ماس ميڊيا

ڪتاب جو نالو ماس ميڊيا
ليکڪ امين لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

22 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     275848   ڀيرا پڙهيو ويو

باب چوٿون -- ماس ميڊيا ۽سماج


ماس ميڊيا ۽ سوسائٽي لازم ملزوم ايڪا آهن ۽ اهي انساني علم ۽ تحقيق جا گڏيل موضوع رهيا آهن. دنيا جا سڀ علم انسانن لاءِ آهن. هر علم انهي ڪري پڙهيو ۽ سمجهيو ويندو آهي تهجيئن انساني سماج جي مختلف شعبن ۾ رواني رهي ۽سماج ترقي ڪري سگهي.

ڪا به تحقيق ”پروڙ واري جذبي“ هيٺ ٿيندي آهي. باشعور انسان ۾ جستجو جو عمل فطري آهي ۽ هو هميشه ڪنهن به منجهيل مسئلي بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيندو آهي ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيندو آهي، اڄ جو ترقي يافته دؤر انهي جستجو جي عڪاسي آهي، ”سماج جي ارتقا“ انهي جذبي هيٺ ٿي آهي.

ماس ميڊيا جو علم به ڪيترائي ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄوڪو روپ ۾ اسان تائين پهتو آهي.

”ماس ميڊيا“ جي سماج کانسواءِ ڪا به حيثيت ڪانهي، يعني ماس ميڊيا لاءِ سماج ۽ سماج لاءِ ماس ميڊيا ضروري آهي. سماج جي اجتماعي ذميوارين ۾ ”ماس ميڊيا“ برابر جي حصيدار آهي ۽ اِها سماج جو عڪس آهي. جيڪي ڪجهه سماج ۾ ٿئي ٿو، اهو ماس ميڊيا پيش ڪري ٿي. ماهرن ماس ميڊيا کي سماج جي ”آرسي“ سڏيو آهي، جنهن ۾ سماج پنهنجي شڪل ڏِسي ٿو.

ماس ميڊيا جي سوشيالاجي

ڪنهن به سماج جي ”ماس ميڊيا“ کي پرکڻو هجي ته پهرين ان سماج جي سياسي ثقافتي ۽ نفسياتي جوڙجڪ جو جائزو وٺڻ گهرجي. انهيءَ ڪري جو ”ماس ميڊيا“ ۽ سماجي رويا ۽ لاڙا گڏ هلن ٿا. اسان ڏسندا آهيون ته هر سماج جي ميڊيا ٻئي سماج جي ميڊيا کان مختلف هوندي آهي. آمريڪي ميڊيا آمريڪي سماج جي نمائندگي ڪندي هوندي آهي ۽ اسان جي ملڪي ميڊيا ۾ اسان جي ملڪ جي جهلڪ نظر ايندي، جيڪڏهن ڪو اسان جي سماجي تاجي پيٽي ۾ رهي. ”آمريڪي ميڊيا“ وارا تقاضا اسان جي ميڊيا کان ڪري، ته اهو ممڪن ڪونهي. ائين ڪرڻ سان ”سر ٻاڪرو ۽ ڌڙ ريڊو“ ٿي پوندو. ڇو جو ٻنهي سماجن جا رويا ۽ لاڙا مختلف آهن ۽ ميڊيا انهن کي ئي پيش ڪندي.

سماجي حقيقتن کي پرکڻ لاءِ ماس ڪميونيڪيشن ۽ ماس ميڊيا کي ٻين روين وارن علمن (Behavioral sciences) سان گڏي ان جو اڀياس ڪرڻ گهرجي. صحيح نتيجا حاصل ڪرڻ جو اهو درست رستو آهي، ٻي صورت ۾ جيڪا به تحقيق ڪئي ويندي، ان ۾ ذاتي خواهش (Personal desire) جو وڏو عمل دخل هوندو.

سماج تي ماس ميڊيا جو ۽ ماس ميڊيا تي سماج جو اثر پوڻ لازمي امر آهي. سماج ڪئين سماجياتي عمل مان گذري ٿو؟ ان جون ريتون رسمون ڪئين بدلجن ٿيون؟ جڏهن انهن سوالن جا جواب اسان وٽ هوندا ته اسان کي ”ماس ميڊيا“ جي تبديليءَ ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ دير ڪا نه لڳندي.

ماس ميڊيا سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ جتي ٻولين، مفادن ۽ ثقافتن ۾ تضاد هجي اتي ميڊيا جو ڪردار اڃا به وڌي وڃي ٿو، جنهن ميڊيا جي ٻولي حڪمران طبقي جي ٻولي هجي، اها اتي جي طاقتور ميڊيا هوندي آهي. اردو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي موروثي زبان نه آهي ۽ اردو مادري زبان وارن جو سڄي ملڪي آباديءَ ۾ صرف ست سيڪڙو آهي، پر شروع وارن ڏينهن ۾ هن ٻوليءَ کي حڪمران طبقي جي ٻولي مڃندي، پاڪستان جي واحد قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، جنهن سان وڏي ۾ وڏي ٻولي ”بنگلا“ جي ڳالهائيندڙن ۾ بغاوت پيدا ٿي ۽ اهي ڌار ٿي ويا، ٻي وڏي ٻولي پنجابي آهي، پر هن ٻوليءَ کي پنهنجو اسڪرپٽ نه هجڻ ڪري، هن جو شمار صرف ”ٻولي ويندڙ“ زبان طور ٿئي ٿو، پنجاب جي ڪورٽ ڪچهري، ٿاڻي ۽ تعليم جو ذريعو ”اردو ٻولي“ رهندي پئي اچي. تاريخي طور تي سنڌي موجوده پاڪستان جي واحد لکج ۽ پڙهجي سگهندڙ زبان آهي جنهن کي پنهنجي لپي آهي، پر سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري، طاقتور ميڊيا به پيدا نه ڪري سگهي آهي. سنڌي ماڻهن پاڻمرادو پنهنجي سماجي حالتن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”سنڌي ميڊيا“ جو بنياد وڌو ۽ وقت به وقت هن ٻوليءَ جي خاتمي لاءِ ڪيل سازشن کي منهن ڏنو. توڙي جو اڄ ”سنڌي ميڊيا“ کي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي ٿوري گهڻي طقت نصيب ٿي آهي. پر سنڌي جا پراڻا سياسي، جاگرافيائي ۽ سماجي مسئلا جيئن جو تئين موجود آهن.

سنڌي ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن اهو احساس وڌي رهيو آهي ته کين پنهنجي صوبي تي مالڪي جو حق نٿو ڏنو وڃي ۽ کين ڪنهن به نموني سنڌ بابت ٿيندڙ فيصلن ۽ اختيارن ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي.

اردو ميڊيا ڪڏهن به سنڌ جي حقيقي سماجي مسئلن کي اهميت نه ڏني آهي. هن ميڊيا جو رويو عجيب رهيو آهي، اردو اخبارون سنڌ جي ٻيٽن کي ”ڪراچي ڪئ جزائر“لکن ٿيون. ڪرچاي ۽ سنڌ کي الڳ اچاريو ۽ لکيو وڃي ٿو. ڪراچي کي بيرون سنڌ ۽ باقي سنڌ کي اندرون سنڌ سڏڻ جهڙا رويا آخرڪار ڇو ٿا اپنايا وڃن؟

ٻيو سوال هي آهي ته تاريخي طور سنڌ جا ٽي اهم ڀاڱا رهيا آهن، جن کي ”سري“، ”وچولي“ ۽ ”لاڙ“ جي نالي سان ڳڻيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، موجوده سنڌ ۾ هن وقت صرف ”وچولو“ ۽ ”لاڙ“ شامل آهن، باقي ”سرو“ رنجيت سنگهه قبضو ڪري پنجاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. اِهي سري وارا علائقا سنڌ جا آهن، جن ۾ هن وقت تائين سنڌي ذاتيون، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ائين ئي زنده آهي، جيئن باقي بچيل سنڌ ۾ زندهه آهي. پياري پاڪستان جي وحدت سنڌين کي بيحد پياري آهي ۽ اهي چاهين ٿا ته پنجاب جا گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏاکڻا ضلعا يعني سنڌ جو ”سرو“ هنن کي واپس ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل جي ڪنهن به مخفي سازش کان سنڌين، سنڌ ۽ پاڪستان کي بچائي سگهجي، جيڪا سازش ڪراچيءَ جي حوالي سان سنڌي محسوس ڪري رهيا آهن. جنهن سان سنڌي کي اقليت ۾ اچڻ جو ڊپ آهي.

ماس ميڊيا جا ثقافتي اثر: تجربن مان اهو معلوم ٿيو آهي ته سئنيما اهڙو طاقتور ميڊيم آهي، جيڪو ثقافتن کي وڌيڪ ۽ جلد متاثر ڪري ٿو. ٽي وي جو اثر ڊگهي وقت تائين نظر نه ايندو آهي، پر سماجي ۽ ثقافتي روايتن تي سئنيما جو اثر تڪڙو ظاهر ٿئي ٿو. ايشيا ۽ دنيا جا اڪٿر ٻيا علائقا آمريڪي ڪلچر جي اثر هيٺ آهن، جنهن جو مک سبب ”هالي ووڊ“ جون فلمون آهن.

فلمي اداڪارن جي نقل ٻار به ڪندا آهن. اسان جا ٻار به پنهنجي راند ۾ محمد علي، سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي وانگي ڊائلاگ چوڻ ۽ ڪارروايون ڪرڻ جو مظاهرو ڪندا آهن. نوجوان پنهنجن وارن ۽ ڊريس جي سيٽنگ فلمي اداڪارن وانگي رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، فلمن جا هيرو هنن جا رول ماڊل هوندا آهن. اهڙي طرح ڇوڪريون فلمي دنيا جي فيشن ۽ اسٽائيل کان متاثر ٿينديون آهن، انهيءَ جي مقابلي ۾ شايد ئي ڪنهن ٽي وي ڊرامي جي هيرو جي نقل ڪئي ويندي هجي.

انڊين فلمون ”هالي ووڊ“ جي اثر هيٺ تيار ٿين ٿيون ۽ ڪوشش ڪري انهن جو نقل هونديون آهن. ”بالي ووڊ“ ۾ ڊريسنگ ۽ سينن جو فلمائڻ به ”هالي ووڊ“ وانگر رکيو ويندو آهي.

هڪ مفروضو (Hypothesis) هي به آهي ته ”مهاجر قومي موومينٽ“ جي بوتي ۾ ساهه وجهڻ واريون هندستاني فلمون هيون. اهو 1980ع وارو ڏهاڪو هو، جڏهن سئٽلائيٽ چئنل اڃا گهرن ۾ نه آيا هئا ۽ ملڪ ۾ وي سي آر جو جنون هو، هر شهري گهر ۾ وي سي آر ۽ انڊين فلمن جي ڳالهه هلندي هئي. انهيءَ دـر ۾ وي سي آر جي استعمال تان پابندي کنئي وئي هئي ۽ انهيءَ اجازت کي لائيسن سان مشروط ڪيو ويو هو. انڊين فلمون دبئي ذريعي پاڪستان ۾ اينديون هيون ۽ بلڪل تازيون يعني جيڪي ممبئيءَ يا ڪنهن ٻي هندستاني شهر جي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون، انهن جي وڊيو ڪيسٽ پاڪستان پهچي ويندي هئي. اهو پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي زوال وارو دؤر هو.

