ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275751   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٽيون -- ماس ميڊيا


ماس ميڊيا ۾ رابطي جا اهي سڀ معتبر ذريعا شامل آهن، جن جي مدد سان ڪو به پيغام عوام تائين پهچائي سگهجي. ماس ميڊيا ۾ گهڻو ڪري چار ميڊيا اهم آهن، پهريون پريس يا اخبار، ٻيو ريڊيو، ٽيون ٽي وي ۽ چوٿون انٽرنيٽ.

(1) پريس يا اخبار: پاڪستان جي قيام جي حوالي سان ماس ميڊيا جي جيڪا تاريخ لکي وئي آهي، انهيءَ ۾ گهڻو ڪري هندو ۽ مسلم پريس جو عنصر غالب آهي، پريس جي تاريخ به سياسي تاريخ وانگر تضادن جو شڪار نظر اچي ٿي. سنڌ جي حوالي سان اخبارن ۽ رسالن جي تايخ به لکي وئي آهي، هڪ ٻه پي ايڇ ڊي جا مقالا به لکيل آهن، پر اهي ”سنڌي ٻوليءَ جي صحافت“ تائين محدود آهن. ماس ميڊيا جي حوالي سان يا خالص صحافت جي حوالي سان ڪو ٽيڪنيڪل بحث يا تقابلي جائزو (Comparative study) نٿو ملي. ”الوحيد“ اخبار تي جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو به مسلم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.

بريصغير ۾ اخبارن جي صحيح تاريخ به يورپي ماڻهن جي تاريخ سان شروع ٿي، جيڪي يورپي ماڻهو هتي آيا، اهي نه صرف هتي پنهنجي ثقافت، مذهب، معاشرت ۽ اقتصاديات کڻي آيا، پر انهن پنهنجي تعليم، ماس ميڊيا خاص ڪري اخبارون، رسالا ۽ پوءِ ريڊيو وغيره به هن خطي ۾ متعارف ڪرايو. يورپي ماڻهن جي انهن سڀني سرگرمين جو مقصد پنهنجن ڪالونين کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقصادي توڙي فوجي بالادستي قائم ڪرڻ هو. انهن سرگرمين سان ٻن کنڊن ايشيا ۽ يورپ وچ ۾ تجارتي ۽ ثقافتي منتقلي شروع ٿي.

ٻين يورپي طاقتن خاص ڪري فرانسين ۽ پرچوگالين به هندستان تي پنهنجو ڀاڳ آزمايو، پرڪامياب صرف برطانيا جا انگريزي ٿيا. انگريزن جي قبضي بعد انڊيا وڏي عرصي تائين ”برٽش انڊيا“ طور انگلينڊ جي حڪمراني هيٺ رهيو ۽ گڏوگڏ انڊيا جو سياسي، انتظامي ۽ اقتصادي ماحول به انهن جي ضابطي ۽ اثر هيٺ رهيو.

 هندستان ۾ پريس کي پهريون دفعو متعارف ڪرائڻ وارا پرچوگالي هئا، جن پنهنجي تبليغي مواد کي ڇپائڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ هتي ”پريس“ جو بنياد وڌو. اهو ڪم انهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان مايوس ٿي ڪيو هو ۽ بريصغير ۾ پريس جي صحيح معنيٰ ۾ شروعات انهي وقت کان شروع ٿئي ٿي.مسلم مفادن جي حوالي سان 1830ع جون اخبارون ۽ رسالا سامهون اچن ٿا. سنڌ ان وقت آزاد رياست هئي، تيرهن سالن کانپوءِ چارلس نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪيو هو.

انگريزن مسلم هندو عقيدن کي خوب استعمال ڪيو ۽ اُهي ڌرتي ڌڻين ۾ مذهبي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. هندو اڪثريت ۾ هئا ۽ نفسياتي طور سڄي دنيا ۾ اهو اصول رائج آهي تهجڏهن اڪثريتي حرڪت ۾ اچي ته اقليتي ڌريون دٻاءُ محسوس ڪندي، بچاءَ جا رستا ڳولينديون آهن ۽ انهي لاءِ هو ڪو به طريقو استعمال ڪرڻ کان نه گهٻرائينديون آهن. هندستان جي مسلمانن ۾ به شڪ ۽ ڊپ واري اهڙي ڪيفيت پيدا ڪئي ۽ مسلمانن پنهنجي بچاءَ ۽ هڪ الڳ سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ 1905ع۾ مسلم ليگ قائم ڪئي. مسلم ليگ قائم ڪرڻ وارا بنگالي هئا. جنهن ۾ پوءِ سڄي هندستان جا پڙهيل لکيل مسلمان ۽ جاگيردار مسلمان طبقا شامل ٿي ويا. ان وقت مسلمانن وٽ وچون طبقو موجود نه هو، اهي يا ته غريب هئا يا جاگيردار ۽ ڪي ٿورا سرڪاري بابو هئا. مسلم ليگ، سنڌ ۾ دير سان شامل ٿي، شروع ۾ هندستان جي پنجن رياستن، بنگال، بهار، اتر پرديش، مهاراشٽر ۽ ڀوپال جا امير مسلمان هن تحريڪ جا روح روان بڻيا، انهن رياستن ۾ مسلمان ٿورائي ۾ هئا، انهي ڪري امير طبقي کي پنهنجو مال ملڪيت ۽ مفادن جو تحفظ گهربل هو.

سنڌ ۾ مسلمان اڪثريت ۾ هئا، پر شهري زندگيءَ ۾ هندو اڳتي هئا، شهري ڪاروبار، تعليم، تنظيم ۽ مال ملڪيت کان سواءِ سرڪاري نوڪرين ۾ به اڳتي هئا. سنڌ جي سياست، ۾ هُنن جو اهم ڪردار هو، هندن جو ججهو طبقو مڊل ڪلاسي هو. سنڌ جي مسلمان جاگيردارن ۾ سياسي احساس ڪمتري پيدا ٿي پئي ۽ ٻي پاسي سنڌي هندن ڪانگريس کي هندن جي پارٽي سمجهي ان ۾ شموليت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. انگريز به اهو ئي پي چاهيو. مسلمان ڪو ٻيو چارو نه ڏسي، مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سائين جي ايم سيد، عبدالله هارون ۽ سيٺ غلام حسين هدايت الله جهڙن شخصيتن مسلم ليگ جا فارم ڀريا. سنڌ جون درگاهون جيڪي هن وقت اسان سياست ۾ اڳتي اڳتي ڏسون ٿا، ان وقت جي سياست کان پري هيون. انهن جو مسلم ليگ توڙي ڪانگريس ٻنهي مان ڪنهن سان ڪو به تعلق نه هو. پير جهنڊي وارا سنڌ ساگر پارٽي ۽ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مولانا عبيدالله سنڌي سان هئا. پير ڳوٺ درگاهه جا گادينيشن سائين سوريهه بادشاهه شروع ۾ خاڪساري هئا، پر پوءِ سنڌ جي سياست ڪندي شهادت ماڻيائون.

سنڌ جي پريس به مٿين پس منظر جي حوالي سان ورهائجي وئي هئي. جيئن ته پريس سماج جو زندهه عنصر هوندي آهي، هو به ماڻهن وانگر ڪنهن نه ڪنهن ڌر سانشامل ٿي ويندي آهي، ڪو مشڪل سان ائين ٿيو هجي جو جيڪي حالتون ان وقت هيون، انهن ۾ رهي ڪا اخبار آزاد صحافت جي دعويٰ ڪري ته هن جو ڪنهن به ڌر سان ڪوبه تعلق ڪونهي. ان وقت اسان ڏسون ٿا تهاخبارون وڌنديون ٿي ويون. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو به اهنج ڪونهي ته اسان کي 1947ع کان پوءِ هندو پريس جون خاميون ۽ مسلم پريس جون سٺايون ٻڌايون ويونآهن. بلڪل ائين جيئن مسلمان بابت هندن کي ۽  مسلمانن کي هندن بابت منفي شيون ٻڌايون ويون هيون.

سياسي حوالي سان 1910ع مسلم پريس جو سال هو. انهيءَ سال کان مسلم پريس وڏي پئماني تي مسلمانن جي وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. 20 سالن کان پوءِ مسلم پريس جو هڪ مڪمل بلاڪ نظر اچي ٿو، 1930ع مسلم پريس جي بلوغت جو سال آهي. 1040ع تائين هندستان جي ڪا رياست نه بچي، جتان مسلم پٺڀرائي ۾ ڪا اخبار يا رسالو نه نڪرندوهجي، ٻي پاليسي ملڪي سطح تي مسلم ليگ مسلمانن جي نمائنده جماعت بڻجي وئي ۽ ائين ڪانگريس هندن جي قومي جماعت بڻجي وئي. پر هڪ ڳالهه اسان کان هميشه گسيو وڃي، سان اِها آهي ته مسلم ليگ ۾ ڪو به هندو شامل ڪو نه هو، پر اِها ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي ته ڪانگريس ۾ مسلمان ڇو شامل ٿيا هئا؟ ۽ مرڻ گهڙي تائين اهي ڪانگريسي رهيا. انهن ڪانگريسي مسلمانن جون ڪانگريسي اخبارون هيون، مولانا آزاد ڪانگريسي نقطي نظر کي سمجهائڻ لاءِ اخبارن جي ادارت ڪئي. هن پاسي اسان ڪڏهن به تحقيق نه ڪئي آهي، يا اهڙي تحقيق جي اجازت نه آهي!

بهرحال هندو مسلم تضاد ۽ صحافتي ڇڪتاڻ جو نتيجو اهونڪتو جو مسلمان پنهنجي لاءِ هڪ الڳ ملڪ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پنجن رياستن کانسواءِ ڪن ننڍين رياستن، جيئن دکن جي نظامن جي رياست ۽ جهوناڳڙهه جي نوابن جي رياست به پاڪستان ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، پر پويون ٻئي رياستون شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ورهاڱو جيڪڏهن اسان سمجهون ته فطري طريقي سان ٿيو ته به لڏپلاڻ بنهه غير فطري ٿي. خاص ڪري هندستان جي انهن رياستن جا مسلمان جتي هندو اڪثرت ۾ هئا، انهن جي لڏپلاڻ صحيح طريقي سان نه ٿي، يعني بنگال ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ته بنگالي هندوهندستان واري پاليسي هليا ويا ۽ مسلمان بنگالي پاڪستان واري پاسي هليا ويا، پنجاب جو ورهاڱو ٿيو ته مسلم پنجابي پاڪستان واري پنجاب هليا ويا، پنجابي هندو ۽ سک هندستان وار يپنجاب ۽ هرياڻا ڏانهن هليا ويا، جيڪي اڳئي پنجابين جا علائقا هئا.

بنگال ۾ بهار جا جيڪي مسلمان ويا هئا سي ٿورا هئا ۽ اهي مقامي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ ڪو مسئلونه هئا. باقي ٻين رياست ۽ خود بهار جا گهڻا مسلمان سڌو ”سنڌ“ هليا آيا ۽ سنڌي هندو گهڻو ڪري مهاراشٽر هليا ويا. هي لڏپلاڻ غير فطري هئي ۽ مستقبل جي ڪنهنبه رٿابندي ۽ نفعي ۽ نقصان کي سوچڻ کان سواءِ عمل ۾ آئي. هن لڏپلاڻ جو وڌ ۾ وڌ جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته اهو سنڌ کي ٿيو، سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ٿيو. انهيءَ سڄي صورتحال جا ذميوار سنڌ جا مسلم ليگي وڏيرا ۽ شهري هندو هئا، جن وٽ واپار، تعليم ۽ نوڪريون هيون. انهن ٻنهي ڌرين جو سنڌ کي لڳل ڪاپاري ڌڪ، سنڌ صدين تان وساري نه سگهندي. ٻئي پاسي سنڌجي هڪ اهم ڌر يعني ”حر“ سيد سوريهه بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تان ڌاين جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ گوريلا ويڙهه وڙهي رهيا هئا. انهن ٻهي ڌرين يعني مسلم ليگي وڏيرن ۽ هندو شهري سيٺن ۽وڪيلن جا اسيمبلي ميمبر، ان وقت حرن کي ڌاڙيل ڪرار ڏئي اسيمبلي ۾ ”حر ايڪٽ“ پاس ڪن ٿا، جنهن ايڪٽ هيٺ ٿرپارڪر، نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعي جي هاڻوڪن ڪن علائقن ۾ مرشل لا قانون لاڳو ڪيو ويو ۽سنڌ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي. جڏهن مسلم ليگي وڏيرن کي مدد لاءِ چيو ويو ته انهن اهو چئي مدد کان انڪار ڪيو ته ڌاڙيلن ۽ وڳوڙي ماڻهن جي مدد نٿي ڪري سگهجي. جڏهن ته اِها تحريڪ بلڪل ائين هئي، جيئن هن وقت اسان افغانستان ۽ عراق ۾ گوريلا جنگ ڏسون ٿا، جيڪا ڌرتي ڌڻين ڌارين جي قبضي ۽ انهن جي مقامي ساٿارين خلاف شروع ڪئي آهي ۽ موٽ ۾ انهن کي دهشتگرد، وڳوڙي، ترقي ۽ امن جا دشمن چيو ٿو وڃي. اهو ئي سبب هو جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به مسلم ليگي حڪمرانن ”حرن“ کي پنج سال لوڙهن ۽ جيلن ۾ بند رکيو. ان وقت مسلم پريس جو ڇا ڪردار هو؟ هن بابت تهاسان ڪڏهن لکيو ئي ڪونهي نه وري پريس جو انهيءَ حوالي سان جائزو ورتوآهي.

پاڪستان جي قيادت هڪ وڏي غلطي اِها ڪئي جو هندستاني رياست جي مسلمانن لاءِ جيڪي اقليت ۾ هئا ڪا به الڳ رياست نه ورتي. بهار، اتر پرديش، گجرات، مهاراشٽر، ڀوپال، دهلي، راجسٿان ۽ مديهه پرديش جي مسلمانن لاءِ زمين جو الڳ ٽڪرو وٺڻ گهرجي ها. جتي هندستاني ثقافت ۽ ٻوليءَ وارن لاءِ هڪ الڳ صوبو جوڙيو وڃي ها. اهو زميني ٽڪرو ٻنهي پاڪستانين مان ڪنهن به هڪ سان مليل هجي ها ته جيئن انتظامي امور سولائي سان هلائي سگهجن ها.

سنڌ جي شهري آبادي يعني هندو ته وطن کي ڇڏي ٽپڙ کڻي روانا ٿي ويا ۽ وري ڪنڌ ورائي به ڪو نه ڏٺائون ته ”سنڌ“ جو ڇا ٿيو؟ ان وقت جي ڏڦيڙن ۾ مارا ماري ضرور ٿي هئي، پر جيڪي سنڌي هندو هتي سنڌ ۾ رهيا، ڇا انهن کان انهن جو ڌرم کسيو ويو هو؟ يا انهن کي ماري ختم ڪيو ويو هو؟ وقتي مالي ۽ ڪجهه جاني تڪليف ته ضرور آئي، پر ان وقت جو عام سنڌي مسلمان پڙهيل هجي ها ۽ سنڌي مسلمانن جو وچولو طبقو وجود ۾ اچي چڪو هجي ها ته اهو نقصان به نه ٿئي ها. عام سنڌي ماڻهن کي ”ڄٽ“ چوندڙ شهري هندو ۽ مسلمان وڏيرا، انهن ڳوڀن کي تعليم کان پري ڇو رکيو؟ هندو اسڪول ۽ مسلم اسڪول جي تفريق، هندو جيم خانا ۽ مسلم جيم خانا، سنڌي مسلم سوسائٽيون ۽ هندن جون ڪالونيون انهن سڀني شرارتن جو نتيجو هاڻ سنڌ ڀوڳي رهي آهي.

