ڪندي وئي، صحافت به گڏ گڏ ترقي ڪندي وئي. چين وارن پهرين پريس ايجاد ڪئي ۽ ڇپائيءَ جي فن کي دنيا ۾ متعارف ڪايو. انهن پهرين حرڪي پريس ايجاد ڪئي، ”حرڪي“ مان مراد حرڪت ڪندڙ آهي ۽ گڏوگڏ انهي پريس لاءِ ڪاغذ به ٺهڻ شروع ٿي، يعني ڪاغذ تيار ڪندڙ به چين وارا ئي آهن. اسان کي يورپ وارن ٻڌايو آهي ته حرڪي پريس ايجاد ڪرڻ وارا اهي آهن ۽ جان گٽنبرگ جرمن پهريون يورپي هو، جنهن اِها پريس ايجاد ڪئي ۽ ائين صحافت جي اوسر به انهن وٽان يعني يورپ مان شروع ٿي آهي، پر ائين نه آهي، يورپ جي پريس 15 صدي عيسوي ۾ ڪم شروع ڪيو هو. پر چين وارن هن کان گهڻو ڳ پريس ايجاد ڪري ورتي هئي. تاريخ جي اهم ڪتاب ”دنيا جي تاريخ“ (World History) ۾ لکيل آهي ته چين 868ع ۾ دنيا جو پهريون ڪتاب ڇاپيو هو ۽ دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي اخبار به چائنا جي ”ڪورٽ گزيٽ“ کي چيو وڃي ٿو. هي اخبار چين جي پراڻي شهر ”پيپنگ“ مان شايع ٿي هئي.

(الف) ڇپائيءَ جي ارتقا: ڇپائيءَ جو فن چي کان يورپ ويو چينين نائين ۽ يارهين صدي جي وچ ڌاري ٽائيپ ايجاد ڪئي. يورپ ۾ چوڏهين صدي تائين ٽائيپ جو وجود ئي ڪو نه هو.15 صدي عيسوي ۾ جان گٽنبرگ، جرمني جي شهر مئنز (Mainz) ۾ حرڪي ٽائيپ ايجاد ڪئي. گٽنبرگ ڌنڌي جي حوالي سان سونارو هو. يورپ ۾ پريس جي ارتقا اتان شروع ٿئي ٿي. گٽنبرگ ٽائيپ سان گڏ مس به ايجاد ڪئي، جيڪا انهي ٽائيپ ۾ استعمال ٿيندي هئي. هن نئين ٽائيپ ڪاٺ جي انهن بلاڪن جي جاءِ ورتي جيڪي هن کان اڳ ڇپائيءَ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. انهن باڪن کي اسان جي ”ڇر“ واري فن سان تعمير ڪري سگهجي ٿو، اهو ڪم پهرين سنڌ ۾ شروع ٿيو هو، جنهن سان اجرڪ تيار ٿي، هن کان اڳ اجرڪ کي ”نيرولي“ چيو ويندو هو، جڏهن عرب سنڌ ۾ آيا تهانهن جڏهن هن ڪپڙي جو نالو مقامي ماڻهن کان پڇيو ته انهن ”نيرولي“ ٻڌايو، جيڪو عربن کي سمجهه ۾ نه آيو. ڪاروباري عربن هن ڪپڙي جي خاص نيرن رنگن جي نسبت سان هن کي ”ازرق“ سڏڻ شروع ڪيو. ”ج“ ۽ ”ز“ اکرن جو هڪٻئيءَ سان ادغام عربيءَ ۾ به آهي ۽ سنڌيءَ ۾ به آهي. پوءِ ”ز“ جي جاءِ تي ”ج“ آيو ۽ انهي ڦيري سان عربن وٽ هي چادر ”اجرڪ“ سڏجڻ لڳي. فاتح قومن جو مفتوح علائقن جي ڪاروبار تي به قبضو هوندو آهي.

بهرحال جرمني وارن يورپ ۾ پريس جو بنياد وڌو، هي پريس يا ٽائيپ ڪنهن ڪاروباري مقصد لاءِ ايجاد نه ڪئي وئي هئي ۽ نه وري ان وقت هن جو مقصد اخبار يا ڪو ٻيو اهڙو مواد ڇاپڻ هو. هي ٽائيپ خالص مذهبي ڪتاب يعني ”بائيبل“ کي وڏي تعداد ۾ ڇاپي ورهائڻ لاءِ ايجاد ٿي.

1456ع ۾ گٽنبرگ هن ٽائيپ جي مدد سان بائيبل جون 300 ڪاپيون ڇاپيون. اٽلي عيسائيت جو مرڪز هو ۽ اڄ به ”ويٽيڪن سٽي“ جي صورت ۾ اڻ سڌي طرح اٽليءَ ئي عيسائيت جو مرڪز آهي. اتي مذهبي مواد ڇاپڻ لاءِ گٽنبرگ جي پريس جو وڏي پئماني تي استعمال ٿيڻ لڳو. ”وينس“ شهر يورپ ۾ ڇپائيءَ جو مرڪز بڻجي ويو. مذهبي ڪتابن ڇاپڻ ڪري، ڇپائي جي عمل ۽ پريس کي حڪومت ۽ چرچ جي پوري پٺڀرائي ۽سرپرستي حاصل هئي.

انگلينڊ ۾ پهرين پريس لڳائڻ وارو ”ڪيٽن“ هو هي پريس 1476ع ۾ ”ويسٽمنسٽر“ جي شهر ۾ قائم ٿي. هي انگريزي ٻوليءَ جو پهريون ڇاپ هو. هن کان اڳ يورپ ۾ رومن ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپجي ريها هئا. انهيءَ کانپوءِ دنيا جي سڀني اهم ڪاروباري مرڪزن ۾ پريس ۽ ڇپائيءَ جو ڪو عام ٿيڻ لڳو. يورپ جي انهيءَ اساسي دؤر جون بليٽنون، پمفليٽ ۽ پروپئگنڊا لاءِ ڇپيل ٻيو مواد اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. اهو مواد گهڻو ڪري ڀتين تي چنبڙايو ويندو هو. ان وقت جا شاهي فرمان ۽ اطلاع به ڇاپي ڀتين تي يا عوامي هندن جي خاص پٿرن تي هنيا ويندا هئا.

ان دؤر ۾ بادشاهه پنهنجن ديوانن مان لکت ۾ فرمان به جاري ڪندا هئا، اهي لکت وارا فرمان گهڻو ڪري جانچوسن ۽ سرڪاري ڪارندن لاءِ هدايت ناما هوندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ ئي اخبار نويس پيدا ٿيا، جيڪي پنهنجن شهرن ۽علائقن جون خبرون لکي ڏورانهن هنڌن ڏانهن موڪليندا هئا. انهن لکڻين جي نتيجي ۾ پهريون دفعو ”نيوز ليٽر“ هڪ اداري جي شڪل ۾ سامهون آيا. بريصغير ۾ مغل شهنشاهت ۾ فرمانن جو سلسلو به لڳ ڀڳ انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو، اهي فرمان مختلف رياستن جي گورنرن ڏانهن موڪليا ويندا.

(ب) اخبارن جي ارتقا: 16 صدي عيسوي جي وچ ڌاري يورپ ۾ صبح وارين اخبارن جو رواج پئجي چڪو هو. انهن اخبارن ۾ گهڻو ڪري اشتهار ۽ ڪاروباري سلسلي جو مواد ڏنو ويندو هو. انهن اخبار کي ”نيوز بڪ“ چيو ويندو هو. بعد ۾ نيوز ليٽر به جاري ٿيڻ لڳا. نيوز ليٽر ڪاروباري خبرن سان گڏ سياسي خبرون به ڏيڻ لڳا. 1560ع ۾ جرمني ۽ سئيزرلينڊ جي ڪن شهرن مان ”سيريل نمبر- نيوز شيٽر“ جاري ٿيڻ لڳيون. 1609ع ۾ ٻه نيوز شيٽون جاري ٿيون، هڪ ”آويزا“ (Arisa) جرمنيءَ مان ۽ ٻي ريلشنز (Relations) اسٽار برگ مان شروع ٿي. هي نيوز شيٽون باقاعدگي سان پنهنجا شمارا جاري ڪرڻ لڳيون. 1668ع ڌاري انگريزي ٻوليءَ جون هفتيوار اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون. اهڙي طرح ڊچ، جرمن ۽ فرانسيسي ٻولين ۾ به هفتوار اخبارن جو سلسلو شروع ٿي ويو، انهن اخبارن جومرڪز هالينڊ هو. 1621ع ۾ خانگي اخبارن جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. پهرين خانگي اخبار ”ڪارنٽو“ (Coranto) انگلينڊ مان جاري ٿي.

1660ع کان 1665ع تائين يعني پنجن سالن ۾ هفتيوار نيوز شيٽن جي اشاعت تمام گهڻي وڌي وئي. 1965ع ۾ ”اوڪسفرڊ گزيٽ“ جاري ٿي، جنهن جو نالو بعد ۾ ”لنڊن گزيٽ“ رکيو ويو. هي گزيٽ هفتي ۾ ٻه دفعا جار ٿيڻ لڳي.

پهرين روزاني اخبار ”دي ڊيلي ڪارنٽو“ انگلينڊ مان 1702ع ۾ جاري ٿي. هي ان وقت جي مڪمل اخبار هئي. آمريڪا جي پهرين اخبار ”پبلڪ اڪيو رينسز: بوٿ فارڍن ائنڊ ڊوميسٽڪ“ 1690ع ۾ جاري ٿي، هن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ برطانيا جو انگريز صحافي ”بئنجمن هئرس“ هو. هي ڪنهن مسئلي مان جان ڇڏائڻ لاءِ انگلينڊ مان آمريڪا ڀڄي ويو هو. جان ڪمپيبل پهريون آمريڪي هو، جنهن ”بوسٽن نيوز ليٽر“ نالي اخبار شروع ڪئي. هي اخبار 1704ع ۾ جاري ٿي. آمريڪا جي ٻي روزاني اخبار ”پئننسيجلوينيا“ هئي، جنهن جو پهريون شمارو 1783ع ۾ شروع ٿيو، پهرين روسي اخبار 1703ع ۾ جاري ٿي.

برٽش انڊيا ۾ پهرين پرنٽنگ پريس جئسوٽ 1550ع ۾ آندي. هي عيسائي مبلغ هو. هن هي پريس عيسائي عقيدن جي پرچار لاءِ استعمال ڪئي ۽ جنهن ۾ هڪ ئي وقت پرچوگيز، تامل ۽ ملائلم ٻولين ۾ مذهبي مواد ڇاپيو ويندو هو.

باقاعدي ڪنهن اخباري اشاعت لاءِ پهرين ڪوشش وليم بولٽ ڪئي هئي. ڪلڪتي ۾ هن جر رهائش هئي، اتان هن اِها ڪوشش ڪئي هئي. پر حقيقت ۾ ڪلڪتي مان نڪرندڙ پهرين اخبار ”بنگال گزيٽ“ هئي. هن اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر جي اي هائڪي هو. هن اخبار جا چار صفحا هئا، جيڪي ليگل سائيز جا هئا. هن اخبار ۾ گهڻو ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمن ۽ عملدارن جون ذاتي ۽ ڳجهيون خبرون شايع ٿينديون هيون.

ميسنڪ ۽ ريڊ ”انڊيا گزيٽ“ جي نالي سان هڪ ٻي اخبار ڪلڪتي مان شروع ڪئي. 1784ع ۾ ”ڪلڪتا گزيٽ“ جاري ٿ ي. 1785ع ۾ رچڊ جانسن مدراس مان ”مدراس ڪوريئر“ جاري ڪئي. بمبئيءَ مان پهرين شايع ٿيندڙ اخبار جو نالو ”بمبئيءَ هيرالڊ“ هو. هي اخبار 1789ع ۾ جاري ٿي. اهي سڀ اخبارون انگريزي پروپئگنڊا جو حصو هيون ۽ انگريزن ئي جاري ڪيون هيون. اهي انگريزي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ کان ڪن ڳالهين تي ناراض هئا. ان وقت انهن اخبارن جي سرڪيوليشن ٻن سون تائين هئي، انهي ڪري جو انگريزي پڙهڻ وارا صرف پرڏيهي هئا ۽ هندستان جي ڪن خاص رياستن تي انهن جي حڪومت هئي. انگريزي ڪامورن پنهنجي نسل جي انهيءَ باغي ٽولي جي اخبارن کي روڪڻ شروع ڪيو. هندستان ۾ انهيءَ دؤر ۾ پابندي ۽ سنسر شپ جي شروعات ٿي هئي. سرڪاري اخبارن ۾ گهڻو ڪري انگلينڊ جي پارليمينٽ، برٽش آرمي ۽ انگلينڊ ۾ شروع ٿيندڙ وڏن وڏن ترقياتي منصوبن جون خبرون ڇپبيون هيون. مذڪوره اخبارن جي ٿوري حصي ۾ انڊين سرڪار جي ڳون آفيسرن جون سرڪاري سرگرمين شايع ٿينديون هيون. هن اخبار ۾ انگلينڊ کان ايندڙ خط، يورپ ۽ چين جون ڪي خاص خاص خبرون به شايع ٿينديون هيون.

جيئن جيئن صحافت ترقي ڪئي ته اخبارن ۾ به نواڻ اچڻ لڳي، انهن ۾ ايڊيٽر ڏانهن خط، فيشن جون اخبارون ۽ پرڪشش اشتهار شايع ٿيڻ لڳا.

