ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275741   ڀيرا پڙهيو ويو

بابت نائون -- جنرلزم ڊاٽ ڪام


انفرميشن ٽيڪنالاجي زندگيءَ جي ٻين شعبن وانگر ماس ڪميونيڪيشن جي ميدان ۾ به انقلابي جدت پيدا ڪئي آهي. ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي صحافت کي اهو موڙ ڏنو آهي، جنهن جو صدين کان انتظار هو.

صحافت ۾ پهريون دفعو ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال چين ۾ ڇپائي کان شروع ٿئي ٿو، انهيءَ ايجاد کان ٻه سؤ سال پوءِ يوپ ۾ گٽن برگ ياڪيسٽان جي تخليق ٿي.

1450ع ڌاري مئنز، جرمني ۾ جان گٽن برگ ڇپائيءَ جي ڪم لاءِ ”حرڪي ٽائيپ مشين“ ايجاد ڪئي هئي، هن کان اڳ يورپ ۾ هٿ سان لکيو ويندو هو ۽ ساڳي لکت جون جيتريون به ڪاپيون گهربل هونديون هيون، انهن کي هٿ سان ئي لکڻو پوندو هو. ان وقت جي اِها جديد ٽيڪنالاجي يعني حرڪي ٽائيٽ مشين بائيبل“ جي ڪثيرالتعداد ڇپائيءَ لاءِ استعمال ٿي ۽ پوءِ انهيءَ کي عام تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ڪيو ويو، جنهن سان يورپ ۾ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين، تعليمي نصاب جي تياريءَ ۽ ڇپائيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. اهو ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جو بنياي دؤر هو، ان کان پوءِ جيڪا ترقي ٿي ان جو دؤر وار جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

ميڊيا ٽيڪنالاجي جو پهريون دؤر: شروعاتي ”پريس ٽيڪنالاجي“ انڌي کي لٺ ملڻ برابر هئي، پر ترقيءَ جون منزلون اڃا پري هيون.

19 صدي جي شروعات ۾ ”پاور پرنٽنگ پريس“ ايجاد ٿي وئي يعني جيڪا پريس مشين هٿ سان هلندي هئي، هاڻ ان کي برقي طاقت سان هلائڻ شروع ڪيو ويو. پاور پريس سان ڇپائيءَ جي رفتار به تيز ٿي وئي، گڏوگڏ پريس مشين ۽ ڇپائيءَ جي طريقن ۾ به سڌارا ايندا ويا. پاور پريس ۽ ٻين مشيني سڌارن روزاني اخبار (Daily News Paper) کي متعارف ڪرايو. شروع ۾ هفتيوار ۽ ٻن هنفتن واريون اخبارون نڪرنديون هيون روزانو اخبار ڇپجڻ سان پڙهندڙ، انتظار جي ڪيفيت کان آزاد ٿي پيا، هفتو پندرنهن ڏينهن انتظار ڪرڻ بجاءِ هاڻ انهن کي ناشتي تي نيون خبرون ۽ نوان اشتهار پڙهڻ لاءِ ملڻ لڳا. اخبارن سان گڏ ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ به ترقي ۽ تيزي آئي، يورپ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ لڳا. ان وقت اخباري لي آئوٽ، جيڪو اڄ اسان اخبارن ۾ ڏسون ٿا، اهڙو نه هو. اخباري صفحي ته خبرون ۽ تصويرون سڌبندي (Lining) ۾ نه هونديون هيون. سٽون ۽ تصويرون هڪ ٻئي کان پري ٽڙيل پکڙيل نموني (Mosaic) ۽ ڳنڍيل هونديون هيون، مواد ۽ تصويرن ۾ ڪو ربط نظر نه ايندو هو. هينئر اسان مواد جي وچ ۾ تصويرون ڏئي سگهون ٿا، اڳ ائين ممڪن ڪو نه هو. ٽيڪنالاجي هڪ دفعو ٻيهر صحافت ۽ پريس جي دنيا کي سهارو ڏنو، جنهن سان ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جو ٻيو دؤر شروع ٿيو.

ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جو ٻيو دؤر: پهرين دؤر وانگر ئي 19 صدي ميڊيا ٽيڪنالاجي جو ٻيو دؤر آهي. هن دؤر ۾ ٽيليفون، فوٽوگرافي ۽ ٽيليگراف ٽيڪنالاجي ايجاد ٿي، انهيءَ سان گڏ ٿامس ايڊيسن فونوگراف، مووي ڪئميرا ۽ پروجيڪٽر متعارف ڪرايو، جنهن سان آواز ۽ حرڪي تصوير (Motion Picture) کي تيار ۽ محفوظ ڪرڻ ممڪن ٿي پيو.

ڊي فاريسٽ 1907ع ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ استعمال ٿيندڙ خلائي نلي (Vacuum tube) ايجاد ڪري ورتي. جنهن ميڊيا جي نئين دنيا کي کوليو. ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ هي پهريون حيرت ۾ وجهندڙ انقلاب هو. هيءَ ٽيڪنالاجي ئي جديد ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو بنياد آهي. هن ۾ پهريون دفعو برقي لهرن جو استعمال ڪيو ويو.

ان وقت جي ماهرن ريڊئي ۽ ٽي وي لاءِ چيو هو ته ”انسان زبان ۽ قلم ۾“ اک ۽ ڪن ۾ توازن پيدا ڪري روتو آهي“. هي آڊيو ويوئل دؤر جي شروعات هئي.

ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جو ٽيون دؤر: هي دؤر ماڻهو ۽ مشين وچ ۾ رابطي (Communication) جو دؤر آهي. انساني دماغ کي بنياد بڻائي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وجود ۾ آندي وئي، هن ٽيڪنالاجي 20 صدي ۾ انقلابي تبديليون آنديون، ميڊيا جو چرخو ئي بدلجي ويو.پهريون دفعو ڪنهن ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ واري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي وئي، انفرميشن ۽ ڪميونيڪشن سرشتا (Systems) متعارف ڪرايا ويا.

انفرميشن ٽيڪنالاجي ميڊيا ۾ جيڪا تبديلي آندي، اُها شروعاتي مرحلي ۾ ڪمپوزنگ جي حوالي سان هئي. ڪمپيوٽر سان پرنٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ مليو. هاڻ اخبارون سهڻيون ۽ تڪڙيون ڇپجڻ لڳيون ۽ ڪتاب به ڪمپوز ٿي ڇپائي لاءِ پريس ۾ پهچڻ لڳا.

ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ سنڌي ٻولي ٻين پاڪستاني ٻولين کان اڳتي رهي، سنڌي ۾ ڪميپوٽر ڪمپوزنگ متعارف ٿيڻ سان ڏسندي ئي ڏسندي مارڪيٽ ۾ درجن کان مٿي اخبارون ۽ رسالا اچي ويا، نوان نوان ڪتاب لائبررين ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا.

ڪتابن جي ڪمپوزنگ جو پهريون سرشتو سنڌي ادبي بورڊ ۾ رائج ٿيو. اهو 80 وارو ڏهاڪو هو، جڏهن سنڌ ثقافت کاتو تازو وجود ۾ آيو هو ۽ ادبي بورڊ ثقافت کاتي جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ثقافت کاتيءَ جي باني سيڪيٽري جناب عبدالحميد آخوند کنڀاٽا ڪمپني جرمني سان معاهدو ڪري ادبي بورڊ لاءِ ورڊ پروسيسر ورتا، ڪمپازيٽرن کي موقعو ڏنو ويو ته اهي ٽريننگ حاصل ڪري ڪمپوزنگ جو جديد نظام سنڀالين.