مسلم اقليتي رياستن وارا مسلمان سنڌ آيا ته انهن کي شهر مليا، ڪارخانا مليا، نوڪريون مليون، ڪليم مليا ۽ سڄي پاڪستان مان صرف سنڌ ۾ اهو قانون پاس ڪيو ويو ته مقامي سنڌي ماڻهو پنجن سالن لاءِ ڪا به زمين ۽ شهري گهر يا ملڪيت نٿا وٺي سگهن.

جيڪي مسلمان هتي آيا انهن هتي پريس به آندي ۽ ظاهر آهي، انهن جي آندل پريس هُنن جو ئي ڪيس وڙهڻ شروع ڪيو. اسان جي سنڌي مسلم ليگي قيادت، ان وقت پنهنجا هٿ وڍائي چڪي هئي. ڪراچي نئين ملڪ جي راجڌاني ٿي چڪي هئي. جڏهن ته حق ”ڍاڪا“ جو هو. پر لڏپلاڻ ۾ آيل مسلمان بيورو ڪريسي ۽ انهن رياستن جي مسلم ليگي قيادت ۽ مسلم پريس، جيڪا پڻ انهن جي هئي، انهن جو مفاد انهيءَ ۾ هو ته ”ڪراچي“ راڄڌاني هجي، هندو ڪراچي مان نڪري چڪو هو، هندستاني مسلمان اتي ديرا ڄمائي چڪا هئا، اخبارون ڇپجڻ شروع ٿي ويون. اسان هن وقت جيڪا اسٽيبلشمينٽ ڏسون ٿا، پاڪستان جي قيام کان پوءِ اٺن سالن تائين ان جو ڪو به وجود ڪو نه هو. پاڪستان جو سڄو معاملو مسلم اقليتي رياست مان مسلمانن جي هٿ ۾ هو. اهڙي صورتحا کان پوءِ مقامي مسلم ليگي مايوس ته ٿيا، پر هاڻ ڇا ٿي ٿي سگهيو.

هاڻ جڏهن سنڌ جي آبادي ۾ اڪثر شهري حصو پنهنجي الڳ ثقافت، ٻولي ۽ مزاج رکي ٿو ته اسان جي حڪمت عملي ڇا هئڻ گهرجي؟ سنڌي پريس جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي؟

هنن سوالن جا جواب ڏيڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونهي؟ ۽ نه ئي ڪنهن هڪ ماڻهو جو ڪم آهي. هي ته عقل ۽ مشاورت سان حل ڪرڻ جهڙا سوال آهن. اسان هڪ ڳالهه ضرور ڪنداسون ته پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو عوام نه پر فوج آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن به اقليتي ڌڙي جو فرد فوج جو سربراهه نه هئڻ گهرجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ جيتريون به مارشل لائون لڳيون آهن، اهي فوج جي اقليتي ڌرين جي فردن هنيون آهن. ضياءَ به هندستاني پنجاب جو مهاجر هو ۽ جڏهن به مارشل لا لڳي ٿي، ان جو سڌو سنئون يا اڻ سڌو نقصان سنڌ کي پهچي ٿو ۽ هاڻ انهيءَ ڳالهه کان به منهن نه موڙڻ گهرجي ته اسان هاڻ صرف پاڪستاني نه آهيون. هاڻ اسان مان ڪو پنجابي پاڪستان آهي ته ڪو سنڌي پاڪستان ته ڪو پٺاڻ پاڪستاني آهي ته ڪو بلوچ پاڪستاني آهي ۽ ائين مهاجر پاڪستاني به هتي رهن ٿا ۽ هر پاڪستاني جو فطري لاڙو پنهنجي گروهه ۽ قوم ڏانهن آهي، اهو نه نه چئي به پنهنجي گروهه کي فائدو ئي ڏيندو، نقصان ڪڏهن به نه ڏيندو. اهو اسان ۽ اوهان سڀني لاءِ هڪ سوال آهي ته ملڪ جو موجوده بلدياتي نظام اختيارن جي هيٺين سطح تي ورڇ آهي يا رياست اندر رياست جو قيام آهي؟

هي ٿورو تاريخي پس منظر پيش منظر هو، جيڪو ميڊيا جي شاگردن ۽ ميڊيا ۾ دلچسپي رکڻ وارن ۽ لکڻ وارن ۾ متعارف ڪرائڻ ضروري هو. اسان واپس پريس جي تاريخ ڏانهن موٽون ٿا.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت پريس بطور آرگنائيزيشن اڀري نه سگهي هئي، پر هر اخبار يا رسالو ڪنهن شخصيت جي مقبول ڪري هلي رهيو هو. ان وقت جي صحافت تي شخصي ڇاپ هئي. سنڌي پريس ۾ به ائين ئي هو. ويندي اسان ويجهي ماضي تائين به اخبارن يا رسان کي شخصيتن جي مقبولي ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حد ته اها هئي جو شيخ اياز جهڙي ماڻهو به روزاني ”برسات“ جي ايڊيٽرشپ قبول ڪئي. شيخ اياز کي ته ميڊيا جي ضرورت نه هئي، شايد خود ميڊيا کي شيخ اياز جي ضرورت هئي، جنهن شخصيت کي استعمال ڪري ”برسات“ ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻڻ ٿي چاهيون ۽ بطور ماس ڪميونيڪيشن جي شاگرد اهو چوڻ ۾ ڪا اربا خطا ڪانهي ته شيخ اياز کي صحافتي ٽيڪنڪ جو ڪو تجربو به نه هو. پر شخصيتن کي اخبارن نه پر اخبارن کي شخصيتن هلايو آهي ۽ اِها ئي اسان جي پريس جي تاريخ آهي.

”عبرت“ محمد عثمان ڏيپلائي جاري ڪئي، ”آفتاب“ علي محمد شيخ جاري ڪئي، ”مهراڻ“ ۾ جان سردار ذاڪر علي شاهه جي ڪري هئي، ”جاڳو“ ايستائين جاڳيل رهي، جيستائين فقير محمد لاشاري ان جو ايڊيٽر هو. اڃا پوئتي وڃو ته ”الوحيد“ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي ڪري زندهه هئي. ”مهراڻ“ ۾ جڏهن شمشير الحيدري آيو ته اخبار جو نمونو ٻيو ٿي ويو هو، ائين شخصيتن اخبارون هلايون آهن، پر هن وقت سنڌي پريس گهٽ ۾ گهٽ انهي قيد کان آزادي ماڻي رهي آهي. سنڌي پريس کي ”انڊسٽري“ ٿيڻ ۾ هان گهڻو پند ناهي ڪرڻو. انگريزي ۽ اردو پريس اڳيئي ”انڊسٽري“ جي دائري ۾ اچي چڪي آهي.

ماس ميڊيا خاص ڪري پريس کي هن وقت ”رابطي جي ايجنسي“ (Agency of Communication) چيو وڃي ٿو. ڪنهن به سماج ۾ هي رابطو ان وقت ڏکئي ماحول ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جڏهن طبقن ۾ فڪري، لساني، ثقافتي ۽ اقتصادي تضاد اڀري اچن ۽ سماج اجتماعي ۽ نفسياتي طور دٻاءُ جو شڪار هجي. اهڙي ماحول ۾ پريس واحد ذريعو هوندي آهي، جيڪا عوامي هم آهنگي ۽ رابطي واري ڏکئي ڪم کي سرانجام ڏئي ٿي. پريس نه صرف ع وامي راءِ کي اجاگر ڪري ٿي، پر طبقن ۾ پيدا ٿيل شڪ شبن کي به ختم ڪري ٿي. پريس پريشر گروپ کي زندهه رکيو آهي. جيڪڏهن پريس سڄي سماج مان ڪنهن به حصي کي نظرانداز ڪري ٿي ته ان حصي ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿي.

جمهوري سماج ۾ پريس جو هڪ خاص مقام آهي، اتي اِها ٻه رخو ڪم ڪري ٿي، هڪ ته عوامي مسئلن راين ۽ خيالن کي جمهوري ادارن تائين پهچائي ٿي ۽ ٻئي پاسي جمهوري ايوانن ۽ سبراهن جي رهنمائي ڪندي عوامي راءِ کي ملڪي ۽ سماجي مفادن لاءِ هموار ڪري ٿي. جمهوري سماج ۾ پريس جو ڪنهن طبقي جي پٺڀرائي وارو ڪردار ۽ تعصب ختم ٿي وڃي ٿو. يا اهو رويو بنهه ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

غير جمهوري سماج ۾ پريس ڪنهن هڪ طبقي ڏانهن جهڪيل هوندي آهي ۽ وقت جي ڊڪٽيٽر اڏو ان جا گوڏا کتل هوندا آهن.

ريڊيو: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پهرين ايجاد ريڊيو آهي. ائين ماس ميڊيا جي به اها پهرين انقلابي ايجاد آهي، جنهن وقت ۽ مفاصلن کي گهٽائي ڇڏيو. اڄ به دنيا ۾ ريڊئي جي اهميت گهٽي ڪانهي، اهو انهي ڪري جو هڪ ته هي اوزار ماڻهن جي خريدڻ واري سگهه سان گهڻو ڪري مطابقت رکي ٿو ۽ ٻيو ته هن جو رکڻ، کڻڻ ۽ هڪ هنڌ تان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ ۾ ڪي به وسيلا ۽ تڪليفون برداشت نٿيون ڪرڻيون پون. هاڻ ته اوهان جي هر نئين موبائل فون ۾ ريڊيو به موجود آهي ۽ اوهان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايف ايم فريڪئنسي واري نشريات آساني سان ٻڌي سگهو ٿا. اخبار جي مقابلي ۾ ريڊيو جهرجهنگ لاءِ وڌيڪ مناسب آهي. اخبار پڙهڻ لاءِ پڙهيل ماڻهو گهرجي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن اوهان جي ڳوٺ يا شهر تائين ٽرانسپورٽيشن جو انتظام بلڪل نه آهي يا صحيح نه آهي ته اوهان يا ته مرڳو اخبار نٿا پڙهي سگهو يا اوهان کي ڪڏهن ملي ڪڏهن نه ملي واري ڪيفيت مان گذرڻو پوندو.

اخبار لاءِ اسان چوندا آهيون ته تازيون تازيون خبرون پهچائي ٿي، پر ائين نه آهي، هر صبح واري اخبار ۾ اوهان کي ڪالهوڪيون خبرون ملنديون ۽ شام واري اخبار به اوهان کي شام وارن واقعن کان باخبر نٿي رکي سگهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ اوهان ڪٿي به هجو، ريڊيو جو بٽڻ دٻائي يا کولي اوهان تازيون خبرون، سنئون سڌو واقعن، سيمينارن، راندين ۽ محفلن جي نشڙيات ٻڌي سگهو ٿا. هتي ٻنهي ميڊيائن اليٽرانڪ يا پرنٽ جو مقابلي جي ڳالهه نه آهي، پر هر ڪنهن ميڊيم جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت هوندي آهي.

ريڊيو 20 صدي جي شروعات ۾ ايجاد ٿيو ۽ ان وقت اهو ماس ميڊيا طور استعمال نه ٿيندو هو. انهيءَ ڪري جو ان وقت ريڊئي جي فريڪئنسي يعني نشريات جي پکيڙ ميل اڌ مس هئي. جولاءِ 1922ع ۾ انگلينڊ فريڪئنسي جي معاملي ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ريڊئي جي فريڪئنسي ايتري وڌائي وئي، جو هاڻ اهو ”ماس ميڊيا“ طور ڳڻجڻ لڳو. انگلينڊ جڏهن وڌايل فريڪئنسي واري نشريات شروع ڪئي ته يورپ جي ٻين ملڪن به ريڊئي جي نشريات تي توجهه ڏنو ۽ هڪ سال اندر سڄي يورپ ۾ ريڊي هڪ مقبول ميڊيم بڻجي پيو. ماس ميڊيا جي تاريخ ۾ اهو انقلابي سال هو. ريڊيو سيٽ ٺاهڻ وارين ڪمپنين ۾ اضافو ٿيو، بازار ۾ ريڊيو سيٽ وڪامجڻ لڳا، يورپي سماج ۾ ڪاروباري لحاظ کان به ريڊئي هڪ نئون دروازو کوليو هو. آمريڪا جي مقابلي ۾ يورپي ريڊئي تي اشتهاري ڪاروبار پهرين شروع ٿيو. آمريڪا جي پهرين ريڊيو نشريات اليڪشن جي خبرن سان شروع ٿي هئي. ان سان گڏ راندين جون خبرون ۽ اوپيرا به نشر ٿيڻ لڳا. 1923ع تائين آمريڪا ۾ 450 ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿي چڪيون هيون.

بريصغير ۾ ريڊيو اسٽيشنون فنڪارن ۽ گلوڪارن جي ”ريڊيو ڪلب“ طرفان متعارف ڪرايون ويون، پهرين مرحلي ۾ ڪلڪتي، بمبئي، مدراس ۽ لاهور ۾ ”ريڊيو ڪلب“ وارن نشريات شروع ڪئي. اِها الڳ الڳ نشريات هئي، يعني فريڪئنسي صرف مذڪوره شهرن تائين محدود هوندي هئي.

بريصغير ۾ پهرين نشريات 20 آگسٽ 1921ع تي شروع ٿي. پر ريڊيو اسٽيشن لاءِ باقاعدي لائيسن 23 فيبروري 1922ع تي مليو. ڪلڪتي جي اها اسٽيشن ريڊيو ڪلب وارن جي پهرين لائيسن واري ريڊيو اسٽيشن هئي، جنهن جي نشريات نومبر 1923ع ۾ شروع ٿي. هن کان پوءِ مدراس پريزيڊنسي جي ريڊيو ڪلب 16 مئي 1923ع تي ٺهي، جنهن پنهنجي نشريات 31 جولاءِ 1923ع تي شروع ڪئي.

1927ع ۾ سڀني ريڊيو ڪلب گڏجي ”انڊين براڊڪاسٽنگ ڪمپني لميٽيڊ“ (IBC) قائم ڪئي. هي خانگي اداري طور قائم ڪئي وئي هئي. هن نئين خانگي ڪمپني جي پهرين ريڊيو اسٽيشن بمبئيءَ ۾ 1927ع ۾ کلي، هن جو افتتاح، ان وقت جي واءِ سراءِ لارڊ روز ڪيو هو. سنڌ ان وقت ڪمشنري انتظام هيٺ هلي رهي هئي ۽ رياست طور بمبئيءَ سان گڏ هئي. 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان الڳ ٿي ۽ 1936ع ۾ برٽش انڊين سرڪار سرڪاري ريڊيو سروس شروع ڪرائي. هن سروس جو نالو ”انڊين اسٽيٽ براڊڪاسٽنگ سروس“ (ISBS) رکيو ويو. ”لائنل فيلڊن“ نالي شخص هن سروس جو پهريون ڪنٽرولر مقرر ٿيو. اوهان کي حيرت ٿيندي ته اطلاعات واري وزارت هوندي به اها براڊڪاسٽنگ سروس ”انڊسٽريز ۽ لئبر کاتي واري وزارت هيٺ قائم ڪئي وئي هئي.

