ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275918   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون -- ڪميونيڪيشن


هي وصف عام  ٻڌبي آهي ته ”انسان هڪ سماجي جانور آهي“ .جانور انهيءَ ڪري چيو ويو جو جاندارن جون جيڪي جبلتون ٿين ٿيون، اهي ٿوريون يا گهڻيون انسان ۾  به موجود آهن. خاندان بڻائي منظم طريقي سان رهڻ صرف انساني جبلت ناهي پر ٻيا به ڪيترائي جاندار، خاندان ٺاهي، گروهه بنائي ڪالونين جي شڪل ۾ رهن ٿا، پر انهن جي اها تنظيم فطري آهي، انهن کي ڪنهن سيکاريو ڪونهي، پر اِها وصف کين عطا ڪيل آهي.

انسان کي ڏنل دماغي قوت افضل ۽ اعليٰ آهي، جنهن هن کي ٻين کان اشرف ڪيو آهي، انجيل ۽ قرآن پاڪ ۾ چيو ويو آهي ته فرشتن جي مقابلي ۾ آدم کي ڪن شين جا نالا سيکاريا ويا، جيڪي پڇڻ تي هن ٻڌايا ۽ فرشتا نه ٻڌائي سگهيا. هي ڪو اسڪلي عمل ڪو نه هو ۽ نه ئي ڪنهن ڪنڊ ۾ آدم کي لڪي لڪي ڪي نالا ٻڌايا ويا، پر هن جو مطلب آدم کي ”دماغي قوت“ عطا ڪرڻ هو، ۽ انهيءَ قوت ۾ پرکڻ، سمجهڻ، پسڻ ۽ ٻڌائڻ جون ڪيفيتون سمايل هيون، جيڪي پوءِ انساني نسل کي ورثي ۾ مليون. انسان ۾ سماج جوڙڻ واري صلاحيت فطري ته آهي، پر اهي سندس ”دماغي قوت“ جي ڪاوش آهي.

هن وقت سماج انسان جي ضرورت بلڪه اهم ضرورت آهي، ارسٽو هن ضرورت بابت ڏاڍي جامع وصف بيان ڪئي آهي، هو چوي ٿو ته ”جيڪڏهن ڪو (انسان) ڪنهن سماج ۾ امسائجي نٿو سگهي ته، يا هو پنهنجي ذات ۾ اڪمل آهي ۽ اڪمل ذات ڌڻيءَ جي آهي، يا ته هو ڪو چريو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ دماغي قوت نه آهي.“

سماج ۾ هڪ باشعور انسان کي ٻين انسانن تي ڀاڙڻو پوي ٿو ۽ سماج جي مختلف گروهن، طبقن ۽ ذريعن جي هن کي هر وقت ضرورت پوندي رهي ٿي، هو سماجي، اخلاقي ۽ نفسياتي طور ڪيترن ئي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل رهي ٿو.

فرض ڪريو ته ڪو هڪ انسان سڄي دنيا ۾ اڪيلو رهجي وڃي ۽ هن جهڙو ٻيو ڪو فرد باقي نه بچي ته هو اڪيلو ڇا محسوس ڪندو؟ سڄي دنيا جو اڪيلو وارث هئڻ باوجود، هو اهو محسوس ڪندو ته منهنجي وجود جو هن ماحول ۾ ڪو به ڪارج ڪونهي ۽ هن ماحول ۾ منهنجو رهڻ يا نه رهڻ ٻي برابر آهن.

ڪو به انسان پنهنجي سماجي گهرجن ۾ خود ڪفيل ڪونهي، هن کي پنهنجي زندگيءَ گذارڻ لاءِ رشتن ناتن ۽ دوستن دشمنن جي ضرورت پوي ٿي يا ائين کڻي چئي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ انهن رشتن ناتن مان گذري ٿو، جن ۾ دوستي ۽ دشمني به شامل آهي.

پنهنجون سماجي ذميواريون نڀائڻ لاءِ انسان کي ڪميونيڪيشن جي ضرورت پوي ٿي، ان ڪميونيڪيشن جي صورت ڪهڙي به هجي يعني ٻولي، اشارا يا ڪي نشانيون، جن کي استعمال ڪري، هو پنهنجي هم خسل مخلوق سان رابطو ڪري سگهي، پنهنجون ضرورتون ٻين کي ٻڌائي سگهي ۽ ٻين جون گهرجون ٻڌي ۽ سمجهي سگهي يا پوريون ڪري سگهي.