هندستاني فلمن ۾ هندستاني ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو هو ۽ لڏي آيل طبقي ۾ فطري طور ان اباڻي ثقافت ڏانهن لاڙو ۽ محبت پيدا ٿي. پهريون دفعو سنڌ ۾ ”مهاجر ثقافت“ جي ڳالهه ٿيڻ لڳي ۽ ”پان پجامي“ کي ان جو اهڃاڻ ڪرار ڏنو ويو. هندستاني وزيرن ۽ اسان وارن نـِڳن ڀائرن جي ويس ۽ وجهه ۾ ڪو به فرق نظر نه پئي آيو. قائد کان ڪارڪن تائين ساڳي ڊريس پهريل هو.

عجيب ڳالهه اِها آهي ته جيڪي ٽارچر جا واقعا ٿيندا هئا، اهي به انڊين فلمن ۾ استعمال ڪيل طريقن مطابق ٿيندا هئا، ڊرل مشين سان جسم تي سوراخ ڪرڻ، بجليءَ جا شاڪ ڏيڻ ۽ لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪرڻ عام هو.

سئٽلائيٽ چئنلن وي سي آر جي راڄ کي ختم ڪيو، پر اُٿڪ ۾ انهن جو اثر به ساڳيو رهيو، ان وقت سئٽلائيٽ تي ڪو به مقامي چئنل موجود ڪو نه هو، بلڪه جڏهن انڊين سئٽلائيٽ چئنلن جي قطار لڳي تڏهن اسان وٽ صرف سرڪاري پي ٽي وي چئنل هو، جيڪو انهن نون چئنلن جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيو.

سئٽلائيٽ چئنلن به انڊين ثقافت کي هٿي ڏني، ساڳيون انڊين فلمون وي سي آر بجاءِ ٽي وي چئنلن تي ڏسجڻ لڳيون ۽ انڊين ثقافت اسان جي گهرن ۾ پير ڄمائڻ لڳي. ايتري تائين جو بقول هڪ مسلمان جي ته ”منهنجي ٻارن ۾ انڊين فلمن جو ايترو ته اثر پيو آهي، جو منهنجو ننڍو پٽ چوي ٿو ته بابا تنهنجي چتا کي آگ آءُ ڏيندس“.

گذريل ”بي جي پي“ حڪومت ۾ سونيا گانڌي اپوزيشن ليڊر هئي ۽ خاجا پاليسيءَ تي بحث دؤران، هن ”لوڪ سڀا“ ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”اسان پاڪستان تي ثقافتي بالادستي قائم ڪري ورتي آهي، اسان سئٽلائيٽ چئنلن پاڪستان جي گهر گهر ۾ اسان جي ثقافت کي متعارف ڪرايو آهي ۽ اڄ اتي اسان جي ثقافت جي ڳالهه ٿئي ٿي.“

پاڪستان طرفان مقامي سئٽلائيٽ چئنل متعارف ڪرائڻ ۾ دير ڪئي وئي، آخرڪار خانگي شعبي کي پنهنجا چئنل آڻڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ قانوني طور اهو طئي ڪيو ويو ته اخباري ڊڪليئريشن سان گڏ سئٽلائيٽ ٽي وي چئنل جي اجازت خود به خود ملي ويندي.

”سنڌي چئنلن“ جو اچڻ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه هو، ڪي ٽي اين سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڊگهي نشريات ڏني. هن چئنل جي شروعاتي ٽيم اليڪٽراني ميڊيا ۾ ايتري ڀڙ نه هئي، پر ”ڪاوش“ ۽ ”ڪوشش“ اخبار جي نمائندن ۽ اسٽاف ميمبرن کانسواءِ اليڪٽراني ميڊيا جي چند ماڻهن گڏجي جنهن جذبي سان ڪم ڪيو، اهو واقعي تعريف جوڳو آهي. انهيءَ سڄي ٽيم ۾ صرف هڪ ڳالهه اهم هئي ۽ اها هئي ”هر حالت ۾ ڪي ٽي اين کي جاري رهڻ گهرجي“. سنڌي سماج به ائين ئي پئي چاهيو، عام ماڻهن ميمبر شپ ڪارڊ ۾ پئسو به انهي جذبي سان سيڙايو هو. شروع ۾ ڪمرشل يعني اسٽهار حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا پيش اچي رهيا هئا، جيڪي صرف ٻوليءَ جي بنياد تي آڌاريل هئا. بهرحال ڪي ٽي اين هن وقت مضبوط ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل سنڌي چئنل آهي، سنڌ ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي نيوز به ميدان ۾ آهي، ڪاوش جو ڪي ٽي اين، ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪشش نيٽ ورڪ به نشريات پيش ڪري رهيا آهن.

پر ثقافتي لحاظ کان سنڌي ماڻهن جون گهرجون پوريون نه پيون ٿين، جدت يا روشن خياليءَ ۽ سنڌي ثقافت ۽ روايتن ۾ توازن جو هئڻ ضروري آهي. سنڌي سئٽلائيٽ چئنلن جا اڪثر پروگرام اهڙا آهن، جن جو جيڪڏهن آواز بند ڪري ڇڏجي ته خبر نه پوندي ته ڪو ”سنڌي“ چئنل ڏسجي رهيو آهي.

”نتيجا“ لفظ جي معني ۽ مفهوم

انگريزي لفظ Effects لاءِ سنڌي ۾ نتيجو ۽ اثر لفظ استعمال ٿئي ٿو. اسان اهي ٻئي لفظ عام استعمال ڪريون ٿا. لفظن ۽اصطلاحن جي گهرائيءَ ۾ اچڻ جي ضرورت ڪانهي، نه ته اسان کي ٻئي لفظ هڪٻئي کان گهڻو پري نظر ايندا.

هتي لفظ ”نتيجا“ کي خاص طور اسان بحث لاءِ ڇو چونڊيو آهي؟ اهو انهيءَ ڪري جو ”ميڊيا جا نتيجا“ تڏهن سمجهه ۾ ايندا جڏهن اسان لفظ ”نتيجا“ کي سمجهنداسين، ”ميڊيا جا نتيجا“ معنيٰ مختلف ماڻهن جي حوالي سان ان جا مختلف اثر.

جڏهن ڪو نفسياتي ماهر ميڊيا جي حوالي سان لکندو يا ڳالهائيندو ته هن جي ذهن تي ”ماس ميڊيا“ جا نفسياتي اثر تري رهيا هوندا آهن ۽ هڪ سوشيالاجسٽ ماس ميڊيا جي سماجي اثرن تي ڳالهائيندو ۽ ماهر اقتصاديات ماس ميڊيا جي اقتصادي اثرن تي ڳالهائيندو ۽ سياسيات جو هڪ ماهر، ماس ميڊيا جي سياسي نتيجن تي ڳالهائيندو ۽ ڪو ٻوليءَ جو ماهر، ميڊيا جي ٻوليءَ بابت اثرن تي بحث ڪندو.ائين جيڪو جنهن شعبي سان تعلق رکي ٿو، اهو ميڊيا جي اثرن کي انهيءَ حوالي سان جانچيندو.

ماس ميڊيا جي نتيجن بابت، اِهي ته هئا شعبن جي حوالي سان اثر، پر ماس ميڊيا جي اجتماعي اثرن بابت به بحث ٿيندا رهيا آهن. ماس ميڊيا جون ڪهڙيون ذميواريون آهن؟ ڇا هن کي جيڪو وڻي سو شايع يا نشر ڪرڻ گهرجي؟ سماج جي مختلف طبقن تي ناڪاري اثرن جو جوابدار ڪير ٿيندو؟ اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي اڃا تائين حل ٿي نه سگهيا آهن. ڇو جو هن وقت ميڊيا کي هڪ انڊسٽري سمجهيو ويو آهي ۽ ڪا به انڊسٽري پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ڪي به طريقا استعمال ڪري سگهي ٿي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا سامهون ايندي رهي آهي. اها خود ميڊيا طرفان اٿيندي رهي آهي. جڪڏهن ڪنهن به سماجي روڪ کي ميڊيا خلاف استعمال ڪيو وڃي ته ”مڊيا“ ان کي راءِ جي آزادي لاءِ روڪ سمجهندي آهي ۽ هاڻ ته حڪومت به اهو چوڻ لڳي آهي ته جنهن کي ”روشن خياليءَ“ وارا پروگرام نٿا وڻن ته اهي ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڏين.

ٻارن جا مائٽ پنهنجي ٻارن ج ان قيمتي وقت لاءَ اڪثر پريشان هوندا آهن، جيڪو هو ٽيلويزن، ميوزڪ، فلمن ۽ وڊيو راندين تي صرف ڪندا آهن ۽ ٻارن تي انهن ميڊيائن جي ممڪن اثرن بابت پريشان رهندا آهن.

مشرقي سماج خاص ڪري بريصغير ۾ اڃا روشن خيالي ايتري نه آئي آهي، جيتري يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهي ۽ جنهن کان ٻارن جا مائٽ ڪافي پريشان آهي، انهيءَ روشن خيالي جو مظاهرو اتان جي ميڊيا خاص ڪري ٽي وي تي ٿي رهيو آهي، جتي انگي يعني بليو فلمون ۽ پروگرام نشر ٿيندا آهن. هن سلسلي ۾ اتي جي سماجي ۽ تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته اِهي پروگرام يا ته بلڪل بند، ٿيڻ گهرجن يا رات جو دير سان ان وقت ڏيکاريا وڃن، جنهن وقت عام طور ٻار ستل هوندا آهن، اتي اهو بحث به هلي رهيو آهي ته جنسي ڄاڻ يعني Sex Education ڪهڙي نموني ۽ ڪيتري سطح کان شروع ڪرڻ گهرجي؟ اُنهن معاشرن ۾ پوليس ۽ ڪرمنالاجي جي ماهرن کي اِها به شڪايت آهي ته سماج ۾ ڏوهن جي واڌ جو سبب ”ماس ميڊيا“ تي ڏوهن کي ڏيکارڻ ۽ انهن لاءِ ايجاد ڪيل نون طريقن جي تشريح آهي.

جڏهن لفظ ”اثر“ جي ڳالهه ڪبي ته ذهن ۾ اهو رکڻ به ضروري هوندو ته هن لفظ کي ڪهڙي حوالي سان ورتو پيو وڃي. ”اثر“ لفظ جا ڪيترائي قسم ۽ سطحون آهن. اهي سطحون يا مرحلا مختصر عرصي (Short term) وچين عرصي (Medium term) ۽ ڊگهي عرصي (Long term) وارا ٿين ٿا. يعني ڪي ”اثر“ مختصر عرصي لاءِ هوندا آهن، انهن جا نتيجا به عارضي هوندا آهن. ڪي اثر وچين سطح جا هوندا آهن ۽ ڪجهه عرصو اهي ختم ٿي ويندا آهن ۽ ڪي ”اثر“ ڊگهي عرصي تائين رهدنا آهن ۽ انهن جا ”نتيجا“ به دير تائين رهدنا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن مستقل شڪل اختيار ڪري ويندا آهن.