مسٽر فيلڊن هن سروس جو نالو تبديل ڪري ”آل انڊيا ريڊيو“ (AIR) رکيو هو. آل آنڊيا ريڊيو پنهنجي پهرين ”نيوز بلٽن“ 1936ع ۾ جاري ڪئي هئي. اهو زمانو ٻين مهاڀاري لڙائي وارو هو ۽ برٽش انڊيا ۾ نازي پروپئگنڊا کي روڪڻ لاءِ ريڊيو تان، هر روز 27 نيوز بليٽن جاري ٿيڻ لڳيون. هن کانسواءِ هڪ مانيٽرنگ سروس به شروع ڪئي وئي هئي، جنهن ٻاهرين سروس طور ڪم شروع ڪيو، انهي سروس جو ڪنٽرول ملٽري انٽريليجنس ونگ وٽ هو. جڏهن جنگ ختم ٿي ته اها سروس ملٽري انٽيليجنس ونگ کان اڳ ڪئي وئي. آل انڊيا ريڊيو (AIR) کي 1946ع ۾ انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ وزارت جي حوالي ڪيو ويو. 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو ۽ ڪراچيءَ ۾  پهرين ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ”ريڊيو پاڪستان“ جو وجود پيو. شروع ۾ ڪراچي واري ريڊيو اسٽيشن جي فريڪئنسي گهٽ هئي، جنهن کي 1949ع ۾ وڌايو ويو. ٽرانسميشن لاءِ به طاقتور شارٽ ويوز ٽرانسميٽر لڳايا ويا. خبرن جي باقاعدي نشريات به تڏهن شروع ٿي. ڪراچي پاڪستان جي راڄداني هئي، توڙي جو ڪراچي اصل ۾ سنڌ هئي پر هن ريڊيو اسٽيشن تان صرف انگريزي، اردو ۽ بنگلا ٻولين ۾ پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. هن کان اڳ لاهور ۾ جنهن ريڊيو اسٽيشن 1928ع ۾ ڪم شروع ڪيو هو، اُها مالي گهوٽالي سبب 1934ع ۾ ئي بند ٿي چڪي هئي.

”آل آنڊيا ريڊيو سروس“ لاهور ۾ 1936ع ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي هئي ۽ اها سرڪاري انتظامن هيٺ هلي رهي هئي. هن اسٽيشن جي فريڪئنسي 1939ع ۾ وڌائي وئي هئي، سڀ ٽرانسميٽر شارٽ ويوز جا لڳايا ويا. هتان انگريزي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ پروگرام نشر ٿيندا هئا.

ملڪي راڄڌاني جڏهن ڪراچي کان اسلام آباد وئي ته ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي ٻوليءَ ۾ به پروگرام نشر ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌ جي ٻي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي، ايوب دؤر ۾ ڀٽو صاحب انفرميشن منسٽر هو، جنهن هن ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ڪيو.

”هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ انائونسر جو هي شروعات جملو سنڌ جي جهر جهنگ، وسندي، واهڻ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ماڻهن جي ڪنن ٻڌو. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ريڊيو اسٽيشن هئي، جنهن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، موسيقي، علم ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو. سنڌ جا ماڻهو هر پروگرام جو انتظار پيار سان ڪندا هئا. خبرن جي لحاظ کان سرڪاري ميڊيا وانگر سرڪاري پبلسٽي ۽ پروپئگنڊا جو ڪم به هلندو رهيو.

حيدرآباد جي ريڊئي اسٽيشن سنڌ کي ڊراما رائيٽر، فنڪار، اداڪار، موسيقار، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ ڪلا جي ٻي دنيا جا ڪيترائي نالا ڏنا ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن لاءِ اڳواٽ تيار ٿيل ماڻهو به هن اسٽيشن ڏنا.

خيرپور ريڊيو اسٽيشن سنڌ جي ٽين سرڪاري ريڊيو اسٽيشن هئي، جيڪا ضياءَ جي مارشل لا ئي دؤر ۾ شروع ٿي. هن اسٽيشن جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخاري هو. هن کان اڳ بخاري صاحب بهاولپور ريڊيو اسٽيشن سنڀالي رهيو هو. هن تجربيڪار براڊڪاسٽر هن نئين ريڊيو اسٽيشن کي خوب ڄمايو. بخاري صاحب جي فني قابليت، موسيقي سان پيار ۽ عقيدت، مالي ۽ انتظامي ديانتداري هن ريڊيو اسٽيشن کي مستقل بنياد فراهم ڪيا. شارٽ ويز جي فريڪئنسي هن ريڊيو اسٽ:شن جي نشريات پري پري تائين پهچائي آهي ۽ انڊيا جا ماڻهو به هن اسٽيشن جي پروگرامن جي ٻڌندڙن ۾ شامل آهن.

پيپلزپارٽيءَ جي بينظير حڪومت 1993ع ۾ لاڙڪاڻي جي ريڊيو اسٽيشن منظور ڪئي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل نقطه نظر کان ڏسجي ته اهو فيصلو سياسي هو، خيرپورميرس ۽ لاڙڪاڻي جي هوائي مفاصلو ڪيترو هو؟ ايتري ٿوري مفاصلي تي هڪ ٻي ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ توڙي جو خراب ڳالهه ڪا نه هئي، پر ان جي في الحال ضرور به ڪا نه هئي، اهو تڏهن هئڻ گهربو هو، جڏهن هر ضلعي لاءِ اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ها. جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ ڪٿي ريڊيو اسٽيشن جي ضرورت هئي ته اهو اسلام ڪوٽ يا مٺي جو شهر هو، جتي ريڊيو اسٽيشن قائم ٿيڻ سان ٿر جي ترقيءَ کي هٿي ملي ها ۽ ڪيترو نه سٺو ٿئي ها، جڏهن ٿاريلي ۽ ڍاٽڪي لهجي ۾ خبرون، ثقافتي ۽ موسيقي جا پروگرام هوا ۾ اڏارجن ها ۽ گڏوگڏ انهي ريڊيو اسٽيشن کي هندستاني پروپئگنڊا کي جواب ڏيڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ها ۽ گجراتي ٻوليءَ جا پروگرام نشر ڪري ڀر واري رياست ۾ ماحول موافق بڻائجي ها.

پاڪستان جي قومي ٻولين ۾ ريڊيو نشريات شروع ٿيڻ سان ريڊيو جي مقبوليت وڌي هئي. مرڪز يعني اسلام آباد مان سنڌيءَ ۾ خبرون نشر ڪرڻ سٺو سنئون هو. هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ايڪيهه پاڪستاني ٻولين ۾ ريڊيو نشريات جاري ۽ ساري آهي.

ٽي وي جي اچڻ سان شهري زندگيءَ ۾ ريڊئي جو ٻڌڻ موڪلائي ويو، پوءِ به ماڻهو ڪنهن وقت گاڏي يا شوق ڪندي ريڊيو ٻڌندا رهيا. ٻهراڙين ۾ اڄ به ٻڪرار جي هٿ ۾ ريڊيو آهي. هٽ تي ريڊيو ڳوٺاڻي ڪچهري نشر ڪندي اڃا به پنهنجي اهميت مڃايو بيٺو آهي.

هاڻ جڏهن ايف ايم چئنل شروع ٿيا آهن، ريڊئي ۾ به نئين جان پئي آهي. حڪومت خانگي ماڻهن کي لائينس جاري ڪيا آهن ته اهي ڀلي ته ايف ايم ريڪئنسي تان ريڊيو نشريات شروع ڪن، هي نشريات خالص تفريحي آهي. خود پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن به ايف ايم ريڊيو نشريات شروع ڪري ڏني آهي. سڄي دنيا ۾ هن قسم جي نشريات ڪاميابي سان هلي رهي آهي. انڊيا ۾ ايف ايم فريڪئنسي تان ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن ۽ ريڊئي کي به سماجي ترقيءَ ۾ هٿ ونڊرائڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي.

ٽيليويزن:توڙي جو انٽرنيٽ تيز ترين ميڊيا طور سامهون آئي آهي، پر ٽيليويزن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اڃا به ساڳي اهميت آهي، جيڪا شروع ۾ هئي. ٽيليويزن اهڙو ريڊيو آهي، جيڪو خبرون ٻڌائيندو به آهي ۽ خبرون ڏيکاريندو به آهي.

ٽيليويزن جي پهرين ٽيسٽ نشريات 1920ع ۾ آمريڪا ۽ يورپ ۾ هڪ ئي وقت شروع ٿي. شروع۾ جيڪا ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي ان ۾ ”مڪينيڪل اسڪينگ ڊسڪ“ کي ڪتب آندو ويو، پر هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ تصوير کي تڪڙو يعني آواز سان گڏ ڏيکارڻ ۾ فني رڪاوٽون پيش پئي آيون. 1923ع ۾ ”آءِ ڪونو اسڪوپ“ ايجاد ٿيو، جنهن کي اليڪٽرڪ ٽيليويزن ٽيوب به چيو ويندو آهي. هن ايجاد کان پوءِ پڪچر ٽيوب ۽ اليڪٽرانڪ ڪئميرا جهڙا پرزا ۽ اوزار ايجاد ٿيا. 1930ع ۾ آمريڪا جي نئشنل براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (NBC) نيويارڪ ۾ هڪ ٽي وي اسٽيشن قائم ڪئي. تقريباً ساڳي سال يعني 1930ع ۾ ان کان ٿورو اڳتي پوئتي بي بي سي، لنڊن ۾ ٽيلويزن اسٽيشن قائم ڪئي، فرانس ۽ جرمني به انگلينڊ ۽ آمريڪا جي تقليد ڪندي ٽي وي اسٽيشنون قائم ڪيون.

ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ سان ٽي وي ۽ اليڪٽرانڪ ميدان ۾ تحقيق ۽ ايجادن جو سلسلو رڪجي ويو. هن لڙائي دؤران البت جرمنين پنهنجي پروپئگنڊا لاءِ ٽي وي جو خوب استعمال ڪيو. ٽيليويزن تي نازي پارٽي جا جلسا ڏيکاريا ويندا هئا. جرمني 1936ع ۾ اولمپڪ راندين جي ميزباني ڪري رهيو هو ۽ انهن راندين جي ٽ: وي ڪريوج کي به وڏي پروپئگنڊا طور استعمال ڪيو ويو. هي رانديون برلن ۾ ٿيون هيون.

1940ع جي آخر ۽ 1950ع جي شروعات ۾ ٽيليويزن جو استعمال يورپي ۽ آمريڪي گهرن ۾ ڀرپور ٿيڻ لڳو. 1948ع ۾ آمريڪا ۾ 41 ٽيليويزن اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ 23 وڏا شهر هنن اسٽيشنن جي نشريات ڏسي رهيا هئا ۽ پنج لک ٽيلويزن سيٽ، ماڻهن جي گهرن ۾ موجود هئا. اتي ڏهن سالن ۾ ٽيلويزن اسٽيشنن جو تعداد 533 ٿي ويو ۽ٽيلويزن سيٽ ساڍن پنجن ڪروڙن جو تعداد ٽپي ويا.

ڪئنڊا، جپان ۽ يورپي ملڪ به انهيءَ دؤر ۾ ٽيلويزن جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا هئا.

سئٽلائيٽ ٽيلويزن جو دؤر 1962ع کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن پهريون سئٽلائيٽ ”ارلي برڊ“ جي نالي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اسان جو ملڪ ان وقت تائين اڃا ٽيليويزن کان ئي واقف ڪو نه هو. ٻئي وڏي سئٽلائيٽ ”انٽيل سيٽ“ 1965ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽئين وڏي سئٽلائيٽ ”انٽراسپٽنڪ“ 1971ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

1970ع ۾ ٽيليويزن نشريات آپٽيڪل فائبر ڪئبل تي اچي وئي. هاڻ اندازو لڳايو ته اسان ڪيترو پوئتي رهياسون.

1964ع ۾ پاڪستان جي پهرين ٽيليويزن اسٽيشن لاهور ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ جلد ڪراچيءَ ۽ ڍاڪا ۾ ٽيليويزن اسٽيشنون قائم ٿيون. ڪراچي ٽي وي سينٽر، سنڌ جي پهرين ٽيليويزن اسٽيشن هئي. پر سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامن لاءِ هر روز واري نشريات ۾ صرف ويهه منٽ رکيا ويا هئا، جنهن ۾ سنڌي خبرن ۽ ناٽڪ وغيره جو وقت شامل هو. ان وقت ڪراچي سينٽر تان اٺن ڪلاڪن جي نشڙيات هلائي ويندي هئي. سرڪاري ٽيليويزن هئڻ ڪري سرڪاري پبلسٽي ۽ پروپئگنڊا لاءِ هن ٽي وي نشريات کي ڀرپور استعمال ڪيو ويو. ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ ڊراما البت عوامي مقبوليت ماڻي چڪا هئا، انهن سيريلن ۽ ڊرامن نه صرف پاڪستان ۾ پر انڊيا توڙي ٻين ملڪن ۾ وڏو نالو ڪمايو. عوام ٽي وي ڊرامن کان متاثر ٿيڻ شروع ڪيو هو، 1977ع جي شروعات ۾ پي ٽي وي (PTV) تان ”تڪبير“ ڊرامو ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو هو. جيڪو پاڪستان جي قيام واري پس منظر ۾ تيار ٿيو هو. انهيءَ سال شهرن خاص ڪري ڪراي ۽ حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي ۽ جميعت علما پاڪستان جي ورڪرن وزيراعظم ذوالفقار ڀٽي خلاف ”قومي اتحاد“ جي پليٽ فارم تان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي هئي. ان تحريڪ ايترو ته زور ورتو، جو حڪومت کي خدشو ٿي پيو ته ڊرامي”تڪبير“ مان هن تحريڪ کي اتهاس ملي رهيو آهي ۽ حڪومت فيصلو ڪري انهيءَ ڊرامي کي اڌ ۾ بند ڪري ڇڏيو، پوءِ مارشل وارن اچي رهيل قسطون ٽيليڪاسٽ ڪيون. محترم عبدالقادر جوڻيجو جو سنڌي ڊرامو ”راڻي جي ڪهاڻي“ هڪ آرٽ ڊرامي طور پيش ٿيو ۽ سنڌي ماهن ۾ ڏاڍو مقبول ويو، جنه کي پوءِ جوڻيجي صاحب ”ديوارين“ جي نالي سان اردو ۾ ترجمو ڪيو. هن ڊرامي سڄي پاڪستان ۾ وڏو داد حاصل ڪيو ۽ حڪومت عبدالقادر جوڻيجي کي صدارتي حسن ڪارڪردگي واري تعمغي سان نوازيو. ان کان سواءِ ”وارث“، ”جنگل“ ۽ ”ان ڪهي“ جهڙا ڊراما ماڻهن لاءِ نشو بڻجي پيا ۽ ”وارث“ ڊرامي جو ته اهو رڪارڊ هو جو ان ڏينهن سئنيمائن جي شو ۾ رش گهٽ رهندي هئي، هوٽل بازارون ويران ٿي وينديون هيون. پي ٽي وي (PTV) جي اِها خوبصورت جواني هاڻ ڪڏهن به واپس نه اچي سگهندي.