سائنسسي بنيادن تي هن وقت تائين ”ڪميونيڪيشن“ جون جيڪي به وصفون بيان ڪيون ويون آهن، انهن جو نچوڙ اهو نڪري ٿو ته ”انسان جي ارتقائي سرشتي ۾ خيالن ۽ ضرورتن جي مٽاسٽا لاءِ اشارا (signals) استعمال ٿيا ۽ بعد ۾ سندس ”دماغي طاقت“ جو ڀرپور استعمال ٿيندو رهيو، جنهن ٻولين کي جنم ڏنو ۽ انهن جون لپيون وجود ۾ آيون ۽ ائين ڏاڪي به ڏاڪي اڄ انسان اليڪٽراني دؤر ۾ پهتو.“

اينٿراپالاجي ۽ ٻوليءَ جا ماهر اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته انسان جي شروعاتي ٻولي ڪهڙي هئي؟ ۽ پوءِ هزارين ٻوليون ڪيئن وجود ۾ آيون؟ انهيءَ لاءِ ڪي گماني نظريا ضرور پيش ٿيا آهن. انسانن کان سواءِ ٻيا هم نسل جاندار جتي به هجن هڪڙي ٻولي يا ائين کڻي چئجي ته ساڳيو آواز آلاپين ٿا. سڄي دنيا جي گهوڙن جي هڻڪار هڪجهڙي آهي. سڄي دنيا جا ڪڪڙ ”ڪڙوڪو“ جو آواز ڪڍن ٿا، ڪتي جي ڀنؤن ڀنؤن يعني ڀونڪ به ساڳي آهي. پر هڪ انسان پنهنجي هم نسل کان مختلف بولي استعمال ڪري ٿو ۽ ٻيو ٻئي کان مختلف، ٽيو ٽئي کان مختلف.

زبان ۾ اظهاري قوت هوندي ۽ دماغي سمجهه ۽ سرت هوندي به دنيا جا مختلف انسان هڪ ٻي جي ٻوليءَ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان قاصر آهن. لسانياتي ماهر ٻولين ۾ اختلاف بابت چون ٿا ته اهي ٻوليون مختلف ماحولن جي پيداوار آهن، جيڪي انساني گروهه سامونڊي علائقن ۾ رهيا، انهن اتان جي ماحول مطابق ٻولي سکي ورتي، جيڪي جابلو علائقن ۾ رهيا، انهن اتان جي ماحول مطابق ٻوليءَ کي سکي ۽ ان کي اپنايو ۽ ميداني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي ان ميداني ماحول جي پيداوار آهي.

سماج جي ارتقا ۽ ترقي ٻولين جي اوسر ۽ ترقيءَ سبب ٿي آهي، ٻوليءَ کان سواءِ نه ته انسان سماجي ترقي ماڻي سگهي ها ۽ نه هُن جي ڪا ثقافت نه ڪو مذهب هجي ها. ٻولي هڪ ترتيب سان انساني رابطي (Human Communication) لاءِ استعمال ٿيندي پئي اچي ۽ اڄ اسان انهي ترتيب سان مختلف ٻولين ۾ ڪتاب ڇپجندي ڏسون ٿا، اخبارون ڇپجن ٿيون، اليڪٽراني ميڊيا ان ٻوليءَ ڪري روان دوران آهي، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جهڙي ٽيڪنالاجي جو استعمال عام ٿيو آهي. ڪميونيڪيشن لاءِ اسان لفظ ”ابلاغ“ به استعمال ڪريون ٿا. هي عربي لفظ ”ڪميونيڪيشن“ جو سمورو مفهوم واضح ڪري ٿو. ”ابلاغ“ جي معنيٰ آهي، ڪنهن ڄاڻ، پيغام، خيال يا محسوسيات کي اڳتي وڌائڻ يا پهچائڻ، هن عمل ۾ انهيءَ ڳالهه جو به خيال رکيو ويندو آهي ته ڏنل پيغام وصول ڪندڙ به ائين سمجهي ۽ هنڍائي جيئن پيغام موڪلڻ وارو چاهي ٿو. اهڙي طرح ”ابلاغ“ خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڄاڻ جي منتقليءَ جو هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو فردن يا گروهن وچ ۾ بنا ڪنهن رنڊن جي جاري رهي ٿو.