”اثر“ قبول ڪرڻ وارا گروهه به مختلف هوندا آهن. ميڊيا يا ڪنهن ٻي حوالي سان ظاهر ٿيندڙ روين جو ”اثر“ ڪن ماڻهن تي جلدي ٿيندو آهي، ڪي هن کي آهستي آهستي قبول ڪندا آهن ۽ ڪي بلڪل قبول نه ڪندا آهن، عام طور تي اسان هن کي ”طبيعت“ چوندا آهن، يعني هي فلاڻي طبيعت جو آهي، هي فلاڻي طبيعت جو مالڪ آهي.

حسن کان متاثر ٿيڻ فطري عمل آهي، هر ماڻهو هن کان متاثر ٿئي ٿو. پر حسن جي تشريح هر ڪنهن وٽ الڳ آهي. شاعرن حسن کان متاثر ٿي هر هر راءِ بدلڻ واري کي ”چلولو“ چيو آهي. ”اهي چل ولا چئجن جيڪي دردر لائين دوستي“. پر ڪن کي مجازي حسن بلڪل متاثر نٿو ڪري ۽ اهي چون ٿا ته ”جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا.“ ڪي پڪا آهن ته ڪي هلڪا ۽ ڪچا.

ميڊيا جا اهي اثر جن کي تڪڙو قبول ڪيو وڃي ٿو. اُهي فيشن ۽ گهرن ۾ رهڻ جي رنگ ڍنگ بابت آهن. جن کان متاثر ٿي ڏسڻ وارا پنهنجي پاڻ کي ائين سناچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو عمل هڪ ئي وقت ظاهر نه ٿيندو آهي، يعني گروهي درجابندي هيٺ ڪي انهيءَ تبديليءَ کي جلد قبول ڪندا آهن. ڪي دير سان. پويون گروهه پهرين گروهه ۽ ميڊيا يعني ٻنهي کان اثر وٺي ٿو، هن تي ٻٽو يا ٻه رخو اثر پوي ٿو. هڪ ميڊيا جو ۽ ٻيو پهرين گروهه سان ملڻ جلڻ جو، يا پاڙي ۽ ساڳي شهر ۾ رهڻ وارن جو، جيڪي پهرين اثر قبول ڪن ٿا ۽ آخر گروهه آخر ۾ هن تبديليءَ کي قبول ڪندو آهي.

ٻوليءَ به عجيب شيءِ آهي، هن جا لفظ به گهرا ۽ اثرائتا ٿين ٿا. اڪثر ماڻهن هم معنيٰ لفظن ۾ ڪو فرق سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن ۽ منهنجي پوندا آهن ته صحيح لفظ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ اهڙا لفظ مڙئي گهڻا آهن، ”ماس ميڊيا“ جي حوالي سان انگريزيءَ ۾ لفظ ”نتيجا“ ۽ لفظ ”اثر“ کي سمجهڻ لاءِ اهو بحث هلي رهيو آهي ته ڪهڙو لفظ ڪٿي استعمال ڪجي. ميڊيا لاءِ Effects صحيح رهندو يا Influence ۽ انهن ٻنهي لفظن ۾ ڪيتري هڪجهڙائي آهي ۽ اهي ٻئي لفظ Impacts کان ڪيئن مختلف آهن؟

سنڌيءَ ۾ لفظن جي ڦير گهير ۽ معنيٰ مفهوم جو بدلجڻ به ايترو ئي اهم آهي. سماجي لسانيات ئي اسان کي انهن لفظن جو سماجي ڪارج ۽ انهن جي معنيٰ مفهوم ۾ تبديلين بابت ٻڌائي سگهي ٿي.

ماس ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪئين هئڻ گهرجي؟ بازار ۾ هلندڙ ٻوليءَ کي ڪيئن گهرو بڻائجي جو اُها ميڊيا ۾ به هلي سگهي ۽ ميڊيا کي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ ان کي سمجهي به سگهي؟ ”ميڊيا جي نتيجن“ جي تنقيدي پڙتال (Critical scrutiny)  ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ گهرجي؟ خود ”ميڊيا“ لفظ لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن مونجهه ٿي پوندي آهي ته هي لفظ ميڊيا ٽيڪنالاجي يعني پرنٽنگ پريس، ٽيليگراف، ڪمپيوٽر، موبائل ٽيليفون، ريڊئي، ٽيليويزن، آڊيو يا وڊيو ڪيسٽ، رسيور، مووي ڪئميرا، ڊي ڪوڊر ۽ سئٽلائيٽ وغيره جي نمائندگي ڪري ٿو يا جيڪو ڪجهه انهن اوزارن ذريعن ماڻهن تائين پهچي ٿو يعني مواد جي نمائندگيءَ ڪري ٿو؟

”ميڊيا“ جي مفهوم ۽ معنيٰ ۾ هن وقت ٽي شيون داخل آهن. هڪ هارڊ ويئر جن جو ذڪر مٿي ڪيوسين، ٻيو سافٽ ويئر جن کي پروگرام يا عنوان (Corrlents) چئون ٿا ٽيون ميڊيا کي گهڻن ادارن جو مجموعو به چيو پيو وڃي، جنهن ۾ ميڊيا انڊسٽري سان لاڳو شيون يعني مال، ورهاست ۽ نما کي شامل ڪيو ويو آهي.

اسان ”ميڊيا“ کي نتيجن ۽ اثرن جي لحاظ کان پرکڻ وقت ڪنهن به گماني ڪيفيت ۾ داخل نه ٿيو. اِهو واضح آهي ته هي هڪ سماجي علم آهي، يعني ”سوشل سائنس“ آهي، جنهن جا نتيجا ۽ اثر طبعي يا نيچرل سائنس کان مختلف هوندا آهن. يعني ٻنهي سائنسن جو تحقيقي دائرو الڳ هوندو آهي ۽ نتيجا به الڳ هوندا آهن ۽ انهن جي تشريح به الڳ هوندي آهي. سماجي سائنس ۾ کوجنا جو دائرو انساني سماج، لاڙا ۽ رويا هوندا آهن، سماج ۽ روين جي تبديلي ۽انهن بابت مختلف حالتن کي بحث هيٺ آندو ويندو آهي. جڏهن ته نيچرل سائنس ۾ معدنيا، ٻوٽا، جانور، ڪيڙا مڪوڙا پکي، پکڻ ۽ مڇيون وغيره تحقيق هيٺ هونديون آهن. هاڻ ٻنهي سائنسن جا نتيجا (Effects) الڳ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيندا. پر ميڊيا سان واڳيلماڻهو يا هن سائنس سان لاڳو اڪثر اِها غلطي ڪندا آهن جو ٻنهي سائنسن کي گڏائي ڇڏيندا آهن ۽ ”نتيجن“ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪندا آهن جنهن سان اهو تاثر اڀرڻ لڳندو آهي ته ”ميڊيا“ ماڻهن کي ڪنهن اهڙي عمل مان گذاري ٿي، ڄڻ ته اهي ساخت جي لحاظ کان بي جان مخلوق يا سوچ جي لحاظ کان ڪيڙا مڪوڙا هجن، جن کي ڪنهن خاص عمل مان گذاريو پيو وڃي ۽ هن عمل جي سمورن نتيجن ۽ اثرن تي تحقيق ڪئي پئي وڃي.

”ميڊيا“ جا اثر هڪ انساني عمل آهي، جيڪو روين ۽لاڙن جو عمل آهي. جن جي نتيجن کي ڳوليو ويندو آهي، هن کي اسان ڪميونيڪيشن جو سرشتو چئون ٿا ۽ اهو هڪ ٻٽو عمل آهي. يعني انسان يا سماج جا ميڊيا تي ۽ ميڊيا جا سماج تي اثر پوندا رهندا آهن. ميڊيا سماج جي اسٽيج آهي، جنهن جا ڪردار انسان آهن، اهي جيڪي ڪجهه انهيءَ اسٽيج تي ڪندا، ”نتيجا“ به انهيءَ حساب سان ايندا ۽ تحقيق جو دائرو به انهيءَ حساب سان طئي ڪيو ويندو.

سچي ڳالهه هي آهي ته اسان کي ”ميڊيا جي نتيجن“ بابت ٿورو علم هوندو آهي ۽ اسان وٽ ڪا به مستند ڄاڻ (Proven Data) نه هوندي آهي. سنڌي ميڊيا يا پاڪستان جي ميڊيا بابت اسان ڪهڙي ۽ ڪئين تحقيق ڪئي آهي؟ انهي ڳالهه جي اسان کي خبر ڪانهي. اسان جي ميڊيا جو اثر هڪجهڙو آهي يا ان ۾ ڦيرا (Variables) آهن؟ ۽ مختلف سماجي روين ۽ علمن بابت ميڊيا جا ڦيرا مختلف ڇو آهن؟ ۽ ميڊيا جا سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڦيرا (Variables) ڪيئن ظاهر ٿين ٿا؟ انهن سڀني ڳالهين بابت اسان ڪو ٿورو ئي ڄاڻون ٿا.

ڇا اهي ”نتيجا“ ڪنهن تبديليءَ جو سبب بڻجن ٿا؟ انهيءَ جو جواب ”ها“ ۾ آهي. پر تبديلي آهستي آهستي ظاهر ٿيندي آهي. اهو شايد انهيءَ ڪري جو فردن ۽ قومن جي خواهشن جو تبديليءَ جي عمل ۾ عمل دخل رهي ٿو. قومن جي ثقافت ۽ سماجي حيثيت به اهڙن ”نتيجن“ کي ڦيرايو ڇڏي ۽ سست يا چست ڪيو ڇڏي ۽ اهو ميڊيا جي مختلف اڀارن (Stimuli) تي ٻڌل هوندو آهي. ميڊيا جا ماهر ۽ محقق هن ڳالهه تي سهمت آهن ته ”ميڊيا“ جا ماڻهن تي اثر ضرور پون ٿا ۽ انهن ماڻهن تي به ان جا اثر ڏٺا ويا آهن، جيڪي ميڊيا ڏانهن گهڻو متوجهه به نٿا ٿين. هي انساني فطرت آهي ۽ عجيب فطرت آهي، ڇو جو ڪو به فرد جڏهن ڪا ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ته اهو لازمي نه آهي ته هو ان تي اعتقاد ۽ اعتبار به ڪري ۽ اعتقاد ۽ اعتبار اهڙا رويا يا اهڙيون ڪيفيتون آهن، جيڪي بنا ڄاڻ جي به اختيار ڪيون وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو آهي، جنهن تي نه اعتبار هوندو آهي نه اعتقاد. ماهرن لفظ ”نتيجا“ يعني (Effects) کان وڌيڪ (Interaction) اصطلاح کي ميڊيا جي تحقيق لاءِ سٺو ڄاڻايو آهي. هن کي ميڊيا ۽ انسان جي اهڙي سٻنڌ طور استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جنهن سان ٻئي هڪٻي جي اثرن ۽ نتيجن کان متاثر ٿين ٿا.

ميڊيا جي مختلف حصن جو الڳ الڳ ميدان آهي. اخبارن جو الڳ ميدان آهي، ريڊئي جو الڳ ميدانآهي، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جو الڳ الڳ ميدان آهي ۽ اهي سڀ پنهنجن ڏسندڙن، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙن تي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي ماحول مطابق اثر ڇڏين ٿا.

برنارڊ برلسن چيو آهي ته ”ڪميونيڪيشن“ جا ڪي قسم، ڪن قسمن جا معاملن تي، ڪن ماڻهن جي ڏنل توجهه سان، ڪن قسمن جي حالتن هيٺ، ڪيترن ئي قسمن جا ”اثر“ ڇڏين ٿا.