جڏهن اسان پاڪستان ۾ سئٽلائيٽ ڊشن ذريعي انڊين چئنل ڏسڻ شروع ڪيا ته پي ٽي وي به پنهنجي جوڀن کي بچائي نه سگهي. انهن نون انڊين چئنلن ۾ هڪ ته سئنيمائن ۾ هلندڙ فلمي گانا ڏيکاريا ويندا هئا ۽ ان وقت پي ٽي وي، مولوي بڻيل هئي، ان جي مقابلي ۾ انڊين چئنل سيڪس جي راڳي سان ليپل گانن، فلمن ۽ ڊرامن جي ڀرمار ڪري ڏني جن پاڪستاني عوام کي فوراً متوجهه ڪيو.

پيپلزپارٽي طرفان 1989ع ۾ پيپلز ٽيلويزن نيٽ ورڪ شروع ڪيو ويو هو، جنهن کي پوءِ واري حڪومت شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي نالي سان هلايو پر اِهو ڪامياب ڪو نه ويو، اِهي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن ڪراچي ۾ (CNN) سي اين اين جي خابرو نشريات به شروع ٿي چڪي هئي. پيپلز پارٽي جي ٻئي دؤر ۾ يعني 1995ع ڌار پي ٽي وي جا علائقائي چئنل متعارف ڪرايا ويا ۽ سڌي ٻوليءَ لاءِ ٽنڊي الهيار وارو بوسٽر استعمال ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار واري هي نشريات جٽا ڪري نه سگهي ۽ بند ٿي وئي.

انڊين چئنلن جي ”روهه“ نيٺ پاڪستاني حڪمرانن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته خانگي شعبي کي به اجازت ڏجي ته اهي پنهنجا چئنل کولين. اهڙا لائيسن جار ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان اخباري ڊڪليئريشن واري قانون ۾ ترميم ڪندي، ان ۾ اِها اجازت ڏني وي ته جيڪو ماڻهو اخبار جي ڊڪليئريشن رکي ٿو يا وٺي ٿو، اهو خانگي چئنل به کولي ۽ هلائي سگهي ٿو. اهڙ: قانون مان فائدو وٺندي جنگ وارن جي او (GEO)، ”ڪاوش“ وارن ڪي ٽي اين ۽ ”سنڌ اخبار جي ڊڪليئريشن تي سنڌ ٽي وي جهڙا چئنل کليا. خود پي ٽي وي هن وقت ٽي ار چئنل هلائي رهي آهي، جنهن ۾ پي ٽي وي انٽرنئشنل، پي ٽي وي ورلڊ ۽ پي ٽي وي نئشنل جهڙا چئنل شامل آهن ۽ تازو حڪومت طرفان اڃا به پي ٽي وي جا وڌيڪ چئنل کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌي جا هن وقت ٽي چئنل ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ ڪي ٽي اين، ٻيو سنڌ ٽي وي ۽ ٽيون ڪشش ٽي وي ۽ شايد هي سٽون ڇپجڻ تائين هڪ اڌ ٻيو به سنڌي چئنل شروع ٿي وڃي. اسان جا چئنل اسان جا ثقافت کي نواڻ سان ملائي ٽيليڪاسٽ ڪري رهيا آهن، پر اسان کي هڪ مڪمل ثقافتي چئنل جي ضرورت آهي. جيڪا ضرور پوري ٿيندي.

انٽرنيٽ: اهو چوڻ ۾ ڪو به حرج ڪونهي ته انٽرنيٽ ميڊيائن جي ميڊيا آهي. جڏهن ته عمر ۾ ٻين ميڊيائن کان ننڍي آهي. هتي اسان انگريزيءَ واري ميڊيا کي ڇڏي سنڌي جي جمع واري اصول موجب ”ميڊيائن“ لکيو آهي، جو اسان جي ٻوليءَ جي انشاءِ ۽ لئي ۾ اهو لفظ ئي بهتر آهي.

دنيا ۾ هنيئر ماس ميڊيا جي جديد ۽ تيز چئنل انٽرنيٽ آهي. هر هڪ سر انجڻ هزارن ويب سائيٽن سان ڀريل آهي ۽ هڪ هڪ ويب سائيٽ اوهان کي دنيا جو هر علم، ڄاڻ ۽ تفريحمهيا ڪري ٿي. انٽرنيٽ جا تاريخي پس منظر اسان باب نائين ۾ ڏينداسون، جنهن کي جنرلزم ڊاٽ ڪام جو نالو ڏنو ويو آهي. هتي ماس ميڊيا طور هن ميڊيم جو مختصر تعارف ڏنو پيو وڃي.

اشتهارن جي دنيا ۾ انٽرنيٽ انقلاب آندو آهي ۽ هن وقت اربين ڊالرن جو ڪاروبار اشتهارن جي مد ۾ هن ميڊيم تان ٿئي ٿو. اوهان به پنهنجي ويب سائيٽ جوڙي آن لائين ڪري سگهو ٿا ۽ دنيا جا جيترا ماڻهو اوهان جي ويب سائيٽ کولي ڏسندا ته اوهان جون پوائنٽون ٺهنديون وينديون ۽جڏهن مقرر تعداد يا گهربل تعداد ۾ ماڻهو اوهان جي ويب سائيٽ ڏسي چڪا هوندا ته ڪمپنين طرفان اوهان کي خود به خود اشتهار ملڻ شروع ٿي ويندا. اوهان جڏهن مشهور ويب سائيٽون کولي ڏسندو ته اوهان کي اتي لکيل انگن مان خبر پئجي ويندي ته اوهان ڪا نوان ماڻهو آهيو، جيڪو ويب سائيٽ ڏسي رهيو آهي، يعني اڳ هن ويب سائيٽ کي ڪيترا ماڻهو ”وزٽ“ ڪري چڪا آهن. اهو انگ ۽ تعداد اتي لکيل هوندو آهي.

ياهو (Yahoo) ۽ گوگل (Goooooooogle) يعني ڏهن ٻڙين سان سڃاتي ويندڙ هي سرچ انجڻ دنيا جون مشهور سرچ انجڻيون آهن. جتي اوهان کي تازيون خبرون، تازين حالتن تي تبصرا ۽ ڪامرس جون خبرون ملن ٿيون ۽ ٻيو اهو سڀ ڪجهه جيڪو ماس ميڊيا جي شاگرد طور اوهان ڏسڻ گهرون ٿا به موجود آهي.

انٽرنيٽ انسان ذات جي واقعي عجيب ايجاد آهي، جيڪا مختلف انسانن جي محنت سان اڄوڪي منزل تي پهتي آهي.

 

سنڌ جي ماس ميڊيا

سنڌ ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻن حسن ۾ ورهايل آهي. هڪ خالص سنڌي ميڊيا، جيڪا هتي رهندڙ ماڻهن وٽ شروع کان هئي ۽ 1947ع کان پوءِ به هتي جي ماڻهن وٽ رهي ۽ ان ۾ واڌارو به ٿيندو رهيو.

هن وقت سنڌي ماس ميڊيا ۾ سنڌي اخبارون، انگريزي اخبارون ۽ رسالن کان سواءِ سئٽلائيٽ چئنل ۽ ايف ايم فريڪئنسي وارا ريڊيو چئنل به آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اسان کي هڪ اردو ۽ هڪ انگريزي سئٽلائيٽ چئنل جي به ضرورت آهي ۽ هڪ ثقافتي چئنل واري جاءِ به اڃا خالي پئي آهي.

سنڌ جي ”ماس ميڊيا“ جو وڏو حصو انهن ماڻهن وٽ آهي، جيڪي 1947ع کان پوءِ هندستان جي مختلف رياستن کان لڏي هتي آيا ۽ پاڻ سان گڏ پرنٽ ميڊيا کڻي آيا.

سنڌ جي انهن ٻنهي ماس ميڊيائن يعني مقامي ۽ لڏي آيل ۾ وڏو تضاد رهيوآهي، سنڌ جي مقامي ماس ميڊيا هميشه معتدل رويو رکيو آهي پر ٻئي پاسي واري ميڊيا ڪڏهن به سنڌ جي ڳالهه ڪنهن وڏي شدمد سان ڪا نه ڪئي آهي. سنڌين جي ڳالهه ته پري رهي پر سنڌ جا مفاد به نظرانداز ڪيا ويا، هي هڪ وڏو موضوع آهي، جو اسان ٻنهي پاسن واري ميڊيائن جو تقابلي جائزو وٺون. انهي ڪري هتي اسان صرف تعارفي انداز ۾ ڪي ڳالهيون پيش ڪنداسون.

سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هميشه پنهنجو ڪردار مثبت نموني نڀايو آهي. صرف 1947ع کان اڳ واري ميڊيا اسان کي ورهايل نظر اچي ٿي، جنهن کي سنڌي مسلم پريس ۽ سنڌي هندو پريس جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. اِها ماس ميڊيا هڪٻئي خلاف ايترو ته اڳتي نڪري چڪي هئي، جو اخباري ٻوليءَ جو به انداز مٽجي ويو. مسلم پريس ۾ عربي فارسي گاڏڙ سنڌي لکجڻ لڳي ۽ هندو سنڌي پريس ۾ سنسڪرت ۽ هندي گاڏڙ سنڌي لکجڻ لڳي. مذهب ۽ ڌرم ان وقت انهيءَ تي حاوي هئا، سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي جي ڪنهن به ڌر کي ڳڻتي ڪا نه هئي.

1947ع کان پوءِ هندو سنڌي پريس پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، باقي وڃي سنڌي مسلم پريس بچي. اُها به جڏهن پوئين چڪر يعني آزادي کان اڳ واري ماحول کان ٻاهر نه نڪتي ته ختم ٿيڻ لڳي. ”الوحيد“ جهڙي مقبول اخبار به آهستي آهستي ختم ٿي وئي.

هاڻ حالتون ڪجهه ٻيون آهن ۽ هن لاءِ پريس به اهڙي گهربل آهي. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ صدين واري سنڌ، ڏهن سالن اندر پنهنجو نالو وڃائي ويٺي. ون يونٽ واري پاڪستاني نقشي ۾ اسان کي ڪٿي به ”سنڌ“ نظر نه پئي آئي.

سنڌي پريس هميشه وفاق جي دائري ۾ رهندي پاڪستان جي سڀني قومن جي حقن جي ڳالهه ڪئي. سنڌي ماس ميڊيا وقت جي حڪومتن کي اهڙن اصولن ۽ معيارن کي اپنائڻ جي صلاح پئي ڏني آهي.، جن سان پاڪستان ۾ شامل قومون هڪ ملت بڻجي سگهن ۽ انهن جي پنهنجي زبان، تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافتي ورثو محفوظ رهي سگهي. اهي ئي بنيد آهن، جن سان پاڪستان هڪ خوشحال ۽ روشن خيال ملڪ بڻجي سگهي ٿو.

انڊيا جو مثال اسان جي سامهون آهي، جيڪو گهڻ قومي ۽ گهڻ ٻولي وارو ملڪ هوندي به جمهوري رياست جي حوالي سان ڪاميابي سان هلي رهيو آهي.

سنڌي پرنٽ ميڊيا جو مختصر جائزو

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ۽ بنگلا ٻوليون، اهي ٻوليون هيون، جيڪي پنهنجي لپي، تاريخ، ادب ۽ ميڊيا رکنديون هيون. 1971ع ۾ بنگلا ٻولي وارو معاملو ته ويو ختم ٿي. باقي رهيل پاڪستان ۾ سنڌي واحد ٻولي وڃي بچي، جنهن کي پنهنجي بچاءُ جي ڳڻتي لڳل هئي. جيئن اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون ته پاڪستان جي شروعاتي دؤر ۾ جنهن ڌر کي فيصلن جو اختيار هو، اُها هندستان جي مختلف رياستن مان لڏي آيل ڌر هئي ۽ هنن جي ٻولي اردو هئي. آبادي جي لحاظ کان ان وقت هنن جو حصو ست سيڪڙو هو، پر قانون ساز اسيمبلي جيڪا چونڊيل ڪا نه هئي، ان ۾ اردو کي ”قومي ٻولي“ قرار ڏنو ويو ۽ فيصلو ڪرڻ واري ڌر ائين ڪري پاڪستان جي وحدانيت کي پهريون نقصان رسايو. انهي ساڳي ڌر ٻيو اهو مشهور ڪيو ته ”اردو پريس“ قومي پريس آهي، باقي پاڪستان جي ٻين ٻولين واري پرنٽ ميڊيا ”علائقائي پريس“ آهي ۽ ائين سنڌي پريس کي علائقائي پريس ڪوٺڻ شروع ڪيو ويو. انهن تڪليفن جي باوجود اسان ڏسون ٿا ته سنڌي پريس پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ وڌندي ويجهندي رهي ۽ هن وقت هڪ مضبوط آواز بڻجي اسان اوهان سڀني جي سامهون موجود آهي.

سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ جن اخبارن جو مختصر تعارف پيش ڪبو، انهن ۾ ”ڪاوش“، ”عبرت“، ”ڪوشش“، ”سنڌ“، ”مهراڻ“، ”هلچل“ ۽ ”سنڌو“ شامل آهن. هي حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ روزاني واريون اخبارون آهن. جڏهن ته ڪراچي مان نڪرندڙ ”هلال پاڪستان“، ”عوامي آواز“ ۽ ”خبرون“ به جائزي ۾ شامل آهن.

روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد: هن وقت ڪاوش اخبار واحد سنڌي اخبار آهي، جيڪا جهر جنگ ۾ نظر اچي ٿي ۽ انهيءَ لحاظ کان اِها اخبار وڌ ۾ وڌ وڪامجندڙ ۽ پڙهجندڙ اخبار آهي. هي اخبار سنڌ کان سواءِ لاهور، اسلام آباد، صادق آباد ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صبح جو اسٽالن تي موجود هوندي آهي، انهي کانسواءِ سعودي عرب ۽ خليجي رياستن ۾ هي اخبار پهچي ٿي. انٽرنيٽ تي هئڻ ڪري سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ويهي، اوهان هي اخبار تازي تازي پڙهي سگهو ٿا.

”ڪاوش“ پنهنجي اشاعت 3 آگسٽ 1990ع کان شروع ڪئي. تڏهن پي پي پي جي حڪومت هئي. پوءِ پي پي پي جو دؤر جلد ختم ٿيو ۽  سنڌ ۾ نگران وزيراعليٰ ڄام صادق علي ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ٽنڊي آدم واري صوبائي سيٽ تان چونڊيو ويو هو. ”ڪاوش“ انهيءَ اليڪشن جي ڀرپور ڪوريج ڪئي هئي ۽ ان وقت اهي پڙهيل نوجوان هن اخبار جا روح روان هئا، جن پهريون ڀيرو عملي صحافت ۾ پير پاتو هو، اخبار جي انتظاميا طرفان انهن جي ڀرپور همٿ افزائي ڪئي وئي ۽ سازو سامان به مهيا ڪيل هئا. شروع ۾ ”ڪاوش“ چئن صفحن تي مشٽمل هئي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي اٺن صفحن جي ٿي ۽ هاڻ اشتهارن جي وڌي وڃڻ ڪري ڏهن ۽ ٻارنهن صفحن تائين به پهچيو وڃي. ”ڪاوش“ جڏهن چئن صفحن واري اخبار هئي ته هن جو ملهه ٻه روپيا هو ۽ سرڪيوليشن جو ڄار، وڏي ڪاميابي سان وڇائي هر هنڌ هن اخبار کي پهچايو ويو. ميڪ اپ ۽ گيٽ اپ جي لحاظ سان به هي انوکي اخبار هئي، انهي ميڪ اپ ۾ اڳ ڪا به سنڌي اخبار ڪا نه آئي هئي، البت ”ڪاوش“ جي گيٽ اپ جي ڪاپي بعد ۾ ايندڙ اخبارن ڪئي هئي، پر اهي ڪامياب نه ويون. ”ڪاوش“ اخبار ايتري ڪامياب ڇو وئي؟ هڪ عام جواب ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته بس ڄمي وئي ڌڻين جي قسمت ڀلي هئي. پر هي جواب ڪو جواب ڪونهي، اصل ۾ ”ڪاوش“ جي مقبوليت ۾ جيڪي عنصر نمايا رهيا، انهن ۾ پهريون ايڊيٽر جو ڪردار، ٻيو نواڻ ۽ ٽيون محنتي ۽ پروگريسو نوجوانن جي ڏينهن رات محنت جن هن اخبار کي صحيح معنيٰ ۾ ”ماس ميڊيا“ بڻائي ڇڏيو.