ايپل ميڪنتوش ڪمپيوٽر ۾ سنڌي داخل ڪرڻ ۾ بدر هيسباڻي ۽ ماجد ڀرڳڙي جي محنت سرفهرست رهي. آءِ بي ايم (IBM) ڪمپيوٽرن تي سنڌي متعارف ڪرائڻ ۾ اياز شاهه جون خدمتون اڳڀريون رهيون. ميڪنتوش ڪتابي ڪمپوزنگ لاءِ بي مثال رهيو، آءِ بي ايم کي پهريون دفعو اخبارن استعمال ڪيو. ڪمپيوٽرن ۾ سنڌي ڪمپزونگ سرشتو عربي ٻوليءَ جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو هو. اسان جي ماهرن ڪمپيوٽر جي عربي اکرن واري ڪوڊ پليٽ ۾ ڪي تبديليون ڪي ۽ ڪي بورڊ تي اضافي اکر آڻي هن سرشتيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي، جنهن نه صرف ڪتابي دنيا ۾ انقلاب آندو، پر نوا اديب ۽ شاعر به پيدا ٿيا، جو لکڻ واري جو مواد جلدي ڇپجڻ ڪري ڪ پاسي پراڻن اديبن ۾ همٿ ۽ وڌيڪ لکڻ جو حوصلو پيدا ٿيو ۽ ٻئي پاسي انهن کي ڏسي نوان اديب به پيدا ٿيڻ لڳا. ڪتابي ڪاروبار سان گڏ پرنٽ ٽيڪنالاجي جي ڪاروبار به ترقي ڪئي. ڪمپوزنگ سينٽر کليا، نيون پريسون وجود ۾ آيون. صحافت کي نئون رخ مليو، اخباري آَيسون ۽ ماحول بهتر ٿيو ۽ سنڌي صحافت پن جي ٻيڙي کان نڪري سلجهيل نوجوانن جي هٿن ۾ آئي.

عرصي جي لحاظ کان توڙي جو هي دؤر مختصر آهي، پر انساني تهذيب، تاريخ ۽ سماج کي بلڪل نئون موڙ ڏيندڙ آهي ۽ هلندڙ يعني چوٿين دؤر جو بنياد آهي.

ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جو چوٿون دؤر: هي اهو دؤر آهي، جنهن ۾ هينئر اسان هلون پيا، هن دؤر کي 20 صديءَ جو آخري حصو ۽ 21 صديءَ جو شروعاتي حصو مليو آهي. هن دؤر کي انفرميشن جو دؤر (Age of Information) چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ انفرميشن سپر هاءِ وي ۽ گلوبلائيزيشن جهڙا اصطلاح سامهون آيا آهن.

هي دؤر انٽرنيٽ، سيٽلائٽ ٽيڪنالاجي، موبائل فون ۽ فائبر آپٽڪ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي. اڄ اسان هن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري ٽيلي ٽيڪسٽ ۽ وڊيو ٽيڪسٽ ذريعي ٽي وي اسڪرين تي ڊرامو ڏسڻ سان گڏ تازيون ۽ اهم خبرون پڙهي وٺون ٿا. سئٽلائٽ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽلٽيڪنالاجي سوين ٽي وي چئنل ڏنا آهن ۽ ڪئبل ٽيڪنالاجي ميڊيا جي نشريات کي ڪروڙين انسانن تائين پهچائڻ شروع ڪيو آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري ڪنهن به ملڪ جي ٽي وي يا ريڊيو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آسان ٿي پيو آهي. ادارن يونيورسٽين ۽ ڪمپنين کان سواءِ هاڻ شهرن ۾ گهر گهر ڪمپيوٽر نظر اچن ٿا. پنهنجي بيڊ روم مان انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي وڏن شاپنگ سينٽرن تان ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري ٿي رهي آهي. هوائي جهازن جي ٽڪيٽ بڪ ٿي سگهي ٿي، ريلوي جو ٽائيم ٽيبل ڏسي سگهون ٿا. يونيورسٽين جي امتحاني رزلٽ ڏسي سگهجي ٿي. آن لائين بئڪنگ ذريعي بجلي، فون ۽ گيس جا بل پياري سگهون ٿا. هن ٽيڪنالاجي جي ڪري اي گورنمينٽ ۽ اي ڪامرس وجود ۾ آئي آهي جنهن ماڻهن کي گهڻين ڏيکائين کان بچائي ورتو آهي.

هن وقت اسان چئني پاسي آءِ ٽي، سافٽ ويئر، آن لائين ۽ پروگرامنگ جهڙا اصطلاح ٻڌون ٿا. هن دؤر خواندگيءَ جو تصور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال کان اڻ واقف هاڻ اڻ پڙهيل جي برابر ٿي پيو آهي. هاڻ نوڪرين لاءِ گهربل لياقت ۾ چيو وڃي ٿو ته اميدوار ڪمپيوٽر جي مختلف پروگرامن کي هلائڻ جي ڄاڻ ضرور رکندو هجي، جنهن کي ”ڪمپيوٽر لٽريٽ“ چيو وڃي ٿو. هن ٽيڪنالاجي ٻولين ۾ تبديلي آندي آهي. لفظن ۽ اصطلاحن جي مفهوم ۾ ڦيروآيو آهي ۽ ٻولين پنهنجا لفظي ذخيرا وڌايا آهن.

ماس ميڊيا ۽ ميڊيا ٽيڪنالاجي

جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسون ته پڄاڻي تي پهتل 20 صدي جو آخر ۽ 21 صدي جي شروعات انفرميشن ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آندو آهي، جنهن سان هر شعبي وانگر ماس ميڊيا ۾ به انقلابي تبديليون آيون آهن. ماس ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ پراڻي ٽيڪنالاجيءَ جي جاءِ تي هن نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال شروع ٿيو آهي.

شروع جو ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ماس ميڊيا کي الڳ الڳ حيثيت سان پرکيو ويو هو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن کي ماس ميڊيا ۾ شامل ڪيو ويو هو. البته ان کي ماس ميڊيا جو ذريعو (Channel) سڏيو ويو. شروع ۾ ٽيليگرام ۽ پوءِ ٽيليڪس کي خبرون موڪلڻ جو ذريعو بنايو ويو ۽ هاڻ ”موڊيم“ ۽ ڪمپيوٽر ميڊيا جا ٻانهه ٻيلي آهن، ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي ماس ميڊيا جا ساٿاري تهآهن، پر ماس ميڊيا نه آهن. ڪن ماهرن هن ڳالهه سان اختلاف ڪيو آهي. انهن ماهرن ڪمپيوٽر کي ماس ميڊيا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر اليڪٽراني اخبار آهي، جيڪو رسالي ۽ ڪتاب جي پورائي به ڪري ٿو يعني اخبار رسالي ۽ ڪتاب جي صرف صورت بدلي آهي. پر پهرئين ڌڙي هن ٽيڪنالاجي کي ماس ميڊيا کان ٻاهر رکيو آهي، هن لاءِ هنن دليل پيش ڪيو آهي ته ٽيليفون صرف ٽيليفون آهي  ۽ ڪمپيوٽر به صرف هڪ مشين آهي ۽ ٽيليويزن ڪنهن ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل هڪ پيتي مثل آهي، جنهن کي گهر جي ڊيڪوريشن ۽ نشريات ڏسڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو. هي ساڳي سوچ مختلف ملڪن جي حڪومتن جي به رهي آهي. انهن به انتظامي طور ماس ميڊيا، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي مختلف وزارتن ۾ ورهايو آهي، اسان جي ملڪ ۾ به ساڳيو طريقو رائج ٿيو آهي. ماس ميڊيا کي انفرميشن ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ واري وزارت ۾ رکيو ويو آهي، ڪمپيٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ رکيو ويو آهي. صوبن ۾ انفرميشن ٽ:ڪنالاجيءَ جي لاءِ الڳ وزارت قائم ڪئي وئي آهي.