هندستان جي مقامي ٻولين جي پهرين اخبار گجراتي ٻوليءَ ۾ شايع ٿي. هن اخبار جو نالو ”بمبئي سماچار“ هو، هي اخبار 1832ع ۾ بمبئيءَ مان نڪت هئي.

صحافت جا بنيادي ڪم

ڪو زمانو هو، جو اسان رڳو اخبار يا رسالي کي صحافت ۾ شمار ڪندا هئاسين ۽ اڄ به صحافت جو نالو ايندي ئي اسان جي سامهون اخبار يا رسالو تري ايندو آهي. پر هن وقت صحافت وڌي ۽وسيع ٿي چڪي آهي. اِها پراڻي تصور واري صحافت هاڻ هن جديد دؤر ۾ ٽن اهم قسمن ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ اخبار ۽ رسالن واري صحافت (News paper and Magazines Journalism) ٻي ريڊئي ۽ ٽي وي واري صحافت (Radio and TV Journalism) ۽ ٽين آن لائين صحافت (Online Journalism) يا ڊجيٽل جنرلزم (Digital Journalism) يعني انٽرنيٽ تي هلندڙ صحافت، ٽڪنيڪ جي لحاظ کان صحافت جي انهن ٽنهي قسمن ۾ فرق آهي، پر ڪم جي لحاظ کان سڀئي برابر آهن، جيڪو ڪم اخباري صحافت جو آهي، اهو ئي ڪم ريڊئي ٽي وي جنرلزم ۽ ڊجيٽل يا اليڪٽرانڪ جنرلزم جو آهي. اخبار ۽ رسالي واري جنرلزم کي اسان ”پريس“ به چوندا آهيون.

صحافتي ڪم سماج، ثقافت، تعليم ۽ اطلاعاتي فلسفي جواحاطو ڪري ٿو. جڏهن صحافت پريس تائين محدود هئي ته هن جا ٻه ڪم اهم ڄاڻايا ويا، هڪ اطلاع ڏيڻ ۽ ٻيو سماجي قدرن ۽ روين کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن لاءِ ڪو نئون رخ مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ پوءِ آهستي آهستي صحافت ۾ تفريح مهيا ڪرڻ ۽ اشتهار شايع ڪرڻ جو ڪم به شامل ٿي ويو ۽ انهن کي به اوتري ئي اهميت ملڻ لڳي. جيتري اطلاعاتي خبرن کي ملڻ لڳي هئي. اڄ جي جديد صحافت لاءِ پنجن بنيادي ڪمن کي اهميت ڏني وڃي ٿي. يعني هن وقت صحافت جا پنج اهم ڪم آهن، انهن ۾ پهريون خبرون پهچائڻ، ٻيو ڄاڻ ڏئي تربيت ڪرڻ، ٽيون سماجي روين کي متاثر ڪرڻ چوٿون تفريح مهيا ڪرڻ ۽ پنجون اشتهارن ذريعي سماج ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ.

(1) خبرون پهچائڻ: عوام تائين خبرون پهچائڻ صحافت جو بنيادي ۽ اهم ڪم آهي. اسان ڪنهن اخبار يا نيوز چئنل جو ”خبرن“ کان سواءِ تصور به نٿاڪري سگهون. اخبار هجي ۽ خبرون نه هجن ائين ٿي نٿو سگهي. جنهن يوز چئنل تان خبرون نشر نه ٿيون ٿين تهاهو يوز چئنل ئي نه آهي. انسان هڪ سماجي جانور آهي، پر هن جانور کي سوچ سمجهه ۽ ڳالهائڻ جي ڏات مليلآهي. هي ڏات هن کي ٻي مخلوق کان اتم بڻائي ٿي. ڪو به انسان سماج کان ٻاهر نٿو رهي سگهي، هي سماج سان آهي ۽ سماج هن سان آهي. اهڙي نموني هر انسان ۾ جستجو جي حس به موجود آهي، هي فطري طور ڪنهن نئين ڳالهه بابت ڄاڻڻ چاهيندو آهي. انهيءَ جستجو جو ئي نتيجوآهي، جو انسان پنهنجي نسل جي ٻين فردن سان خيالن ۽ ڳالهين جي مٽاسٽا ڪري ٿو. انساني حقن ۾ ”ڄاڻڻ“ جو حق به بنيادي حق قرار ڏنل آهي. اهو هن جو بنيادي حق آهي ته جنهن سماج ۾ رهي ٿو، ان بابت ڄاڻي ته اتي ڇا وهي واپري رهيو آهي. اها هن جي بنيادي ضرورت آهي، جيئن جيئن انساني سماج ترقي ڪئي، انسان جي ڄاڻڻ واري ضرورت به ائين ائين وڌندي وئي. انساني سماج ۾ هر روز اهڙا واقعا ٿيڻ لڳا، جن کي ڄاڻڻ ضروري ٿي پيو.

هڪ انسان لاءِ اهو ممڪن نه رهيوآهي ته هو هڪ هنڌويهي سڀني واقعن کي هڪ ئي وقت ڄاڻي سگهي. انهي مجبوري ۽ضرورت ئي اخبارن جوبنياد وڌو، جنهن سان اهو ممڪن ٿي پيو ته هو پنهنجي دنيا جون خبرون، جيڪي مختلف ماڻهن گڏ ڪيون هونديون آهن، انهن کي پڙهي باخبر رهي سگهي. انهيءَ ڪري ئي صحافت جو پهريون بنيادي ڪم خبرون پهچائڻ طئي ٿيو. جيئن هڪ ماڻهو صحافت جي معرفت پنهنجي گهر، آفيس ۽ ڪم واري جاءِ کان سواءِ سفر ۾ به باخبر رهي سگهي.

ڄاڻ لاءِ گڏ ڪيل خبرون ٻن قسمن جون هونديون آهن، هڪ مقامي ۽ ٻيون بين الاقوامي، مقامي خبرن ۾ انساني دلچسپي وڌيڪ هوندي آهي. هو پنهنجي ڳوٺ، صوبي ۽ ملڪ جون خبرون پهرين پڙهندوآهي، سئڊن ۽ جپان جون خبرون بعد ۾ پڙهندو آهي. مقامي يا بين الاقوامي خبرون ڪهڙيون به هجن، اهي فرد کي ذهني آسودگي پهچائين ٿيون ۽ انهن سان فرد مستقبل جي فيصلن سان جڙ: ويندا آهن ۽ انهي عمل کي اسان صحافتي ٻوليءَ ۾ ”عوامي راءِ“ جو ٺهڻ يا ڊهڻ چوندا آهيون. جيڪڏهن ڪا به اخبار يا نيوز چئنل پنهنجي پڙهندڙن، ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي صحيح خبرون پهچائڻ بجاءِ، انهن خبرن جو رخ متعين (Angling) ڪندي يا ڪندو ته پڙهندڙ ٻڌندڙ يا ڏسندڙ واقعن بابت ڪڏهن به آزاد راءِ قائم ڪري نه سگهندو، پر هن جي راءِ ڏنل ترغيب موجب هاڪاري يا ناڪاري پاسن مان ڪنهن به هڪ پاسي جهڪيل هوندي ۽ فرد آزاد فيصلا نه ڪري سگهندو.

”خبرون“ جڏهن انسان جي دماغ ۾ پهچن ٿيون ته اهي گم نه ٿيون ٿين، پر دماغ ۾ جڙجي وڃن ٿيون ۽ آهستي آهستي فرد جي فيصلن، خيالن ۽ روين کي متاثر ڪرڻ شروع ڪن ٿيون ۽ اهو عمل اهڙو ته ڳجهو هوندو آهي، جو متاثر ٿيندڙ پاڻ به ان حقيقت کان اڻ واقف هوندو آهي.

اڪثر ماڻهو صبح جو اٿندي ئي، ”خبرن“ لاءِ اخبار جو انتظار ڪندا آهن يا نيوز چئنل کولي تازو حال احوال معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن. جڏهن اخبار ملي وڃي يا خبرون ٻڌي وٺن ته هنن جي جستجو وارو عنصر مطمئن ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو ڪنهن ٻي ڪم ڏانهن توجهه ڏين ٿا. جيڪي اخبارون ۽ نيوز چئنل خانه پوري واريون خبرون ڏيندا آهن يا ڏينديون آهن، اهي آهستي آهستي پڙهندڙڻ کي ڦڪيون لڳنديون آهن ۽ اهي ڪنهن ٻي اخبار يا نيوز چئنل ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن.

(2) ڄاڻ ڏئي تربيت ڪرڻ: ڄاڻ ڏئي تربيت ڪرڻ صحافت جو ٻيو بنيادي پر خاص ڪم آهي. اخبار ۽ نيوز چئنل هميشه انهي ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته وطن جا ماڻهو ڪنهن به معاملي ۾ منڌل نه رهن. سماجي، سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ اخلاقي ذميوارين ڏانهن هنن جو رويو هاڪاري ۽ چٽو هجي. اخبارن جا ايڊيٽوريل، ڪالم ۽ فيچر ۽ نيوز چئنلن جا تبصرا ۽ تذڪرا اهڙي ذهن سازي جا ذميوار هوندا اهن. اهڙين لکڻين ۽ پروگرامن سان پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ”ڄاڻ ۽ تربيت“ جي ٻٽي عمل مان گذرندا آهن.صحافت جو دارومدار مقدار ۽ معيار ٻنهي تي آهي. يعني صحافت سماج جي واقعن، روين ۽ خيالن کي مقدار جي حساب سان به جانچيندي آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به پرکيندي آهي. خبرن جو ڪهڙو موضوع ڪيتري تناسب سان ڇپجڻ گهرجي، مواد جي ورهاست ڪئين ڪجي؟ ڏوهن جون خبرون ڪيتريون هجن، ثقافتي خبرن جو تعداد ڪيترو هجي. ادبي ۽ عملي سرگرمين کي ڪيتري جاءِ ۽ وقت ملڻ گهرجي؟ معيار بابت گهڻو توجهه ڏنو ويندو آهي، خبرداري سان اهو طي ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙي ”خبر معياري آهي ۽ ڪيتري معياري آهي. اسان جي سنڌي صحافت ۾ انهن ٻنهي شين جي کوٽ آهي. صرف اخبار جا صفحا ڪارا ڪرڻ يا نيوز ڪاسٽر جي وات جا جملا پورا ڪرڻ صحافت جو نالو نه آهي. صحافت سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ عنصر آهي، جنهن سماج ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي ۽ ثقافتي يا تعليمي ماحول ۾ ماٺار نظر اچي ته سمجهيو ويندو ته ان سماج جي صحافت متحرڪ نه آهي ۽ اها ماٺار ۽ روايتي ڦيري جو شڪار ٿي چڪي آهي. صحافت جو ڪم ”ايجيٽيشن“ هلائڻ ڪونهي، پر ايجيٽيشن ۾ قوم جي رهبري ڪرڻ آهي.

ڄاڻ ۽ تربيت لاءِ اڪثر اخبارون ۽ نيوز چئنل خاص موضوعن جا صفحا شايع ڪرڻ ۽ خاص موضوعن تي پروگرام ٽيليڪاسٽ ڪرڻ جو احتمام ڪندا آهن. مثلاً ”ڊان“ تعليم بابت هر هفتي صفحو شايع ڪري ٿي ۽ ڪي ٽي اين سنڌ جي ڳوٺن بابت مسئلا عوام ۽ واسطيدار ڌرين تائين پهچائي ٿي. انهي کان سواءِ اخبارون ثقافتي، سماجي، تاريخي ۽ ادبي ڪالم ۽ فيچر به شايع ڪنديون آهن ۽ نيوز چئنل انهن موضوعن تي مختلف پروگرام نشر ڪندا آهن. انهن ٻنهي سلسلن سان پڙهندڙ کي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ تربيت جي عمل مان گذاريو ويندو آهي.

صحافت سماجي اينسائيڪلوپيڊيا وانگر آهي، جنهن  هر موضوع لاءِ گنجائش موجود هوندي آهي. صهافت اسان کي يونيورسٽين جي مسئلن ۽ رٿائن کان سواءِ سماج جي نفسياتي ۽ سماجي مسئلن، طبي ايجادون ۽ مرضن، قومي ۽ بين الاقوامي سياست ۽جاگرافي، زراعت ۽ اقتصاديات، نين شين جي وڪري بابت مڪمل نه ئي سهي پر ججهي ڄاڻ ڏئي ٿي ۽ گڏوگڏ انهن موضوعن بابت تربيت به ڪري ٿي. تربيت جو عمل محسوس نه ٿيڻ جهڙو هوندوآهي. ڄاڻ بابت ته اسان پڙهي يا ٻڌي فٽافٽ ٻڌائي سگهون ٿا پر اسان تربيت جي عمل مان گذري وڃڻ کان پوءِ به نٿا ٻڌائي سگهون ته تربيت جي حوالي سان اسان ڇا محسوس ڪيو؟ اهو پاڻمرادو عمل هوندو آهي، جيڪو ٿيندو رهندو آهي. هڪ اخبار ڪنهن ڪتاب بابت تبصرو شايع ڪري ڄاڻ ڏئي ٿي پر انهيءَ تبصري ۾ تربيت جو عنصر به شامل هوندو آهي ۽ ترغيب جو عمل به شامل هوندو آهي ته جيئن اسان پڙهڻ جو چاهه رکون. صحافت عملي تربيت به ڏئي ٿي، مثلن اسان ڪنهن اخبار ۾ نوجوانن جو صفحو يا ادبي صفحو شروع ڪري نوجوانن ۽ اديبن يا ادب جو شوق رکندڙ سيکڙاٽن کي دعوت ڏيندا آهيون ته اهي هن صفحي لاءِ پنهنجون لکڻيون لکي اخبار کي موڪلين. اسان وٽ بيشمار لکڻيون پهچيو وڃن ۽ انهن مان اڪثر اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي ۾ ڇاپڻ جهڙيون نه هونديون آهن. صفحي جو انچارج يا سب ايڊيٽر انهن لکڻين کي رندو هڻي، ڇاپي ڇڏيندو آهي. ائين نئين لکڻ واري جو حوصلو وڌندو آهي، هو ٻي لکڻي موڪلي ٿو ۽ ائين هن طرفان لکڻ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. هي عملي تربيت جو نمونو هوندو آهي، جيڪو صحافت جي ڪري شروع ٿيو.