”ڪميونيڪيشن“ لفظ انگريزيءَ ۾ به استعمال ٿئي ٿو، پر اهو اصل ۾ فرانسي لفظ جو ماخذ آهي، جيڪو ”ڪميونيڪيشن“ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ”ڪميونيڪيشن“ لفظ جو ٻيو مادو رومن لفظ Communes مان آهي، جنهن جي معنيٰ پيغام موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ ۾ هم آهنگي آهي.

پيغام جي صحيح پهچ لاءِ بطور ”صحافي“ يا ”ڪميونيڪيٽر“ اسان کي  ٻولي جي حوالي سان گهڻو محتاط رهڻو پوي ٿو ته جيئن اسان جو پيغام يا خيال ٻئي تائين سو سيڪڙو ائين پهچي، جيئن اسان چاهيون ٿا. لفظن جي غلط چونڊ اڪثر غلط فهمي (Miss Communication)جو سبب بڻبي آهي ۽ ڳالهه جو مطلب ۽ ادارڪ غلط ورتو ويندو آهي. پيغام ڏيندڙ هڪڙي ڳالهه پهچائڻ چاهيندو آهي ۽ وصول ڪندڙ ان کي ٻي ڳالهه سمجهندو آهي. انساني رويا به غلط فهمي جو سبب بڻجن ٿا. جنهن شخص يا قوم جو ٻئي شخص يا ٻي قوم تي ڀروسو نه هجي ته نتيجي طور انهن جو نيڪ عمل به خراب محسوس ٿيندو آهي. ”ڪميونيڪيشن“ جو علم روين جو پابند آهي. گهربل نتيجا روين سان سلهاڙيل آهن. رويا ٺيڪ آهن ته ڪميونيڪيشن ٺيڪ آهي، روين ۾ جهول آهي ته ڪميونيڪيشن ۾ به جهول هوندي.

”لفظ ڪميونيڪيشن“ جون مختلف لغتن ۾ ڏنل معنائون

ڪميونيڪيشن لفظ جي بنيادي معنيٰ ته هڪڙي ئي رهندي، البته دنيا جي معياري لغتن ۾ لغت نويش (Lexicographers) هن لفظ جون جيڪي مختلف معنائون بيان ڪيون آهن، انهن جو جائزو وٺون ٿا.

(1) او ڪسفرڊ انگلش ڊڪشنري ۾ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ڄاڻايل آهي ”خيالن ۽ ڄاڻ جي مٽا سٽا ۽ پهچ وغيره، پوءِ اها کڻي ڳالهائڻ ذريعي ٿئي يا لکت ۽ اشارن سان ٿئي“.

(2) لانگ مين ماڊرن انگلشن ڊڪشنري هن لفظ جي معنيٰ ۾ لکيو آهي ته ”جاڻ يا خيال وغيره موڪلڻ، ڏيڻ ۽ انهن جي مٽاسٽا“.

(3) آمريڪن ڊڪشنر ۾ ڄاڻايل آهي ”هڪ عمل يا رابطي جي حقيقت ۽ لفظ ذريعي هڪ ميلاپ، لفظ، پيغام، خيالن ۽ راين جي ڏي وٺ“.

(4) چئمبرس ٽوئنٽيٿ سينچري ڊڪشنري ۾ آيو آهي ته ”ڄاڻ جو وهڪرو جيئن پريس، سئنيما، ريڊيو ۽ ٽيليويزن“.

(5) وئيسٽر نيو ڪاليجيئٽ ڊڪشنري ۾ ڪميونيڪيشن جي معنيٰ ۾ ڏنل آهي ”هڪ طريقه ڪار جنهن سان فردن وچ ۾ ڄاڻ جي مٽا سٽا (جيڪا) نشانين جي رواجي طريقي سان، اشارن يا روين سان ٿئي ۽ اها ٽيڪنڪ جنهن سان خيال اثرائتي نموني بيان ڪجن.“

(6) نيو ورلڊ ڊڪشنري آف دي آمريڪن لئنگويج ۾ ڄاڻايل آهي ”ڄاڻ جو ڏيڻ يا مٽا سٽا ڪرڻ، ڳالهائڻ يا ڏيک ۽ لکت ذريعي پيغام موڪلڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو سرشتو، جيئن ٽيليفون، ٽيليگراف يا ريڊيو وغيره“.