ماس ميڊيا جا نظريا ۽ ميڊيا جو استعمال

ماس ميڊيا کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ پرنٽ ميڊيا، ٻيو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ٽيون نيٽ ميڊيا. توڙي جو نيٽ کانسواءِ ڪن مشرقي ماهرن ”لوڪ ميڊيا“ کي ٻه اهم ۽ اثرائتو ميڊيم ڄاڻايوآهي، پر هن کي في الحال هتي بحث هيٺ ڪو نه ٿا آڻيون.

پرنٽ ميڊيا ۾ اخبارون طاقتور ميڊيم جي حيثيت رکن ٿيون ۽ اليڪٽران ميڊيا ۾ سئٽلائيٽ ٽي وي چئنلن کي اهميت حاصل آهي ۽ نيٽ ميڊيا سڀني ميڊيا جي ميڊيا آهي. يعني انٽرنيٽ نه صرف خود ميڊيا آهي پر ٻين ميڊيا جي سهڪاري ميڊيم طور به ڪم ڪري رهي آهي. هن کي انگريزي ۾ Media of the Media چيو ويو آهي.

ماس ميڊيا جي اثرن ۽ سماجي تبديلين بابت ڪيترائي نظريا موجود آهن، جن جا موجد سماجي نفسيات جا ماهر ۽ ماس ڪميونيڪيشن جا ماهر آهن.

ٽي وي کي وڌ ۾ وڌ ڏٺو ۽ ٻڌو وڃي ٿو، ڪنهن وڏي اخبار کان به ان جا مخاطب (Audience) وڌيڪ ۽ نامعلوم هوندا آهن. انهيءَ ڪري دنيا ۾ ٽي وي جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ تحقيق ٿي آهي. ٽي وي ۽ سئنيما فلم کي انساني روين ۽ لاڙن ۾ تبديليءَ جو تڪڙو ۽ مؤثر ذريعو مڃيو ويو آهي.

پرنٽ ميڊيا ۾ اخباري تجزيا ۽ خبرون گهڻو ڪري ووٽن جي زماني ۾ اثرانداز ٿين ٿيون، جن سان پڙهندڙ عين وقت پنهنجي راءِ تبديل ڪندا آن، توڙي جي برادري، راڄ ڀاڳ ۽ پارٽي وابستگين کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر خاموش اڪثريت جو 20 سيڪڙو اخباري اثر هيٺ ئي فيصلو ڪري ٿي. انٽرنيٽ گهڻ رخي ميڊيا آهي، اهو استعمال ڪرڻ واري تي ٻڌل آهي ته هو هن جو ڪهڙو ۽ ڪئين استعمال ڪري ٿو.

اسڪرين ميڊيا ڏسڻ سان تعلق رکي ٿي، جنهن ڪري ڏسڻ وارو ان ۾ ”پاڻ گم ٿيڻ“ واري عمل مان گذري ٿو ۽ هن ۾ پنهنجو عڪس ڳولي ٿو. انساني فطرت جي تشڪيل به ڪجهه ائين ئي آهي، جو ڪو ٻيو ڪيترو به سچ چوندو هجي، پر پنهنجي ڏٺي کان مڙئي، هُن تي گهٽ اعتبار ڪندو.

ماس ميڊيا جي استعمال بابت جن ماهرن پنهنجا نظريا پيش ڪيا آهن، انهيءَ ۾ ٻن مڪتب فڪر جا ماهر شامل آهن. هڪڙا عملي سوچ وارا (Functionalist) آهن ۽ ٻيا نقاد (Critical) چورائين ٿا.

پهرين فڪري دڙي جو خيال آهي ته ميڊيا جو سماجي جوڙڪ ۾ وڏو عمل دخل آهي، سماج ۾ استحڪام ۽ مفاهمت کي برقرار رکڻ يا ان کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ ۾ هن جو اهم ڪردار آهي. انهيءَ نظرئي وارا سماج ۾ طاقت ۽ تضاد واري سوال کي نٿا مڃين. انهن جو خيال آهي ته سماج جي مختلف طبقن ۾ چٽا ڀيٽي پيدا ڪرڻ لاءِ ”ميڊيا“ جي آزاديءَ سان گڏ آزاد ۽ صاف ماحول جو هئڻ ضروري آهي. اهڙي عمل سان طاقت جو توازن خود به خود برقرار رهندو آهي ۽ ڪا به خاص ڌر طاقت جو سرچشمو نه بڻبي آهي، ڇو جو آزادي واري ماحول ۾ سڀني طبقن کي طاقت ۽ غلبي جا هڪجيترا موقعا ملندا آهن، جنهن سان طاقت ۽ غلبو ڪنهن هڪ ڌر وٽ هئڻ بجاءِ سڀني طبقن ۾ برابر ورهائجي ويندو آهي ۽ اهڙي ورهاست سماج ۾ استحڪام جي ضامن هوندي آهي.

ٻئي دڙي (Critical) جو خيال آهي ته سماج ت غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ سماج جي سڀني طبقن ۾ جڏهن جدوجهد شروع ٿيندي آهي ته آزاد ۽ صاف ماحول جي گنجائش گهٽجي ويندي آهي، ڇو جو اوچو طبقو طاقت جو توازن هر حال ۾ پنهنجي پاسي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ”ماس ميڊيا“ جيئن ته انهي اوچي طبقي جي ضابطي هيٺ هوندي آهي، انهيءَ ڪري اُها انهي اوچي طبقي لاءِ ڪم ڪندي آهي ۽ انهيءَ طبقي جي نظرين جو پرچار ڪندي آهي.

نتيجن بابت نظريا

ماس ميڊيا جي نتيجن (Effects) بابت نظرين (Theories) جو دائرو وسيع آهي. هن حوالي سان اسان کي ٽن سوچن وارا مختلف نظريا ملن ٿا. هڪ نظرئيءَ جو پيشڪار مئري ون آهي، جنهن ٽيليويزن جي پروگرامن تي ڊگهي تحقيق کان پوءِ هي نظريو پيش ڪيو ته ”ٽيليويزن“ هڪ نشو (Drug) آهي. جيڪو ماڻهن کي ٽي وي ڏسڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. يعني جهڙي طرح موالي جيستائين چڪو پي نه وٺي يا سوٽو هڻي نه وٺي تيستائين هن کي سڪون نه ايندو آهي، اهڙي طرح ٽي وي ڏسڻ وارو جيستائين ڪجهه وقت ٽي وي اڳيان نه ويهي تيستائين هن جي ٻاڙ پوري نه ٿيندي آهي.

جوزف ڪلپر ٻئي نظرئي جو خالق آهي، هن ميڊيا ۽ روايتن بابت ڪيل پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ميڊيا پراڻن لاڙن، عادتن، اعتقادن ۽ روايتن کي ٻيهر ڪاميابي سان، سماج ۾ لاڳو ڪري سگهي ٿي.“

ٽين نظرئي کي مختلف ماهرن تسليم ڪيو آهي ۽ انهيءَ نظرئي کي پيش ڪندڙ ڪو هڪ ناهي پر سماج ۽ ماس ميڊيا جي حوالي سان تحقيق ڪندڙ مختلف ماهر آهن. هنن ماهرن ”ميڊيا ۽ ماڻهن ۾ هن آهنگي (Interaction) ۽ ڳالهه ٻولهه (Negotiation) وارو نظريو“ پيش ڪيو. هنن جو چوڻ آهي ته ميڊيا جا نتيجا (Effects) ۽ متن (Content) هڪٻي سان جڙيل آهن ۽ ٻنهي لاءِ وري به ٻڌندڙن، ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوي ٿي، يعني جڏهن نتيجن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي ته عوام ڏانهن رجوع ڪيو ويندو آهي، ساڳي نموني پروگرامن ۽ مواد جي چونڊ لاءِ به عوام ڏانهن رجوع ڪيو ويندو آهي.

ميڊيا جا سڀ نظريا ميڊيا جي متن سان تعلق رکڻ ۽ اهو متن پروگرامن جي شڪل ۾ هجي، خبر جي شڪل ۾ هجي يا تجزين ۽ رپورٽن تي مشتمل هجي، انهيءَ متن جا عام راءِ، لاڙن، ترغيب، اعتماد، اعتقاد ۽ ٻين سماجي روين تي اثر پون ٿا.

هي نظريا گهڻو ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان ٿيل ڊگهي تحقيق جي روشني ۾ سامهون آيا آهن. پر ڪي نظريا صرف قياس آرائي ۽ ذاتي تجربن تي بنياديل آهن. تحقيق جو دائرو گهڻو ڪري ”تشدد“ رهيو آهي، جيڪو فلمن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ انهيءَ تشدد جا ٻارن ۽نوجوانن تي جيڪي اثر پيا، يعني انهيءَ جا جيڪي ”نتيجا“ نڪتا؟ اهو انهيءَ تحقيق جو مک عنوان هو.

ٻي وڏي تحقيق مهوري سماجن ۾ ووٽرن جي رويي (Voter behavior) تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ ميڊيا جي پروپئگنڊا جا ووٽرن تي پيل اثر معلوم ڪيا ويا.

خاندان، گهر اسڪول، ڳوٺ، آفيسرن ۽ ساڳي پيشي وارن فردن تي ميڊيا جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا، هن پاسي تمام گهٽ بلڪل اڻ لکي تحقيق ٿي آهي. اڀار (Stimulus) جا تجربا به لئبارٽرين ۾ ڪيا ويا آهن، جن ۾ مڪينيڪل ٽيسٽ کي آزمايو ويو ۽ ٽيسٽ کان اڳ ۽ ٽيسٽ کان پوءِ جي روين کي نوٽ ڪيو ويو. هنن ٽيسٽن جو اڳتي ذڪر ايندو، جن مان ”ميڊيا“ جي نتيجن کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.

محدود نتيجن وارو نظريو

جيئن پوئين عنوان ۾ پڙهي آياسون ته جوزف ڪلپر ۽ هن ڌڙي جي ٻين ماهرن جو خيال آهي ته ميڊيا روايتن، لاڙن، اعتقادن ۽ پراڻن روين کي ٻيهر لاڳو (Reinforce) ڪري سگهي ٿي ۽ هو وڌيڪ چون ٿا ته ”ميڊيا“ جا پروگرام عام ماڻهن ۾ انهيءَ ڪري مقبوليت ماڻين ٿا، جو اهي انهن ماڻهن جي روايتن ۽ مروج سماجي قاعدن کي اهميت ڏين ٿا ۽ انهن روايتن کي باقي رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

هنن ماهرن جي مقابلي ۾ لازرس ۽ مرٽان چون ٿا ته ”انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ته ماس ميڊيا سماجي تبديليءَ لاءِ ڪم ڪري ٿي ۽ هن سان ڪنهن به قسم جي ڪا وڏي تبديلي اچي ٿي.“

سستي وارو نظريو

ماس ڪميونيڪيشن جي چند ماهرن وان، مرٽان ۽ لازرس جو خيال آهي ته ”ماس ميڊيا“ هڪ ”نشو“ آهي ۽ اها پنهنجي مخاطبن کي نشي جي عمل مان گذار ٿي، جنهن سان مخاطب جا اصل مسئلا توجهه ۽ ويچار کان هٽ وڃن ٿا ۽ هن عمل سان ماڻهو ڪجهه ڪرڻ يعني عملي جدوجهد کان روڪجي وڃن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته ”ماس ميڊيا“ ماڻهن کي ڀنگورو بڻائي، انهن ۾ سستي، ڪاهلي ۽ فخر وارو احساس پيدا ڪري ٿي.