(3) سماجي روين کي متاثر ڪرڻ: صحافت، اخبارن جي حوالي سان خاص لکڻين ۽ ٽي وي چئنلن جي حوالي سان خاص تبصرن ۽ دستاويزي پروگرامن ذريعي ماڻهن جي راءِ تي اثر انداز ٿئي ٿي. خاص ڪري ووٽن واري زماني ۾ صحافت جو اهم ڪم ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن خاموش اڪثريت جي اُها اقليت جيڪا ڪنهن پارٽي يا اميدوار جي حق ۾ اڃا ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي هوندي آهي. ان اقليت جي راءِ صحافت سان ئي ڦرندي ۽ تبديل ٿيندي آهي. هونئن به صحافت جي حوالي تفريحي مواد ئي ڇو کڻي نه هجي، اهو به سماجي روين جي جوڙجڪ ڪري ٿو. اسان جيڪڏهن صحافت ۽ سماجي روين جي حوالي سان مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جو تحقيقي جائزو وٺنداسون ته هر اخبار ۽ چئنل جي سماجي جوڙجڪ الڳ هوندي ۽ انهن جڙيل سماجي گروهن جي روين تي به انهي اخبار يا چئنل جو اثر هوندو. مثلاً ”ڊان“ ڪهڙو طبقو پڙهي ٿو ۽ انهيءَ طبقي جا سماجي رويا ڇا آهن؟ ”ڪاوش“ ڪهڙو طبقو پڙهي ٿو ۽ انهي طبقي جا سماجي رويا ڇا آهن؟ ”عبرت“ ڪهڙو طبقو پڙهي ٿو ۽ انهي طبقي جي سماجي روين تي اِها ڪيتري قدر اثر انداز ٿي رهي آهي. ”سنڌ ٽي وي“ ڏسندڙ طبقو ڪهڙو آهي؟ ”جيو“ ڪهڙي طبقي ۾ ڏٺي وڃي ٿي ۽ ”فاڪس نيوز“ ڪهڙي طبقي لاءِ خبرون ۽ تبصرا نشر ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح انهن سڀني اخبارن ۽ سئٽلائيٽ چئنلن جي سماجي طبقن ۽ انهن جي روين ۾ انهن اخبارن ۽ چئنلن جي ڪردار جي خبر پئجي ويندي ۽ لازمي طور انهن طبقن ۽ انهن جي سماجي روين ۾ واضح يا هلڪو فرق به ضرور محسوس ٿيندو.

اسان صحافت جي مختلف ذريعن تي جيڪي ڪارٽون ڏسون ٿا، اهي به سماج ۾ ڪنهن نه ڪنهن راءِ کي جوڙي يا ٽوڙي رهيا هوندا آهن. انهن جي چونڊ به واقعن ۽ شخصيتن کي سامهون رکي ڪئي ويندي آهي. جهڙي نموني شاگرد ڪنهن استاد جي ليڪچر ۾ وڃي ڪجهه نه ڪجهه سکي ۽ سمجي اچي ٿو، اهڙي نموني صحافت به ماڻهن کي هر روز هڪ استاد وانگر ڪجهه نه ڪجه سيکاري ۽ سمجهائي ٿي، هِنن جا لاڙا ۽ رويا دلائي ٿي.

صحافت جا مختلف ذريعا وقت به وقت ڪي سلسلا به شروع ڪن ٿا، ڪڏهن قانوني مشورن جو پروگرام، ڪڏهن حڪيم يا ڊاڪٽر جو سوالن ۽ جوابن وارو طبي سلسلو، ڪڏهن ديني مسئلن جا پروگرام ۽ سوالن جوابن ذريعي فتويٰ وٺڻ وارا سلسلا ۽ زرعي رهنمائي جا پروگرما اهي سڀ سماج جي رهبري لاءِ شايع يا نشر ٿيندڙ سلسلا هوندا آهن.

(4) تفريح پهچائڻ: ميڊيا جو چوٿون اهم ڪم ماڻهن کي تفريح پهچائڻ آهي. اخبار ۽ رسالي جو پڙهندڙ يا ٽي وي چئنل ڏسندڙ ۽ ريڊئي جو ٻڌندڙ يا انٽرنيٽ کي استعمال ڪندڙ فطري طور انهيءَ ڳالهه جي گهُر ڪري ٿو ته، هن تيز دنيا جي ٿڪائيندڙ ڪمن کان پوءِ مذڪوره ميڊيا هن لاءِ اهڙا پروگرام ۽ لکڻيون نشر ۽ شايع ڪري، جنهن سان هن کي ذهني آسودگي ملي ۽ کيس ڪجهه وقت لاءِ دنيا جي خفن کان ڇوٽڪارو ملي. اهڙو سڪون پهچائڻ لاءِ صحافت تفريحي پروگرام ۽ لکڻين جي رٿابندي ڪندي آهي. هن دؤر ۾ صحافت جو هي ڪم اڃا به اهميت حاصل ڪري ويو آهي.مادي جي جستجو، حوس ۽ وقت جي گهٽتائي، سماجي، روايتي ۽ ثقافتي گڏجاڻين جي گهٽتائي انسان کي محصور ڪري ورتو آهي، اهڙي ماحول ۾ صحافت جا ذريعا ئي ٿا وڃي بچن جن سان اڄ جو انسان دل وندرائي. ميڊيا تي ”سيڪس“ يعني جنسيت کي اڀارڻ بهانهي سلسلي جي ڪڙي آهي.اولهه جي سماج ۾ ته اهو ٺيڪ آهي، جو اهي الڳ ثقافت ۽ سوچ رکن ٿا، پر مشرقي ماڻهو اڃا سيڪس واري تفريح کي کُليو ميڊيا تي آڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ تيار نه آهن. اسان کي ڪيترو به ”روشن خيال“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، پر اسان جا سماجي، ثقافتي ۽ اخلاقي قدر انهي ڳالهه جي اجازت نٿا ڏين ته اسان جي گهرن ۾ به اهي سڀ ٽي وي پروگرام هلن جيڪي يورپي چئنلن تي هلن ٿا. اسان جي صحافت ۾ اڃا به ڀوڳ مسخري جي وڏي گنجائش موجود آهي، اولهه ۾ ”مسٽر بين“ جهڙا سلسلا هلائي ٽي وي چئنل ڀوڳ مسخري واري انداز ۾ تفريح پهچائي رهيا آهن. پي ٽي وي تان ففٽي ففٽي ۽ چهچٽو، ڪي ٽي اين جو ماما لالو ۽ سنڌ ٽي وي جو بصر خان جهڙا سلسلا هميشه ياد رهندا.

ڪنهن زماني ۾ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن جي ٻاري ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ مثالي نغما ۽گيت پيش ڪيا ويندا هئا. ڪالهه جي ٻارن کي استاد ابراهيم جي آواز ۾ ڳايل هي گيت اڃا نٿو وسري ”تلڪ چاڙهي تي ٻيڙي ڊوڙي سنڌو نديءَ ۾ ريل“.

تفريحي عمل سان ميڊيا نفسياتي مريضن جو علاج به ڪري سگهي ٿي، جيڪي غمن جي دنيا ۾ غرق ٿي نفسياتي مريص ٿي چڪا آهن.

(5)اشتهارن ذريعي سماج ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ: ڪاروبار جو هي عمل ٻه طرفو آهي. صحافت هڪ ايجنٽ طور مختلف ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿي ۽ انهيءَ جي بدلي ۾ پنهنجو ڪاروبار به هلائي ٿي. اڄ جي صحافت اشتهارن کان سواءِ هڪ شوق ئي رهجي ويندو ۽ اها شوقيائي صحافت اڄ نه سڀاڻ پنهنجي منتقي انجام تي پهچي ويندي. صحافت جي سڀني ذريعن کي اشتهار گهرجن، اشتهاري ادارن کي تشهير لاءِ ميڊيا جا ذريعا کپن ۽ عوام کي نين شين بابت اطلاع گهرجي. ميڊيا جو ڪو به ذريعو هجي اهو نين نين شين بابت ماڻهن کي شعور ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته مارڪيٽ ۾ ڇا ڇا موجود آهي؟ سچ ته اهو آهي، جيڪڏهن صحافت اشتهارن ۽ ڪمرشلن وارو ڪم ڇڏي ڏئي ته اسان جا ڪارخانا، ڪاروبار ۽ ماڻهو انفرادي طور به جيڪر متاثر ٿين ۽ سماج ۾ ڪاروبار جيڪڏهن ٺپ بيهي نه بهوڃي ته به اهو نه هلڻ جر برابر ئي تصور ٿيندو. مون کي گاڏي وٺڻي آهي ۽ پاڙيواري کي گاڏي وڪڻڻي آهي. مون کي پلاٽ کپائڻو آهي ۽ اوهان يک جاءِ مسواءَ تي گهرجي. ڪنهن مشينري جي ضرورت آهي. منهنجي دوست کي ڪنهن موچاري گهرڻي جو سڱ گهربل آهي. آمريڪا مان آيل پيءُ کي پنهنجي ڇوڪري اٿارڻي آهي. ڪوڪا ڪولا کي ٻاٽليون کپائڻيون آهن. بلڊر کي گهر وڪڻڻا آهن. ٽويوٽا ڪمپني کي ڪارو وڪڻنديون آهن. اهي سڀ سرگرميون صحافت ذريعي ئي ممڪن آهن يا آسان آهن، اهڙي نموني هر ڪاروبار کي مال جي نيڪالي لاءِ صحافت جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.

اخبارون، ريڊيو ۽ ٽي وي چئنل اشتهار سهڻي نموني شايع يا نشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن اشتهارن جي ڪري دنيا ۾ وڏيون وڏيون اشتهار ٺاهيندڙ ڪمپنيون ٺهيون آهن جيڪي ڪاروباري سرگرمين لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هزارين مشهور شخصيتون ۽ ”ايڪسٽرا“ ماڻهو انهن اشتهارن ۽ ڪمرشلن مان روزانو هزارين ڊالر ڪمائي رهيا آهن. اسان وٽ به ماڊلز کي سٺا ڏوڪڙ مليو وڃن. انٽرنيٽ تي اهڙين شين جا به اشتهار ملندا، جيڪي عام طور تي اسان ڪنهن ٻي ماس ميڊيم تي نه ڏسندا آهيون.

اخباري صحافت جي اهميت

اخباري صحافت هجي يا ڊجيٽل صحافت، شروع کان وٺي انهي عوامي راءِ ۽ سماج جي پيش منظر کي پيش پئي ڪيو آهي. هر دؤر ۾ صحافت پنهنجي بنيادي مقصدن سان گڏ، عوامي اوٽ وٺي ڊڪٽيٽرشپ ۽ اجتماعي ناانصافين لاءِ به پئي وڙهي آهي ۽ موٽ ۾ عوام به صحافت جي آزادي لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي.

صحافت نه صرف سڄي دنيا ۾ جمهوري روين جي علمبردار رهي آهي، پر دنيا جي مظلوم قومن جي حقن ۽ طبقاتي فرقن کي ختم ڪرڻ لاءِ به هن پنهنجو ڪردار نڀايوآهي. پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ به هن پنهنجو حصو وڌو آهي، پر اها ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ڪن فردن جي شخصي مفادن وانگر ڪن اخبارن ۽ چئنلن به فوجي ڊڪٽيٽر کي مضبوط ڪيو آهي. پاڪستان ۾ صحافت گهڻو ڏکيو وقت ڏٺو آهي، ون يونٽ ۽ ايوبي مارشل لا جو دؤر هجي يا سول ڊڪٽيٽر شپ يا کڻي ضياءَ جي ڊگهي مارشل لا، سماج جي ٻين عنصرن ۽ ايڪن سان گڏ صحافت به هيسيل ٻار وانگر ڪنڊ وٺي حالتن جو جائزو پئي ورتو آهي ۽ جنهن اخبار يا صحافي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي رياستي ڏاڍ جو عذاب ڀوڳڻو پيو آهي. هن وقت اليڪٽرانڪ صحافت جو وڏو زور آهي. سنڌي صحافت ۾ هن ميڊيا جي عمر اڃا ننڍي آهي، هن جي مقابلي ۾ سنڌي اخباري صحافت پنهنجي پوري تاريخي اهميت ۽ضرورت سان موجود آهي. هن جي اهميت نه صرف اسان وٽ پر جتي جتي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ نيوز چئنل بلوغت تي پهتل آهن اتي به اخباري صحافت ضروري سمجهي وڃي ٿي. آمريڪا هجي يا يورپ، ايشيا هجي يا آفريڪا ڪو به سماج هڪ گهڙي لاءِ به اهو سوچي نٿو سگهي ته جڏهن هُن سماج جا فرد جڏهن صبح جو اٿي ۽ هن کي خبر پوي ته اڄ کان اخبار شايع نه ٿيندي. اسان ڪنهن موڪل واري ڏينهن اخبار شايع نه ٿيڻ تي ڪيتري نه ٻاڙائي محسوس ڪندا آهيون.