(7) ويبسٽر نيو ڊڪشنري آف سنونيمس ۾ ڄاڻايل آهي، ”ميل جول، خط و ڪتابت ۽ ڳاهه ٻولهه“.

ڪمينيڪيشن جون وصفون

مشهرو اسڪالرن، ماس ڪميونيڪيشن جي استادن ۽ عامل صحافين ڪميونيڪيشن جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن، انهن وصفن مان ڪي چونڊ وصفون هتي بيان ڪجن ٿيون.

(1) چارلس اي اوس گوڊ جو چوڻ آهي ته ”عام فهم ۾ سمجهڻ گهرجي ته ڪميونيڪيشن اهو عمل آهي، جيڪو ڪنهن نظام ۽ وسيلي ذريعي رابطو ڪرائي ۽ ان جو اثر به ٿئي. هي عمل پنهنجي توڙ تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن اهڙي چئنل جو سهارو وٺي، جيڪو ٻنهي پاسن کان ڳنڍيل هجي ۽ پيغام ڪن طئي ٿيل اصولن مطابق مستقل ٿي رهي.

(2) ڪلاڊشينان ۽ وارن ويور چون ٿا ته لفظ ڪميونيڪيشن ۾ اهي سمورا طريقا سمويل آهن، جن سان هڪ ذهن ٻئي کي متاثر ڪري ٿو، هو وڌيڪ چون ٿا ته متاثر ڪرڻ واري عمل ۾ رڳو لکت ۽ ڳالهه ٻولهه شامل نه آهي، پر موسيقي، چترڪاري، ناٽڪ ۽ انساني رويو به ان ۾ شامل آهي. هو چون ٿا ته ڪميونيڪيشن جو عمل تسلسل سان جاري رهندو آهي ۽ هڪٻئي کي متاثر ڪندو رهندو آهي.

(3) ايڊور ڊايل برهنگ چوي ٿو ته ساڳي سماج جا فرد جڏهن هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا يا هڪٻئي کي اشارا ڪن ٿا ۽ انهن جو مفهوم ۽ مطلب به سمجهن ٿا ته اهو ڪميونيڪيشن جو عمل آهي.

(4) جارج اي، ڪميونيڪيشن کي اطلاع يا پيغام جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقليءَ ڄاڻائي ٿو، جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته هن عمل ۾ خود انسان جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جنهن جي تجربن، مشاهدن ۽ ضرورت کي اطلاع جي مفهوم ۾ سمجهي اڳي وڌائجي.

(5)چارلس ڪولي جو چوڻ آهي ته ڪميونيڪيشن اهڙو طريقه ڪار آهي، جنهن سان انساني ناتا رشتا ظاهر ٿيندي محسوس ٿين ۽ اهي وڌي ۽ ويجهي به رهيا هجن ۽ مڙئي ذهني تصور، منتقليءَ جي مختلف مرحلن مان گذري، ڪنهن خاص جاءِ ۽ وقت کي والارين.

(6) دي ڪولمبيا اينسائيڪلو پيڊيا ۾ ڏنل آهي ته ”ڪميونيڪيشن خيالن ۽ پيغامن جي منتقليءَ جو نالو آهي ۽ اهو به ضروري آهي ته اهي پيغام ۽ خيال اثر رکندا هجن ۽ گڏوگڏ فردن جي سفر کانسواءِ اهي شين جي منتقليءَ دوران به اثرانداز ٿيندا هجن. هن اينسائيڪلو پيڊيا ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ڪميونيڪيشن جو بنياد ”ڏسڻ“ ۽ ”ٻڌڻ“ آهي، يعني نشانين ۽ آواز کي ڪميونيڪيشن جو اهم ذريعو ڄاڻايو ويو آهي.