ڄاڻ ۽ تفريح جو ڇيڪ وهڻ ماڻهن کي متحرڪ (Energize) ڪرڻ بجاءِ انهن کي نشائي (Narcotize) بڻائي ٿو. انهن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڪيفيت جو شڪار گهڻو ڪري عام ماڻهو ٿين ٿا، جو اهي ئي ٽي وي، ريڊئي ۽ اخبار کي گهڻو وقت ڏين ٿا ۽ انهيءَ ڪري اهي ڪنهن به منظم عمل (Organized action) ۾ تمام گهٽ حصو وٺي سگهنا آهن.

اهي ماڻهو گهڻو ڪري وچين طبقي يا اوچي وچين طبقي سان تعلق رکن ٿا، جيڪي ميڊيا ۾ اهڙي نموني دلچسپي وٺن ٿا، جنهن سان انهن ۾ ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ“ ۽ ”سرور ماڻڻ“ واري عمل هيٺ ”فخر“ واري ڪيفي پيدا ٿئي ٿي ۽ اهي ”خوش فهمي“ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. انهن ۾ ”ڪو فيصلو ڪرڻ“ يا ”ڪنهن فيصلي تي عمل ڪرڻ“ وارو جذبو گهٽجي وڃي ٿو. نه رڳو اهو پر اهي روزانو پيدا ٿيندڙ مسئلن کي پرکڻ ۾ غلطي ڪندا آهن ۽ انهن مسئلن جي حل ڏانهن به انهن جو رويو صحيح نه هوندو آهي.

هي نظريو 1948ع ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن ويٽنام واري جنگ جي خاتمي ۾ ميڊيا جي ڪردار بابت آمريڪي عوام ۾ سروي ڪيو ويو ۽ ٻيو صدر نڪسن جي ووٽر گيٽ اسڪينڊل ۾ ميڊيا جي ڪردار بابت تحقيق ڪئي وئي ۽ آمريڪي عوام کان هن اسڪينڊل بابت راءِ ورتي وئي.

ماس ميڊيا جي هن ڪاهلي ۽ سستي واري نظرئي کي ويجهو هڪ ٻيو نظريو به سامهون آيو هو، جنهن کي ”ٿڌن جذبن وارونظريو“ چيو ويو، سيمائر هن نظرئي جو بانو هو. هن نظرئي جي حق ۾ دليل ڏيندي هن چيو ته ”ماس ميڊيا“ جي اثرن سان ماڻهن جا جذبا ٿڌا ٿي وڃن ٿا، جنهن جو هاڪار نقطو اهو آهي جو اهي ماڻهو ڪيترن ئي سماجي براين، اڻ پورين خواهشن کي هر حال ۾ حاصل ڪرڻ واري تڙپ، فرسٽريشن، جاهراڻي احساس ۽ رويي کان پاڪ ٿي وڃن ٿا.

انهيءَ دليل کي ثابت ڪرڻ لاءِ ”سيمائر“ لئبارٽري ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف طبقن ۽ پيشي وارن ماڻهن کي مختلف تجربن مان گذاريو ويو. هنن تجربن لاءِ ”تجرباتي گروپ“ جوڙيا ويا. هڪ تجرباتي گروهه کي ”وحشاڻي باڪسنگ“ ميچ جي فلم ڏيکاري وئي ۽ ٻي گروپ کي ويڙهه ۽ تشدد کان پاڪ فلم ڏيکاري وئي. ٻئي فلمون ڏيکارڻ کان پوءِ ٻنهي گروپن کان پنهنجي پنهنجي تجربن بابت راءِ ورتي وئي، جنهن گروپ وحشياڻي باڪسنگ ميچ واري فلم ڏٺي هئي، ان ۾ جارحاڻو رويو گهٽ نوٽ ڪيو ويو ۽ جن ڪنٽرولڊ فلم ڏٺي هئي، انهن ۾ جارحاڻو رويو پهرين گروپ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نوٽ ڪيوويو. يعني فلم جي ”تشدد“ پهرين گروپ جي جذبن کي ٿڌوڪري ڇڏيو هو.

ليئونرڊ هڪ ٻيو لئبارٽري تجربو ڪيو، جيڪو مٿئين تجربي کان مختلف هو. هن تجربي ۾ شاگردن حصو ورتو. شاگردن جا ٻه گروپ بڻائي انهن کي مٿيون مذڪوره فلمون ڏيکاريون ويون، يعني هڪ گروپ کي جارحاڻي تشدد واري باڪسنگ فلم ۽ ٻئي گروپ کي ”ڪنٽرولڊ فلم“ ڏيکاري وئي، پوءِ فرضي بوتن يعني ڪميپوٽر تي باڪسنگ فلم واري جارحاڻي ڪردار ۽ عام فلم جي سٺي ڪردار کي بجليءَ جون شاڪون هڻڻ لاءِ چيو ويو، ڪمپيوٽر جي نوٽ ڪيل ڊيٽا موجب باڪسر کي وڌيڪ شاڪون لڳل هو. يعني تشدد سان ڀرپور ڪردار خلاف نفرت موجود هئي. ليئونرڊ هن بنياد تي چيو ته ”باڪسنگ واري فلم“ شاگردن ۾ جارحاڻو رويو وڌايو آهي.

هڪ ٻئي تجربي ۾ 10 کان 13 سالن جي ٻارن کي هڪ جارحاڻي فلم ڏيکاري وئي، جنهن ۾ ڏوهي کي سزا بجاءِ جزا ڏني وئي هئي، يعني انعام طور انهي ڪردار جي همٿ افزائي ۽ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، پوءِ ٻارن کان هڪ سوالنامو ڀرايو ويو، جنهن ۾ ”ريٽنگ“ تشدد ڏانهن وڌيل هئي. يعني ٻار به ائين ڏوهه ڪري همٿ افزائي ۽ عزت افزائي حاصل ڪرڻ چاهين پيا.

پاڪستاني ۽ انڊين فلمن ۾ به تشدد جي عمل کي اڀاريو ويندو آهي ۽ آخر ۾ ”هيرو“ جڏهن ڏوهارين جي آمهون امهون ٿيندو آهي ته ”پوليس ۽ جج“ جون ذميواريون پاڻ نڀائيندو آهي ۽ ڏوهارين کي تشدد ذريعي سزا ڏيندو آهي، انهن مان ڪن کي قتل ڪندو آهي ته ڪن کي ماري ماري اڌ مئو ڪندو آهي ۽ اهڙ: صفائي کان پوءِ ڏيکاريو ويندو آهي ته پوليس پهتي آهي، جيڪا زخمي ”ولين“ کي هٿ ڪڙي هڻي وٺي ويندي آهي. فلم ۾ ڏيکاريل هي رويو ”قانون“ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ واري جذبي کي اڀاريندو آهي ۽ ڏوهارين کي ڪنهن قانوني عمل مان گذارڻ کانسواءِ، انهن کي سزا ڏيڻ جي ترغيب ڏيندو آهي. اهڙي رويي جو ٻارن تي گهرو اثر پوي ٿو.

اسان جي سماج ۾ به انهيءَ رويي جو مظاهرو ڪيو ويو هو ۽ اخبارن ۾ ڌاڙيلن کي ”هيرو“ بڻايو ويو، ڌاڙيلن تي جتيڪي فلمون ٺهيون، انهن ۾ ڌاڙيلن کي ”مثبت ڪردار“ وارو ڪري پيش ڪيو ويو، نتيجي ۾ ڌاڙيلن جي مرڻ تي ماڻهو اجرڪون کڻي تڏي تي پهچندا هئا. ميڊيا جي هن عمل ڌاڙيل پيدا ڪيا ۽ نيٺ اهو وقت به آيو جو سڄي سنڌ”ڌاڙيل ڪلچر“ جو شڪار ٿي وئي.

فلپ شلنگر عورتن سان ٿيل ”ريپ“ ۽ تشدد واري رويي بابت ميڊيا جي ڪردار تي تجربو ڪيو. هن تجربي ۾ هڪ اهڙي فلم استعمال ڪئي وئي جنهن ۾ عورتن سان ”ريپ“ ۽ تشدد واري عمل کي وڏي اهميت سان پيش ڪيو ويو. تجربي جي نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته سماج ۾ عورتن سان ڏاڍايون اهڙين فلمن ڪري وڏن ٿيون، جن ۾ رپ ۽ تشدد جا واقعا ڏيکاريا وڃن ٿا.

ساڳي موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ٻه وڏا ڀانيا (Hypotheses) موجود آهن. هڪ ”اخبارون ۽ سئٽلائيٽ چئنل جي منفي رپورٽنگ ڪري سنڌ ۾ ريپ جا ڪيس وڌا آهن؟ ۽ ٻيو ”اخبارن ۽ سئٽلائيٽ چئنلن غير ذميوار رپورٽنگ ڪري نوجوان ڇوڪرين ۾ خاندان بغاوت جو رجحان وڌايو آهي.“ اهي ٻه فرض ڪيل سوال آهن، جن جا جواب اسان ”ميڊيا“ جي رپورٽ تي تحقيق ڪري حاصل ڪري سگهون ٿا.

اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته ”ميڊيا“ تي ”عورتن“ يعني صنف نازڪ تي وڌيڪ توجهه ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ سرڪاري تقريب هجي يا سياسي جلسو ۽ جلوس ويندي اسيمبلي ميمبرن ۾ به ”عورتن“ کي وڌيڪ ڪوريج ڏني وڃي ٿي ۽ مختلف ڪئپشن“ لڳائي، انهن جا فوٽو ۽ مختلف انداز جاري ڪيا وڃن ٿا. مثلاً ”اسيمبليءَ ۾ ويٺل حڪومتي ڌر جون ميممبر عورتون“”ڪاونوڪيشن ۾ ويٺل ڪجهه شاگردياڻيون“، ”جلسي ۾ شريڪ ڪجهه ناريون“ جهڙن عنوان سان اسان کي ڏيک ۽ فوٽو ملندا آهن. شايد انهيءَ ڪري جو اجتماعتي طور اسان جو سماج ”سيڪس فرسٽريشن“ جو شڪار آهي، ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙن ۾ به مردن جو تعداد وڌيڪ آهي، جيڪي اهڙي رويي کي هن فرسٽريشن واري پس منظر ۾ اڀارين ٿا ۽ اهو رويو آفيسن، پارڪن، هوٽلن ۽ يونيورسٽين ۾ به نظر ايندو، جتي مردن جون نظرون ڀؤنر وانگر ”گلن“ تي ڀُري رهيون هونديون آهن ۽ پروفيسر صاحب کي به ”نياڻين“ جي تعليم واري ڳڻتي سمهڻ نه ٿي ڏئي ۽ صاحب وٽ پي اي يا اسٽينو ڇوڪري هئڻ گهرجي نه ته ادارو يا ڪمپني خساري ۾ ويندي!!.