صحافت ۾ اخبار جو اهو ئي حصو آهي، جيڪو رت جو ڪنهن جسم ۾ هوندو آهي ۽ اخباري صحافت جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو اخبارون هڪ ڪارڊ جي حيثيت رکن ٿيون. سو سال کان پوءِ به اسان انهن تي تحقيق ڪري سگهون ٿا، حوالن لاءِ انهن مان مواد حاصل ڪري سگهون ٿا. اڄ جون اخبارون سڀاڻ جي تاريخ آهن. خود اليڪٽرانڪ صحافت به اخباري صحافت کي هٿي ڏئي ٿي. سماج ۾ جڏهن ڪو اهم واقعو پيش ايندو آهي ته انهيءَ ۾ ڪو بهشڪ ڪونهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ان واقعي کي عوام تائين تڪڙو پهچائي ٿي، پر ٻئي ڏينهن اخباري سرڪيوليشن عام ڏينهن کان وڌي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڏينهن وڌمان وڌ اخبارون خريد ڪيون وڃن ٿيون. اهو انهي ڪري جو واقعي جا تفصيل جهڙي نموني اخبار شايع ڪندي آهي، اهڙو تفصيل جار ڪرڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ممڪن ڪونهي.

اخبارون جنهن ٻوليءَ ۾ نڪرن ٿيون، اهي سنئونسڌو ان ٻولي ۽ ان ٻولي جي ادب ۽ ثقافت تي اثرانداز ٿين ٿيون. اهي اخبارون مزڪوره ٻوليءَ ۾ نوان شاعر ۽ اديب پيدا ڪن ٿيون. صحافي، ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر اتان ئي سرجن ٿا.

اخبارون عوامي ادارا آهن، عوام جڏهن پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ ٻيا سڀ در ڀيٽي ٿڪي پوندا آهن ته انهن جو باقي واحد سهارو اخبارون وڃي بچنديون آهن. اهي پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالون ڪندا آهن ۽ پريس ڪانفرنسون ڪندا آهن. هاڻ ننڍن ننڍن شهرن ۽ وڏن وڏن ڳوٺن ۾ به اخبارن پنهنجا نمائيندا مقرر ڪيا آهن، جيڪي اتي جي ماڻهن جي دانهن ڪوڪ اخبارن تائين پهچائين ٿا ۽ اخبارون انهن واقعن ۽ دانهن کي شايعڪن ٿيون. عوام اخبارن کي پنهنجو ساٿاري سمجهي ٿو. ڪامورا هاڻ به ترقياتي ڪمن جي بجيٽ 60 سيڪڙو کايو وڃن پر جيڪڏهن اخبارون نه هجن ته باقي وڃي ناني وارا ڪن بچن.

اخبار جي پاليسي به اخبار جي اهميت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيتري پاليسي عوامي هوندي، اخبار اوتري مقبول هوندي. اسان جي سنڌي اخبارن کي به ”ڊان“ اخبار وانگر متوازن بڻجن گهرجي، مالڪن جي ڇو نه کڻي ڪا سياسي وابستگي هجي، اهي ڀلي حڪومت عهدا ۽ فائدا ماڻين، پر اخبار مان لڳي ئي نه ته اِها ڪا انهن مالڪن جي اخبار آهي. حڪومتون اخبارن کي جهڪائڻ لاءِ هميشه اسٽهارن جو هٿيار استعمال ڪنديون آهن ۽ غير جمهوري يا نيم جمهوري سماجن ۾ مخفي ”پريس ايڊوائيز“ به هلندي رهندي آهي. پر اهو اسان جي سامهون آهي ته جنهن اخبار عوامي راءِ کي پٺ ڏني آهي ۽ سماج کان منهن موڙيو آهي، اها موت جي منهن ۾ ئي وئي آهي. اخبار جي اهميت جي ڪري ئي صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀ سڏرائي ٿي.

اخبار ۽ سماج

سماج ۽ اخبار جو وڏو ۽ اهم ڳانڍاپو آهي. اخبار کي انهن نظرين تي هلڻو پوندو آهي، جيڪي سماج ۾ رائج هوندا آهن ۽ ڪنهن به سمجهوتي کان مٿاهان هوندا آهن. اخبار ۽ سماج جو هڪٻي کي ڏسي هلڻ ضروري هوندو آهي. پريس يعني اخبار سماج کي ان حد تائين آڻي بيهاريندي آهي، جتان ٻه طرفو عمل شروع ٿئي ٿو. يعني پريس عوام ۽ جمهوري ادارن کي ڏسي اڳتي هلي ٿي ۽ عوام ۽ جمهوري ادارا پريس کي ڏسي اڳتي هلن ٿا. هڪٻئي جي رهنمائي ۽ احتساب به ٿيندو رهي ٿو.

اخبار ۾ ايتري سگهه هجي ۽ ان جو معيار به ايترو اوچو هجي جو اها جمهور، جمهوريت، جمهوري ادارن جي رهنمائي ڪري ۽ سربراهن کي بنا ڪنهن خوف جي غلط ڪمن تي تنقيد جو نشانو بڻائي ۽ موجهاري جي وقت رهبري ۽رهنمائي به ڪري. پريس کي سماج جو اولڙو سڏيو ويندو آهي. ڪنهن به سماج جو جائزو وٺڻ لاءِ ان سماج جي اخبارن کي ڏسبو ته خبر پئجي ويندي ته هي سماج ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. جيئن جيئن سماج تبديل ٿيندو ويندو آهي ته اخبارونبه ائين ائين تبديل ٿينديون وينديون آهن. انهن جي خبر جي پيشڪش، انهن جا ايڊيٽوريل ۽ ايڊيٽريول صفحن جون ٻيون لکڻيون ويندي ڏيک ويک ۽ گيٽ اپ وغيره ۾ به تبديلي ايندي ويندي آهي. اخبارون سماج ۾ نئين ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائين ٿيون. سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقي سنڌي اخبارن جي ڪري ٿي ۽ ائين اشاعت جي معاملي ۾ هڪ نئون انقلاب آيو ۽ هاڻ سنڌيءَ ۾ چيٽنگ به ڪري سگهجي ٿي ۽ ويب سائيٽون به ٺاهي سگهجن ٿيون.

خبر ڇا آهي؟

لفظ ”خبر“ کي انگريزيءَ ۾ ”نيوز“ (News) چئبو آهي. انهيءَ انگريزي لفظ جي جوڙجڪ لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته ”اين“ N مان مراد نارٿ آهي ۽ ”اِي“ E مان مراد ايسٽ آهي ۽ ”ڊبليو“W مان مراد ويسٽ آهي ۽ ”ايس“S مان مراد سائوٿ آهي. يعني چئي پاسن جي سُڌ سماءُ ملي ”نيوز“ بڻجي ٿي ۽ اهو لفظ به ائين تيار ٿيو.

سنڌي، عربي ۽ اردو ۾ ”خبر“ کي خبر ئي چئبوآهي ۽ هر انهي ڳالهه کي خبر جي دائري ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن ڳالهه ۾ اطلاع ۽ ڄاڻ جو ڪو پهلو هجي. اسان پنهنجي روايتي خوش خيرعافيت ۾ بهچوندا آهيون ته ”ادا ڪهڙي خبر آهي؟“ يا ”خبر ڏي، خير سان اچڻ ٿيون آهي“ يا ”اوهان جي پاسي جون ڪهڙيون خبرون آهن“ يا ”فلاڻي پاسي جي ڪا تازي خبر ته ٻڌاءِ“ اهي سڀ جملا اسان جي هر روز هر نئين ملڻ واري کي چوندا آهيون يا ان جي وتان ٻڌندا آهيون. ”پير پرائتيون خبرون“ اسان تفصيلي خبرن کي چوندا آهيون. مطلب ته ”خبر“ جو لفظ اسان جي روز مره واري گفتگو ۾ شامل هوندو آهي.

”خبر“ جي وصف مختصر آهي، پر ڪجهه به منجهيل آهي. انگريزن اسان کي چيو ته ”ڪتي کي انسان ڏاڙهي وجهي ته اِها خبر آهي“ اهو ته اڻ ٿيڻو آهي. اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ جو اهڙو واقعو رڪارڊ تي موجود ڪونهي، جنهن ۾ ڪتي کي انسان جي ڏاڙهڻ جي خبر موجود هجي. اسان جي سماج ۾ ته اِها خبر آهي جو ”ڪتي ڪنهن انسان کي ڏاڙهي وڌو هجي“ ۽ اهڙيون خبرون اسان هر روز اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ۽ اسان جي سماج ۾ البته اِها هڪ خبر ضرور آهي ته دنيا جي ڪن حصن ۾ ڪٿي جو گوشت به ائين ئي کاڌو وڃي ٿو، جيئن ڪنهن ٻي جانور جو گوشت کاڌو وڃي ٿو. ڪتي کي ڏاڙهڻ واري مثال ۾ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا سامهون اچي ٿي، اُها اِها ته ڇا، ڪا اڻٿيڻي ڳالهه يا واقعو خبر ٿي سگهي ٿو؟ ڪن صورتن ۾ ته اهو ممڪن آهي، پر اڻ ٿيڻي واقعي کي خبر جي وصف ۾ هروڀرو فٽ نٿو ڪري سگهجي.

اسان صرف ميڊيا تي رپورٽ ٿيندڙ واقعن کي خبر چئون، ڇو جو اولهه وارن ماهرن ”خبر“ جي وصف ۾ اهو به شرط لڳايو آهي ته ”خبر ڪنهن به تازي واقعي يا ڄاڻ جي اهڙي رپورٽ کي چئبو آهي،جيڪا ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ شايع ٿي هجي يا ريڊئي، ٽي وي يا انٽرنيٽ تي جار ٿي ٿجي. باقي جيڪو واقعو يا ڄاڻ شايع يا نشر نه ٿئي ته ڇا پوءِ اِها خبر ڪانهي؟ اسان انهن وصفن کي غلط نه ته گهٽ ۾ گهٽ اڻپوريون ضرور سمجهون ٿا.

اسان جي نظر ۾ خبر جي مختلف پر جامع وصف هيٺين طرح ٿي سگهي ٿي؛

”ڪنهن به سماج جون اُهي ڇپيل يا اڻ ڇپيل سرگرميون، جيڪي ان سماج جي ماڻهن لاءِ خاص طور تي ۽ ٻئي سماج جي ماڻهن لاءِ عام طور تي دلچسپي، ڄاڻ، تعليم ۽ تفريح جو سبب بڻجن، ته انهن کي ”خبر چئبو آهي. ماس ڪميونيڪيشن سان واسطو رکندڙ استاد ۽ شاگرد يا عام صحافي ”خبر“ جون پنهنجون به وصفون جوڙي سگهن ٿا. اسان کي اولهه جي ڪتابن ۽ ڊڪشنرين ۾ ”خبر“ جون جيڪي وصفون ملن ٿيون، انهن ۾ به ٿورو يا گهڻو فرق ضرور آهي، هر ماهر پنهنجي حساب سان ”خبر“ جي وصف بيان ڪئي آهي. هيٺ اسان ڪن ماهرن ۽ ڊڪشنرين وغيره ۾ ڏنل ”خبر“ جون وصفون ڏيون ٿا ته جيئن پڙهندڙ انهن جو به تجزيو ڪري سگهن؛

  • هر انڪشاف ”خبر آهي.
  • جيڪو اخبارن ۾ شايع ٿئي ٿو ۽ريڊئي تي نشر ٿئي ٿو، اُها ”خبر آهي.
  • ڪو به واقعو، خيال يا رايو، جيڪو وقتائتو آهي ۽ اهو فردن يا ڪنهن وڏي گروهه کي متاثر ڪري يا ان ۾ اُهي فرد يا گروهه دلچسپي وٺي ۽ انهي واقعي، خيال ۽ رايي کي سمجهي به سگهي ته اِها ”خبر آهي.
  • سيڪس، پئسي ۽ ڏوهه جو واقعو ”خبر آهي.
  • هر نئين شي ”خبر آهي.
  • مرتب ڪيل تازا واقعا ۽ حقيقتون، جيڪي فردن ۽ طبقن لاءِ اهميت واريون هجن ۽ اخبار ان کي ڇاپي ته اِها ”خبر“ آهي.
  • جنهن جي اوهان کي ڪالهه ڪا به ڄاڻ نه هئي، اڄ اِها ”خبر“ آهي.
  • زندگيءَ جي مختلف ٿيڻن ۽ اڻ ٿيڻن واقعن جو نالو ”خبر“ آهي.
  • تبديلي ٿيندڙ واقعا ۽ واسطا، جيڪي فردن جي وچ ۾ هجن يا فردن ۽ سماج جي وچ ۾ هجن، انهن کي ”خبر“ چئبو آهي.