(7) مٿي ڪميونيڪيشن جون مختلف وصفون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي ٿ وري ڦير گهير سان ساڳي مفهوم کي واضح ڪن ٿيون. اصل ۾ ”ڪميونيڪيشن هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن سان بامطلب اطلاعن جي ڏي وٺ ٿيندي هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه سماج ۾ مروج طريقن، اشارن، روين ۽ ٻولين سان جڙيل هجي، پوءِ اهو عمل کڻي شعور هجي يا لاشعوري.“

ڪميونيڪيشن جو عمل خيالن ۽ روين ۾ تبديلي ۽ موٽ سان جڙيل هوندو آهي ۽ اهو اخبارن، رسالن، ريڊئي ۽ ٽي وي، فون، انٽرنيٽ يا فردي رابطن جو محتاج هوندو آهي. انهيءَ عمل سان انساني ذهن ڪجهه سوچڻ ۽ ڪرڻ ڏانهن مائل ٿين ٿا ۽ انهيءَ سان عمل ۽ رد عمل جا احساس ۽ جذبا اڀرن ٿا. جيڪي سماج ۾ هاڪاري يا ناڪاري اثر ڇڏين ٿا.

ڪميونيڪيشن جون مختلف صورتون

ڪميونيڪيشن جي ماهرن ”ڪميونيڪيشن“ جي مختلف وصفن ۽ صحافتي اصولن کي سامهون رکندي ڪميونيڪيشن جون ٽي صورتون بيان ڪيون آهن. انهن ۾ پهرين حادثاتي ڪميونيڪيشن ٻيو اظهاري ڪميونيڪيشن ۽ ٽيون مائل ڪندڙ ڪميونيڪيشن شامل آهي.

(1) حادثاتي ”ڪمييونيڪيشن: هن ڪميونيڪيشن جو نالو ”حادثاتي“ ان ڪري رکيو ويو آهي، جو اها اچانڪ ظاهر ٿيندي آهي. هن ڪميونيڪيشن ۾ شروع کان ڪنهن به قسم جي نيت، ارادو يا پاڻمرادو ڪا اڳڀرائي شامل نه هوندي آهي. هي انساني دماغ ۾ اچانڪ وارد ٿيندي آهي ۽ داخلي هوندي آهي. ڪنهن به رد ۾ ڪيڏي مهل به اِها ڪميونيڪيشن ظاهر ٿي سگهي ٿي، هن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا جذباتي ڪوشش شامل نه هوندي آهي. سماجي زندگيءَ ۾ هن ڪميونيڪيشن کي ڪمزور ڪميونيڪيشن چيو ويو آهي، ڇو جو عام طرح هن ڪميونيڪيشن جو ڪوبه سماجي ڪارج ڪونهي. پر تنهن هوندي به هن ڪميونيڪيشن جو هڪ لڪل ڪردار ضرور هوندو آهي ۽ هي ڪميونيڪيشن بنا ڪنهن نيت ۽ ارادي جي، انساني روين تي اثر انداز ٿيندي رهندي آهي.

(2) اظهاري ڪميونيڪيشن: اظهاري ڪميونيڪيشن اڳواٽ رٿابندي هيٺ وجود ۽ عمل ۾ ايندي آهي. هن لاءِ اڳواٽ نيت ۽ ارادو ڪيو ويندو آهي. هي فردي جذبن سان ڳنڍيل هوندي آهي. ڪن ماهرن هن ڳالهه ۾ اختلاف ڪيو آهي ۽ هن ڪميونيڪيشن کي به حادٿاتي ڪميونيڪيسن جي دائري ۾ شامل ڪيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته اِها ڪنهن حادثاتي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، توڙي جو اِها داخلي صورت ۾ نه هوندي آهي پر پوءِ به اِها حادثاتي ئي آهي. مثلاً ڪنهن ڌڪ لڳڻ، ڇري يا ڪاتي جي وڍي وجهڻ يا ڪنهن عجيب منظر يا سهڻي ماڻهو جو سامهون اچڻ سان واتان پاڻمرادو ”او“، ”شو، ”هاءِ“ جو آواز نڪرندو آهي يا ڪنهن عجب واري اظهار طور جيڪا ڪميونيڪيشن ظاهر ٿئي ٿي، ان ۾ ڪا به رٿابندي شامل نه هوندي ۽ حادثاتي طور ٿي ويندي آهي.

پر ٻين ماهرن جو خيال آهي ته ڇو جو انهي ڪميونيڪيسن ۾ به اظهار شامل آهي، انهيءَ ڪري اِها اظهاري ڪميونيڪيشن آهي. پر ڪن صورت ۾ اهو ”اظهار“ مخفي به رهندو آهي. ڇو جو ڪو موقعو اهڙو به هوندو آهي، جنهن ۾ اظهار کي داٻائڻ ضروري ٿي پوندو آهي.