ميڊيا جا وقتي نتيجا

ڪميونيڪيشن ماهر الڊائوس هوڪسلي ميڊيا جي نتيجن (Effects) بابت هڪ نئون نظريو پيش ڪيو، هن چيو ته ”ميڊيا“ ماڻهن کي ڪيتريون ئي شيون ”پڙهائي“ ٿي. (To educate them) پر انهيءَ پڙهائي (Education) جو اڪثر ڪو نتيجو نه نڪرندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن جو اهو مطلب نه آهي ته ماڻهو ميڊيا جي ”متن“ (Text) کان متاثر نٿا ٿين، پر گهڻو ڪري اِهي انهيءَ کي غير اهم سمجهندا آهن، جڏهن ته اُهو متن غير اهم نه هوندو آهي. اهڙي متن ۾ هو فيش، طور طريقن، کاڌي کائن ۽ ڳالهائڻ جي سليقن کي شمار ڪري ٿو.

شرام، ليلي ۽ پارڪر ٻارن تي ٽيليويزن جي نتيجن بابت هڪ تحقيق ڪئي، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته ”ميڊيا ٻارن تي وقتي اثر ڇڏي ٿي، جيڪي بعد ۾ ختم ٿي ويا، هن جو سبب ٻارن جي عمر هئي، يعني اهي اڃا انهيءَ عمر تي ئي ڪو نه پهتا هئا، جنهن عمر ۾ اهي مڪمل طور اثر قبول ڪري سگهيا ٿي.

ميڊيا جو تسڪين وارو نظريو

50 ۽ 60 وارن ڏهاڪن ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي ماهرن طرفان نظرين جي حوالي سان وڌيڪ ڪم ٿيو. خاص ڪري اليهو، ڊينس ۽ مچل اڳتي اڳتي هئا، هنن ميڊيا جي استعمال بابت تسڪين وارو نظريو متعارف ڪرايو.

تحقيق ۾ مخاطب (Audiences) مک نقطو هئا، پهريان انهن کان پڇيو ويو ته اهي ”ميڊيا“ کي ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ انهيءَ استعمال سان انهن کي تسڪين (Gratification) ڪئين ملي ٿي؟ هنن ماهرن اهي سوال ”ماس ميڊيا“ جي نتيجن (Effects) کي مخاطب (Audiences) جي ضرورتن ۽ سرگرمين سان ڳنڍڻ لاءِ پڇيا هئا.

هي نظريو ٽن اهم ڳالهين تي آڌاريل آهي، پهريون خاطبن ۾ ”ميڊيا“ جي چونڊ جو رجحان، ٻيو ان ميڊيا کي حاصل ڪرڻ جو طريقو ۽ ذريعو ۽ٽيون ميڊيا ۾ ڏنل مواد (Text) بابت انهن ماڻهن جو ردعمل.

هن نظرئي جا ٻه مفروضا هئا، پهريون هي هو ته ”مخاطب بطور هڪ فرد جي ”باخبر“ هوندو آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته هن کي ڪهڙو چئنل يا پروگرام ڏسڻو آهي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ سان انهي جي چونڊ ڪندو آهي. ٻيو مفروضو هو ته ”مخاطب ميڊيا کي صرف وقتي تسڪين لاءِ استعمال ڪن ٿا.“

هن نظرئي لاءِ هنن هڪ خاڪو پيش ڪيو، جيڪو هيٺين طرح آهي.

 

 

هن کي ماس ميڊيا بابت سڪين واري نظرئي جو ماڊل به چيو ويندو آهي.

ميڊيا جو مڙهيل نظريو

جارج گربنرس آمريڪي ٽيلويزن جي پروگرامن بابت ڊگهي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترائي سال ٽي وي پروگرمان جو موادي تجزيو (Content Analysis) ڪيو.

جارج ۽ هن جي ساٿين چئن نقطن کي تحقيق جي دائري ۾ آندو. هڪ نقطو جنسي فرق يعني عورتن بابت ٽي وي پوگرامن ۾ ڪهڙا رويا پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ مردن بابت ٽيلويزن پروگرمان ۾ ڪهڙو مواد شامل ڪيو وڃي ٿو، ٻيو وڳوڙن بابت مواد کي شامل ڪيو ويو، ٽئين ۽ چوٿين نقطي ۾ ڪٽنب ۽ ٿورائي وارن طبقن (Minorities) کي شامل ڪيو ويو.

ٽي وي پروگرامن ۾ انهن مٿين نقطن بابت پيش ڪيل مواد کي گڏ ڪري، آمريڪي سماج جي حقيقي روين ۽ لاڙن سان ان کي ڀيٽيو ويو. هن تجزئي مان هي نتيجو ڪڍيو ويو ته مذڪوره چئن نقطن بابت ٽيليويزن تي جيڪو لفظي خاڪو پيش ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪي رويا ڏيکاريا وڃن ٿا، اهي آمريڪي سماج ۾ موجود ئي نه آهن.هنن ماهرن انهي رويي کي ”مڙهيل رويو“ قرار ڏنو، انگريزيءَ ۾ هن رويي لا3 هنن (Cultivated) لفظ ڪم آندو.

جارج ۽ سندس ساٿين هن نتيجي کان پوءِ تحقيق جو دائرو اڃا وڌايو ۽ سڄي ڪميونيڪيشن سرشتي ۽ آمريڪا جي سماجي جوڙجڪ کي بحث هيٺ آندو، آخر ۾ هو جنهن نتيجي تي پهتا اهو هي آهي:

“Television was seen as the arms of the Industrial and military establishment, an agent of social control”

ميڊيا جا ٽيڪنيڪل نتيجا

مارسل مڪلوهن ميڊيا جي متضاد نتيجن (Effects) بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته “The Medium is massage” .

مارشل جو خيال آهي ته پروگرامن جو عنوان ڪهڙو به هجي، پر ماڻهو ٽيليويزن ضرور ڏسن ٿا ۽ جيترو ٽيليويزن ماڻهن کي متوجهه ڪري ٿي، اهڙو ڪو ٻيو ”ميڊيم“ نٿو ڪري.

هن خبردار ڪيو ته جيئن ڪنهن اونداهي دؤر ۾ ڪو ”پيغمبر“ اچي سماج جي نئين جوڙجڪ ڪندو هو ۽ هو ان وقت هڪ نئين تهذيب جنم وٺندي هئي. اهڙي طرح هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا به انساني تهذيب جي نئين جوڙجڪ ڪري رهي آهي ۽ نتيجي ۾ هڪ نئين تهذيب اسري رهي آهي.

مارشل جو خيال هو تهاها تبديلي ميڊيا جي مواد (Content) جي ڪري نٿي اچي، پر خود ٽيليويزن، ڪمپيوٽر، مووي يا ڪنهن ٻي اهڙي شيءِ سان اچي ٿي، يعني تبديلي هڪ ”اليڪٽريڪل اوزار“ جي ڪري ظاهر ٿئي ٿي ۽ اهي اوزار ئي نئين تهذيب سازي ڪري رهيا آهن.

هن پنهنجي ظرئي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ”ماس ميڊيا“ نه خراب آهي نه سٺي، پر هن کي اهي پراسرار (Mystical) اوزار سٺو يا خراب بڻائين ٿا ۽ انهن اوزارن جي ڪري ماڻهن جي سوچ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ تبديلي اچي ٿي.

شهري زندگيءَ ۾ انهن نتيجن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيڪي مارشل پيش ڪيا آهن، ٽيليويزن، ڪمپيوٽر ۽ نيٽ ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جون ريتون رسمون بدلجي ويون آهن، ماڻهن ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ جا وقت ۽ عادتون بدليون آهن. اٿڻ جا وقت تبديل ٿيا آهن، پوشاڪ بدلي آهي.

مارشل جي نظرئي کي انهي ڳالهه سان به هٿي ملي ٿي ته ماڻهو گهڻو ڪري ٽيليويزن ڪنهن خاص پروگرام کي ڏسڻ لاءِ نه کوليندا آهن، پر ٽي وي کولڻ کان پوءِ جيڪو به پروگرام هلي رهيو هجي، هو اهو ڏسندا رهندا آهن، اصل ۾ ٽي وي کي کلڻ ضروري هوندو آهي ۽ دير تائين هن جي سامهون ويهڻ ۽ وقت صرف ڪرڻ هاڻ ماڻهن جي عادت بڻجي چڪي آهي، اهو سبب ڪجهه ٽائيم ٽيبل جوڙي ٽي وي پروگرام ڏسڻ لاءِ نه ڪيو ويندو آهي، پر اهو هڪ رويو آهي، جيڪو ٽيليويزن جي مشين اچڻ کان پوءِ ظاهر ٿيو آهي.

ميڊيا جا لاشعوري نتيجا

”ميڊيا جا ميڊيا تي اثر“ لاشعوري نتيجن جو بنياد آهي. ماس ڪميونيڪيشن ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ فرد ۽ ماهر هڪٻئي جي خيالن ۽ روين جو جائزو وٺندا رهندا آهن. هڪ اخبار يا ٽي وي چئنل جو عامل صحافي جنهن واقعي جي رپورٽنگ ڪري چڪو هوندو آهي، پنهنجي نشر يا شايع ٿيل رپورٽنگ جو جائزو وٺندو آهي ۽ ساڳي وقت ڪنهن ٻي اخبار يا ٽي وي چئنل خاص ڪري مقابلي واري صورت ۾، ساڳي واقعي بابت رپورٽنگ جو به جائزو وٺندوآهي. هو ڏسڻ چاهيندو آهي ته منهنجي رپورٽنگ جي ڀيٽ ۾ ٻي عامل صحافي هن واقعي کي ڪئين رپورٽ ڪيو آهي؟

گهڻو ڪري نئين اخبار، مارڪيٽ ۾ موجود ڪنهن ڪامياب اخبار جي ڪاپي ڪندي آهي، ۽ نئون ٽي وي چئنل به وقت جي وهڪري ۾ وهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. چئنل انتظاميا ٻين چئنلن جو جائزو وٺي، انهن مطابق ڪنهن ٿوري گهڻي ترميم سان پنهنجي نئين چئنل جي نشريات شروع ڪندي آهي. اڪثر اخبارون لي آئوٽ ۽ ميڪ اپ ۾ هڪ جهڙيون نظر اينديون آهن ۽ ٽي وي چئنل موسيقي ۽ ٻين تفريحي توڙ: معلوماتي پروگرامن ۾ به هڪجهڙا نظر انيدا آهن. اهڙي نموني پراڻي ميڊيا به نئين ميڊيا جا اثر قبول ڪندي آهي ۽ پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

اهي ”ميڊيا جا ميڊيا تي اثر“ آهن، جن کي لاشعوري نتيجا (Effects) چيو ويندو آهي.

تعليم تي ماس ميڊيا جا نتيجا

ماس ميڊيا جي ٽن بنياد ڪمن ۾ تعليم ڏيڻ (To Educate) به هڪ آهي. پر مختلف اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان باقاعدي تعليمي نشريات به شروعڪئي ويندي آهي، جنهن جو مقصد تعليم ڏيڻ هوندو آهي ۽ هن سرشتي کي ”فاصلاتي تعليم“ ۾ شمار ڪيو ويندو.