خبر جا موضوع ۽ ذريعا

دنيا ۾ هزارين اخبارون شايع ٿين ٿيون، هزارين رسالا نڪرن ٿا، هزارين ٽي وي ۽ ريڊئي جا چئنل موجود آهن ۽ هزارين ويب سائيٽون به ماڻهن لاءِ ”خبرون“ تجزيا ۽ تبصرا پيش ڪن ٿيون. انهن سڀني اخبارن ۽ رسالن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ، ريڊئي ۽ ٽي وي چئنلن ۽ ويب سائيٽن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هر روز هزارين صفحن جو مواد گهربل هوندو آهي ۽ مواد بهاهو جنهن کي ”خبر“ چئي سگهجي.

ٿامس فائونڊيشن جي ايڊيٽوريل اسٽڊي سينٽر ويهه کن اهڙا موضوع ۽ ذريعا ڄاڻايا آهن، جيڪي خبر ٺهڻ يا حاصل ڪرڻ جو مک سبب بڻجي سگهن ٿا. اسان انهن جو تفصيل هيٺ بيان ڪيون ٿا؛

(1)ذاتي اثر: ذاتي اثر وارين خبرن مان مراد اهي خبرون آهن، جيڪي ماڻهن جي ذات بابت هجن. سماج ۾ ڪي اهڙا واقعا ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ڪن ڪردارن کي نروار ڪن ٿا ۽ عوام انهن بابت ڄاڻڻ چاهي ٿو، اهي خبرون پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو سبب بڻجن ٿيون. سماج جا ڪي ڪردار ايترا اهم نه هوندا آهن، پر واقعا انهن کي اهم بڻائيندا آهن. مثال ماضي ۾ بلخ شير مهر ۽ شازيه عالماڻي جا ڪردار سماج ۾ اڳي ڪڏهن به معروف نه هئا، پر انهن جي پرڻي انهن کي وقتي طور سماج جو اهم ڪردار بڻائي ڇڏيو هو. انهن سنڌ جي خاص روايتن سان بغاوت ڪئي هئي، اهي روايتون صحيح يا غلط، پر انهن روايتن کي ٽوڙڻ سان سماج جا مختلف طبقا لڏي وڃن ٿا ۽ سماج ان کي وڏي تبديلي محسوس ڪري ٿو. اهڙي تبديليءَ جي رد عمل ۾ ئي بلخ شير ۽ شازيه سماج جا اهي ڪردار بڻجي ويا، جن بابت ماڻهو ڄاڻڻ گهرن پيا ۽ ميڊيا انهن کي شدمد سان شايع ۽ نشر ڪيو. مائي مختياران جو ڪردار به سماجي روايتن جي پس منظر ۾ ظاهر ٿيو هو. اهي سماجي واقعا ”خبرن“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو بڻجي پوندا آهن. جيڪي ڪنهن فرد جي ذات سان جڙيل هجن.

(2) پئسو: پئسو هميشه ”خبر“ آهي. اسان جي ڪترن ئي خبرن جو ذريعو به آهي ته موضوع به. جيڪڏهن پئسو بلڪل نه آهي ته به خبر آهي، جي گهڻو آهي ته به خبر آهي. ڪنهن هڪ شخص وٽ آهي ته به خبر آهي. ڪنهن اداري يا ملڪ وٽ نهآهي ته به خبر آهي. ملڪي بجيٽون، ادارن جو ڏيوالو ٿيڻ، نوان ٽيڪس مڙهڻ، پگهار وڌي وڃڻ، کنڊ جو مهانگو ٿيڻ، انفليشن جو وڌي وڃڻ يعني جڏهن ۽ جتي ناڻو توازن وڃائي ويهي ٿو، اهو خبرن جو موضوع ۽ ذريعو بڻجي وڃي ٿو.

(3) جنسي رويا: ڪو به جنسي (Sex) رويواهڙو موضوع آهي، جيڪو هميشه ماڻهن کي متوجهه ڪري ٿو. امير هجي يا غريب، پڙهيل هجي، ڄ، اڌ چريو هجي يا سياڻو، مخالف جنس ڏانهن متوجهه ٿئي ٿو. هن کي پنهنجي ضد واري جنس وڻي ٿي، مرد کي عورت ۽ عورت کي مرد چاهي ٿو ۽ اهو انساني نسل کي قائم رکڻ جو هڪ فطري رويوبه آهي، جيڪو ٻنهي جنسن ۾ موجود رهي ٿو. بکايل کي کاڌي جو تذڪرو وڻندو، اڃايل کي ٿڌين شربتن ۽ پاڻيءَ جو ذڪر وڻندو، پر ”سيڪس“ اهڙو موضوع آهي، جيڪو هر ڪنهن کي پيو وڻندو. ڪو فرد سماجي ۽مذهبي پابندين جي ڪري ان کي جائز طريقي سان پورو ڪري ٿو، ڪو انهن پابندين جي پرواهه به نٿوڪري.

سيڪس جي انهي لازوال حقيقت کي انسان ته ڇا پر جانور به سمجهي ٿو. سيڪس بابت جيڪا به خبر يا واقعو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ماڻهن جو توجهه جو مرڪز بڻجي ٿو. ماڻو ان خبر کي پڙهڻ چاهيندا آهن، ان بابت ڄاڻڻ چاهيندا آهن. اسان جي اخبارن ۾ لڄ لٽا جا ڪيس به انهي ڪري وڌ ۾ وڌ رپورٽ ٿين ٿا، جو مختلف فرد خبر گڏ ڪرڻ کان وٺي پڙهڻ تائين واقعي جي سڀني مرحلن کي ڄاڻڻ چاهين ٿا ۽ ملوث ڪردارن کي به ڄاڻڻ هنن جي جستجو ۾ شامل هوندو آهي ۽ اخبارون به اهڙ:ن خبرن جي ڪري وڌيڪ وڪامن ٿيون. وڪري واري لالچ جي ڪري اخبارون اڌ اگهاڙا فوٽو ۽ جنسي ڇڪ وارا انداز شايع ڪنديونآهن، خبرن ۽ تصويرن ۾ هر تقريب جي نارين کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. اسانجي سماج ۾ اڃا ته ائين نه آهي، پر مغرب ۾ سيڪس جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپجن ٿا. سئٽلائيٽ چئنل به جار آهن، ويب سائيٽون ته ڀريون پيون آهن. اسان جي شور تي اهي اسان کي چون ٿا ته اِها ”سيڪس ايڊيوڪيشن“آهي ۽ بالغن لاءِ ضروري آهي.

(4) مذهب: دنيا ۾ رهندڙ هر انسان اها خواهش رکي ٿو ته هن جي زندگيءَ پرسڪون گذري. انهي ”پرسڪون“ واري چڪر ۾ هو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هن دؤر ۾ انسان جنهن وڏي دوکي جو شڪار آهي، اهو آهي پئسو پوءِ جائز يا ناجائز طريقي سان پر مڙئي ججهو ملي ته جيئن زندگيءَ پُرسڪون گذري.مذهبي انساني تاريخ جي ارتقا ڪئي آهي. شروع کان آخر تائين مذهب ذرعي انسان کي اهو رستو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سان انساني تهذيب ۾ تسلسل رهيو آهي ۽ مذهب هن جي جسماني سڪون کان وڌيڪ هن جي روحاني سڪون تي توجهه ڏنو آهي. هن کي ٻڌايو ويو آهي ته پئسي سان عزت جا سامان ته خريد ڪري سگهجن ٿا پر عزت نه، پئسي سانسڪون جا سامان ته خريد ڪري سگهجن ٿا، پر سڪون نه. اڄ به وڏي تعداد ۾ انسان ڪنهن نه ڪنهن مذهب جا پوئلڳ آهن ۽ پنهنجي مذهب بابت هو جذباتي به آهن. هر انسان پنهنجي مذهب بابت يا ٻين مذهبن بابت به وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيندو آهي. هي جذبو ”خبر جو اهم ذريعو ۽ موضوع رهيو آهي ۽ هن وقت به آهي.

(5) سانحو يا ڪا تباهي: انسان ڪنهن به سانحي يا تباهي بابت ڄاڻڻ چاهيندو آهي. سونامي هجي يا ڪشمير وارو زلزلو، سڄي دنيا جي ميڊيا خبرن سان ڀريل رهي. اخبارن ۽ رسالن خبرون ۽ فوٽو شايع ڪيا، سئٽلائيٽ چئنلن خبرون ۽ دستاويزي فلمون ڏيکاريون. انٽرنيٽ تي فوٽو ۽ خبرون جاري ٿيون. اهو سڀ انهي ڪري ٿيو، جو انسان ذات جي تباهي، انسانن جي توجهه جو مرڪز رهي ٿي. اهڙا سانحا ۽ تباهيون خبرن جا اهم موضوع ۽ ذريعا بڻجن ٿا.

(6) ڏڦيڙ: ڏڦيڙ  جي سطح ڪهڙي به هجي، هميشه عام ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻي آهي. هتي دلچسپي مان مراد توجهه ۽ تجسس آهي. جيڪڏهن سماج جي ٻن فردن وچ ۾ ڏڦيڙ آهي ته انهن ٻنهي فردن جي سڃاڻپ واري حلقي، کان سواءِ اهو ڏڦيڙ انهن ماڻهن جي توجهه جو مرڪز پڻ رهي ٿو، جيڪي مذڪوره ماڻهن جي ويجهو رهن ٿا. اهڙي طرح قبيلن جو جهيڙو ۽ ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڏڦيڙ ۽ هاڻ تازو تهذيبن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ، ماڻهن جي توجهه جو مرڪز آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس معطلي واري زماني ۾ جڏهن اسلام آباد کان لاهور ويو ته هزارين ماڻهن سندس استقبال جو سبب سپريم ڪورٽ ۽ فوجي طاقت جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڏڦيڙ هو. هر ماڻهو ان ڏڦيڙ بابت وڌ کان وڌ باخبر رهڻ گهري پيو. اهڙا ٻيا ڏڦيڙ هميشه ”خبر“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو هوندا آهن.

(7) ڀوڳ: ڀوڳ چرچو هميشه ماڻهن کي متوجهه ڪندو آهي ۽ اسان جي لوڪ ميڊيا جي اهم صفن آهي، جڏهن اخبارن، ريڊئي ۽ ٽي وي وغيره جو ڪو وجود ئي ڪو نه هو، تڏهن ڀوڳ چرچو تفريح ماڻڻ جو اهم ذريعو هوندو هو. هن وقت به فلم ۽ ڊرامن جي جوڙجڪ ۽ فارمولي ۾ ڀوڳ مسخري لاءِ خاص وقت رکيو ويندو آهي. هن لاءِ ڪي خاص ڪردار فلم ۽ ڊرامي ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. هن وقت ڀوڳ کي ڪنهن شخصيت جي ڪردار کي وائکو ڪرڻ لاءِ، ڪنهن نظام ۽ اداري وغيره جي اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. صحافت ۾ تنقيد ۽ تبصرن لاءِ ڀوڳ اهم موضوع ۽ ذريعو رهي ٿو.

ڏوهه: اسان جڏهن سنڌي صحافت خاص ڪري اخبارن جو موادي جائزو وٺون ٿا ته اسان کي سياست کان پوءِ ”ڏوهن“ کي وڌيڪ ڪوريج ملندي نظر اچي ٿي ۽ انهن خبرن جو ”اسپيس“ به ٻئي نمبر تي آهي. اهو انهيءَ ڪري جو اسان جهڙن روايتي سماجن ۾ ڏوهن کي وڌيڪ اهميت مليل آهي. ڪيترا ڏوهه ته اسان وٽ بهادر جي علامت بڻيل آهن، پر جيڪي سماج لکيل پڙهيل به آهن. مثلاً آمريڪا وغيره ته اتي به ڏوهن جو سيڪڙو سڄي دنيا کان مٿي آهي. هي ڳالهه ائين به ڪري سگهجي ٿي ته شايد آمريڪي ميڊيا تي اتي ٿيندڙ سڀني ڏوهن جي ”خبر“ اچي ٿي ۽ اسان وٽ هزارين ڏوهه نه ته ميڊيا تائين پهچن ٿا ۽ نه وري، پوليس تائين اهڙي ڪيسن ۾ عورتن خلاف جنسي ڏوهن جو تعداد گهڻو آهي. گهرن ۾ جيڪي عورتون جنسي حوس ۽ تشدت جو شڪار ٿين ٿيون. اهي ڏوهه ”عزت بچائڻ، واري اصطلاح ۾ لکيو وڃي. انهيءَ کان سواءِ هزارين چوريون رپورٽ نٿيون ٿين. آفيسن ۾ رڪارڊ جي هيراڦيري وارا لکين ڪيس فائيلن ۾ ئي دفن ٿيو وڃن. سوين سوٽيڊ بوٽيڊ انڪم ٽيڪس جي چوري ۾ ملوث آهن، پر نه ميڊيا کي خبر نه ٽيڪس وٺندڙ ڌڻين کي خبر. اهڙن ڏوهن کي ”خبر“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو چيو ويو آهي. جن ۾ هميشه عام ماڻهو دلچسپي وٺن ٿا.