(3) مائل ڪندڙ ڪميونيڪيشن: هي ڪميونيڪيشن مڪمل رٿابندي سان ٿيندي آهي، جنهن سان ٻين جي جذبن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پنهنجي خواهش مطابق ڦيرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي اهي. ٻين جي جذبن سان کيڏڻ هن ڪميونيڪيشن جو ٻيو نالو آهي. هن ڪميونيڪيشن ۾ ”وصول ڪندڙ“ کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ انهن عمل کي ڪرڻ لاءِ هن کي مائل ڪرڻ جي اظهاري ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ٻولي توڙي اشارن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻوليءَ ۾ گفتگو ۽ لکت ٻئي شامل آهن. جڏهن ته اشارن ۾ هٿ، اک، ڦوڪ يعني ”باڊي لئنگويج“ کي شامل ڪيو ويندو آهي. سماجي زندگيءَ ۾ هن ڪميونيڪيشن جو مک ڪردار آهي. استاد، سياسي ليڊر، والدين، دوست، محبت ۾ گرفتار ٿيل، سربراهه، گداگر، بدمعاش، ڀاڄي کپائڻ وارو ۽ مداري يعني اسان جتي به اک ڦيرائنداسون اسان کي هن ڪميونيڪيشن جو مثال ملندو. صحافتي زندگيءَ ۾ هن ڪميونيڪيشن جو وڏو عمل دخل آهي، هن سان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، تجزيا ڪري سگهجن ٿا. مثلاً ڪنهن نگران سيٽ اپ ۾ ڪنهن سياستدان يا ڪنهن معروف ٽيڪنوڪريٽ کان ڪو صحافي سوال ڪري ته اوهان مستقبل جي نگران سيٽ اپ ۾ وزيراعظم  ٿيڻ وارا آهيو ۽ اهو فرد انهي سوال جي جواب ۾ ڪجهه به نه ڳالهائي ۽ ”مرڪي“ چپ ڪري وڃي ته ماحول جي سرگرمين ۽ مذڪوره مشڪوڪ اميدوار بابت اهو تجزيو ڪري سگهجي ٿو ته اهو مستقبل جي نگران سيٽ اپ ۾ وزيراعظم ٿيڻ وارو آهي.

ڪميونيڪيشن جي حقيقت ۽ ضرورت

ڪميونيڪيشن انساني دنيا، جانورن، ٻوٽن، ماضي ۽ حال جي هرڳڻجندڙ گهڙي جي هڪ حقيقت آهي، ڪميونيڪيشن جيوت جي جياپي لاءِ ائين ضروري آهي، جيئن آڪسيجن، پاڻي ۽ کاڌو ضروري آهي. ڪميونيڪيشن جو عمل شعوري ۽ لاشعوري، فطري توڙي غير فطري طريقي سان جاري ۽ ساري آهي. جڏهن اهو عمل رڪجي ويندو ته ان ڏينهن دنيا پنهنجي خاتمي تي پهچي ويندي.

پيٽ بکئي کي کاڌي جي گهرج لاءِ ڪميونيڪيشن جي ضرورت آهي. عورت ۽ مرد کي انساني نسل وڌائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. جانورن جي پئدائش، ٻوٽن جي واڌ ويجهه، پکين جي چون چون، ڪتي جي ڀؤنڪ، ڏيڏر جي ٽران ٽران، گڏهه جي هينگ، گهوڙي جي هڻڪار، گدڙ جي اوناڙ، شينهن جي گجگوڙ، ڍڳي جي ڍِڪ، ڪوئل جي ڪوڪو، ٻارن جو روئڻ ۽ ماءُ جو کلڻ سڀ جا سڀ ڪميونيڪيشن جا عمل آهن ۽ انهن واسطيدار جاندارن جي ضرورت آهن.

اسان جي ٻاهراڙين ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملي ويندا، جيڪي ٽٽيهر پکيءَ جي ٻوليءَ جو فهم رکندا آهن ۽ هو انهيءَ پکي جي ٻوليءَ مان پرکي ويندا آهن ته هن وقت هي پکيءَ فطري طرح ٻولي رهيو آهي يا هن وقت ڪنهن جانور خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي ۽ هينئر ڪنهن انسان جي ويجهي اچڻ ڪري ٻولي رهيو آهي، هر دفعي هن جي ”ڪميونيڪيشن“ جو لهجو مختلف هوندوآهي. اهڙي نموني ڪتي جي ڀؤنڪ جو اندازو به لڳايو ويندو آهي ته اِها ڀؤنڪ ڪنهن چور خلاف مزاحمت آهي يا ڪنهن هم نسل سان عداوت آهي يا مڙئي رونگ ۾ ڀؤنڪي پيو. اهڙي نموني رات جو ڪڪڙ جي ٻانگ مان بهاندازو لڳائبو هو ته هن وقت رات جو ڪهڙو پهر آهي.