پاڪستان ۾ پي پي پي جي پهرين حڪومت (77-1971ع بالغن لاءِ تعليمي سلسلو شروع ڪيو هو ۽ ان وقت سرڪاري ميڊيا تي سنڌي سيکارڻ جو تعليمي پروگرام به شروع ڪيو ويو هو ۽ اهي ٻي رٿائون اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي لاڳو ڪيون ويون هيون. بالغن جي تعليم ميڊيا کانسواءِ عام اسڪولن ۽ پاڙن ۾ به شروع ڪئي وئي هئي.

انهي کانسواءِ پي پي پي سرڪار طرفان ”پيپلز اوپن يونيورسٽيءَ“ جو بنياد به وڌو ويو هو. جنهن کي فاصلاتي تعليم جو ”ٽاسڪ“ ڏنو ويو هو، اها يونيورسٽي پوءِ مارشل لا دؤر ۾ ”علامه اقبال اوپن يونيورسٽي“ سڏجڻ لڳي. هن يونيورسٽيءَ جا ڪلاس به ريڊئي ۽ ٽي وي تي هلايا ويندا هئا.

مارشل لا دؤر ۾ ٻوڙن ۽ گونگن لاءِ ”اشارون کي زبان“ اردو عنوان سان تعليمي پروگرام شروع ڪيو ويو هو ۽ ”قرآني تعليم“ جو پروگرام به هلندو هو، جنهن ۾ ٻارن کي قرآن پاڪ صحيح تجويد سان پڙهايو ويندو هو.

هن وقت پاڪستاني ٽي وي چئنل پنهنجي نشريات جو ڪيترو حصو تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن؟ اسان وٽ ڪا به مستقل ڊيٽا موجود ڪانهي.

انڊين سرڪاري چئنل ”دور درشن“ اسان جي سامهون آهي، جنهن کي تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ انڊين حڪومت طرفان تازو سائيٽ – SITE پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي. يعني Satellite Instructional Television Experiment هن تجزي ۾ هنن جو نعرو آهي ”تعليم لاءِ ماس ميڊيا“ يعني Mass Media for Education.

اسان جي ملڪ ۾ هن حوالي سان ڪهڙا تجربا ٿي رهيا آهن؟ انهيءَ بابت اڃا تائين پڌرو نه ڪيو ويو آهي. صرف پنجاب حڪومت ميڊيا تي تعليم عام ڪرڻ لاءِ اشتهاري مهم هلائي آهي. جنهن کي ”پڙھا لکا پنجاب“ جي نعري هيٺ مشتهر ڪيو پيو وڃي.

اسان اڻ پڙهيل ماڻهن کي ”خواندو“ بنائڻ لاءِ ماس ميڊيا جو ڪئين استعمال ڪيون؟ ميڊيا خواندگي (Media Literacy) مان ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ هن سلسلي ۾ به اسان ”انڊين ماڊل“ کي رائج ڪري سگهون ٿا، جتي لوڪ ميڊيا (Folk Media) کي تعليم لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ ئي ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا پيا وڃن، يعني لوڪ ميڊيا ذريعي تعليمي مقصد به حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ پنهنجي ثقافت کي به مضبوط ڪيو پيو وڃي.

انڊيا جي ٽن رياست ڪيرلا، مهاراشٽر ۽ آندرا پردش يعني پراڻي دکن رياست ۾ خواندگيءَ جا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. ساڳي وقت لوڪ ميڊيا کي سماجي براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ نوجوانن ۾ شراب نوشي کي روڪڻ، طلاق ۽ ڏاج جا مسئلا، بچت جي ترغيب، زرعي وسيلن جو صحيح استعمال ماءُ ۽ ٻار جي سنڀار ۽ خوراڪ، ڄم روڪ مهم ۽ پاڻي بچائڻ شامل آهن. هن ڏس ۾ جيڪي ”لوڪ ميڊيا“ آزمايا ويا آهن، انهن ۾ لوڪ موسيقي جون محفلون، ٽيبلو، اسٽريٽ ناٽڪ، ثقافتي ڊانسن ۽ ميلا شامل آهن. اهڙي ”ميڊيا“ کي ڏياري ۽ هولي جهڙين موقعن تي به ساڳي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

پاڪستان ۾ به ”لوڪ ميڊيا“ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، خاص ڪري سنڌ ۾ اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي جديد ترقيءَ لاءِ استعمال ڪندي انهن کي بچائي به سگهجي ٿو. پر هن سلسلي ۾ اسان جو نعرو هئڻ گهرجي. ”تعليمي لاءِ تفريح“ يعني Entertainment for education هن نعري (Slogan) کي غير سرڪاري تنظيمون ۽ سرڪاري ادارا گڏجي کڻن ته اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. خود يونيورسٽين جا ماس ڪميونيڪيشن شعبا به ”ميڊيا لٽريسي“ جو ڪو اهڙو ماڊل متعارف ڪرائي سگهن ٿا، جنهن ۾ شاگردن کي استعمال ڪري سگهجي ۽ اهي شاگرد گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن علائقن يا ڀر پاسي جي آبادي ۾ پريس ڪلبن ۽ مقامي ”ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ“ جي مدد سان، انهيءَ ماڊل کي رائج ڪن يا انهيءَ لاءِ ڪوشش ڪن. شاگردن کي اهڙا ماڊل پنهنجي ”ٿيسز“ يا ”مونوگراف“ لکڻ لاءِ به ڏئي سگهجن ٿا.

ماس ميڊيا ۽ سنڌي خاندان

سنڌي خاندانن تي ماس ميڊيا جا ڪهڙا ”اثر“ پيا آهن؟ ڪئبل ۽ سئٽلائيٽ چئنلن، نيٽ ڪيفي، گهرن ۾ نيٽ ڪنيڪشن جو پهچڻ، موبائل فونن جي ڀرمار ۽ ايف ايم ريڊيو تحقيق لاءِ ڪي مختصر عنوان آهن. ظاهر آهي، هي سهولتون گهڻو ڪري شهري سماج کي دستياب آهن. انهيءَ ڪري تحقيق لاءِ اسان ٽي شهر نموني (Sample) طور کڻي سگهون ٿا، پهريون سکر، ٻيو لاڙڪاڻو ۽ ٽيون حيدرآباد. هن لاءِ اسان جا مفروضا به عام نموني جا ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ پهريون ماس ميڊيا خانداني وڇوٽيون وڌايون آهن، ٻيو گهرن ۾ ڪچهري ۽ هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن ونڊڻ جو تذڪرو گهٽجي ويو آهي، ٽيون گهرو ۽ خانداني مسئلا گڏجي حل ڪرڻ واري رويي ۾ گهٽتائي ۽ انفرادي طور مسئلي کي حڪ ڪرڻ جو رحجان وڌيو آهي.

هڪ مفروضو اهو به ٿي سگهي ٿو ته ”نيٽ ميڊيا“ جي اچڻ سان ٽي وي پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي، نوجوان هاڻ پنهنجو گهڻو وقت ڪمپيوٽر ۽ نيٽ کي ڏين ٿا، جيڪو وقت هنن ٻين مصروفيتن مان ٽي وي لاءِ بچائي رکيو هو اهو هاڻ ”نيٽ ميڊيا“ تي صرف ٿي رهيو آهي.

پنجون مفروضو اهو ٿي سگهي ٿو ته ”ٽي وي جي ڪاروباري استعمال، ڳوٺاڻي زندگي ۽ ثقافت کي متاثر ڪيو آهي، ماڻهو چانهه جي هوٽلن تي ڊش يا ڪئبل ذريعي سڄو ڏينهن سئٽلائيٽ نشريات ڏسن ٿا، جنهن سان ٻنين ۽ زرعي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهٽجي ويو آهي، ثقافتي محفلون رڪجي ويون آهن، سُستي وڌي آهي ۽ ماڻهون غير سياسي (De-Politicize) ٿي رهيا آهن.“

ڇهون مفروضو هي آهي ته ڪئبل نيٽ ورڪ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ پهچڻ سان جنسي جڙواڳي جو سبب بڻيو آهي، اڌ پڙيل يا اڻ پڙهيل سماج ۾ حد کان وڌيڪ ”روشن خيال“ انهن کي مقدار کان وڌيڪ (Over-dose) ’روشن خيال‘ بڻايو آهي.“

ميڊيا جي رٿابنديءَ لاءِ اسان وٽ ڪو به انتظام نظر نٿو اچي، ميڊيا جو استعمال ڪئين ڪجي؟ پروگرامن جو مواد (Text) ڪهڙ: قسم جو هجي؟ اسان کي مغربي سماج جي تقليد ڪرڻ گهرجي يا انڊين فلمن جي، جڏهن ته ”انڊين فلم ڪلچر“ اتان جي حقيقي ڪلچر جي نمائندگي نٿو ڪري. انڊيا جا سئٽلائيٽ چئنل اسان تي ثقافتي يلغار ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. ڇا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ ”ثقافتي سئٽلائيٽ چئنل“ جي واقعي ضرورت آهي؟

سڀني سماجن ۾ اهڙا تحقيقي پراجيڪٽ هلي رهيا آهن جن ۾ ”ميڊيا ۽ ماڻهو“ جي ناتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، اسان اڃا گهڻو پوئتي آهيون.

”ماس ميڊيا ۽ ماڻهو“ جي حوالي سان ٿيل تازيون تحقيقون اسان جائزي لاءِ هتي پيش ڪريون ٿا، جن مان اسان کي اتهاس ملي سگهي ٿو.

بنگلاديش ۾ ”ٽي وي جي هاڪاري اثرن“ تي سروي ڪيو ويو آهي، جنهن جو تت هي آهي ته ”ماس ميڊيا“ خاص ڪري ٽي وي خاندانن کي ڳنڍيو آهي، اڳي اهي گهرن ۾ ايترو گڏجي نه ويهندا هئا، جيترو ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ هنن گڏ ويهڻ شروع ڪيو آهي، اهي پنهنجا وڻندڙ پروگرام گڏجي ڏسن ٿا، انهن جو انتظار ڪن ٿا ۽ هڪٻئي کي پگورام ڏسڻ لاءِ يادگيري ڏيارين ٿا، هو پنهنجي ڪنهن مقبول سياسي ليڊر جو انٽرويو يا تقرير ۽ جلسو ٽي وي تي گڏجي ڏسن ٿا ۽ سياسي سرگرمين تي پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا، اُهي بجيٽ تقريرون گڏجي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا، ائين ميڊيا ذريعي هنن کي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ نوان نوان موضوع ملن ٿا.

ٻئي سروي ٿائيلينڊ ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ ”رموٽ ڪنٽرول“ اوزار جي استعمال بابت سوال پيڇا ويا، هن تحقيق جي نتيجي ۾ جيڪا ڳالهه سامهون آئي اها هي آهي ته رموٽ ڪنٽرول تي ڪنهن جو ضابطو هونديو آهي، عورت جو يا مرد جو؟ نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته رموٽ ڪنٽرول گهڻو ڪري مردن جي هٿن ۾ هوندو آهي، جيڪي خانداني روايتن موجب اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ٽي وي ياسئٽلائيٽ ريسور جو رموٽ به انهن جي اڳواڻيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هي رويو مرد جي تسلط (Dominancy) جو تسلسل آهي، البت جن گهرن ۾ ”عورت راڄ“ هو، انهن جو نتيجو ابتو آيو ۽ رموٽ ڪنٽرول گهڻو ڪري عورت يعني ”زال“ وٽ رهڻ جي تصديق ٿي. ڪي ٿورا خاندان اهڙا هئا، جن ۾ رموٽ ڪنٽرول گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي خاص ڪري ٻارن ٿي استعمال ڪيو.