هن اخبار آءِ بي ايم تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ ۾ به پنهنجو ڪدار ادا ڪيو آهي، توڙي جو اِها اخبار جي پنهنجي ضرورت هئي، پر انهيءَ سان سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ آڻڻ آسان ٿيو ۽ ٻيون اخبارون به ايپل تان آءِ بي ايم تي اچي ويون.

شروع وارن ڏينهن ۾ ”ڪاوش“ جي آفيس ۽ ڪم وارو ماحول ائين نه هو جيئن اڄ اسان ڏسون ٿا. اڄ ته هي هڪ وڏي اخباري اداري جو ڏيک ڏئي رهي آهي، شروع ۾ صرف هڪ ايئرڪنڊيشن هال ۾ هي سڄي اخبار تيار ٿيندي هئي، يعني اهو سادو سودو هال ايڊيٽر جي ويهڻ جي جاءِ به هئي، جتي علي قاضي پاڻ عملي ۽ ڊيسڪ وارن سان گڏ ويهي ڪم ڪندو هو، ڪمپيوٽر به اتي هئا ۽ ڊيڪس به اتي ئي هئي. ”ڪاوش“ اخبار ٻي جيڪا ڪاميابي ماڻي، اُها شهري سنڌي گهرن ۾ ان جو پڙهجڻ هو، انهيءَ کان اڳ سنڌي ماڻهو ”جنگ“ اخبار گهرن ۾ گهرائيندا هئا. ڪاوش جي هي صحيح معنيٰ ۾ ڪاميابي هئي.

”ڪاوش“ اخبار نوازشريف جي ٻئي دؤر ۾ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آندي، اهو تحقيق لاءِ هڪ مڪمل ۽ الڳ موضوع آهي، انهيءَ تبديليءَ جا ڪارڻ ٻه ٿي سگهن ٿا، هڪ اشتهار يعني سرڪاري اشتهار ۽ ٻيو ”عبرت“ گروپ جي پيپلزپارٽيءَ سان وابستگي.

ڇا ايڊيٽر ۽ مالڪ (ايڊيٽر به ملڪن ۾ شامل آهي)هن اخبار جي بنياد تي ڪنهن سياسي فائدي جو سوچي رهيا هئا؟ جيئن مٿي چيوسين ته اهي تحقيق لاءِ رهيل موضوع آهي، جنهن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ الڳ هڪ ڪتاب جيڏو مواد گڏ ڪرڻو پوندو. پريشر گروپ طرفان ”ڪاوش“ کي پنهنجي گروپ جي ڪوريج ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ يا زبردستي دٻاءُ وجهڻ جهڙيون ڪوششون به ٿيون، ”ڪاوش“ اخبار جا بنڊل به سڙيا ۽ ڪن هندن خاص ڪري قاسم آباد ۾ وڪري کر روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي.

سرڪاري ايجنسين جي ”ميڊيا ايڊوائيز“ هاڻ ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي ۽ ”ڪاوش“ به هتي جي اخبار آهي، انهي ڪري اِها به انهيءَ ڳالهه جو خيال رکندي رهي آهي. شروع ۾ ”ڪاوش“ اخبار جا رويا نابالغي وارا رهيا. ڪيترن فردن خلاف مهم طور به ”ڪاوش“ استعمال ٿي، ايتري تائين جو عبدالحميد آخوند جو نالو وٺي، هن صاحب خلاف ايڊيٽوريل لکيو ويو هو. بالغ صحافت ۾ ائين نه ٿيندو آهي ۽ اهو به عبدالحميد آخوند جهڙي شخصيت خلاف لکڻ، جيڪو بهرحال ڏڪر واري دؤر ۾ لٿي پٿي اسان لاءِ وڏي آٿت آهي، جنهن سنڌي ثقافت کي محفوظ ڪرڻ، مشهور ڪرڻ ۽ متعارف ڪرائڻ ۾ ڏينهن رات محنت ڪئي، اوڻايون ته اسان سڀني ۾ آهن.

”ڪاوش“ جي ٻي ڪاوش پهريون دفعو ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مضمون ڇاپڻ هو. ٺٽي واري مسلم ليگي گل محمد خشڪ وارو اهو مضمون خبر ناهي ڪهڙي مصلحت جي بنياد تي ڇاپو ويو هو. پر اهي ڳالهيون رڪارڊ جو حصو آهن. هن وقت پل هيٺيان ڪافي پاڻي وهي چڪو آهي. ”ڪاوش“ هاڻ هڪ فهميدو ادارو بڻجي چڪو آهي. هاڻ هڪ پاليسي به جڙيل آهي. ڪنهن کي هروڀرو ”ڪاوش“ جو پليٽ فارم استعمال ڪندي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ واري ڪوشش کي ڇاٻ هنئي وئي آهي.

روزاني ”عبرت“ حيدرآباد: عمر جي لحاظ کان عبرت کي پهرين نمبر تي رکڻ گهربو هو، پر اسان سرڪيوليشن کي بنياد بڻائي ترتيب جوڙي آهي. 14 آگسٽ 1931ع تي شروع ٿيندڙ هي اخبار پهرين هفتيوار هئي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي ملڪيت هئي. ڏيپلائي صاحب ئي ”عبرت“ جو ايڊيٽر هو. قاضي عبدالمجيد عابد بعد ۾ اها اخبار ڏيپلائي صاحب کان خريد ڪئي ۽ اڳتي هلي روزاني به ٿي.

”عبرت“ اخبار شروع ۾ ليٽر پريس تي ڇپبي هئي ۽ هيڊلائينون ڪاتب لکندا هئا. هن اخبار شروع کان روايتي طريقو اخبار ڪيو. ڪاوش کان اڳ وڌ ۾ وڌ سرڪيوليشن ”عبرت“ جي هئي ۽ سنڌ سرڪار جي اشتهارن ۾ به وڏو حصو ”عبرت“ جو هوندو هو، انهي ڪري ”عبرت“ آفيشل اخبار به هئي، يعني گهڻو ڪري سنڌ جي هر آفيس ۾ ”عبرت“ ضرور پهچندي هئي. ”عبرت“ جا نمائنده سرڪاري آفيسن ۽ ٿاڻن ۾ اڪثر ڏسبا هئا. ”عبرت“ شروع ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کي اڻ سڌي طرح ”هيرو“ واري انداز ۾ پيش ڪيو. اِها ڪا پاليسي ڪا نه هئي، پر اخبار جي نائيندن ۽ڊيڪس تي ڪم ڪرڻ وارن جي اِها غلطي هئي ۽ حيرت جي ڳالهه اِها آهي جو ”عوام“ به اهڙين خبرن کي پسند پئي ڪيو ۽ ڪي پڙهيل ڌاڙيل به ”عبرت“ پڙهي پنهنجي ڏاڍائي کي بهادري سمجهي سرهائي محسوس ڪندا هئا.

”عبرت“ جا مالڪ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ مسلم ليگ ۾ شامل هئا ۽ عبدالمجيد عابد جوڻيجي واري غير جماعتي ڪابينا ۾ وفاقي اطلاعات کاتي جو وزير هو. پيپلز پارٽي ۾ قاضي اسد عابد شموليت اختيار ڪئي، سندس ڀيڻويو ذوالفقار مرزا ۽ سندس ڀيڻ فهميده مرزا به قومي اسيمبلي جا ميمبر رهيا ۽ فهميده مرزا هي سٽون لکڻ وقت به قومي اسيمبلي ۾ پي پي جي ميمبر آهي. قاضي اسد عابد به اُن صورت ۾ ميمبر بڻجي قومي اسيمبلي ۾ پهتو هو، جڏهن شهرن ۾ ايم ڪيو ايم اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.

مالڪن جي پي پي ۾ شموليت سان به عبرت اخبار توازن نه وڃايو آهي ۽ بجيثيت اخبار پنهنجي پاليسي مطابق خبرون ڇاپيندي رهي آهي، اخبار کي متوازن رکڻ ۾ قاضي اسد عابد ۽ اخبار انتظاميا هر حال ۾ ڪامياب وئي آهي.

سنڌي اخبار ۾ چٽاڀٽي جي رجحان”عبرت“ جي آفيسي ماحول کيبه بهتر بڻايو آهي، ”عبرت“ انٽرنيٽ تي به جار ٿئي ٿي، پر گهڻو ڪا تيز رفتاري سان نٿي پهچي.

روزاني ”ڪوشش“ حيدرآباد: ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن ”ڪوشش“ اخبار 8 جون 1998ع تي جاري ڪئي. شايد عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي مقابلي ۾ ائين ڪيو ويو هجي يا پنهنج ڪاروبار کي اڃا به اڳتي ڪرڻ لاءِ ائي ڪيو ويو هجي. بهرحال ”ڪاوش“ جي ڪاميابي مالڪن جا حوصلا وڌائي ڇڏيا هئا ۽ اهي ڪنهن هلڪي ڦلڪي ڪاروباري رسڪ لاءِ به تيار هئا. باقي آفيس، ڪمپيوٽر، پريس، انتظامي امور ۽ ڪاغذ وغيره سڀ گڏوچڙ هلي پيو، يعني ”ڪاوش“ جي سهاري ”ڪوشش“ به هلي پئي. هن حڪمت عملي جو نقصان اهو ٿيو جو ”ڪوشش“ کي ”ڪاوش“ جي ڪُک مان نڪتل اخبار سمجهيو ويو ۽ عام راءِ هن کي الڳ ۽ آزاد اخبار تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي، ٻيو ته خود مالڪن جي توجهه جو مرڪز ”ڪاوش ۽ بعد ۾ ڪي ٽي اين رهي، ٽيون ”ڪاوش“ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ ڪنهن ٻي اخبار جو ”ڪاوش“ وانگر اڀرڻ ممڪن نه هو. ايڊيٽر رشيد راڄڙ به ”ڪاوش“ سٿ جو ئي فرد هو ۽اتان هن کي ”ڪوشش“ ۾ ايڊيٽر طور خانه پوريءَ لاءِ رکيو ويو.

جيئن ته ”ڪاوش“ جو ورهاستي نيٽ ورڪ مضبوط آهي، انهيءَ ڪري ”ڪوشش“ به انهيءَ نيٽ ورڪ تان هر هنڌ پهچي ٿي. اخبار هلائڻ هڪ حوصلي ۽ استقلال جي ڳالهه آهي ۽ اخبار ناڻو به هاٿي وانگر کائي ٿي. ”ڪوشش“ جو هلندو رهڻ به هڪ ڪاميابي آهي.

روزاني ”سنڌ“ حيدرآباد: ”سنڌ“ اخبار جنهن جذبي سان اشتراڪي سوچ وارن فقيرن جاري ڪئي هئي، اهو جذبو فطري تضادن ڪري جهڪو ٿي ويو هو. يعني جڏهن مالي ۽ ذاتي مفادن جو ٽڪراءُ ٿيدنو آهي ته پيءُ پٽ به هڪٻي کان اڳ ٿي ويندا آهن. شايد اسان جي هٽ واڻين صحيح چيو آهي ته مالي ۽ڪاروباري شراڪت ته زال سان ٺيڪ نهآهي. بهرحال هي ته پراڻو نسخوآهي. اڄ جي دؤر ۾ ڪي ضابطا طئي ڪرڻ کان پوءِ اشراڪتي ڪاروبار ۽ ڪمپنيون ڪاميابي سان هلي رهيون آهن. ”سنڌ“ اخبار ۾ جن ڳالهين جي کوٽ هئي، انهن ۾ هڪ ته مالي مسئلو ٻيو انتظامي معاملن تي يڪراءِ ٿيڻ جي کوٽ، جنهن هر شرڪتدار کي شڪ وارن روين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

روزاني سنڌ5 نومبر 1995ع تي جاري ٿيڻ بعد مارڪيٽ ۾ ڏاڍي سٺي انداز ۾ داخل ٿي، پر پير ڄمائي ه سگهي. شروع ۾ تاثر اهو اڀريو هو ته هي اخبار ”ڪاوش“ جي مقابلي ۾ آيل اخبار آهي ۽ اٿڪ به ائين ئي هئي، پر مالي گهوٽالي سبب اخبار جو معيار به هيٺ ايندو ويو ۽ ڪارڪنن کي پگهار ڏيڻ مشڪل ٿي پيو، هڪ دفعي ته پگهار نه ملڻ ڪري آپريٽرن احتجاج ڪندي، اخبار ڪمپوز ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال کان پوءِ هوشيار ۽ ذهين سب ايڊيٽرن ٻين اخبارن جو رخ ڪيو. آپريٽرن جي هڙتال دؤران ڪاوش جا سابق آپريٽر آيا جن مواد ڪمپوز ڪيو، رشيد راڄڙ ان وقت ”سنڌ“ جو ايڊيٽر هو.

”ڪاوش“ گروپ تي هميشه هڪ الزام لڳندو رهيو آهي، اُهو اِهو ته ”ڪاوش“ گروپ جڏهن ڪنهن اخبار کي ”فيل“ ڪرڻ گهرندو آهي ته ان اخبار ۾ پنهنجي ماڻهو مڪليا ويندا آهن، جيڪي اتي وڃي نوڪري ڪندا آهن ۽ الزام اهو آهي ته انهن کي مذڪوره اخبار کي ”فيل“ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي ۽ واپسي تي ”ڪاوش“ گروپ ۾ انهن کي نوڪري جي ضمانت مليل هوندي آهي. ”خلق“ اخبار بند ٿيڻ کان پوءِ ”ڪاوش“ گروپ تي اهڙا الزام ججها لڳا هئا.

البت اهو ضرور ٿيو آهي ته ”ڪاوش“ جي ايجنٽن هر انهيءَ اخبار جي ورهاست ۾ گهوٻيون هنيون آهن، ٻي اخبار کڻڻ کان ئي انڪار ڪيو، جيڪا ”ڪاوش“ جي مقابلي ۾ اچي پئي سگهي. ”سنڌ“ اخبار ڪجهه وقت ڊمي ٿيڻ کان پوءِ هن وقت بازار ۾ موجود آهي. خبرن جي تڪڙي پهچ ۾ ٿورو پوئتي آهي.

روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد: ”مهراڻ“ اخبار جي شروعات ڪراچي کان 1955ع ۾ ٿي. سنڌ جي هي اخبار 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ وڏي مقبول اخبار رهي ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته هن اخبار جي سرڪيوليشن 90 ڊگري تي پهچي وئي. اُن وقت شمشير الحيدري هن اخبار جو ايڊيٽر هو.