(9) مقامي واقعا: پنهنجي جوءِ (زال) سان پيار ته ڪو ڪو ڪندو آهي، پر پنهنجي جوع (علائقو) سان پيار هر ڪو ڪري ٿو. ڪو به مقامي واقعو يا ڪا پسگردائي جي تبديلي اتان جي ماڻهن کي متوجهه ڪري ٿي. آمريڪا جي ڪنهن اخبار ۾ ”ميهڙ“ جي ڇپيل خبر، اتي جي مقامي رهواسي لاءِ ڪا به اهميت نه به رکي، پر اتي موجود ميهڙ واسين ۽ سنڌين کي جلد متوجههڪندي ۽ هو اها خبر ورائي ورائي پيا پڙهندا. اهڙ: نموني ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ”ڪڍڻ“ واسي کي ڪڍڻ ۽ رحمڪي بازار جون خبرون پيون وڻنديون. انهيءَ جبلت ئي مقامي صحافت کي ترقي ڏني آهي، هاڻ سئٽلائيٽ نيوز چئنل به علائقائي ”خبرن“ لاءِ خاص بليٽنون جاري ڪن ٿا. ”خيرپور جون خبرون“، ”لاڙڪاڻي جون خبرون“، ”حيدرآباد ڪي خبرين“، ”سکر ڪي خبرين“ يا اخبارن جا ميٽروپليٽن صفحا يا ”حيدرآباد پيج“ اهي سڀ سلسلا مقامي دلچسپي واري عنصر کي سامهون رکي شروع ڪيا ويا آهن. مقامي واقعا به ”خبرن“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو آهن.

(10) حيرانگي: ڪي اهڙا واقعا، جيڪي عام ماڻهن کي حيران ڪري وجهن، اهي به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندا آهن. مثال ٽنڊي ڄام ۾ هڪ ڍڳي ٻن ڦرن کي جنم ڏنو. ۽ واڱڻ تي الله جو نالو. اهڙا واقعا آهن، جيڪي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهن ٿا ۽ اهي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون عام ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿيون ۽ خبرن جو موضوع ۽ ذريعو ٿين ٿيون.

(11) عام دلچسپي: ڪي واقعا اهڙا هوندا آهن. جو انهن سان عوام جو سنئون سڌو ته ڪو واسطو نه هوندو آهي. پر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڻ سڌي طرح عوام ان سان واسطو رکندو ئي آهي ۽ انهي لڪل وابستگيءَ جي ڪري انهن واقعن ۾ دلچسپي وٺندو آهي، اهي واقعا پڙهندڙ، انهن واقعن جي انجام تائين پهچڻ تائين جون خبرون، تبصرا ۽ ايڊيٽوريل وغيره پڙهندا رهندا آهن. مثلاً ڪنهن آفيسر خلاف نيب انڪوائري، ڪنهن وزير جو عشق بئنڪ ڌاڙي جي واپسي يا وغيراعظم جي پٽ جي نشي جي حالت ۾ گرفتاري اهڙا واقعا هوندا آهن، جيڪي ”خبرن“ جو موضوع ۽ ذريعو بڻجن ٿا.

(12) صحت: انسان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي صحت بابت هميشه حساس رهندو آهي. اخبارن ۾ ڇپجندڙ يا ٽي وي تي نشڙ ٿيندڙ اهي سڀ خبرون وڏي ڌيان سان پڙهيون وينديون آهن، جيڪي انسان جي بيماري، دواين، نين طبي کوجنائن ۽ نئين وائرس جي پکڙجڻ بابت هونديون آهن. برڊ فلو هجي يا ڊينگي وائرس، ماڻهو ڪوشش ڪري انهن بيمارين بابت باخبر رهڻ چاهيندا آهن. اهڙيون بيماريون، وائرس، ايڊز ۽ ڪئنسر بابت تحقيق ۽ جنسي سگهه جون دوائون ”خبرن“ جو موضوع ۽ ذريعو بڻجن ٿيون.

(13) سائنس: سائنس انسان کي بظاهر وڏا سک پهچايا آهن. انهيءَ ڪري هر نئين ايجاد هن جي توجهه جو مرڪز رهي ٿي. مثلاً هن وقت ڪهڙي نئين موبائل آئي آهي؟ ڪهڙا نوان سافٽ ويئر مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايا ويا آهن؟ ڪهڙي نئين زرعي جنس ايجاد ٿي آهي؟ نيون ڪارون، نوان هوائي جهاز جيت انجڻ واريون ٽرينون، اهي سڀ عوام جي دلچسپي جو سبب بڻجڻ ٿيون ۽ ”خبرن“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو ٿين ٿيون.

(14) دوکو: سماجي روين مان ”دوکو“ هڪ اهم رويو آهي، هن رويي جو شڪار انسان ٿيندو ئي رهي ٿو، ڪڏهن ڪو سوٽيڊ بوٽيڊ عام ماڻهن کي دوکو ڏئي ٿو ته ڪڏهن ڪو ٻهروپيو ماڻهوڪنهن کي سون ٻيڻو ڪري ڏيڻ بهاني يا پئسا ٽيڻا ڪري ڏيڻ جي بهاني دوکو ڏئي ڦري ٿو. ڪا حسين ڪنهن کي دوکو ڏئي ٿي ته ڪا معصوم ڪنهن ڪوڙي جي دوکي جو شڪار ٿئي ٿي. اهي دوکي جون وارداتون عام ماڻهن جي دلچسي جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ”خبرن“ جو موضوع ۽ ذريعو ٿين ٿيون.

(15)مشهور شخصيتون: مشهور شخصيتون هميشه خبرن جو موضوع ۽ ذريعو رهنديون آهن. سياستدان هجن يا فلمي اداڪار، ڪرڪيٽ جا رانديگر هجن يا سٺا ملهه يا ڪو وڏو اديب، اهي سڀ عام ماڻهن جي توجهه جو مرڪز رهن ٿا ۽ سماجي شخصيتون ته ماڻهن کي گهڻيون ئي محبوب ٿي وينديون آهن، جيئن ايڌي يا ڪو ٻيو ماڻهو جيڪو فلاحي ڪم ڪندو هجي ان کي ماڻهو گهڻو چاهيندا آهن. انهن سڀني شخصيتن بابت ڪا به خبر يا واقعو ”خبرن“ جو موضوع ۽ ذريعو بڻبو آهي.

(16)تفريح: تفريح فطري جلبت آهي. جنهن کي هر انسان وس ڪندي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪنهن نئين ”مساج هائوس“ جو افتتاح هجي يا ڊزي لينڊ جي ڪا خبر، ڪنهن نمائش بابت خبر هجي يا ڪنهن نئين فلم جو اشتهار، ماڻهن جي توجهه جو سبب بڻجي ٿو. اهڙين واقعن کي خبر جو اهم موضوع ۽ ذريعو بڻائي سگهجي ٿو.

(17)موسم: اڳي انسان موسم جي حوالي سان تفريح ۽ ڪن ٻين سببن ڪري دلچسپي وٺندا هئا ان ۾ اقتصادي پهلو به هوندو هو. برسات کي اسان هميشه خوشحالي جو سبب ڄاڻايوآهي. اسان جي اساسي شاعري اهڙي اقتصادي پهلوسان ڀريل آهي. سنگهارن جو سکوسڻ سان آهي. اڄ ته موسو اقتصادي طور اڃا به اهم ٿي ئي آهي. سبزي منڊين جو ڪاروبار، ڪارخانن جي مال جي سنڀال، نوان فصل پوکڻ، ڊيمن جو ڀرجڻ، دريائن جو وهڻ، موسم جو محتاج آهي. اڄ موسم جي هر ”خبر“ کي اهم ڄاتو ويندوآهي. اسان وٽ ته شادين جي تاريخ لاءِ به موسم جو خيال رکيو ويندو آهي. ڪهڙي مهيني ۾ گهڻا سيءَ پوندا يا گهڻيون بارشون پونديون، ان مهيني ۾ شادين جا ڏينهن ٻڌڻ کان به لنوائبو آهي.

(18) اناج ۽ کاڌ خوراڪ: اناج ڪچو هجي يا رڌل کاڌي جي صورت ۾، انسان لاءِ اهم آهي، اهو جياپي جو ذريعو آهي، انهي ڪري انسان پهرين اناج جي ئي ڳڻتي ڪندو آهي، امير گهراڻن ۾ اڪثر اهو معلوم ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙا نوان ڊش ٺهن ٿا، انهن کي ڪئين ٺاهجي؟ هاڻ ته کاڌي پچائڻ جا ڪتاب، اخباري سلسلا ۽ ٽي وي چئنلن جا پروگرام به شروع ٿي ويا آهن. هي سڀ سلسلا انسان جي انهي دلچسپي کي سامهون رکي شروع ڪيا ويا آهن. اهي سڀ سلسلا انسان جي انهي دلچسپي کي سامهون رکي شروع ڪيا ويا آهن. جيڪا هو کاڌي لاءِ رکي ٿو ته کاڌي ۽ اناج بابت سڀ ”خبرون“ صحافت جو اهم موضوع ۽ ذريعو رهن ٿيون.

(19) اقليتون: ڪنهن به ملڪ جي اُها آبادي، جيڪا رنگ، نسل يا مذهب جي حساب سان ٻي آبادي جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجي ته ان کي ٿورائي وارين ذاتين ۾ شمار ڪبو آهي ۽ اهڙن جڳهن تي انهن ٿورائي وارين ذاتين سان زيادتيون به ٿينديون رهنديون آهن. اهڙي مت ڀيت ”خبرن“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو سمجهيون وڃن ٿيون.

(20) تجسس: اسان وٽ جانچوسي ناول انهيءَ ڪري گهڻا پڙهيا ويندا آهن، جو انهن ۾ تجسس جو پهلو هوندو آهي. اهڙا ناول پڙهندڙ شوقين، جيستائين ناول پورو پڙهي نه وٺڻ هٿ نه ڪڍندا آهن. ڊراما، ناول، ڪهاڻيون سڀ ٿورو گهڻو تجسسي عنصر رکنديون آهن. انسان جي فطرت ۾ ته کوٽ کوٽان شامل ئي آهي. جيستائين ڪا شيءَ هن تي عيان نهٿي ٿئي هو وس ڪندي ان مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. اسان وٽ صحافت ۾ به اهي واقعا جيڪي جانچوسي پهلو رکندا هجن، پڙهندڙن يا ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز رهندا آهن. تجسس سان ڀريل ڪنهن به واقعي کي ”خبرن“ جو اهم موضوع ۽ ذريعو ڄاڻايو ويو آهي.

خبر کي اهم ۽ معتبر بنائيندڙ نقطا

”خبر“ کي هميشه خبر رهڻ گهرجي، يعني ”خبر“ اُها ئي آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن بنيادي ڳالهين مان هڪ ڳالهه ضرور هجي. اُها ڄاڻ ڏئي، ٻيو اُها سوچ ۽ سمجهه ڏئي يا تفريح جو سبب بڻجي ۽ ٽيون موضوع ۽ مطلب جي لحاظ کان به خبر لڳي.

خبر ڪنهن به واقعي جواطلاع هوندي آهي، اِها حڪومتي پڌرائي به ٿي سگهي ٿي. اِها ڪنهن سياسي يا سماجي رهنما جي دؤري جو پروگرام به ٿي سگهي ٿي، يا ڪنهن پارٽي ۽ اداري جو پروگرام ظاهر ڪرڻ واري لکڻي به ٿي سگهي ٿي پر اُها اهي سڀ گهرجون پوريون ڪري، جيڪي ڪنهن ”خبر“ لاءِ ضروري آهن، جنهن ۾ پڙهندڙ يا ٻڌندڙ دلچسپي رکندا هجن.

هر ”خبر“ سڀني ماڻهن لاءِ جيتري اهميت واري نه هوندي آهي. ڪنهن لاءِ ڪا ”خبر“ وڏي اهميت واري هوندي آهي ته اِها ساڳي خبر ڪنهن ٻي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ لاءِ غير اهم هوندي آهي.

انهي ڪري اسان ڏسندا آهيون ته رڪارڊ ٺاهيندڙ يعني رڪارڊ گڏ ڪندڙ ماڻهو پنهنجي مطلب ۽ موضوع واري ”خبر“ اخبار مان ڪٿي ان کي ئي محفوظ ڪندا آهن. پارٽين جا پريس سيڪريٽري ۽ ادارن جا پبلڪ رليشن شعبا به پنهنجي پاٽي يا پنهنجي اداري جي رڪارڊ لاءِ اهي خبرون ڪٿي محفوظ ڪندا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هنن جي پارٽي يا اداري سان واسطو رکنديون هجن. باقي ٻي رهيل اخبار ردي جي ور چڙهي ويندي آهي.

ماهرن ”خبر“ جي اهميت کي وڌائيندڙ ۽ ان کي معتبر بنائيندڙ نقطن ۾ 12 نقطن کي ڳڻايو آهي، جيڪي هيٺين طرح آهن:

(1) وقت جو خيال (2) ويجهڙائي (3) انفراديت (4) سائيز (5) اهميت (6) تسلسل (7) چٽائي (8) تضاد (9) جذباتي عنصر (10) تجسس (11) بي ڊپائي ۽ (12) ڪي متفرقه ڳالهيون.