يونيورسٽين ۾ به ساڳي صورتحال رهي آهي، ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ کان پري رکيو ويو آهي ۽ انهن شعبن وچ ۾ ڪنهن ربط (Coordination) جو بندوبست به نه ڪيو ويو آهي، هن فرق جي ڪري ماس ميڊيا جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کان اڻ واقف رهيا آهن، انهن لاءِ صرف هڪ رستو کليل رهيو ته اهي ذاتي حيثيت ۾ ڪنهن خانگي تربيتي اداري ۾ وڃي ڪمپيوٽر جو استعمال سکن.

اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته ماس ڪميونيڪيشن جو ماڻو انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر کان اڻ ڄاڻ رهي، انفرميشن ٽيڪنالاجي سان ئي آن لائين جنرلزم (On line Journalism) وجود ۾ آئي آهي. سئٽلائٽ چئنل ۽ ڪمپيوٽرن جو ميڊيا ۾ استعمال شروع ٿيو. اڄ اسان انٽرنيٽ ذريعي ماس ميڊيا جي هر صنف کي ڄاڻي، علم ۾ آڻي ۽ محفوظ ڪري سگهون ٿا، اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته انٽرنيٽ جو هن وقت ڪردار ماس ميڊيا جي ميڊيا (Media of  Mass Media) وارو آهي. هاڻ ڪمپيوٽر صرف ڪمپوزنگ مشين نه آهي، پر اها ٽيڪنالاج هن وقت ماس ڪميونيڪيشن جو اهو طوطو آهي، جنهن ۾ ماس ميڊيا جو ساهه سمايل آهي.

انٽرنيٽ نه صرف ماس ميڊيا جي ميڊيا جو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هن سان گڏوگڏ مالي لحاظ کان به هي سستي ميڊيا آهي. اسان ٿورڙن پئسن سان ڪاوش، ڊان، واشنگٽن پوسٽ، عرب نيوز ۽ دي مرر اخبارون پڙهي سگهون ٿا، بي بي سي ريڊيو يا ڪنهن ٻئي ريڊئي ۽ ٽي وي چئنل جي نشريات ٻڌي سگهون ٿا، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب کي خريد ڪري سگهون ٿا. انٽرنيٽ بابت وڌيڪ وچور ايندڙ صفحن ۾ بحث هيٺ ايندو.

انٽرنيٽ ڇا آهي؟

توڙي جو ماس ميڊيا جو ماڻهو ڪمپيوٽر هارڊ ويئر يعني پرزن ۽ ڍانچي سان واسطو نٿو رکي ۽نه وري هو سافٽ ويئر انجنيئر آهي ۽نه ئي پروگرامنگ هن جو ڪم آهي، پر جيئن ته هن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي لازم ملزوم ٿي پيا آهن، انهيءَ ڪري ماس ميڊيا جي ماڻهو کي پوءِ اهو کڻي شاگرد هجي يا استاد، عامل صحافي هجي يا پي آر او يا اشتهارن جي دنيا جو ماڻهو هجي يا ريڊئي ۽ ٽي وي جو پروڊيوسر هجي، هن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڄاڻ هئڻ گهرجي ۽ هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن ۽ انهن جي پس منظر کان واقف هجي ۽ ماس ميڊيا جو ماڻهو انٽرنيٽ جي استعمال کان به واقف هجي ۽ هن جي جوڙجڪ ۽ ڪم بابت به خبر هجيس.

انٽرنيٽ ڇا آهي؟ هن جو پس منظر ۽ پيش منظور ڇا آهي؟ اهو جانچڻ کان پهرين انٽرنيٽ لفظ جو جائزو وٺون ٿا؛ انٽرنيٽ هڪ مرڪب لفظ آهي، جيڪو ٻن فني اصطلاحن جي شروعاتي اکرن کي ملائي گهڙيو ويو آهي، هڪ انٽرڪنيڪيشن (Inter Connection) ۽ ٻيو نيٽ ورڪ (Net work) يعني هڪ ڳنڍيل ڄار انهن ٻنهي اصطلاحن جا شروع وارا لفظ، پهرين مان ”انٽر“ ۽ ٻئي مان ”نيٽ“ کڻي ”انٽرنيٽ“ اصطلاح جوڙيو ويو آهي.

انٽرنيٽ جو اصل مقصد سگهارن ملڪن جي فوجي برتري کي برقرار رکڻ هو ۽ شايد هينئر به آهي، انهيءَ بنياد تي هن جديد نيٽ ورڪ جي تخليق ٿي آهي، جنگين ۾ ٻين حڪمت عملين کان سواءِ دشمن ملڪ جي مواصلاتي سرشتي کي نقصان پهچائڻ واري حڪمت عمليءَ جو استعمال به ٿيندو آهي ۽ ڪوشش ڪري پهرين ڌڪ سان انهي سرشتي کي ٽوڙيو ويندو آهي ته جيئن جنگ ۾ رڌل فوج جي تنظيم ۽ رابطو ٽٽي پوي ۽ اِها منتشر ٿي ڪمزور ٿي پوي. پهرين جنگين ۾ مواصلاتي سلسلو قائم ڪرڻ ۽ مختلف يونٽن جي وچ ۾ رابطي لاءِ تارون وڇرايون وينديون هيون، جن جي مدد سان رابطي لاءِ ٽيليفون استعمال ٿيندو هو. ان کان پوءِ وائرليس ريڊيو سيٽ آيا پر رابطن جي هنن طريقن ۾ مادي شيون گهڻيون استعمال ٿينديون هيون، انهيءَ ڪري دشمن طرفان انگهن کي ٽوڙڻ ۽ ختم ڪرڻ به آسان هو. آخرڪار هن نظام جي جاءِ تي ڪنهن نئين نظام کي متعارف لاءِ سوچيو ويو، پهريون دفعو آمريڪي فوجي ماهرن هڪ اهڙي سرشتيءَ جو تصور ڏنو، جيڪو بنا رنڊڪ هلندو رهي. مواصلاتي ۽ جنگي ماهرن انهيءَ تصورتي عملي ڪم شروع ڪري ڏنو، نيٺ 1960عجي وچ ڌاري آمريڪا جي دفاعي اداري فوجي مقصدن لاءِ هڪ نيٺ ورڪ جوڙي ورتو، جنهن کي فوجي هيڊڪوارٽر يعني پينٽاگون، هٿيار تيار ڪندڙ مختلف ڪمپنين ۽ يونيورسٽين ۾ قائم ڪيل فوجي تحقيق جي شعبن (Military Research Deportments) وچ ۾ ڪمپيوٽرن ذريعي رابطي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هي پهريون دفعو هو جو ڪمپيوٽرن ذريعي ڄاڻ جي مٽاسٽا ٿي رهي هئي، هي انٽرنيٽ جو شروعاتي نمونو هو، جنهن کي پئڪيٽ سؤچنگ (Packet switching) ٽيڪنالاجي چيو ويو.