”مهراڻ“ اخبار سنڌي جي اُها اخبار آهي، جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ بندش جو منهن ڏسڻو پيو. هي اخبار مسلم ليگ جي موجوده فنڪشنل ڌڙي جي ترجمان آهي ۽ سنڌي اخبارن ۾ واحد اخبار آهي، جيڪا سنئون سڌو هڪ سياسي پارٽي سان واسطو رکي ٿي. ”مهراڻ“ سنڌ جي روحاني ۽ سياسي شخصيت پير شاهه مردان شاهه سڪندر علي جنهن کي عام عام طور پير صاحب پاڳارو چيو وڃي ٿو، جنهن سرپرستي ۾ ڪم ڪري ٿي. حر جماعت جي ترجمان هئڻ ڪري ئي ڀٽي صاحب هن اخبار تي پابندي مڙهي هئي ۽ هن اخبار جي ايڊيٽر سردار ذاڪر علي شاهه ان وقت گهڻو عصرو گرفتار رهيو ۽ مارشل لا نافذ ٿيڻ تائين جيل ۾ رهيو ۽ اخبار تي به پابندي هئي.

”مهراڻ“ اخبار جا پڙهندڙ گهڻو ڪري فنڪشنلي ڪارڪن ۽ حر جماعت جا ماڻهو آهن. البت اخبار ٻين پارٽين کي به ڪوريج ڏئي ٿي. هن وقت هي اخبار اٺن رنگين صفحن تي شايع ٿئي ٿي ۽ فقير منٺار مڱريو هن جو ايڊيٽر آهي.

روزاني ”سنڌو“ حيدرآباد: روزاني ”سنڌو“ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي اخبار آهي ۽ سنڌيءَ ۾ زرد صحافت (Yellow Journalism) نمونو رهي آهي. زرد صحافت توڙي جو هڪ ناپسند صنف آهي، پر صحافت ۾ هي هڪ مقبول طرز آهي ۽ صحافت جو هڪ اهم قسم آهي. جنهن ۾ ڄاڻي واڻي سنسني خيز ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون ڇاپيون وينديون آهن . 1995ع کان 1998ع تائين هي اخبار ”سيڪس اسڪينڊلز“ کي ڇاپيندي رهي ۽ ٻوليءَ به اِها ئي لکي ويندي هئي. ان وقت ”جاڙي جمعدار“ جي نالي سال اسپتالن، ڊي اوز گرلز ۽ ماسترياڻين جي ڪردارن ۽ سرڪاري ڪامورن خلاف لکيو ويندو هو. هر هفتي ڪنهن هڪ شهر کي چونڊيو ويندو هو. پوليس به هن اخبار کان ڊڄڻ لڳي هئي جو ڪيترن ٿاڻن ۽ ايس ايڇ اوز جون اندريون ڪهاڻيون فرضي يا حقيقي بهرحال اهي به ڇپيون.

سيڪس اسڪينڊلز واري ٻولي” ڪوڪ شاستر“ واري ٻولي هوندي هئي ۽ جڏهن هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۾ لکيو ويندو هو ته سڀاڻ ”جاڙو جمعدار“ ٺٽي جي سول اسپتال جو دؤرو ڪندو يا هالا جي ٿاڻي جو معائنو ڪندو ته اتي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويندا هئا ۽ هر ڪو پٽڪي بچائڻ لاءِ ”جاڙي جمعدار“ جو پاسو پيو وٺندو هو. آخرڪار ڪن معتبر ماڻهن ”سنڌو“ جي ٻولي ۽ رويي جي شڪايت وڏي شدمد سان ڪئي ۽ خط لکي گروپ جي مالڪن کي هي کيل بند ڪرڻ لاءِ گذارشون ڪيون، نتيجي ۾ اخبار جو هي سلسلو بند ڪيو ويو ۽ اخبار جي سرڪيوليشن به اچي پٽ پئي.

سنڌو ---------- تي جاري ٿي هئي. پهرين ”عبرت“ مئگزين به ”سنڌو“ مئنگزين جي نالي سان ڇپبو هو. هي سنڌي ميڊيا ۾ واحد فئملي مئگزين آهي ۽ واقعي مقبول آهي. ”سنڌو“ اخبار شروع ۾ شام جو جاري ٿيندي هئي ۽ شام وارين سنڌي اخبارن ۾ پهرين اخبار اِها هئي.

روزاني ”هلچل“ حيدرآباد: روزاني هلچل 1998ع تي جار ٿي ۽ ”سنڌ“ اخبار جي شراڪتدار ”سنڌ“ اخبار کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد مان جاري ڪئي. ”هلچل“ جا جاري ڪندڙ سٺي مالي سگهه رکن ٿا، انهيءَ ڪري ئي اخبار اڃا تائين هلي رهي آهي. جڏهن علي محمد مهر سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو هو، تڏهن ته هن اخبار جي ڄڻ جواني هئي، مالي طور سگهي ٿي، ان وقت سرڪاري اشتهارن جو چڱو خاصو حصو هن اخبار کي ملندو هو. حقيقت هي آهي ته اخبار ڪاروباري نقطي نظر سان جاري ٿي آهي. باقي جيئن اخبار جو نالو آهي، ائين هي اخبار سنڌي سماج ۾ ڪا به هلچل نه مچائي آهي.

روزاني ”سوڀ“ حيدرآباد: سنڌي صحافت ۾ ”سوڀ“ نوجوان اخبار آهي. هي اخبار 2004ع تي حيدرآباد مان جاري ٿي. امداد علي اوڍو جڏهن ”عوامي آواز“ ڪراچي کان الڳ ٿيو ته هن پنهنجي طور ”سوڀ“ جاري ڪئي.

ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان صدر پرويز مشرف 2005ع ۾ خاص اعلان ڪرڻ وارو هو يعني ٺاهڻ جو اعلان ٿيڻو هو. انهي اعلان ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ جو سماجي ماحول بدلجي ويو ۽ ماڻهو هر قسم جي مزاحمت لاءِ ٻاهر نڪري آيا. اهڙي ماحول، هن اخبار کي عوامي اخبار ٿيڻ جو موقعو ڏنو. ماڻهو هي اخبار وڏي شوق سان پڙهڻ لڳا هئا، پر جيئن ئي ڊيم جي اعلان تان هٿ کنيو ويو ته مزاحمتي رويو به گهٽ ٿيو ۽ اخبار جي سرڪيوليشن به هيٺ آئي. اهو رد عمل شايد ”خبرون“ اخبار جي ڪردار جي ڪري سامهون آيو هو، جڏهن ”خبرون“ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ اشتهار هلائڻ شروع ڪيا هئا. هڪ اڌ اشتهار ”عبرت“ به هلايو هو، پر پوءِ بس ڪيائين، باقي ”خبرون“ اخبار سڄي سنڌ۾ سڙندي رهي ۽ اشتهار ڇاپيندي رهي. ”سوڀ“ اخبار جهڙي نموني هن وقت هلي رهي آهي. اهڙيون اخبارون مارڪيٽ ۾ گهڻو وقت رهي نه سگهنديون آهن. اڳي به اهڙا تجربا ناڪام ويا آهن. ڇوجو جڏهن مالي گهوٽالو شروع ٿئي ٿو ته اخبار ڪارڪن ڀڄڻ شروع ڪن ٿا، سرڪاري اشتهارن جي آسري تي مالڪن طرفان لڳل پونجي ٻڏڻ شرط اخبار به ٻڏيووڃي.

روزاني”شام“ حيدرآباد: روزاني ”شام“ جيڪڏهن ڪاوش گروپ جي اخبار نه هجي ها ته ڪڏهوڪو بند ٿي وڃي ها. شام واري هي ”شام“ اخبار 29 آگسٽ 1999ع تي جاري ٿي. هن کان اڳ ”ڪاوش“ گروپ ”خادم وطن“ کي به شام واري اخبار طور آزمايو هو، پر ڪو نتيجو لاڀائتو نه نڪتو.

”شام“ اخبار جو مواد گهڻو ڪري صبح وارين انگريزي ۽ اردو اخبارن تان کنيو ويندو آهي ۽ ڪي واقعا رپورٽ به ٿيندا آهن پر صحافين ۽ نمائندن جو ڪا جاندار نيٽ ورڪ ”شام“ جي حوالي سان موجود ڪونهي.

سنڌي ماس ميڊيا ۾ شام واريون اخبارون ڇو ڪامياب نٿيون وڃن؟ انهي ۾ ٽي ڳالهيون اهم آهن، جن تي توجهه ڏيڻ سان شام وارين اخبارن کي ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو. هڪ انتظامي توجهه، يعني جيترو توجهه مالڪن يا انتظاميا طرفان صبح وارين اخبارن تي ڏنو وڃي ٿو، شام واريون اخبارون به اوترو توجهه لهڻين ٿيون، ٻيو وقت جو صحيح استعمال، هن وقت تائين شام واريون اخبارون ڇڪي ڇڪي هڪ وڳي منجهند تائين شايع ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪبجي کان پوءِ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي، تقريب يا ڪا ٻي خبر جهڙي ڳالهه رهجي ويندي آهي. انهي معاملي کي ڪنهن نموني ضابطي ۾ آڻڻو پوندو. هاڻ رڳو ائين ئي خانه پوري ڪئي ويندي آهي ته ”اڄ پريس ڪلب وٽ سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج ٿيڻ وارو“ ڪراچي ۾ ”سنڌجي مسئلن تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ واري“. خبر ناهي هي ڪهڙي صحافت آهي؟ جي ڪانفرنس ۽ احتجاج عين وقت تي ملتوي ٿي وڃن ته اخبار جي ساک ئي ختم. ريڊر اهڙي اخبار تي ڪئين ڀروسو ڪندو ۽ اخبار مارڪيٽ ۾ ڪئين هلي سگهندي؟

حيدرآباد جون ڪجهه ٻيون اخبارون: حيدرآباد مان نڪرندڙ ڪي ڊمي يا مرڳو بند ٿيل اخبارون به سنڌ ماس ميڊيا جي تاريخ جو حصو آهن. انهن اخبارن ۾ ”سچ“، ”الک“، ”خلق“، ”بختور“، ”سوال“، ”سنڌ نيوز“، ”آفتاب“ ۽ ”سرواڻ“ سرفهرست آهن ۽ ڪي اخبارون مارڪيٽ ۾ موجود هوندي به انهن جو احساس گهٽ ٿئي ٿو. ”تعمير سنڌ“ پوءِ به ڳڻڻ جهڙي اخبار آهي. خاص ڪري هڪ چٺي تنهنجي نالي وارو سلسلو سٺو ۽ اصلاحي آهي، ڪٿي ڪٿي ونگار به وهڻي پوي ٿي، اسان جي سماج ۾ اڃا ايتري حد تائين ونگار وهڻ ۾ ڪو عيب به ڪونهي. ايم ڪيو ايم ته خبر ناهي ڪهڙا مقصد کڻي ”آس“ اخبار جاري ڪئي آهي. انهن جي آس ۾ اسان جو خير هجي باقي سنڌي صحافت ۾ هي ٻي اخبار آهي، جيڪا سنڌي مالڪن کان سواءِ ميدان ۾ لٿي آهي. پهرين ”خبرون“ اخبار آهي، جنهن جو مالڪ ”ضيا شاهد“ آهي، سنڌ ۽سنڌين وٽ ڪا مثبت شخصيت نه رهي آهي.

”سچ“ اخبار به جهڙي تهڙي نموني مارڪيٽ ۾ موجود آهي، پر سچ اهو ته ”سچ“ هاڻ بس هڪ اخبار آهي، باقي هن جا پڙهندڙ شايد ڪي هجن، جيڪي پئسو سيڙائي هي اخبار وٺندا هجن. هي اخبار حمزي پليجي جي سرمائي سان جاري ٿي هئي.

ائين ”الک“ اخبار به سنڌ جو هڪ ڪروڙ کان به مٿي جو سرمايو ٻُڙيو، انصاري برادران ”الک“ کي شروع ۾ سهڻي نموني هلايو، پر ايڊيٽرن يا سب ايڊيٽرن جي ناقص منصوبابندي اخبار کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. ”الک“ سنڌي صحافت ۾ پهرين اخبار ليکبي، جنهن بقايا وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو هو. پر اخبار صحافت ۾ اهو هڪ ”ائڊوينچر“ هو. اخبار هڪ تفصيلي رڪارڊ هوندو آهي ۽ پهرين صفحي کي خاص خاص خبرن سان ڀري باقي بقايا ٻين صفحن تي موڪلي ڇڏبي آهي. جيڪڏهن بقايا جو سلسلو نه هجي تهلازمي پهرين صفحي جي خبرن کي ڪينچي هڻڻي پوندي ۽ خبر به مختصر ٿي پوندي. اهڙي اخبار جو هلڻ شروع کان ئي مشڪل هو. ”الک“ گروپ طرفان ادريس جتوئي جي سرواڻي ۾ سنڌ لائين رسالو به جاري ڪيو ويو ۽ ساڳي گروپ جي ٻارن واري رسالي ”ششر“ جو ايڊيٽر اندر جيت لوهاڻو هو، پر ”الک“ وئي ته اهي رسالا به پاڻ سان گڏ کڻي وئي. ”خلق“ اخبار حيدرآباد جي مشهور سرمائي ڪار ڪوثر ڀٽي جي سرمائي سان شروع ٿي، ڪئپري سئنيما جي هڪ حصي ۾ هن اخبار جي آفيس قائم ڪئي وئي، حسن مجتبيٰ به هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو پر سب ايڊيٽر مڙئي هن کان سگهارا هوندا هئا. ”بختور“ مير يوسف ٽالپر جي سرمائي سان شروع ٿي هئي. پيپلزپارٽي جي دؤر ۾ تهاهي ڳالهيون به مارڪيٽ ۾ گهمي رهيون هيون ته هن اخبار جو مالڪ آصف زرياري ۽ بينظير ڀٽو آهن، پر اهڙي ڪا تصديق نه ٿيسگهي. هن اخبار به ڪجهه وقت، مارڪيٽ جي اخباري اسٽالن تي پنهنجي موجودگي برقرار رکي، پر پوءِ ڊمي ٿي وئي. سنڌ جي ناليواري ليکڪ جمال رند به رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. ”سوال“ اخبار آڪاش انصاريءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ جاري ٿي، پر ائين بند ٿي وئي جو انهي سوال جو جواب اڄ تائين ملي نه سگهيو ۽ اُها ڊمي ٿيوئي. ”سنڌ نيوز“ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي اخبار به مارڪيٽ مان کڄي وئي ۽ ڪو پڙهندڙن جو حلقو ٺاهي نه سگهي. ”آفتاب“ شيخ علي محمد جي زندگيءَ تائين آفتاب هئي. پوءِ اهو آفتاب آهستي آهستي لهي ويو. ”سرواڻ“ ڪئپٽن رٽائرڊ غلام حسين سچاروي جي سرمائي ۽ انتظام هيٺ هلي، پر جٽاءُ نهڪري سگهي ۽ ڊمي ٿي وئي.

ڪراچيءَ جون اخبارون: ڪراچي سنڌ جي راڄ ڌاڻي ۽ ڪمرشل سٽي آهي. ڪراچي سنڌ جو سِر آهي. سنڌي ميڊيا ڪراچيءَ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. ورهاڱي کان اڳ ”الوحيد“ ڪراچي مان نڪرندي هئي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي ايڊيٽر شپ ۾ مسلمانن جي نمائندگي ڪئي. اڄ به سنڌ جون اهم اخبارون ڪراچيءَ مان نڪرن ٿيون، جن ۾ ”عوامي آواز“ ۽ ”هلال پاڪستان“ اهم آهن. ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“ (سکر ۽ ڪراچي) ”برسات“ ۽ ”پاڪ“ کانسواءِ ”خبرون“ به ڪراچيءَ مان نڪري ٿي.