(1) وقت جو خيال: تازو واقعو ئي ”خبر“ هوندو آهي. جيڪي واقعا پروگرام، جلسا، جلوس، گڏجاڻيون ۽ نمائشون ٿين ٿيون، انهن بابت تازي ڳالهه ۽ ڄاڻ اهميت واري هوندي آهي. پاروٿي ڄاڻ پاروٿي کاڌي وانگر هوندي آهي. اسان ڪالهه واري اخبار کي سواءِ ڪنهن حوالي جي ڇو ڪو نه پڙهندا آهيون؟ انهيءَ ڪري جو هاڻ انهيءَ اخبار واريون خبرون پارٿيون ٿي چڪيون آهن. ڪنهن شهر جي شاپنگ پلازه کي باهه لڳي ٿي، انساني جانيون بهضايع ٿين ۽ ڪروڙين روپين جونقصان به ٿئي ٿو. انهي شهر، علائقي ۽ ملڪ جا ماڻهوانهي واقعي بابت جلد ڄاڻڻ چاهيندا آهن. انهن ۾ هڪ قسم جي بيچيني هوندي آهي. هو ڪوشش ڪندا آهن ته جلد از جلد انهيءَ واقعي بابت گهڻي کان گهڻيون ”خبرون“ ڄاڻي وٺڻ. وقت جي اهميت جو خيال نه ڪيو وڃي ته پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ان اخبار يا چئنل تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. اسان جي سماج ۾ خاص ڪري اخبارن جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته، ماڻهن جو کيسو ايترو ڪشادوڪونهي، جو ماڻهو مڙئي اخبارون خريد ڪري تازيون ۽ تڪڙيون خبرون پڙهي سگهن. انهن وٽ وڌ ۾ وڌ ڪنهن به هڪ اخبار کي خريدڻ جي سگهه موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ هو اهڙي اخبار جي چونڊ ڪندا آهن، جيڪا وڌ ۾ وڌ تازيون ۽ تڪڙيون خبرون پهچائي.

(2) ويجهڙائي: واقعي سان پڙهندڙن جو جيترو تعلق وڌيڪ هوندو آهي، اهي انهي بابت اوترو ئي وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيندا آهن. ”خبر“ جو تعلق جنهن علائقي سان هوندوآهي انهيءَ علائقي ۾ ئي وڌيڪ پڙهي ويندي آهي. هڪ اخبار پشاور مان شايع ٿئي ۽ خبرون بدين ۽ ساهيوال جون ڏئي ته پڙهندڙ جلد انهي اخبار کي پڙهڻ ڇڏي ڏيندا.

حيدآباد مان نڪرندڙ هڪ اخبار سڄي سنڌ جي خبرن کي ائين شايع ڪري جو انهن خبرن ۾ هڪ تناسب برقرار رهي ته اُها سڄي سنڌ ۾ وڪرو ٿيندي.

ايڊيٽر يا سب ايڊيٽر ويجهڙائي واري نقطي کي سامهون رکي ”خبرن“ جي چونڊ ڪندا ته اخبار کي مارڪيٽ ۾ هر وقت جاءِ ملندي. مقامي صحافت جي ڪاميابي ۾ به ويجهڙائي واري نقطي کي اهميت حاصل هوندي آهي.

(3) انفراديت: ڪڏهن ڪڏهن ڪي ”خبرون“ اهڙيون هونديون آهن يا اچي وينديون آهن، جيڪي عام واقعي کان منفرد هونديون آهن. سٺا سب ايڊيٽر يا نيوز ايڊيٽر اهڙين خبرن کي بارڊر يا باڪس ۾ شايع ڪندا آهن، اهو بارڊر يا باڪس انهي ڳالهه جي شاهدي ڏيندو آهي ته هي خبر ٻين خبرن کان منفرد آهي. پڙهندڙ فوراً ان ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن. هر پرچي ۾ اهڙين خبرن جي مناسب چونڊ ڪامياب صحافت لاءِ ضروري هوندي آهي.

(4) سائيز: سائيز مان مراد خبر جي اهميت جي حسابسان چونڊ آهي. مثلاً اسان وٽ ٻح خبرون اچن ٿيون هڪ خبر هڪ سيکڙاٽ جهاز ۽ پائليٽ جي تباهي ۽ موت جي آهي، جيڪو سکيا دؤران حادثي جوشڪار ٿي ويو آهي. ٻي خبر هڪ بوئنگ جهاز جي تباهي جي آهي، جنهن ۾ ٻه سؤ مسافر سفر ڪري رهيا هئا ۽ اهي سڀ جا سڀ جهاز سان گڏ ختم ٿي ويا، هاڻ اسان ”سائيز“ کي سامهون رکنداسون. توڙي جو ننڍڙو جهاز ۽ پائيٽ اسان جي ملڪ جا آهي ۽ اسان جي سر زمين تي اهو حادثو پيش آيو آهي، پر اهو واقعو ڪنهن ۾ بين الاقومي هوائي ڪمپنيءَ جي ان بوئنگ جهاز جي تباهي واري ”خبر“ کان وڌيڪ اهميت وارو ناهي، جيڪو آسٽريليا ويجهو مسافرن سميت سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هجي اهڙي نموني اسان ”خبرن“ جي چونڊ وقت واقعن جي ”سائيز“ جو خيال ڪنداسون.

(5) اهميت: خبر جي اهميت جانچڻ سبب ايڊيٽر جو ڪم آهي، اهو ائين جو مثلاً دادو واري نمائيندي پنج خبرون موڪليون آهن، ڳڙهي ياسين واري نمائيندي ٽي خبرون موڪليون آهن، ماٿيلي واري نمائيندي هڪ خبر موڪلي آهي، سجاول جي نمائندي ٻه خبرون موڪليون آهن ۽ عمرڪوٽ واري نمائيندي ست خبرون موڪليون آهن ۽ اخبار ۾ اسان وٽ جاءِ بچيل آهي صرف ڏهن خبرن جي ۽ آيل خبرون آهن ڪل ارڙهن، هاڻ انهن خبرن مان ڏهه خبرون اهڙيون چونڊي ڪڍڻيون آهن، جيڪي سب ايڊيٽر سمجهي ته اهي وڌيڪ اهميت واريون آهن. هن لاءِ ڪو خاص قاعدو قانون جوڙيل ڪونهي، جنهن سان پرکي سگهجي ته هي خبر اهم آهي ۽ هي خبر غير اهم آهي. نمائيندن جي لحاظ کان ته سڀ خبرون اهم آهن، پر اخبار جي لحاظ کان اهميت ۾ ڦيرو ايندو آهي. انهي ڪري سب ايڊيٽر سڀني نقطن کي سامهون رکي خبرن جي چونڊ ڪندو آهي. ٻيو ته هر اخبار جي پاليسي ۽ ان جي پڙهندڙ جو رجحان به سامهون رکيو ويدو آهي. ڪهڙا ڪهڙا طبقا ڪهڙي ڪهڙي اخبار پرهن ٿا؟ اردو اخبارن جو پڙهندڙ شهري ۽ ڪاروباري طبقو آهي. انگريزي اخبارن جو پڙهندڙ نوڪر شاهي، سياستدان ۽ وڌيڪ پڙهيل لکيل طبقو آهي. سنڌي اخبارون پڙهندڙ زرعي سماج سان گهڻو واسطو رکن ٿا يا شهري مڊل ڪلاس طبقو انهن اخبارن کي پڙهي ٿو. هر اخبار پنهنجي پڙهندڙ کي سامهون رکي ”خبرن“ جي چونڊ ڪندي آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي اخبارون زرعي خبرون انهيءَ حساب سان نٿيون ڏين، جنهن حساب سان هنن جو پڙهندڙ گهري ٿو. اسان هروڀرو پنهنجن ماڻهن کي سياسي (Politicize) بنائڻ جي چڪر ۾ آهيون. خبر جي چونڊ ۾ توازن ضرري آهي. انهيءَ سان اخبارون وڌيڪ عوامي ٿينديون ۽ ماڻهو اخبارن جو انتظار ڪندا.

(6) تسلسل: ڪنهن به ”خبر“ جي سلسليوار شروعات پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ پڙهندڙ اهڙيون خبرون مڪمل طور پڙهندا آهن. واقعي کي سلسليوار پيش ڪرڻ جو مثال اسان ائين وٺون ٿا ته مثلاً نوازشريف جلاوطني کان پوءِ لاهور پهتو. هي اخبار جي سرخي آهي ۽ ننڍي سرخي ۾ لکيل آهي ته ”ايئرپورٽ تي لکيل ماڻهو گڏ ٿي ويا، حڪومت طرفان جهاز جي ليڊنگ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون“. هاڻ هنن سرخين جي هيٺان جيڪا خبر هوندي ان جو سلسلو نوازشريف جي جلاوطني، لنڊن ايئرپورٽ تان روانگي، جيڪي ساٿي هن سان شامل هوندا، انهن جا نالا، لاهور ايئرپورٽ تي پهچڻ، حڪومتي ڪارروايون، عوام جو هجوم ۽ تاريخي استقبال، گلبرگ يا جاتي عمر رائونڊ تائين سندس سفر يعني سڄو قصو ترتيبوار پيش ڪبو ته جيئن پڙهندڙ ”خبر“ پڙهي ته ان کي اڌ ۾ نه ڇڏي، پر ان ”خبر“ کي مڪمل ڪري، يا 12 مئي 2007ع واري ڪراچي دهشتگردي، چيف جسٽس جو ايئرپورٽ تي اچڻ، ويندي مخالف ڌر جي مارجي ويل ڪارڪن جا انگ اکر ۽ ڏس پتا، ترتيب سان خبر ۾ شامل ٿيندا ته جيئن پڙهندڙ کي منٽ منٽ جي خبر پوي.

(7) چٽائي: ڪنهن به ”خبر“ ۾ جيڪڏهن چٽائي نه هوندي ته ان ”خبر“ کي اڻپورو چئبو، اڻ چٽائي جا مثالهن ريت آهن: ”12 مئي 2007ع تي ڪن ”نامعلوم“ ماڻهن ڪراچي ۾ نڪرندڙ مخالف ڌر جي ريلي تي فائرنگ ڪري ڏني“ هاڻ هي ”خبر“ اصل حقيقت جي پس منظر ۾ اڻ چٽي آهي ۽ هر ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ”نامعلوم“ ڪير هئا. اڻچٽائي جو اهو سبب ڪنهن ڊپ جي ڪري به ٿي سگهي ٿو، اهڙي ڊپ واري صورت ۾ لفظ نامعلوم کي واڪ جي نشانين ۾ بند ڪبو آهي ته جيئن پڙهندڙ ان کي سمجهي سگهن. اهو لفظ ڪنهن مجبوري جي ڪري آندو ويو آهي.

ٻيو مثال هي آهي ته جيڪڏهن خبر هجي ته ”پاڪستانجي هڪ رانديگر ڇڪو هڻي ميچ برابر ڪري ڇڏيو“. هاڻ هن خبر ۾ رانديگر جو نالو شامل ڪونهي، جيڪو ”خبر“ کي پرڪشش بنائڻ لاءِ ضروري هو.

ڪنهن به معاملي ۽ واقعي جي خبر ٺاهڻ وقت هنڌ، نالي، تاريخ ۽ ڪردارن وغيره کي چٽو ڪرڻ گهرجي.

سال 2003ع ۾ ”ڪاوش“ ڪراچي جي نمائيندي پنهنجي هڪ خبري تبصري ۾ لکيو هو ته هڪ ڏسڻو وائسڻو ماڻهو فائيل هٿ ۾ کنيو 22 گريڊ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جا چڪر هڻي رهيوآهي ۽ سيڪشن آفيسرن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. هاڻ هي ته ڳجهارت ٿي وئي ۽ پڙهندڙ پيو سوچيندو ته اهو ڪير آهي ته اهڙن تبصرن ۽ خبرن وقت نالي کي چٽو ڪري بيان ڪرڻ گهرجي ته جيئن خبر اڃا به معتبر ۽ دلچسپي واري بڻجي پوي.

(8) تضاد: هن وقت دنيا جا سماج هڪ تبديليءَ مان گذري رهيا آهن، اها تبديلي انهن سماجن ۾ چالو مختلف تضادن جي ڪري رٿي آهي. اِهي تضاد وڏي شدمد سان جاري آهن. نائن اليون کان پوءِ تهذيبن جو تضاد، يورپ ۽ آمريڪا جو اقتصادي تضاد، علائقائي سطح تي افغانستان ۽ پاڪستان جو تضاد، اهي ڳڻائڻ لاءِ ٻه ٽي مثال ڏنا ويا آهن ۽ ملڪي سطح تي جيڪي تضاد هلي رهيا آهن، انهن ۾ سياسي پارٽين ۽ فوجي حڪومت جو تضاد فوج ۽ عدالت جو تضاد، اهڙي نوني لساني ۽ قومي تضاد، صوبن جا هڪٻئي سان ناڻي ۽ پاڻي جي ورڇ ۽ خود اختياري بابت تضاد. انفرادي تضادن ۾ هڪ ٻئي کي هيسڻ، عهدن جو تضاد، پروفيشنل جيلسي جنهن لاءِ سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڪتوڪتي کي نه سهي“. راندين جا تضاد جنهن جي بنياد تي سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جون ٽيمون ۽ مختلف رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. ٻيا وري عشقي تضاد اهي تضاد روين ۽ جذبن جا تضاد هوندا آهن. هڪ ڇوڪري ٽن نوجوانن کي شادي جو آسرو يا شوق، اردو واري چيو آهي ته ”ايڪ انار سو بيمار“ پوءِ ڇوڪري نه ملي ته ڇوڪري به چٽ ته گهوٽ به چٽ. ياد رکڻ گهرجي ته جتي به جڏهن به ڪي تضاد اڀرن ٿا اهي ”خبرن“ جو سبب بڻجن ٿا. پڙهندڙ هر متضاد ”خبر“ کي دلچسپي سان پڙهندو آهي ۽ جيئن جيئن اهي تضاد وڌندا وڃن ٿا. ”خبرن“ ۽ تبصرن جو دائرو به وڌندو وڃي ٿو.