هي منصوبو پنٽاگون جي ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي (ARPA) جو حصو هو. 1975ع ۾ اِها رٿا ڊفينس ڪميشن ايجنسيءَ جي حوالي ڪئي وئي، چئن نوڊز (Nodes) يعني ڳنڍن يا ڪنيڪيشن کان شروع ٿيندڙ هن نيٽ ورڪ تي هاڻ سو ڪنيڪشن ڪم ڪري رهيا هئا. 1980ع ۾ آمريڪي نئشنل سائنس فائونڊيشن طرفان اهڙو نيٽ ورڪ (NSFNET) پنهنجي تعليمي مقصدن لاءِ وچاريو ويو، جيڪو چئن شهرن جي سپر ڪمپيوٽرن سان جڙيل هو، هي پهريون نيٽ ورڪ هو، جنهن ۾ اعليٰ معيار جي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي هئي. هن نيٽ ورڪ ۾ اعليٰ معيار جون ٽيليفون تارون، مائڪرو ويو سسٽم، لبرز، فائبر آپٽڪ ڪئبل ۽ سيٽلائٽ جو استعمال ڪيو ويو. هن نيٽ ورڪ کي بعد ۾ وڌائي ٻين تعليمي ادارن، حڪومت ايجنسين ۽ تحقيقي ادارن سان به جوڙيو ويو.

1990ع ۾ نئشنل سائنس فائونڊيشن جي نيٽ ورڪ (NSFNET) کي پينٽاگون جي نيٽ ورڪ (APRANET) سان گڏائي هڪ ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ مڪمل انٽرنيٽ بڻيو. هن ”نيٽ ورڪن جو نيٽ ورڪ“ (Network of Networks) چيو ويو. هن نيٽ ورڪ کي عالمي حدن تائين وسعت ڏني وئي ۽ مقصد اهو ئي هو يعني فوجي بالادستي، البته هن نيٽ ورڪ کي ٻين شعبن ۾ به استعمال ڪيو پئي ويو، آمريڪا جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن کي هن نيٽ ورڪ جون سهولتون مفت ۾ ڏنيون ويون.

1992ع ۾ هن نيٽ ورڪ کي اڃا به ٽيڪنيڪل ترقي ملي ۽ هاڻ هن نيٺ ورڪ تان تصويري وڊيو به گذري پئي سگهي. آمريڪي ڊاڪٽرن کي هن سان وڏي آساني ٿي، جو اهي ”ايڪسري“ ۽ ”ڪيٽ- اسڪينز“ دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موجود ماهر ڊاڪٽرن يک موڪلي انهن بابت صلاح مشورا ڪري پئي سگهيا. ساڳئي وقت آمريڪا کانسواءِ يورپ ۽ ايشيا ۾ به اهڙي نيٽ ورڪ تي ڪم جاري هو.

يورپ جي هڪ تحقيق اداري پهريون ڀيرو 1989ع۾ دنيا جو عالمي ڄار (World wide web-w.w.w) تيار ڪري ورتو هو، پر ان وقت اهو عام نه ٿي سگهيو هو. 1993ع تائين هن نيٽ ورڪ کي تجربن مان گذاريو ويو، انهيءَ سال يعني 1993ع ۾ ان وقت هن نيٽ ورڪ کي عام ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي، جڏهن ”برائوزرس“ ۽ ”گرافيڪل انٽر فيس“ جو سافٽ ويئر تيار ٿي ويو. جنهن سان هن نيٽ ورڪ تي موجود صفحن کي ڳولڻ آسان ٿي پيو، هن ڪاميابي کان پوءِ سمجهو ته انٽرنيٽ جي استعمال جو بند ٽٽي پيو. سوين ”سائيٽون“ هن ڄار (web) ۾ داخل ٿيڻ لڳيون، آساني خاطر سائيٽن کي چئن مک حصن ۾ ورهايو ويو. پهريون ڊاٽ ڪمرشل (.com) ٻيو حصو ايڊيو ڪيشن لاءِ (.edu) يعني ڊاٽر ايڊيو، ٽيون حصو گورنمينٽ لاءِ (.gov) يعني ڊاٽر گو ۽ چوٿون حصو (. org) يعني ڊاٽ آرگ آرگنائيزيشن لاءِ رکيو ويو. انهن حصن کي ڊامين (Domain) چيو ويندو آهي. انهي سڃاڻپ ۽ روح سان هاڻ اڻ کٽ سائيٽون هن ويب (w.w.w) تي موجود آهن. هن ٽيڪنالاجي سان دنيا هڪ ڳوٺ ٿي پئي آهي، دنيا جون مختلف اخبارون، رسالا، ريڊيا ۽ ٽيليويزن پنهنجون ويب سائيٽون جوڙي ورتيون آهن، خابرو ايجنسين جي ويب سائيٽن جي هر وقت نيون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هر پل هر گهڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ واقعو اسان جي سامهون اچي وڃي ٿو. ساڳي نموني تعليمي ۽ تحقيقي ادار ۽ وڏين ڪاروباري ڪمپنين به پنهنجون ويب سائيٽون جوڙي ورتيون آهن، داخلائون هن نيٽ ورڪ ذريعي ٿين ٿيون ۽ ڪاروبار لاءِ هي نيٽ ورڪ استعمال ٿي رهيو آهي. اشتهارن جي ته دنيا ئي بدلجي وئي آهي. ورچوئل ڪتاب گهر قائم ٿي ويا آهن، جتي هزارين ڪتاب وڪري لاءِ موجود آهن. هن وقت دنيا جو وڏو بڪ اسٽور اميزون ڊاٽر ڪام (Amozon.com) هن نيٽ ورڪ تي ئي موجود آهي، جنهن وٽ هزارين ڪتاب وڪري لاءِ موجود ته آهن، پر هن ڪتاب گهر جو دنيا ۾ ڪٿي به گدام موجود ڪونهي، جتي اهي وڪرو ٿيندڙ ڪتاب پيل هجن. هتان اوهان 40% چاليههسيڪڙو رعايت سان پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ڪتاب خريد ڪري سگهو ٿا. هن لاءِ اوهان کي ڪٿي لنگهي وڃڻ جي ضرورت نه آهي، اوهان هر وقت هر هنڌان پنهنجي پسند ۽ گهر وارو ڪتاب خريد ڪري سگهو ٿا.

جيڪڏهن انٽرنيٽ کي دنيا جو جديد ميڊيا چئون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن ۾ ماس ميڊيا جو سڄو مادر پدر سمايل آهي. هاٽ ميل ۽ ياهو، الٽاوسٽا ۽ گوگل کان سواءِ ٻيون سرچ انجڻيون مفت اي ميل سروس مهيا ڪن ٿيون، انهن سرچ انجڻين ذريعي لکين صفحن جو مواد اسان جلد ڳولي ۽ حاصل ڪري سگهون ٿا.