برقي ۽ اليڪٽراني اوزارن جي اچڻ سان هاڻ انهن رابطن جي اهميت ۽ ضرورت گهٽجي وئي آهي، پر اندازو لڳايو ته ان وقت جڏهن انساني زندگيءَ انهي رابطن جي محتاج هئي، ان وقت ڪميونيڪيشن جي انهن فطري ذريعن جي ڪيتري نه اهميت هوندي ۽ زندگيءَ کي روان دوان رکڻ ۾ انهن جو ڪيترو اهم عمل دخل هو.

جڏهن انسان جدي دؤر ۾ پير پاتو ته اهو مشينن ۽ اوزارن جو محتاج بڻجي پيو، ٿورو تصور ڪريو ته هن وقت جي زندگيءَ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سئٽلائيٽ جهڙن ذريعن کان سواءِ ڪيتري نه اٻاڻڪي لڳندي. هن وقت اوهان وٽ موبائل فون ناهي، ڪمپيوٽر جي استعمال جي خبر ناهي، نيٽ تي اوهان جو ڪو وقت صرف نٿو ٿئي، اخبار کان اوهان پري آهيو، سئٽلائيٽ چئنل اوهان جي پهچ کان ٻاهر آهن ته اوهان ڄڻ هن جديد سماج جو حصو ئي نه آهيو.فرض ڪريو اوهان ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهو ٿا ۽ اوهان جي گهر جي ٻاهريان گهنٽي جو بٽڻ لڳل ڪونهي، جنهن جي دٻجڻ سان اوهان کي پيغام پهچي ته ٻاهر ڪو اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ اندر گهر ۾ اوهان وٽ ڪا ٽيليفون يا سيل فون ڪانهي، جنهن ذريعي اوهان دوستن ۽ مائٽن سان رابطو ڪري سگهو ۽انهن جي خبر گيري ڪري سگهو، فلائيٽ، ريل گاڏي ۽ ڪوچ جو وقت معلوم ڪري سگهو ۽ ايمرجنسيءَ ۾ پوليس، فائربرگيڊ يا اسپتال سان رابطو ڪري سگهو. اوهان وٽ ٽيليويزن، ريڊيو يا انٽرنيٽ نه آهي، جو اوهان دنيا جي حالتن ۽ مارڪيٽ جي تازين خبرن ۽ شين کان واقف ٿي سگهو ۽ اخبار يا رسالو اوهان وٽ نه ٿو اچي، جو اوهان ڪا خبر پڙهي سماج جي چلتي جو پتو لڳائي سگهو، ته سوچيو اهڙي صروتحال ۾ اوهان ڪيترا اڪيلا ۽ ڪيترا مجبور هوندؤ. اِها ڪميونيڪيشن جي حقيقت آهي، جو اوهان وٽ ڪتاب آهي، يونيورسٽيءَ آهي، استاد آهي، اخبار آهي، هوٽل آهي، اسپتال آهي، نيٽ ڪيفي آهي ۽ ايئرپورٽ آهي.