(9) جذباتي عنصر: سماج جو هر فرد جذباتي ٿئي ٿو، پر هن جو اهو جذبو عمر، فهم ۽ حالتن تي مدار رکي ٿو. جذبا سٺا به هوندا آهن ۽ خراب به. سٺن جذبن وارا تعميري ڪم ڪندا آهن ۽ خراب جذبن وارا سماج کي ڪو به نقصان ڏيڻ کان پاسو نه ڪندا آهن.

ڪن وٽ غيرت جو جذبو هوندو آهي، اهي پنهنجي نگ ۽انگ جي حفاظت ڪندا آهن ۽ انهي جذبي جي انتها وطن پرستي، قومپرستي، مذهب پرستي ۽ ذات پرستي ۾ ظاهر ٿيندي آهي، جتي نگ ۽ انگ به قربان ڪري ڇڏبا آهن ۽ جنهن وٽ اهو جذبو نه هجي ته اسان پنهنجي سماج ۾ ان کي ”بي غيرت“ سڏيندا آهيون ۽ اهڙو ماڻهونگ، انگ، وطن ۽ قوم جو سودو ڪندي ويل ئي نه ڪندا آهن. اهڙا ڪردار ڪي پري ڪو نه آهن، ٿورو هيڏانهن هوڏانهن ماضي ۽ حالجي تجربن مان ڳولي سگهجن ٿا.

ڪي فرد سماج سڌارڪ هوندا آهن، انهن وٽ سماج کي فلاح ڏانهن وٺي وڃڻ جو جذبو هوندو آهي ڪي شخص وڏيون دعوائون ته ڪندا آهن، پر انهن جي اندر جو جذبو انهن جي عمل مان ظاهر ٿي پوندوآهي، اهي ٻولي، ادب ۽ سماج جي ڳالهه ڪري ذاتي مفاد ماڻڻ چاهيندا آهن ۽ دعوائن کي پوئتي اڇلائي ڇڏيندا آهن.

جذبا ڪهڙا به هجن هميشه ”خبر“ کي پرڪشش بڻائين ٿا. ڪا خبر، جنهن ۾ ڪو جذبوظاهر ٿيندو هجي، پڙهندڙ ان ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن.

(10) تجسس: ماڻهو اهڙين خبرن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا آهن، جن ۾ تجسس جو عنصر غالب هجي. زندگيءَ جي مجازي معنيٰ (Metaphorical meaning) ڊرامو به ورتي ويندي آهي، يعني هر فرد ڪنهن ڊرامي جي ڪردار وانگر هن دنيا جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري زندگيءَ جي پڄاڻي ڪندو آهي. ڊرامي جو بنياد تجسس ۽ لِڪ تي رکيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اسان لکيل يا فلمايل ڊرامن ۾ گهري دلچسپي وٺندا آهيون ۽ ايندڙ قسطن جو انتظار ڪندا آهيون. اخبارون زندگيءَ جي ڊرامي وارن ڪردارن جي سرگرمين جو اولڙو هونديون آهن، انهيءَ ڪري خبرن ۾ جيترو تجسس جو عنصر وڌيڪ هوندو آهي، ”خبرون“ پڙهندڙ جي دلچسپي جو سبب بڻبي. پڙهندڙ اهڙين خبرن، فيچرن يا مضمون وغيره کي پورو پڙهي پوءِ هٿ ڪڍندا آهن.

(11) بي ڊپائي: هر انسان ڪنهن به اهڙي واقعي ڏانهن جلد متوجهه ٿيندوآهي جنهن ۾ ڪنهن فرد يا ڪن فردن جان جوکم ۾ وجهي ڪو ڪارنامو سر انجام ڏنو هجي. ”هڪ پوليس واري ٽن ڌاڙيلن کي ماري وڌو“ هي سرخي ماڻهن کي جلد متوجهه ڪندي. ٻيومثال هي آهي ”هڪ ٻار ٻن دهشتگردن کي ڪمري ۾ پوري پوليس کي گهرائي ورتو“ يا ”ٽن جرمن عورتن هماليا جي چوٽي چڙهي پار ڪئي“ يا ٿائيلينڊ ۾ هڪ همراهه وڇن سان سؤ ڏينهن گذاريا“ يا ”لاهور ۾ چاليهه ڪارن جي مٿان موٽرسائيڪل جو ٽپ“ اهي سڀ سرخميون انهي بي ڊپائي کي ظاهر ڪن ٿيون، جنهن تي ماڻهو داد ڏيندا آهن ۽ جلد اهڙن واقعن جي ”خبرن“ ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن ۽ انهن خبرن کي شوق سان پڙهندا آهن.

(12) ڪي متفرقه ڳالهيون: سماج ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون ۽ واقعا ٿي پوندا آهن، جيڪي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن. سماجي مسئلن بابت خبرون اهڙن واقعن کي ظاهر ڪنديونآهن. پڙهندڙ انهن ”خبرن“ کي دلچسپي سان پڙهندا آهن. ڪي واقعا يا ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڪن خاص طبقن، گروهن ۽ فرد کي متوجهه ڪن ٿيون. اهي اخبار کڻڻ شرط ئي اسپورٽس صفحو پڙهڻ شروع ڪندا آهن. جن ماڻهن وٽ انبن جا باغ آهن، اهي انبن جي اگهن، روانگي واپار ۽ نين جنسن جي دريافت وارين خبرن ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن. جيڪي پلاٽن جو ڪاروبار ڪندا آهن، اهي اسٽيٽ بزنس جي خبرن ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن. اهڙ: نموني هر علائقي جي خبر علائقي وارن کي متوجهه ڪندي. اديب ادب جون خبرون وڌيڪ پڙهندو. خبرون چونڊڻ وقت اهڙي توازن کي برقرار رکجي ته جيئن هر طبقي کي پنهنجي دلچسپي واريون ”خبرون“ پڙهڻ لاءِ ملن.

خبر جون گهرجون

خبر کي انساني نفسيات مطابق ٺهڪائي پيش ڪرڻ سان ”خبر“ وڌيڪ ڇڪ واري بڻجي وڃي ٿي ۽ هر عام يا خاص به هن خبر ڏانهن ضرور متوجهه ٿيندو. خبر جو ملهه (News value) تڌڏهن ئي برقرار رهي سگهندو جڏهن ”خبر“ جي گهرج کي پورو ڪيو ويندو. هڪ خبر ڪيئن ”خبر“ هئڻ گهرجي؟ ماهرن اهڙي خبر لاءِ چئن شين کي اهم سڏيو آهي. اهي چارئي شيون جنهن خبر ۾ هونديون. اُها خبر متوازن ليکبي آهي. خبر جو معيار جانچڻ لاءِ پرکڻ جي حس (News Nose) هئڻ ضروري آهي. جنهن صحافي ۾ اِها حس موجود هوندي اهو ڪامياب صحافي چورائبو.

خبر جي معيار ۽ توازن لاءِ جن چئن شين جي ضرورت پوي ٿي، انهن ۾ هڪ حقيقت پسندي، ٻيو توازن، ٽيون واقعي جي صحيح عڪسبندي ۽ چوٿون مختصر پر جامع نموني واقعي کي قلمبند ڪرڻ آهي.

(1) حقيقت پسندي: حقيقت پسندي مان مراد واقعي جي صحيح حقيتن کي خبرن ۾ شامل ڪرڻ آهي. جيڪو ڪم سچائي ۽ حقيقت پسندي سان ڪيو وڃي، ان ڏانهن هر ڪو ڪجهه نه ڪجهه ضرور متوجهه ٿيندو آهي. صحيح انگ اکر ڏيڻ ۽ واقعن کي سچائي سان پيش ڪرڻ ضروي هوندي آهي. هن سان ”خبر“ متوازن ٿي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڪري ٿي. اهڙيون خبرون اخبار، رسالي، ريڊئي ۽ ٽي وي سان گڏ صحافي جي ساک به ٺاهين ٿيون. ٽنڊي بهاول واري ڪيس کي جيڪڏهن ميڊيا حقيقت پسندي واري جذبي سان نه کڻي ها ته ڪيترائي خون ٻڏي وڃن ٿا.

(2) توازن: هر خبر کي متوازن هئڻ گهرجي. جيڪا ”خبر“ توازن وڃائي ويهي اُها بي اعتباري ٿي پوندي آهي. صحافي کي ڪڏهن به ڪنهن واقعي جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت ڌر ٿيڻ نه گهرجي، جيڪڏهن ٻن ڌرين ۾ ڪنهن به مسئلي تي اختلاف آهن يا هڪ ئي شهر ۾ ٻن وڏين پارٽين جو جلسو ٿيو آهي ته صحافي ٻنهي ڌرين کي هڪ جيتري اهميت ڏئي. هر هڪ ڌر کان ان جو مؤقف معلوم ڪري پوءِ انگ اکرن سان خبر ٺاهي. ساڳي نموني ٻنهي جلسن کي به ائين ئي پيش ڪري جيئن اهي ٿيا آهن. آيل ماڻهن جي تعداد ۾ مبالغي کان ڪم نه وٺجي، ڪنهن هڪ ڌر جي جلسي کي لکين ماڻهن جي ميڙ سان تشبيهه ڏجي ۽ ٻي جلسي ۾ سوين ماڻهو ڄاڻائجن، اهو صحيح نه ٿيندو. پر جيترو انگ لڳ ڀڳ هجي، ان کي ”خبر“ ۾ شامل ڪجي. اهڙيون غير متوازن ”خبرون“ صرف انهن اخبارن ۾ ڇپبيون آهن، جيڪي ڪنهن پارٽي جي فنڊ تي هلنديون هجن يا ڪنهن پارٽي جون ترجمان هجن. غير جانبدار اخبار ۽ صحافي کي هميشه ۽ هر حالت ۾ توازن برقرار رکڻ گهرجي.

(3) عڪسبندي: هتي عڪسبندي مان مراد اصل شين ۽ واقعن کي جيئن جو تئين پيش ڪرڻ آهي، واقعو جيئن ٿيو آهي ان کي هوبهو ائين قلمبند ڪرڻو آهي. مثلاً اسان ڪنهن اداري جي ڪرپٽ سربراهه بابت ڪا اسٽوري تيار ڪري رهيا هجون ته اسان کي جيئن جيئن ڪرپشن ٿي آهي، ائين ائين انگن اکرن سان سچايون پيش ڪرڻيون پونديون. اسان کي نه ته ان سبراهه کي دوستي جي بهاني بچائڻو آهي ۽ نه وري ڪنهن کي هروڀرو ولوڙڻو آهي.

جيڪڏهن ڪو صحافي معروضي حقيقتون ۽ حالتون ڇڏي تعصب، دوستي ۽ بليڪ ميلنگ جي بنياد تي خبر ٺاهيندو ته اُها خبر جانبدار چورائيندي، اخبار ۽ رسالي وغيره تي الزام لڳندا.

صحافي کي ”خبر“ جي گهرج کي سامهون رکڻو آهي، هن کي سياستدان يا جج ٿيڻ نه گهرجي. هڪ صحافي جي سياسي وابستگي ٿي سگهي ٿي، هن جو لاڙو ڪنهن گروهه ڏانهن ٿي سگهي ٿو، پر ”خبر“ ٺاهڻ وقت هو صرف صحافي آهي، هن کي پنهنجي اخبار لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هن کي اخبار جي ساک ۽ پنهنجي پيشي جو خيال ڪرڻو آهي.

(4) مختصر پر جامع: هي ٻولي جي استعمال جو فن آهي. لفظ جي چونڊ ۽ انهن جو صحيح استعمال، ”خبر“ پڙهڻ واري کي جلدي ”خبر“ جي ڄاڻ ۽ ا جي مقصد تائين پهچايو ڇڏي.

ڪهاڻي ۽ ”خبر“ ۾ فرق هئڻ گهرجي، ”خبر“ ۾ نه ته ڊگهي پٽاڙ هجي نه وري ڪنهن ڊائلاگ وانگر مختصر هجي. ڊگهي جملي ۽ ڏکين اصطلاحن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ”خبر“ سلسليوار، آسان ۽ قابل فهم هئڻ گهرجي ته جيئن هر طبقي جو پڙهندڙ هن سولائي سان سمجهي. فالتو لفظ ڪڏهن به استعمال نه ڪجن، جيڪڏهن فالتو لفظ استعمال ٿيل هجن تهانهن کي ڪڍي ڇڏجي. لفاظي واري ”خبر“ کي ٽيڪنڪ جي لحاظ سان غلط چئبو. اخبار يا ڪنهن ٻي ميڊيا ۾ جاءِ ۽ واقت جو لحاظ رکيوويندوآهي. جيڪڏهن گهڻي لفاظي هوندي ته ٻين اهم خبرن کي جاءِ ۽ وقت ملي نه سگهندو ۽ پڙهندڙ ٻي ڄاڻ کان محروم رهجي ويندا. انهيءَ ڪري صحافي کي تو ريل ۽ تڪيل لفظ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪي ”خبر“ کي جامع ۽ قابل فهم بڻائين.