انساني ايجاد ۽ فطري تحقيق ٻنهي کي انسان هميشه غلط استعمال ڪيو آهي، بندوق انساني زندگيءَ جو تحفظ لاءِ ٺهي، پر ان سان بيگناهه مارجڻ جو انگ گهڻو آهي. ٽي وي، وي سي آر، سي ڊي، سئٽلائٽ چئنل انساني شعور جي سجاڳي ۽ تفريح لاءِ ايجاد ڪيا ويا پر انهن جي غلط استعمال سماجي براين، سماجي طبقن جي تڪڙي قيام ۽ ٻين کوڙ نفسياتي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. انٽرنيٽ جتي علم جو سمنڊ وهي ٿو، اتي هزارين صفحا جنسي بي راهه روي ۽ گاريال ٻولي سان ڀريا پيا آهن، اتي هم جنس پرستي لاءِ سوين دليل ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هاڻ انٽرنيٽ اهڙي ٻيلي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ جنهن جانور کي جيئن ٿو وڻي اهو تئين ٿو ڪري. ماهرن هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙا سافٽ ويئر جوڙي ورتا آهن، جن سان اهڙين ويب سائيٽن کي روڪي (Jam) سگهجي ٿو. هنن سافٽ ويئرن کي ”بلاڪنگ سافڙ ويئر“ چيو وڃي ٿو. هنن ۾ نيٽ نني (Net nanny) ۽ سرف واچ (Surf watch) جهڙا سافٽ ويئر بهشامل آهن. هنن سافٽ ويئرن جي استعمال سان ٻارن ۽نوجوانن کي اهڙيون ويب سائيٽون ڏسڻ کان روڪي سگهجي ٿو، جيڪي انهن جي اخلاقي ۽ ذهني اوسر کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.

انٽرنيٽ جو استعمال

هن وقت هر پاسي اجتماعي يا انفرادي طور انٽرنيٽ جو استعمال ٿي رهيو آهي 7 جيڪڏهن انٽرنيٽ کي هڪ پارٽي تصور ڪجي ته روزانو هزارين ماڻهو هن پارٽيءَ جو فارم ڀري ڪارڪن طور انهيءَ ۾ شامل ٿين ٿا. انٽرنيٽ جي مختصر ڪم ۽ استعمال جو ذڪر پوين عنوان ۾ به ٿي چڪو آهي.

اڄ جي پڙهيل نوجوان کي گهڻو ڪري انٽرنيٽ جي استعمال جي ڄاڻ آهي، شهري زندگيءَ ۾ انٽرنيٽ گهرن ۾ گهڙي چڪو آهي، هن نيٽ ورڪ مان اسان ڪهڙا فائدا وٺي سگهون ٿا؟ هن جو صحيح استعمال ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ انهيءَ بابت ڪجهه ذڪر ٿيڻ ضروري آهي.

انٽرنيٽ وسيلي اسان ڪنهن به اليڪٽرانڪ لئبرري يا آن لائين لئبرري ۾ داخل ٿي سگهون ٿا ۽ اتي اسان پنهنجي پسند جو ڪتاب ڳولي گهربل مواد جو نقل (Dawn load) وٺي سگهون ٿا. دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري ڪانگريس لئبرري (آمريڪا) کي چيو وڃي ٿو، اِها سڄي جي سڄي نيٽ تي موجود آهي. انٽرنيٽ کي بحث مباحثن لاءِ به استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙن مباحثن لاءِ پنهنجا ڪي گروپ جوڙي سگهون ٿا، جن کي ”نيوز گروپس“ چيو وڃي ٿو ۽ هر نئين شامل ٿيندڙ کي هن ۾  حصي وٺڻ جو حق حاصل هوندو آهي.

انٽرنيٽ تي اسان ”ڪاوش“ ۽ ”عبرت“ کانسواءِ هر آن لائين ٿيل اخبار پڙهي سگهون ٿا، هن کي ”فيڊ بئڪ“ ڏئي سگهون ٿا، ايڊيٽر کي خط لکي سگهون ٿا، پراڻيون اخبارون يعني شمارا رڪارڊ لاءِ ڏسي پڙهي ۽ محفوظ ڪري سگهون ٿا. دنيا ۾ ٿيندڙ رانديون ڏسي سگهون ٿا، ٽي وي ۽ ريڊئي جي نشريات ٻڌي سگهون ٿا. اسان پنهنجي ڳوٺ جي ويب سائيٽ ٺاهي يا ٺهرائي، ان کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي سگهون ٿا. انٽرنيٽ کي سستي ٽيليفون رابطي لاءِ به استعمال ڪري سگهون ٿا. دنيا جا سفار پارڪ گهر ويٺي ڏسي سگهون ٿا، دنيا جي شاپنگ سينٽرن تان خريداري ڪري سگهون ٿا. هن نيٽ ورڪ تي اسان سٺي نوڪري ۽ شادي لآءِ ڇوڪري ڳولي سگهون ٿا. بئنڪن ۾ پيل پئسا يعني پنهنجو اڪائونٽ ڏسي سگهون ٿا، بل پياري سگهون ٿا.

مختلف ڪمپنين ۽ يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ گڏجاڻيون، مذاڪرا ۽ ليڪچر ٻڌي ۽ ڏسي سگهون ٿا ۽ انهن سرگرمين ۾ پاڻ به حصو وٺي سگهون ٿا. اي ميل ذريعي پنهنجن پيارن ۽ واسطي وارن کي خط لکي سگهون ٿا. پنهنجي پاڻ کي آن لائين ڪري مختلف ملڪن جي ماڻهن سان چٽ چيٽ (Chit Chat) يعني ڪچهري ڪري سگهون ٿا.

نيٽ ورڪن جا ڪجهه ٻيا قسم

ڪمپيوٽرن، پرنٽرن ۽ اليڪٽرانڪس مشين کي سائنسي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ کي نيٽ ورڪ چئبو آهي. جنهن ۾ اهي سڀ شيون سڌي يا اڻ سڌي طرح هڪٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن، هتي ڳنڍجڻ جو مطلب رڳو تار يا ڪنهن ٻي مادي شئي سان ڳنڍجڻ نه آهي، پر انهيءَ سان گڏ انهن مشين جو پاڻ ۾ اليڪٽراني ربط به انهيءَ ڳنڍجڻ واري مفهوم ۾ شامل آهي.

عام طور نيٽ ورڪ چئن قسمن جا هوندا آهن، هڪ مقامي سطح جا نيٽ ورڪ (Local Area Network) ٻيا شهري سطح جا نيٽ ورڪ (Metropolitan Area Network) ٽيان ملڪي سطح جا نيٽ ورڪ (Wide Area Network) ۽ چوٿان عالمي سطح جا نيٽ ورڪ (Global Area Network).

انهن نيٽ ورڪن جو مختصر جائزو هيٺين طرح پيش ڪجي ٿو:

(1) مقامي سطح جو نيٽ ورڪ: مقامي سطح جا ادارا، جيئن حبيب بئنڪ جي هيڊ آفيس، يونيورسٽي ڪئمپس ۽ وڏيون ڪاروباري ڪمپنيون مختلف حصن ۾ ورهايل پنهنجن شعبن کي ڳنڍڻ لاءِ هن قسم جو نيٽ ورڪ وڇائينديون آهن. جنهن سان سڀني شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽراني مشينون پاڻ ۾ ڳنڍجي وينديون آهن ۽ هڪ شعبي ۾ ٿيندڙ ڪم کي ٻئي شعبي ۾ ڏسي ۽ حاصل ڪري سگهبو آهي ۽ ڊيٽا جي منتقلي به ٿي سگهي ٿي. مقامي سطح جي هن نيٽ ورڪ کي انگريزيءَ ۾ لين (LAN) چيو ويندو آهي، جيڪا لوڪل ايريا نيٽ ورڪ جي ٿوراکري (Abbreviation) آهي.