اسان جي راڄن ۽ قبيلن ۾ ڪي رنجشون ۽ رسامان ٿيندا رهندا آهن، زيادتي ۽ ڏاڍائي ڪرڻ واري خلاف فيصلا ڇڪائبا آهن. چڱي جي ڳالهه نه مڃڻ ۽ فيصلي تي نه اچڻ واري جو سماجي بائيڪاٽ ڪبو آهي، جنهن کي اسان ”راڄ مان ڪڍي ڇڏڻ، چوندا آهيون. يعني هاڻ راڄ يا قبيلي جو ڪو به ماڻهو انهيءَ سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪندو، هي ”ڪميونيڪيشن بائيڪاٽ“ اصل ۾ سماج جي هڪ وڏي سزا هوندي آهي ۽ انهي فرد يا خاندان جو ٻئي سماج سان رابطو ڪٽيو ويندو آهي. اسان ٻارن ۾ به ڏسندا آهيون ته اهي راند روند دؤران هڪٻئي کان ناراض ٿي چيچ ڏيکاري ”ڪٽي“ ڪندا آهن. ان وقت جنهن ٻار سان ”ڪٽي“ ڪئي ويندي آهي، ان جو رويو ۽ انداز يا تهافسوس وارو ٿي ويندو آهي يا تيش وارو ٿي ويندو آهي، هو سڄي راند ۽ سڄي ماحول ۾ پنهنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي. ائين انساني رويا ۽ لاڙا ڪميونيڪيشن جي تبديلي سبب بدلبا رهن ٿا. ٻار به حُقي پاڻي بند ٿيڻ (Excommunication) کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ته انساني زندگيءَ لاءِ محبت ۽ روان ڪميونيڪيشن جو جاري رهڻ ڪيترو نه ضروري آهي.

هاڻ ميڊيڪل سائنس ۾ اهڙي تحقيق ٿي رهي آهي ته رابطي جي نه هئڻ (Communication gape) يا سماجي بائيڪاٽ (Excommunication) سان ڪهڙيون ڪهڙيون نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون. تازو آمريڪا ۾ هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ خيالن جي ڏي وٺ يعني ڪميونيڪيشن جي ججهائي ۽ اڻهوند جي نتيجن کي طبي اثرن سان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ۾ ٻن قسمن جا گروهه چونڊيا ويا، هڪ اهي جن جا گهٽا دوست وڌيڪ هئا ۽ اهي پنهنجن انهن دوستن سان دل جون ڳالهيون ونڊيندا هئا ۽ ٻيو گروهه انهن فردن تي مشتمل هو جيڪي گهاٽن دوستن کان محروم هئا ۽ اندر جي ڳالهه ڪنهن سان ونڊڻ کان بغير رهندا هئا. يعني ڪميونيڪيشن جي ڊي چارجنگ (De-Charging) واري عمل کان رهجي ٿي ويا. نتيجي مان معلوم ٿيو ته پهرين گروهه کان انهيءَ ٻي گروهه ۾ ”دل جي دوري“ جي بيماري ٽي ڀيرا وڌيڪ ويجهو نظر آئي. انسان جو سوشل رهڻ ڪيترو نه ضروري آهي. هن جو خيال ونڊڻ (Sharing of Communication) هن جي ڄمار ۾ واڌارو ڪري ٿو، انسان هر وقت جيڪڏهن ”ڪميونيڪيشن چارج“ ٿي رهي ۽ ان کي ڊي چارج نه ڪري ته هن ۾ نفسياتي، اعصابي ۽ دل جي بيمارين جا چانس وڌي وڃن ٿا. مريضن کي ”پڇڻ“ وار رسم ۾ به اهو راض سمايل آهي ته جيئن هو ڪميونيڪيشن جي حوالي سان ڊي چارج ٿي سگهي ۽ ڏک ۾ ورتل ماڻهن ۽ نفسياتي مريضن کي به انهيءَ ڪري اڪيلو نه ڇڏيو ويندو آهي.

مصروف دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ هاڻ ”ڪميونيڪيشن ڪلبز“ جڙي رهيون آهن ته جيئن ماڻهو ٿوري في ادا ڪري اتي اچي ڪچهريون ڪن، ڪو هنن سان ڳالهائي ۽ هو به ڪنهن سان ڳالهائي سگهن.

اندازو لڳايو ته ”ڪميونيڪيشن“ جي حقيقت ۽ ضرورت ڇا آهي؟ اسان جي يونيورسٽي ۾ به شاگردن ذريعي اهڙي تحقيق ڪرائي سگهجي ٿي ۽ شاگردن کان ڪم وٺڻ استادن جو ڪم آهي. هن قسم جي تحقيق ۾ ماس ڪميونيڪيشن، نفسيات ۽ ميڊيڪل جا شاگرد گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿ ا. هن سان اسان جي سماج جي اهڙن ڪيترن ئي مسئلن تان پڙدو کڄي سگهجي ٿو، جن جي اسان کي اڃا خبر ئي نه آهي ۽ اهڙي تحقيق سان سماج ۽ ڪميونيڪيشن جي اهميت کان به واقفيت پيدا ٿيندي.