روزاني ”عوامي اواز“ ڪراچي: ”عوامي آواز“ جديد سنڌي پرنٽ ميڊيا جي ماءُ آهي. هي پهرين اخبار آهي، جيڪا ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي ۽ شخصي قيد کان آزاد هئي. هي اخبار ڪنهن به شخصيت جي پس منظر ۾ نه آهي. ”عوامي آواز“ ۾ اهي ماڻهو شامل هئا، جن جي سوچ اشتراڪي گاڏڙ قوم پرستي تي ٻڌل هئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا ۾ جتي جتي به اشتراڪي ۽انقلابي سوچ وارا ڪامريڊ موجود هئا، اهي مايوس ٿيا. انهن آڏو جيڪي مقصد ۽ منزلون هيون، اهي هاڻ عملي طور پوري ٿيڻ جي سگهه کان گهڻو پري ٿي چڪيون هيون. اهڙن ماڻهن پنهنجي پروگرام کي ٻيو رخ ڏنو، ڇو جو اهي عملي ماڻهو هئا، تنهن ڪري ڪنهن نه ڪنهن عملي ڪم ۾ جٽي ويا. سنڌ جي ڪن ڪامريڊن سنڌ مان هڪ اهڙي اخبار جاري ڪرڻ جو سوچيو، جيڪا سنڌي ماڻهن، جمهوري اصولن ۽ سماجي برابري کي هٿي ڏئي.

”عوامي آواز“ نج عوام جو آواز ٿيڻ پئي گهريو. هن اخبار کي --------- تي جاري ڪيو ويو. ”عوامي آواز“ مارڪيٽ ۾ ايندئي عوامي اخابر بڻجي وئي ۽ پڙهيل نوجوان طبقي ۾ وڌيڪ پڙهجڻ لڳي. هن اخبار سنڌي ماس ميڊيا جو رخ تبدل ڪيو. هي اهو وقت هو جڏهن سنڌي اخبارون ڌاڙيلن، ڏوهن ۽ سياسي خبرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه شايع ڪرڻ کان قاصر هيون. انهن اخبارن ۾ پوليس ”ولين“ ۽ ڌاڙيل ”هيرو“ ڪري پيش ڪيا ويندا هئا. اهڙي ماحول ۾ ”عوامي آواز“ جو اچڻ سٺو سنوڻ هو. سنڌي پرنٽ ميڊيا تي پهريون دفعو سنڌ جي حقيقي مسئلن، سنڌين جي مالڪي تسليم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ثقافت ۽ جمهوري سماج جي اوسر جهڙا عنوان پڙهڻ لاءِ ملڻ لڳا ۽ پهريون دفعو ايڊيٽوريل ۾ تپيدارن ۽ صوبيدارن جي شڪايت کان جان ڇٽي ۽ ايڊيٽوريل صفحو پڙهڻ سان محسوس ٿيندو هو ته ڪا معياري اخبار پڙهجي رهي آهي. ايڊيٽوريل صفحو اهميت واروٿي پيو ۽سماج جي سڀني مسئلن تي دل کولي لکيو ويو.

ان وقت آر پي پي اوآيو هو، جنهن ”عوامي آواز“ جي ڊڪليئريشن ۾ آساني پيدا ڪئي، نه ته شايد ڊڪليئريشن به نه ملي سگهي ها.

روزاني”هلال پاڪستان“ ڪراچي: هي اخبار آڪٽوبر 1946ع ۾ شروع ٿي ۽ مزدورن واري عالمي ڏهاڙي يعني پهرين مئي 1971ع تي پيپلز ٽرسٽ جي ملڪيت ٿي. پيپلز پارٽي جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمان هئي. ان وقت ”هلال پاڪستان“ جي ضلعي نمائندن جي آفيسن تي جيڪي تعارفي بورڊ لڳل هوندا هئا، اهي به پيپلزپارٽي جي ٽه رنگي جهنڊي جي پس منظر سان لکيل هوندا هئا ۽ آفيس اندر ڀٽي صاحب جي تصوير لڳل هوندي هئي. ”هلال پاڪستان“ سنڌي صحافت ۾ نرسري جو ڪم ڏنو. هن اخبار سنڌي ماس ميڊيا کي فقير محمد لاشاري ڏنو، انور پيزادو ڏنو ۽ ٻيا به گهڻا اهڙا نامور صحافي هن اخبار مان سکي نڪتا. سراج الحق ميمڻ به هن اخبار ۾ ڪم ڪيو هو. ڊاڪٽر فهميده حسين ان وقت عورتن جي صفحي جي انچارج هوندي هئي.

1971ع واري مارشل لا جي نتيجي ۾ ”هلال پاڪستان“ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. پيپلز ٽرسٽ جو نالو بدلائي شيخ سلطان النهيان ٽرسٽ رکيو ويو، ڇو جو هن ٽرسٽ ۾ گهڻو ناڻو وجهندڙ دُبي جو اهو بادشاهه هو. سرڪاري تحويل ۾ ورتل هن ٽرسٽ جي هي اخبار يعني ”هلال پاڪستان“ مارشل لا حڪومت جي ترجمان ٿي پئي.

جڏهن 1988ع واري اليڪشن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي ته ٽرسٽ جي هي اخبار به انهيءَ حساب سان هلڻ لڳي ۽ ٽرسٽ جي ائڊمنسٽريٽر علي احمد بروهي کي هٽائي عبدالوحيد ڪٽپر سکر واري کي ٽرسٽ جو ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو.

”هلال پاڪستان“ ٽرسٽ جي اخبار هئڻ ڪري مالي طور ڪارڪنن ۽ نمائيندن لاءِ وڌيڪ بهتر هئي. سنڌي پرنٽ ميڊيا جي هي واحد اخبار هئي، جيڪا ”ويج ڪميشن“ جي سفارش ڪيل معاوضن تي عمل ڪندي هئي. ڪارڪنن کي طبي سهولت سان گڏ پئنشن ۽ گريجوئٽي به ملندي هئي. اخبار کي سرڪاري اشتهارن يا سرڪيوليشن مان ايتري آمدني نه هئي، جو اُهي خرچ برداشت ڪري سگهي، گهاٽي جي پورائي ٽرسٽ جي فنڊن مان ڪئي ويندي هئي.

نجڪاري واري رٿا هيٺ گورنر محمد ميان سومري جي دؤر ۾ اخبار کي وڪڻي ٺٽي واري شيرزاي خاندان جي حوالي ڪيو ويو. شيرازي انتظاميا ڪيترائي سينيئر ڪارڪن فارغ ڪيا ۽ ڪي پينشن تي لهي ويا. ان تبديلي جو واضح فرق اخبار جي ٻوليءَ مان لڳي رهيو هو. ”هلال پاڪستان“ جهڙي ٻولي سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ هاڻ شايد ئي لکي وڃي. ”هلال پاڪستان“ جا پڙهندڙ به هن اخبار جي ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ بهتري آڻيندا هئا. ڪراچيءَ جي وچ ۾ رهندي هن اخبار جي ٻولي کي ڪڏهن به اردو جي هوا لڳڻ نه ڏني وئي. بهرحال هاڻ ٻوليءَ جو معيار اهو نه آهي ۽ وچين درجي وارين اخبار وانگر مارڪيٽ ۾ موجود آهي.

روزاني ”خبرون“ ڪراچي: روزاني ”خبرون“ سنڌي پرنٽ ميڊيا جي پهرين غير سنڌي اخبار آهي. غير سنڌي انهيءَ ڪري جو هن اخبار جي انتظاميا ۽ مالڪ غير سنڌي آهن. انهيءَ ڪري هن اخبار تي ”اسٽيبليشمينٽ“ جي اخبار جو الزام آهي ۽ نه وري سنڌين اڳيان اهو واضح آهي ته آخرڪار هن اخبار جا بنيادي مقصد ڪهڙا آهن. رڳو ڪاروبار يا صحافتي خدمت ۽ ڪاروبار يا سنڌ جي عام راءِ تي ڪي خاص اثر ڇڏڻ ۽ ڪاروبار. بهرحالانهيءَ حقيقت تائين پهچڻ لاءِ وقت لڳندو ۽ تحقيق جي به ضرورت آهي. هن اخبار جو مالڪ ضيا شاهد هن کان اڳ اردو۾ روزاني ”خبرين“ جاري ڪري چڪو آهي. جيڪا پنجاب ۾ سٺي هلي ٿي. ضيا شاهد جي پنهنجي تاريخ اِها آهي جو هو مارشل لا جو ساٿاري رهيو آهي، خاص ڪري ضياءَ الحق جي زماني ۾ مجيب الرحمان شامي ۽ ضيا شاهد، ضياءَ جا حامي ۽ ماس ميڊيا جي سطح تي وڏا مددگار هئا. ضياءَ شاهد جي پئداش ڳڙهي ياسين، شڪارپور ضلعي جي آهي. جتي هن جا مائٽ يعني پنجابي آبادڪار رهندا هئا. جيڪي پوءِ اتان لڏي لاهور هليا ويا.

ضياءَ شاهد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت ۽ واپڊ اکي ڌر ڄاڻائيندي هڪ پٽيشن به داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ هن الزام لڳايو هو ته حڪومت ۽ ان جا ادارا ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ۾ ٽال مٽول ڪري رهيا آهن. ”خبرون“ اردو اخبار ”خبرين“ جو اولڙو آهي. جيڪڏهن اوهان ”خبرين“ اخبار جو موادي تجرزيو ڪندؤ ته اوهان کي هن سنڌي اخبار ”خبرون“ جي پاليسي بابت ڪافي فهم ملي ويندو.

جڏهن هي اخبار هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر مان جاري ڪرڻ جو اعلان ٿيو هو ۽ ماهو به ڀرتي ٿيڻ لڳا هئا ته”ڪاوش“ جو گهڻو عملو ٽٽي ”خبرون“ ۾ ويو هو، ان ۾ نمائندا بهشامل هئا. انهن کي وڌ ۾ وڌ يعني ٻيڻي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍوڻي پگهار جي آڇ ڏني وئي. اهڙي حڪمت عملي ”ڪاوش“ کي مقابلي واري ڪيفيت ۾ وجهي ڇڏيو هو. شروع ۾ ”خبرون“ تڪڙيون ۽ اندر جون خبرون ڏيڻ لڳي ۽ گهري رپورٽنگ ۾ اڳتي نظر پئي آئي، پر پوءِ آهستي آهستي هيٺ ايندي وئي. رهيل ڪثر ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ رپورٽنگ ڪرڻ ۽ وڏا وڏا اشتهار ڇاپڻ سان پوري ٿي. سنڌين جي راءِ کي رد ڪرڻ واري مهم هن اخبار کي بنهه پوئتي ڪري ڇڏيو. انهي سنڌ دشمن مهم جي ڪري ”خبرون“ جي پوري ڊيسڪ احتجاجن استعيفا ڏئي هلي وئي.

هاڻ هي مقابلي واري اخبار کان نڪري، بازار جي رواجي اخبار بڻجي وئي آهي، هن گروپ جي ٻي اخبار پنجابي زبان ۾ ”خبران“ به لاهور مان نڪري ٿي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.

ڪراچيءَ جون ڪجهه ٻيون اخبارون: ڪراچي جون ڪجهه ٻيون اخبارون طوفاني مينهن وانگر تڪڙيون آيون ۽ ڀرپور وسي ۽ هليون ويون، ڄڻ ته هيونئي ڪو نه. انهن اخبارن ۾ ٻه اهم آهن، هڪ ”جاڳو“ ٻي ”برسات“. ٻئي اخبارون ڊمي ٿي ويون. ”جاڳو“ اخبار ۾ سراج الحق ميمڻ ۽ غلام قادر پليجي جي سيڙپ بابت ڳالهه هُلي هئي. فقير محمد لاشاري ”ورڪنگ پارٽنر“ هو. هي اخبار گهڻو ڪري انهيءَ عملي ۽ ڪارڪنن جي هٿ ۾ هئي، جيڪي ”عوامي آواز“ کان ٽٽي هن پاسي آيا هئا. سراج الحق ميمڻ هن اخبار ۾ هفتي وار ڪالم به لکندو هو. هن کان اڳ هو ”عوامي آواز“ لاءِ لکندو هو. فقير محمد لاشاري جي وڃڻ سان اخبار به وئي.

”برسات“ جنهن جوش ۽ جذبي سان جاري ٿي هئي، ڀانيو پئي ويو ته سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. شيخ اياز کي شروع ۾ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو. هن اخبار ۾ يوسف شاهين جو سرمايو لڳل هو، جيڪو ٽيڪنوڪريٽ واري ڪوٽا تي سينيٽر به ٿيو هو. پي پي سان واسطو هئڻ ڪري آصف زرداري جو دوست سڏجڻ لڳو، بعد ۾ 40 لکن جي هڪ چيڪ ۾ گڙٻڙ واري الزام هيٺ جيل ويو ۽ پوئتي اخبار به وئي بيهندي.

سنڌي ماس ميڊيا جي تاريخ ۾ اسان اهو ضرور اندازو ڪري سگهون ٿا ته جيڪي اخبارون يعني انهن جا مالڪ ”صحافت“ کانسواءِ ڪي ٻيا مقصد کڻي هن اخباري دنيا ۾ آيا، انهن جٽا ڪا نه ڪئي. صحافت ۾ پروفيشنل ٿي گهڙجي، باقي ٻيا فائدا پوءِ جا آهن، صحافت کي به انڊسٽري ڪري هلائي سگهجي ٿو ۽ سماج جي خدمت به ڪري سگهجي ٿي. باقي ڊڪليئريشن وقت ئي پنهنجي پاڻ کي سينيٽر يا ايم اين اي ۽ وزير اطلاعات سمجهڻ سان اخبار ڪا نه هلندي. اخبار جاري ڪرڻ به هڪ ڪاروبار آهي. جيئن ٻيا ڪاروبار آهن، ائين هي به هڪ ڪاروبار آهي ۽ ڪنهن به ڪاروبار لاءِ ڪاروباري لاڙا، رٿابندي ۽ ان ڪاروبار جي الف بي کان واقف هئڻ ضروري آهي ۽ مستقل مزاجي به هڪ شرط آهي.

”الوحيد“ کي جماعت اسلامي واري سنڌي ڌڙي وري جياريو هو. پر هن اخبار ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو ۽ جلد بندي ٿي وئي. جماعت اسلامي وارا اسان سنڌين جا سائين آهن پر 60ع کان 90ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حوالي سان انهن جي پاليسي ٺيڪ نه هئي. ڀٽي دشمني ۽ ضياءَ دوستي جهڙن روين سنڌين جي دل ۽ دماغ تي اهڙا اثر ڇڏيا آهن، جو هاڻ انهن ماڻهن تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ جنهن شيءَ تي انهن جو نالو هجي ان کي اپنائڻ سنڌين جي وس کان ٻاهر ٿو لڳي.

”سنڌ سجاڳ“ جو ڊڪليئريشن سکر جو هو پر شايع ڪراچي مان ئي ٿيندي هئي، هي به سنڌي ميڊيا جي بس هڪ اخبار هئي. ”پاڪ“ اخبار اقبال ملاح ۽ معشوق ملاح جي ڪوشش جو نتيجو هئي. چوڻ وارا چون ٿا ته ڪجهه موڙي ڄام ساقي به انهيءَ ۾ سيڙائي هئي. پر اخبار هلي ڪا نه. هونئن به فقيراڻي اخبار جو هلڻ هن دؤر ۾ مشڪل آهي.