(2) شهري سطح جا نيٽ ورڪ: هي نيٽ ورڪ ڪنهن به شهر جي مختلف حصن ۾ موجود ڪمپيوٽرن ۽ اليڪٽراني مشينن کي ڳنڍڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. شهر ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ادارا، ڪمپنيون، لوڪل گورنمينٽ، اخبارون يا خابرو ادارا هن قسم جو نيٽ ورڪ استعمال ڪندا آهن تهجيئن شهر جو شهر ۾ مواد جي مٽاسٽا سيڪنڊن اندر ٿي سگهي. هن نيٽ ورڪ کي انگريزيءَ ۾ مين (MAN) چيو ويندو آهي.

(3) ملڪي سطح جا نيٽ ورڪ: ملڪي ايراضي ڪيتري به هجي، هن جي صوبن يا رياستن ۾ موجود ڪمپيوٽرن ۾ مواد جي مٽاسٽا لاءِ هن قسم جا نيٽ ورڪ وڇارايا ويندا آهن. هن نيٽ ورڪ سان ادارن ۽ ڪمپنين جي ڪمپيوٽرن کان سواءِ ذاتي ڪمپيوٽر به سلهاڙيل هوندا آهن.

ڪنهن به نيٽ ورڪ کان قائم رکڻ لاءِ سرور ڪمپيوٽر“ جي ضرورت هوندي آهي، سرور ڪمپيوٽر جومرڪزي نظام سڄي نيٽ ورڪ لاءِ رابطي ڪاريءَ جو ڪم ڪندو آهي. ملڪي سطح جي نيٽ ورڪن ۾ سرور ڪمپيوٽرن جو تعداد ججهو هوندو آهي.

(4) عالمي سطح جا نيٽ ورڪ: هي نيٽ ورڪ سڄي دنيا جي ڪمپيوٽرن کي جوڙڻ لاءِ وڇاريو ويندو آهي. انٽرنيٽ لاءِ هي نيٽ ورڪ استعمال ٿين ٿا. هي نيٽ ورڪ عالمي سطح جو ڄار هوندوآهي، جنهن سان ڪو به ادارو، حڪومتون يا فرد پنهنجا ڪمپيوٽر جوڙي ڊيٽا جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هن نيٽ ورڪ ورچوئل تعليم جي وڏي هٿي ڏني آهي. اڄ اسان جنهن کي w.w.w چئون ٿا، اهو اهو ئي نيٽ ورڪ آهي.

سرور ڪمپيوٽر ۽ ان جو ڪم

ڪمپيوٽر سرشتي کي جڏهن ڪنهن به نيٽ ورڪ سان جوڙيو ويندو آهي ته اهو ڪمپيوٽر پاڻمرادو سرور ڪمپيوٽر سان جڙي ويندو آهي.

سرور ڇا آهي؟ سرور به هڪ عام ڪمپيوٽر ئي آهي پر هن ۾ هلڻ ۽ چيتي (Memory) جي طاقت ٻينعامڪمپيوٽرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندي آهي.

هر نيٽ ورڪ تي ٻن قسمن جا ڪمپيوٽر هوندا آهن، هڪ ضرورتمند ڪمپيوٽر جن کي انگريزيءَ ۾ ڪلائينٽ ڪمپيوٽر (Client Computers) چيو ويندو آهي ۽ ٻيا نگران ڪمپيوٽر، جن کي انگريزيءَ ۾ سرور ڪمپيوٽر (Server Computer) چيو ويندو آهي.

(1) ضرورتمند ڪمپيوٽر: هي عام ڪمپيوٽر هوندا آهن، جن کي ڪنهن بهنيٽ ورڪ سان جوڙڻ کانپوءِ پنهنجي مشين کي استعمال ڪرڻ لاءِ سرور يعني نگران ڪمپيوٽر جي ضرورت پوندي آهي، جنهن جي نگراني ۾ نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل مڙئي ڪمپيوٽر ڪم ڪندا رهندا آهن، اهي سڀ ضرورتمند ڪمپيوٽر هوندا آهن، جيڪي گهربل مواد يعني ڊيٽا جي مٽاسٽا ڪري سگهندا آهن. جيڪڏهن فرض ڪريو ته نگران ڪمپيوٽر يعني سرور بند آهي ته ضرورتمند ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ سان جڙي پنهنجو ڪم ڪري نه سگهندا. البته جيڪڏهن هو ذاتي فائيلن ۽ چيتي ۾ پيل مواد تي ڪم ڪن ته ڪري سگهن ٿا، پر نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٻي ڪنهن به اليڪٽراني مشين يعني فئڪس يا پرنٽر کي به استعمال نٿا ڪري سگهن.

(2) سرور يعني نگران ڪمپيوٽر: معلوم ٿيو ته سرور ڪمپيوٽر نگرانيءَ جو ڪم ڪندا آهن، جن جي مدد ۽ نگراني سان ضرورتمند ڪمپيوٽر ڪم ڪري سگهندا آهن، سرور ڪمپيوٽر پنهنجي ليکي  به ڪم ڪرڻ ۾ آزاد هوندا آهن، پر ضرورتمند ڪمپيوتر آزاد نه هوندا آهن.

ضرورتمند ڪمپيوٽر خاص ڪمانڊ ذريعي سرور ڪمپيوٽر کي مختلف مشينون استعمال ڪرڻ لاءِ گذارش ڪندا آهن ۽ انهن جي اهڙي گذارش تي سرور ڪمپيوٽر انهن پاران پرنٽر، موڊيم يا فئڪس وغيره کي استعمال ڪندي ڊيٽا منتقل ڪندا آهن.

سرور ڪمپيوٽر ٻن قسمن جو نيٽ استعمال ڪندا آهن، پهريون نيٽ ورڪ ”ڪمپيوٽر جو ڪمپيوٽر سان رابطو“ چورائيندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”پير- ٽو- پير نيٽ ورڪ“(peer-to-peer Network) چيو ويندو آهي ۽ ٻيو نيٽ ورڪ نگران ڪمپيوٽر وارو هوندو. آهي، جنهن کي انگريزي ۾ ”سرور بيسڊ نيٽ ورڪ“ (Server Based Network) چيو ويندو آهي.

(الف)ڪمپيوٽر جو ڪمپيوٽر سان ڳانڍاپو: هن نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل مڙئي ڪمپيوٽر ساڳي وقت ٻٽو ڪم ڪندا آهن، يعني اهي هڪ ئي وقت ضرورتمند ڪمپيوٽر به هوندا آهن ته نگران ڪمپيوٽر به هوندا آهن. هنن ڪمپيوٽرن کي ڪنهن ٻي نگران ڪمپيوٽر جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ اهي سنئون سڌو نيٽ ورڪ تي موجود ڪنهن به مشين جهڙوڪ پرنٽر، موڊيم يا فئڪس وغيره کي استعمال ڪري سگهندا آهن ۽ ساڳي وقت اهي ضرورتمند ڪمپيوٽر هڪ ٻي ڏانهن ڊيٽا به منتقل ڪري سگهندا ۽ گڏوگڏ هڪ ڪمپيوٽر جي ڊيٽا ٻئي ڪمپيوٽر تان استعمال به ٿي سگهندي آهي. ان ڊيٽا ۾ ڦيرڦار يا ان کي منتقل ڪرڻ ۽ بلڪل ختم ڪرڻ وارو ڪم به ٿي سگهي ٿو.

(ب) نگران ڪمپيوٽر وارو ڳانڍاپو: هن نيٽ ورڪ سان جڙيل سمورا ضرورتمند ڪمپيوٽر سرور يعني نگران ڪمپيوٽر جا محتاج هوندا آهن ۽ نيٽ ورڪ سان جڙيل ڪنهن بهمشين کي پاڻمرادو استعمال ڪري نه سگهندا آهن.

هن قسم جي نيٽ ورڪ تي ڪنهن به طاقتور ڪمپيوٽر کي سرور بنايو ويندو آهي، يعني جنهن ڪمپيوٽر ۾ چيتي (Memory) جي طاقت گهڻي هجي ۽ ٻين ڪمپيوٽرن کان وڌيڪ تيز ڪم به ڪندو هجي. مثلاً ڪنهن نيٽ ورڪ تي ڪل پنجاهه ڪمپيوٽر ڪم ڪري رهيا آهن ته انهن ۾ جيڪڏهن ويهه ”پينٽيم ٽو“ آهن، ويهه ”پينٽيم ٿري“ آهن ۽ نو ”پينٽيم فور“ آهن ۽ هڪ ”پينٽيم فائيو“ آهي ته پنٽيم فائيو کي سرور بنايو ويندو.

اهي تيزي واريون صلاحيتون ڪمپيوٽر ۾ اندر لڳل طاقتور ”مدر بورڊ“ ۽ ٻين هارڊ ويئرن جي استعمال سان حاصل ٿينديون آهن. انهيءَ کانسواءِ سرور ڪمپيوٽر ۾ اهڙا سافٽ ويئر به داخل ڪبا آهن، جيڪي سرور ڪمپيوٽر کي ضرورتمند ڪمپيوٽرن جون آيل گذارش پڙهي ٻڌائيندا آهن، يعني هن آفيسر ڪمپيوٽر کي به منشي يا سيڪريٽريءَ جي ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن اهي سافٽ ويئر داخل ٿيل نه هوندا ته ضرورتمند ڪمپيوٽر، سرور ڪمپيوٽر سان رابطي ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا ۽ انهن جون گذارشون سرور ڪمپيوٽر تائين پهچي نه سگهنديون ۽ نه ئي اهي ٻڌڻ جوڳيون هونديون، يعني سرور ڪمپيوٽر اهي پڙهي نه سگهندا.

سرور ڪمپيوٽر جا قسم

سرور يعني نگران ڪمپيوٽر جا ست قسم آهن، جيڪي مختلف طريقن سان ڊيٽا جي منتقلي ۽ ٻيا ضروري ڪم ڪندا آهن. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ڏاڍي تڪڙي آهي، ممڪن آهي ته جڏهن هي سٽون ڇپجي اوهان تائين پهچن، سرور جا ڪي نوان قسم ۽ طريقا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا هجن. هن وقت مارڪيٽ ۾ جيڪي سرور موجود آهن، اهي ستن قسمن جا آهن، پهريون ڊيسڪ سرور، ٻيو فائيل سرور، ٽيون نيٽ ورڪ سرور، چوٿون ڊيٽابيس سرور، پنجون فئڪس سرور، ڇهون پرنٽر سرور ستون موڊيم سرور.

(1) ڊسڪ سرور: ڪنهن به ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جا ڀاڱا (Partitions) ڪري، انهن ۾ مختلف آپريٽنگ سسٽم يعني هلائڻ جا سرشتا ۽ سافٽ ويئر داخل ڪيا ويندا آهن ۽ انهن ڀاڱن کي سڃاڻپ طور انگريزي اکر اي (A) بي (B) سي (C) ۽ ويندي ايف (F) تائين الڳ الڳ نالا ڏنا ويندا آهن ۽ ائين هر ڀاڱو هڪ الڳ هارڊ ڊسڪ طور ڪم ڪندو آهي. ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ (User) هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڀاڱا استعمال ڪري سگهندو آهي. هر ڀاڱي جي الڳ ڪوڊنگ ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪو ٻيو آساني سان انهن ڀاڱن ۾ داخل ٿي نه سگهي ۽ پيل ڊيٽا جي ڇيڙڇاڙ يا مرڳو ختم ڪري نه سگهي. ڪي ڀاڱا استعمال ۾ آسان بنايا ويندا آهن، جن کي ڪو به کولي سگهي ٿو، انهن ڀاڱن کي عوامي جلد (Public Volume) چيو ويندو آهي. انهن ڀاڱن مان ڊيٽا چوري ڪرڻ، ڊاهي ڇڏڻ يا پڙهي وٺڻ آسان هوندي آهي. هن قسم جا سرور هر ڪمپيوٽر ۾ عام هوندا آهن.

(2) فائيل سرور: فائيل سرور جو به هارڊ ڊيسڪ تي ضابطو هوندو آهي ۽ ان هارڊ ڊيسڪ ۾ رکيل ڪا به ڊيٽا پاڻمرادو هن نيٽ ورڪ تي اچي ويندي آهي. جنهن سان فائيل سرور وارو ڪمپيوٽر ڳنڍيل هوندو آهي. مذڪوره نيٽ ورڪ کي استعمال ڪندڙ (Users) پنهنجي ڪمپيوٽر تان هن ڊيٽا کي استعال ڪري سگهن ٿا، بلڪل ائين جيئن هو ”ڊسڪ ڊرائيو“ استعمال ڪندا هجن. اهڙي طرح هو پنهنجي ذاتي ڪمپيوٽر تان ڊيٽا کي فائيل سرور جي ڊيسڪ ڏانهن منتقل (Copy) به ڪري سگهن ٿا. يعني هن سرور تي ڊيٽا جي متنقلي جوٻٽو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن اِها ذاتي ڊيٽا فائيل سرور جي هارڊ ڊيڪس ۾ داخل ٿي ويندي آهي ته ان کي هن نيٽ ورڪ سان جڙيل مڙئي استعمال ڪندڙ (Users) ڏسي، پڙهي ۽ نقل (Copy) به ڪري سگهن ٿا. فائيل سرور کي سپروائيزر جي نگرانيءَ ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن سان فائيل چوري ڪرڻ يا انهن کي ڪرپٽ يعني خراب ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي ويندي آهي. سپروائيزر جي نگرانيءَ ۾ ڏنل فائيل صرف اهڙا استعمال ڪندڙ (Users) استعمال ڪري سگهن ٿا، جن کي اهڙو اختيار يعني ڪوڊ مليل هجي، ٻي صورت ۾ ڪو به نه صرف انهن فائيلن کي کولي نٿو سگهي، پر انهن جو تعداد ۽ فهرست به ڏسي ۽ پڙهي نٿو سگهي.

فائيل سرور جو ٻيو فائدو اهو آهي ته ان ۾ ڪو به هڪ سافٽ ويئر داخل ڪرڻ سان نيٽ ورڪ سان جڙيل سمورا استعمال ڪدنڙ، اهو ساڳيو سافٽ ويئر بنا ڪنهن ٻي محنت جي استعمال ڪري سگهن ٿا. هن لاءِ انهن کي ڪنهن به ”آپشن“ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، اهو سافٽ ويئر پاڻ مرادو هن نيٽ ورڪ تي اچي ويندو آهي.