سنڌين اخباري چسڪي جي پويان ڪروڙين روپيا ٻوڙي ڇڏيا. پر وريو ڪجه به ڪو نه. جيئن اڳي ذڪر ڪيوسين ته هن ڪاروباري دنيا ۾ ڪاروبار جو ڏانءُ هئڻ ضروري آهي نه ته گهاٽو ڪيڏانهن ويو ئي ڪو نه.

سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا

سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي ڪانهي. پر ٿوري عرصي ۾ سنڌي چئنل هوا ۾ پنهنجون نشرياتي لهرون ڊوڙائي رهيا آهن. اهي سئٽلائيٽ چئنل دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڏٺا وڃن ٿا ۽ اتان جا سنڌي يا سنڌ جا ماڻهو يقيناً اِنهن چئنلن کي پسند ڪن ٿا. وچ ۾ ”سنڌ“ ٽي وي تي پابندي مڙهي وئي هئي پر پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن لاءِ نشريات جو سلسلو جاري هو. هن ڪتاب ۾ اڪثر جاين تي ڪي ٽي اين، ڪي ٽ: اين نيوز، سنڌي ٽي وي، سنڌ ٽي وي نيوز ۽ ڪشش جو ذڪر ڪيل آهي ۽ انهن تي تفصيل بيان ڪرڻ اڃا ضروري ڪونهي. يعني انهن جي مواد جو تجزيو ڪرڻ لاءِ الڳ تحقيق گهربل هوندي. انهي ڪري ايترو ئي ڪافي ٿيندو، ڇو جو اهي چئنل پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ هلي رهيا آهن.

سنڌ جي اردو ميڊيا

ڪاغذ جو پنو، مس ۽ انهي پني تي مس سان مواد ڇاپيندڙ مشين ”اخبار“ جي ظاهري نقشن جو نالو آهي. پر ”اخبار“ اصل ۾ اِها سوچ آهي، جيڪا مواد جي صورت ان ۾ ڇپجي ٿي. اردو صحافت سنڌ جي ڪيتري خدمت ڪئي آهي؟ اسان جو جواب يقيناً مثبت نه هوندو. اسان سواءِ ”امن“ اخبار جي ڪنهن کي جمهوري بهنٿا چئي سگهون. ”امن“ به تڏهن جڏهن اڃان اِها اخبار لساني سياست جو شڪار نه ٿي هئي.

سنڌ ۾ اردو جو چلتو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٿيو آهي. 60 سال کن اڳي سنڌ جي عام ماڻهو لاءِ اردو سمجهڻ ئي ممڪن ڪو نه هو. هي ٻولي هندستان جي مختلف رياستن مان لڏي آيل ماڻهن جي آهي، جيڪي سنڌ جي ثقافت ۽ روايتي ورثي ۾ شامل ٿيڻ کان لاچاري ڏيکاري، پنهنجي هندستاني شناخت کي برقرار رکي اچن ۽ پاڻ کي ”مهاجر“ سڏرائين ٿا. اسان سنڌ وارن کي انهن جي ”مهاجر“ سڏرائڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي. اهو انهي ڪري جو اسان سنڌين کي سنڌي بلوچن، سنڌي پٺاڻن، سنڌي سيدن، قريشين، انصارين، صديقين، جوين، مغلن ۽وگهين کي پنهنجي نسلي سڃاڻپ برقرار رکڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي. پراسان کي اعتراض انهي ڳالهه تي ضرور آهي ته جهڙي نموي مذڪوره نسلي گروهن سنڌ جي ثقافت، روايتي ورثي ۽ ٻولي کي اپنائي پنهنجي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ”سنڌ“ کي پنهنجي جنم ڀومي مڃيندي، پنهنجو مرڻ جيئڻ هن ڌرتي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، ائين اسان سنڌي نسلي طور ”مهاجرڻ، کي به ”مهاجر“ مڃڻ لاءِ تيار آهيون، پر اسان چاهيون ٿا ته اهي به سنڌ جي ثقافت، ٻولي، هن جي جاگرافياڻي وحدت ۽ روايتي ورثي کي پنهنجو ورثو سمجهن ۽ هتي جي ماڻهن سان ڀائرن وارو رويو رکن، انهن سان ڪا ويساهه گهاتي نه ڪن. اڃا تائين ته اها ڳالهه اسان لاءِ صرف هڪ خواب رهي آهي.

سنڌ جي اردو ماس ميڊيا جو اهو ئي حال آهي، جنهن تي هميشه ڳالهه ٿيندي رهندي آهي، خبرن کان وٺي ايڊيٽوريل ۽ ڪالمن وغيره تائين ڪڏهن ڪو مثال اهڙو نه ملندو، جنهن کي پيش ڪري سگهجي تهانهي ميڊيا سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي. اردو جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ”آج“، ”جيو“ ۽ ”اي آر واءِ“ وغيره کانسواءِ ٻيا به گهڻا سئٽلائيٽ چئنل به ڪم ڪري رهيا آهن.

ڪراچي جون ڪجهه اردو اخبارون: اردو صحافت هندستان مان شروع ٿي، جيڪي رياستون هندستان ۾ شامل رهيون، اتان ڪي اخبارون ڏي مالڪن سان گڏ ڪراچي پهتيون.

پهرين اردو اخبار لاءِ اردو دانن جا ٻه رايا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته پهرين اردو اخبار فارسي واري ”جام جهان ناما“ هئي، جنهن 1822ع ۾ ڪم شروع ڪيو، هي اخبار وقت به وقت اردو ۾ ضميما جاري ڪندي هئي. ٻئي ڌڙي جو خيال آهي ته پهرين اردو اخبار ”اردو اخبار“ نالي سان جاري ٿي هئي، جنهن 1836ع ۾ دهلي مان پهريون پرچو شايع ڪيو هو. هن اخبار جو مالڪ ۽ايڊيٽر مولوي محمد باقر هو. جيڪو اردوجي مشهور اديب مولانا محمد حسين آزاد جو پيءُ هو.

بهرحال ڪراچيءَ ۾ دهلي کان پهتل خاص اردو اخبار ”جنگ“ هئي. اِها اخبار مير خليل الرحمان دهلي مان جاري ڪئي هئي ۽ مسلم ليگ جي سهڪاري اخبار هئي. ڪراچي پهچڻ کان پوءِ هن اخبار لڏي آيل، ماڻهن جي مسئلن ۽ پوئتي هندستان ۾ رهجي ويل ماڻهن ۽ فسادن بابت پئي لکيو.

1972ع ۾ جڏهن لساني بل پاس ٿيو ته هن اخبار انهيءَ تي وڏو احتجاج ڪيو ۽ اردو ميڊيا جي رويي جي ڪري پهريون دفعو اردو وارن عام سنڌين سان وڙهڻ شروع ڪيو، ڄڻ ”بل“ عام سنڌي ماڻهن پاس ڪيو هو. بل پاس ٿيڻ کان ٺيڪ ٻئي ڏينهن سڄي اخبار کي سوڳ واري انداز ۾ شايع ڪيو ويو ۽ اخبار جي صفحن تي ڪارو بارڊر گهمائي ان ۾ لکيو ويو ته ”يئ اردوڪا جنازه هئ زرا دھوم سئ نڪلئ “. جڏهن ته اردو پاڪستاني آئين ۾ قومي ٻولي قرار ڏنل هئي ۽ اردو کي ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان ڪو نه هو.

1977ع واري مارشل لا جي هن اخبار ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ضيا مارشل لا جو سمورو عرصو مارشل لا جي حق ۾ لکندي رهي ۽ سرڪاري اشتهار حاصل ڪندي رهي. هن اخبار کي ٻاهران ڪاغذ آڻڻ تي به ڪسٽم ڊيوٽي معاف ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم ٺهي ته مذڪوره اخبار هن تنظيم جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ هي دؤر هو، جڏهن سنڌي ماڻهن جي گهرن ۾ وڌ ۾ وڌ پڙهجندڙ هن اخبار کي سنڌي گهرن مان يڪالي ملڻ شروع ٿي.

”جنگ“ کانسواءِ ڪراچي مان ”نواءِ وقت“ جسارت، امت، ملت، حريت، جرات، قومي اخبار، ايڪسپريس، امن ۽ مشرق به نڪرن ٿيون، هاڻ ”مشرق“ بند ٿي چڪي آهي، باقي ٻيون اخبارون ميدان ۾ آهن.

سنڌ جي انگريزي ميڊيا

سنڌ 1843ع ۾ انگريزي سامراج جي قبضي ۾ آئي. ان وقت انگريزي ٻولي سمجهندڙ اهي انگريز ئي هئا، جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي تي بريصغير ۾ داخل ٿيا هئا. سنڌ ۾ گهڻو ڪري فوجي طبقو انگريز هو ۽ پوءِ آهستي آهستي انگلينڊ جا سول ڪامورا به آندا ويا، جيڪي انتظامي، عدالتي، روينيو، آبپاشي ۽ ريلوي سان تعلق رکندا هئا.

انگريزي اخبارن جي ضرورت به انهن کي هئي ۽ کين ڪا اهڙي انگريزي پريس گهربل هئي، جيڪا هنن کي هنن جي ملڪ انگلينڊ ۽ يورپ کان سواءِ بريصغير جون خبرون به پرهڻ لاءِ پيش ڪري. اُن وقت مواصلاتي نظام ڪو ايترو مضبوط ڪو نه هو، جو انگريزي اخبارون انگلينڊ ۽ يورپ جون خبرون هر روز شايع ڪن. انگلينڊ کان ايندڙ انگريزي خبرون به مهينن ۾ پهچنديون هيون، جن کي پڙهي ڳورا پنهنجي وطن جي سڪ لاهيندا هئا.

انگريزن، ڪراچيءَ مان پهرين اخبار ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“ (Kurrachee Advertiser) سنڌ تي قبضي کان ٺيڪ ٻن سالن کان پوءِ ڪڍي.

قائدي اعظم محمد علي جناح پهريون سنڌي هو، جنهن ”دي ڊان“ نالي هفتيوار انگريزي اخبار جاري ڪئي. اُن وقت جيئن ته سياست هندو ۽ مسلم وهڪري ۾ الڳ لڳ وهي رهي هئي. انهيءَ ڪري هي هفتيوار به مسلمانن جي ترجماني لاءِ دهلي مان جاري ٿي هئي. هن کان اڳ مسلمانن جي صرف هڪ انگريزي اخبار ”دي اسٽار آف انڊيا“ هئي سان به شام واري، ڪلڪتي مان جار يٿي رهي هئي.

12 آڪٽوبر 1942ع تي هن اخبار کي ڏهاڙي بنيادن تي جاري ڪيو ويو ۽ انهيءَ جو پهريون ايڊيٽر هڪ عيسائي انگريز پوٿن جوزف هو. ائين هي اخبار مسلمانن جي ترجماني ڪرڻ لڳي. 1945ع۾ الطاف حسين ”ڊان“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ الطاف حسين کان پوءِ جميل انصاري کي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1947ع ۾ جڏهن فساد شروع ٿيا ته ”ڊان“ جي پريس ۽ بلڊنگ کي باهه ڏني وئي، الزام هندن تي لڳو. پريس ۽ بلڊنگ ختم ٿي وڃڻ سان اخبار دهلي مان نڪرڻ بند ٿي وئي. ”ڊان“ جي اشاعت وري ڪراچي کان شروع ٿي. هن وقت ”ڊان“ هيرالڊ پبليڪيشن جي اخبار آهي. جنهن کيهارون فئملي جي ملڪيت هئڻ ڪري ”هارون گروپ“ جو حصو چيو وڃي ٿو. هن گروپ طرفان شام واري ”ايوننگ اسٽار“ به جاري ڪئي ويندي آهي، جيڪا عام طور تي ”اسٽار“ جي نالي سان مشهور آهي. ”دي مارننگ نيوز“ انگريزيءَ جي ٻي اخبار آهي، جيڪا ڍاڪا کان ڪراچي آئي. ٿيو ائين جو شروع ۾ ”دي مارننگ نيوز“ ڪلڪتي مان هڪ بنگالي مسلمان عبدالرحمان بنگالي 1942ع ۾ شروع ڪئي، جڏهن ملڪ جي ورهاست ٿي ۽ اڌ بنگال هندستان ۽ اڌ بنگال پاڪستان کي مليو ته ڪلڪتو انڊيا جي حصي ۾ آيو. فسادن جي ڪري 1947ع ۾ ئي هن اخبار کي مجبراً ڍاڪا منتقل ڪيو ويو. اتي هي ڏهاڙي بجاءِ هفتيوار ٿي وئي، جنهن جو سبب مالي ۽ انتظامي معاملن ۾ ڪمزوري هئي. پر ڍاڪا ۾ اخبار مزو نه ڏيکاريو، انهي ڪري اخبار جي مک آفيس ”ڪراچي“ آندي وئي. پوءِ اِها اخبار نئشنل پريس ٽرسٽ جي سرپرستيءَ ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ اڃا به ڪراچيءَ مان نڪري رهي آهي.

انهن اخبارن کان سواءِ ”بزنس رڪارڊر“ ۽ ”پاڪستان اڪانومسٽ“ به ڪاروباري دنيا جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪراچي مان نڪري رهيون آهن. ”سنڌ ايڪسپريس“ نالي اخبار ڪجهه وقت ناصر بروهي جاري ڪئي هئي، پر پوءِ بند ٿي وئي. حيدرآباد جي ڪاوش گروپ ”سنڌ آبزرور“ جاري ڪئي هئي، پر اخبار هلي ڪا نه ۽ ڊمي ٿي وئي.

سنڌ جي نوجوان انگريزي اخبار ”دي نيوز“ آهي، هي سنڌ مان نڪرندڙ پهرين رنگين اخبار هئي. ”ڊي نيوز“ جنگ گروپجي اخبار آهي. گروپ کي اڳي ”انڊپنڊنٽ نيوز پيپرز ڪارپوريشن لميٽيڊ“ چيو ويندو هو. هن گروپ طرفان انگريزيءَ ۾ ”ميگ“ نالي مئگزين به جاري ٿيندو اچي، پر هيرالڊ گروپ جو ”دي هيرالڊ“ ساک ۽ سرڪيوليشن جي لحاظ کان ۽ پڻ ڏيک ويک ۾ وڌيڪ مقبول ۽ مشهور آهي.

”ڊان“ اخبار سنڌ جي خدمت ڪئي آهي؟ هن سوال جو جواب ۾ گهٽ نفي ۾ نه آهي. ”ڊان“ اخبار سنڌجي ثقافت، تاريخ، ٻولي، تاريخي ورثي ۽ حقن کي هميشه نروار ڪيو آهي. مارشل لا دؤر ۾ محمود اي هارون وزير دفاع ۽ پوءِ گورنر سنڌ به رهيو، پر اخبار جي پاليسي ۽ رويو ڪڏهن به تبديل نه ٿيو. ”جنگ“ گروپ جي ”دي نيوز“ به وڇٿري پاليسي ۾ هلي آهي. اسان وٽ جنهن ڳالهه جي گهٽتائي آهي سا لکڻ وارن جي آهي. اسان کي وڌ ۾ وڌ انگريزيءَ ۾ لکڻ وارا پيدا ڪرڻا پوندا.