(3) نيٽ ورڪ سرور: هر ڪمپيوٽر ۾ استعمال جوڳيون خدمتون (Applications Services)  موجود هونديون آهن. اهي مختلف قسمن جون ٿي سگهن ٿاون. نيٽ ورڪ سرور سان ڳنڍيل مڙئي استعمال ڪندڙ (Users) اهي خدمتون بنا رنڊڪ استعمال ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ مئنيجمينٽ ذريعي سڀني استعمال ڪندڙ (Users) کي فائيلن تائين رسائي ٿي ويندي آهي ۽ اهي پرنٽر، اي ميل ۽ انٽرنيٽ به انهي نيٽ ورڪ تان استعمال ڪري سگهن ٿا، هن نيٽ ورڪ سان جڙيل ڪنهن به استعمال ڪندڙ کي الڳ انٽرنيٽ ڪنيڪشن وٺڻ جي ضرورت ڪانهي. هنيئر شهرن ۾ اسان جيڪي مهيني جي حساب سان انٽرنيٽ جا ڪنيڪشن وٺون ٿا، اهي اهڙي نيٽ ورڪ سرور سان جڙيل هوندا آهن ۽ نيٽ ورڪ سروس مهيا ڪندڙ“ اسان کي ڪئبل ذريعي انٽرنيٽ جو اهڙو ڪنيڪشن ڏيندا آهن.

نيٽ ورڪ سرور کي ٺيڪ ٺيڪ استعمال ڪرڻ لاءِ مک ڪمپيوٽر ۾ هڪ سافٽ ويئر داخل ڪيو ويندو آهي. جيڪو نيٽ ورڪ تي موجود وسيلن (Resources) کي هلائيندو رهندو آهي ۽ استعمال ڪندڙ جي ڪنهن به وقت پهتل گذارش تي گهربل ڪم لاءِ عمل سروع ڪري ڏيندو آهي.

نيٽ ورڪ سرور کي هميشه چالو رکڻ لاءِ هڪ بنياد (Base) ٺاهيو ويندو آهي، انهيءَ بنياد سان پرائمري ۽ سيڪنڊري سرور يا بئڪ اپ سرور جو هڪ سلسلو قائم ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به امڪاني خرابي کان پوءِ هي بنياد (Base) ٻين سرورن ذريعي نيٽ ورڪ کي هلائيندو رهندوآهي ۽ ان کي بند (Fail) ٿيڻ نه ڏيندو آهي.

(4) ڊيٽا بيس سرور: ڪنهن به اداري، حڪومتي ايجنسي يا ڪمپنيءَ جي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان ڊيٽا کي اداري، حڪومتي ايجنسي يا ڪمپنيءَ جي ٻين ڪمپيوٽر تي کولڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ ڊيٽا بيس سرور استعمال ٿيندا آهن. هي سرور ڪنهن وڏي مفاصلي واري نيٽ ورڪ سان به جڙي سگهندا آهن. ڊيٽا بيس سرور ذريعي ڪنهن به محفوظ ڪيل ڊيٽا کي سڌارڻ، ختم ڪرڻ يا استعمال ڪرڻ لاءِ هن نيٽ ورڪ سان جڙيل ڪنهن به ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي سرور ضرورتمند ڊيٽابيس سرور جي ٻي خوبي اِها آهي ته اهو وڇايل ڊيٽا به ڳولي ڏيندو آهي ۽ سڄي ڊيٽا بي کي نئين سر جوڙي به سگهندو آهي. ڊيٽا بيس سرور ڪنهن به ڊيٽا جي واڌو ڪاپي يعني ”بئڪ اپ“ پاڻمرادو تيار ڪري محفوظ ڪندو آهي، استعمال ڪندڙ (User) کي اهڙي محنت ڪا نه ڪرڻي پوندي آهي.

ڊيٽا بيس سرور ڪنهن به ڊيٽا جي بي فائدي منتقلي کي به روڪيندوآهي. گهربل ڄاڻ جو سڄو فائيل ضرورتمند ڪمپيوٽر کي موڪلڻ بجاءِ صرف ان فائيل ۾ موجود گهربل ڄاڻ موڪلي ويندي آهي. جنهن سان اجائي سيڙپ کان بجي سگهبو آهي ۽ ڊيٽا جي منتقلي به تيزي سان مڪمل ٿيندي آهي . ڇو جو اڪثر فالٽو بار پوڻ ڪري نيٽ ورڪ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن صفا خراب (Foil) به ٿي پوندو آهي.

(5) فئڪس سرور: هي سرور فئڪس پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جو ڪم سر انجام ڏيندا آهن. فئڪس سرور فئڪس مشين ۽ ضرورتمند ڪمپيوٽرن وچ ۾ رابطيءَ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ڪو به استعمال ڪندڙ (User) پنهنجي ڪمپيوٽر تان فئڪس پيغام سرور فئڪس کي موڪليندو آهي. سرور، پيغام کي پڙهي، ان تي لکيل ڏس پتي کي جانچي اوڏانهن اهو پيغام ڏياري موڪليندو آهي. جيڪڏهن فئڪس پيغام ڪنهن ساڳي نيٽ ورڪ واري استعمال ڪندڙ (User) کي موڪليل هوندو آهي ته سرور انهيءَ پيغام کي ان ضروتمند ڪمپيوٽر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندو آهي، پر جي پيغام هن نيٽ ورڪ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي کي موڪلڻو آهي ته سرور انڳ پيغام کي ٽيليفون لائين ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندو آهي. ساڳي نموني ٽيليفون لائين تان وصول ٿيندڙ پيغام پڙهي ضرورتمند ڪمپيوٽر ڏانهن موڪلي ڇڏيندو آهي. هن ٽيڪنالاجيءَ ذريعي اسان پنهنجي اي ميل باڪس کي فئڪس وصول ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهون ٿا، اسان جو ايندڙ ڪو به فئڪس پيغام پاڻ مرادو اي ميل باڪس ۾ هليو ويندو ۽ اهو ڪم به فئڪس سرور ڪندو.

(6) پرنٽر سرور: هي سرور ڪنهن به اليڪٽراني ڪاپي کي هارڊ ڪاپي يعني ڪاغذ تي پرنٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. پرنٽر سرور هڪ نيٽ ورڪ ذريعي سڀني استعمال ڪندڙن  (User) جي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن کي ضرورتمند ڪمپيوٽر ڪنهن به وقت استعمال ڪري ڪاپي حاصل ڪري سگهن ٿا. هي سرور گهڻو ڪري لين نيٽ ورڪ تي ڪم ڪندا آهن.

(7) موڊيم سرور: هي سرور لڳل موڊيم ذريعي ڪا به ڊيٽا منتقل ڪري سگهندا آهن. هي سرور گهڻو ڪري ٽيليفون لائين واري سرشتي سان جڙيل هوندا آهن. ڊيٽا کي منتقل ڪرڻ لاءِ پهرين ضرورتمند ڪمپيوٽر سان جيل ٽيليفون نمبر ڊائل ڪبو آهي ۽ رابطي ٿيڻ شرط خاص ڪمانڊ ذريعي ڊيٽا موڪلي ڇڏبي آهي، هي سرور اخبارن ۽ خابرو ادارن لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيا آهن. نمائيندا ٿورڙي خرچ تي جهٽ پٽ تڪڙيون خبرون اخبارن يا خابرو ادارن، کي ڏياري موڪيلندا آهن. هن ڪم لاءِ رموٽ ايڪسزلين سافٽ ويئر (Remote Access Lan software) استعمال ٿيندو آهي. جيڪو ڪنهن به مائڪرو ڪمپيوٽر ۾ داخل ٿي ان مائڪرو ڪمپيوٽر کي ”موڊيم سرور“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هن لاءِ موڊيم ڪارڊ جي ضرورت پوندي آهي.