ماس ميڊيا ۽ ٻار

ڪميونيڪيشن جي صلاحيت کانسواءِ ڪنهن به فرد کي باشعور انسانن ۾ نٿو ڳڻي سگهجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن کانسواءِ ڪو به سماج جديد سماج ۾ شمار نٿو ٿي سگهي.

جيستائين هي دنيا قائم آهي، انسان روان دوان زندگيءَ گذاريندو رهندو ۽ سماج سماجياتي عمل (Socialization) مان گذرندا رهندا.

ٻار جي ڄمڻ سان ئي هُن جو سماجياتي عمل شروع ٿي ويندو آهي. سماج جا ڪي فرد ماءُ پيءُ جي شڪل ۾ يا ڪنهن نڀائيندڙ جي صورت ۾ هن ٻار ڏانهن متوجهه ٿين ٿا ۽ ٻار هنن ڏانهن متوجهه ٿئي ٿو، ائين نپاج ۽ تربيت جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. ٻار جيئن جيئن وڏو ٿئي ٿو، پنهنجي ماحول مطابق پنهنجي چوڦير موجود فردن کان متاثر ٿئي ٿو، انهن جا سماجي اصول ۽ طور طريقا اپنائي ٿو، هو جڏهن ٻاهر سماج ۾ نڪري ٿو ته سماج جي ٻين مختلف گروهن سان لهه وڇڙ ۾ اچي ٿو.

ٻار جي بنيادي رغبت پنهنجي پهرين گروهه سان رهي ٿي، ڇو جو هن جي شخصيت انهيءَ گروهه جي روين ۽ لاڙن سان تعمير ٿئي ٿي. سماجي نفسيات جا ماهر چون ٿا ته ٻار جي شخصيت پهرين پنجن سالن ۾ جڙي وڃي ٿي ۽ اها جڙاوت سڄي زندگيءَ جي روين جو بنياد بڻجي ٿي.

جنهن ٻار پهريان پنج سال احساس محرومي ۾ گذاريا هوندا، انهي ۾ محنت جو جذبو وڌندو، جنهن ٻار احساس ڪمتري ۾ اهو عرصو گذاريو هوندو، ان جي شخصيت منتشر رهندي ۽ هن ۾ فيصلي جي قوت به گهٽ هوندي ۽ هو احساس ڪمتري جو شڪار به جلد ٿي ويندو.

ماءُ پيءُ جي جهڳڙن ۽ طلاق وارن گهرن ۾ (Broken Houses) ۾ نپجندڙ ٻار اذيت پسند ۽ باغي ٿين ٿا ۽ ”ڀروسي“ واري ڪيفيت کان محروم رهن ٿا.

اهڙي نموني ٻار جا عقيدا به انهيءَ ماحول جي عڪاسي ڪندا آهن، جنهن ماحول ۾ هو پليو آهي. مسلمان جو ٻار مسلمان، هندو جو ٻار هندو ٿئي ٿو ۽ ان جي شخصيت به انهيءَ رنگ ۾ رنگجي ٿي. سماجي نفسيات جي ماهرن، ٻارن کي ٽن سماجي گروهن ۾ ورهايو آهي، جتي انهن جي پالنا ٿئي ٿي.

پهريان ثقافتي رخ وارا ٻار، جن جي پرورش روايتن واري سماجي ضابطي هيٺ ٿئي ٿي. ٻيا اندرين رخ وارا ٻار، جن جي پرورش معياري تربيت واري سماجي ضابطي هيٺ ٿئي ٿي ۽ ٽيان ٻاهرين رخ وارا ٻار، جن جي پرورش ٻاهرين گروهن واري سماجي ضابطي هيٺ ٿي هجي.

”ماس ميڊيا“ کان اڳ واري ماحول ۾، ۽ اڃا تائين انهن علائقن ۾ جتي ماس ميڊيا خاص ڪري ٽي وي نه پهتي آهي، اتي ٻار جو پهريون دفعو جنهن ٻاهرين گروهه سان واسطو پوي ٿو، اهو اسڪول آهي. پر شهري ٻار جو جنهن پهرين ٻاهرين گروهه سان واسطو پوي ٿو، اهو ”ماس ميڊيا“ آهي ۽ اسڪول ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي. اهي پهريان گروهه ئي ٻار تي ثقافتي اثر ڇڏين ٿا. ٽي وي جيئن ته ٻار هر روز سنئون سڌو ڏسي ٿو، هن جي اک کلڻ سان گهر جي فردن سان گڏ هو ٽي وي ڏسي ٿو، هن جا ڪن امان ۽ ابي جي آواز سان گڏ ٽي وي جو آواز به ٻڌن ٿا ۽ ائين هن جي بنيادي پنجن سالن واري زندگيءَ ۾ ٽي ويءَ جو به وڏو عمل دخل رهي ٿو، هو سمجهه ۽ سرت وارا ٻه سال يعني ٻار ٽن سالن کان پوءِ شين تي غور ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ هر هر سوال ڪري ٿو ته هي ائين ڇو آهي؟ باقي ٻه سال هي نقل (Copy) ڪري ٿو، جيئن ٻين کي ڪندو ڏسي ٿو، پاڻ بهائين ڪري ٿو ۽ جنهن انداز ۾ ڀر وارا ڳالهائين ٿا ۽ ڏسن ٿا، هي به ائين ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳي ٿو. هاڻ ماس ميڊيا ناني ڏاڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مڊل ڪلاس طبقي ۾ ٻار جي ماءُ ٻار کي ٽي وي کولي انهيءَ ۾ مشغول رهڻ جي تاڪيد ڪري ٿي. اوچو طبقو يا وچين اوچي طبقي جي ٻارن کي سنڀاليندڙ ”آيا“ به ٽي وي کولي ٻارن سان گڏ ڏسندي ۽ کيڏندي رهي ٿي. هاڻ ٻار جيڪي ڪردار ٽي وي تي ڏسن ٿا، ڪاپي ڪرڻ واري صفت هنن کي انهن ڪردارن مان ڪن کي ”رول ماڊل“ بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ٻار ”سڪس ملين ڊالر مين“ ٿيڻ چاهيندو آهي، ”اسپائيڊر مين“ هن جو آئيڊيل بڻجي ويندو آهي. ”مڪي مائوز“ کي پسند ڪندو آهي.

ٽي وي تي ڪي اهڙا ڊراما ۽ فلمون به هلنديون آهن، جن ۾ ڌاڙيلن کي امير کان ڦريندي ۽ غريبن ۾ ورهائيندي ڏيکاريو ويندو آهي، ٻار هن ڪردار کي پسند ڪندا آهن ۽ وڏا ٿي اهڙا ڌاڙيل بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪندا آهن.

ڪن سماجي ماهرن هن ڳالهه سان اختلاف ڪيو آهي، انهن ”ماس ميڊيا“ کي نظرانداز ڪندي چيو آهي ته ”ٻارن تي جنهن گروهه جا اثر طاقت سان داخل ٿين ٿا اهو هن جو گهر آهي ۽ انهي گهر جا ڀاتي ٻار کي وڌيڪ متاثر ڪن ٿا ۽ ٻيو متاثر ڪندڙ گروهه پاڙيسرين جا ٻار آهن، جن سان هو پاڙي جي گهٽين ۽ گهرن ۾ کيڏي ٿو ۽ ٽيون اثر ٻار انهي گروهه جي ميمبرن جو قبول ڪري ٿو، جيڪي اڪثر هن جي گهرن ۾ ايندا آهن ۽ چوٿون اثرئتو ذريعو اسڪول آهي، جنهن جو استاد يا استادياڻي ٻار جو ”رول ماڊل“ هر ٿو يا رهي ٿي، ٻار طور، طريقن ۾ هم ڪلاس ۽ هم اسڪول ٻارن جو نقل ڪري ٿو، اهي جنهن طبقي سان تعلق رکندا هونداهڪ ٻئي تي هڪ ٻي جي طبقي جا اثر وجهندا رهندا. هنن ماهرن ماس ميڊيا کي بلڪل نظرانداز ڪيو آهي، پر ميڊيا کي ائين نظرانداز ڪري حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي، هن دؤر  ۾ ”ميڊيا“ هڪ گروهه وانگر ٻارن يا وڏن کي متاثر ڪري ٿو ۽ اهو هن وقت جي جديد سماج جي سماجياتي عمل آهي. سماج جي روين، لاڙن ۽ جوڙجڪ ۾ ماس ميڊيا جو وڏو عمل دخل آهي ۽ رهندو.

ماس ميڊيا ٻارن کي ڪيئن متاثر ڪري ٿي؟ هن سلسلي ۾ اوڀر ۾ گهڻي تحقيق ٿي آهي. هن تحقيق ۾ ٻار جي عمر جي ڦير (Variable) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي ۽ ان ڦيري کي يعني عمر کي تحقيق جي نتيجن سان ڳنڍيو ويو. ماهرن هن ڦيري کي به سماجي طبقي، مذهب ۽ ثقافتي پس منظر، ٻولي ۽ قومي پيش منظر واري ڦيري جيتري اهميت ڏني هئي. مذڪوره تحقيق ۾ ٻارن کي عمر جي لحاظ کان ٽن گروهن ۾ ورهايو ويو.

پهريون گروهه پنجن سالن تائين جي ٻارن جو هو، جنهن کي ”بي عمل (No-action)گروهه“ جو نالو ڏنو ويو. ٻيو گروهه 6 سالن کان 11 سالن جي ٻارن تي مستمل هو، جنهن کي ”محسوس ڪرڻ وارو گروهه“ چيو ويو ۽ ٽيون گروهه ”عملي گروهه“ جي نالي سان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ 11 سالن کان 12 سالن تائين وارا ٻار شامل هئا.

انهن ٽنهي گروهن کي هڪ فلم ڏيکاري وئي، پهرين گروهه هن فلم کي حقيقت ڪري ڄاتو ۽ فلم ۾ ڏيکارجندڙ باهه، ايڪسيڊنٽ ۽ موت جي واقعن کي سچا ۽ حقيقت ۾ ٿي ويندڙ واقعا ڪري ڄاتو، ٻئي گروهه فلمي ڪردارن جي ڪردار کي حقيقي سمجهيو، پر فلم جي ڪهاڻي کي صرف ڪهاڻي طور ورتو، جڏهن ته آخري گروهه نه صرف ڪهاڻي کي فلمي ڪهاڻي ڪري ڄاتو، پر اداڪارن جي اداڪاري کي به فلم جي ضرورت ۽ عارضي شيءِ سمجهيو، انهيءَ گروهه جو رويو بالغن وارو هو. هن گروهه فلم کي سٺي تفريح سڏيو ۽ ڪردارن جي جذباتي لاڳاپن کي به فرضي سمجهيو ۽ فلم جي سٺن ۽ خراب پهلوئن تي به ڳالهايو.

”ٻار ۽ ميڊيا“ بابت اوڀر ۾ اهڙيون تحقيقون ٿينديون رهنديون آهن. هنن تحقيقن جي نتيجي ۾ ٻارن جي روين، لاڙن، تعليم ۽ تربيت لاءِ ”ماس ميڊيا“ جو سٺو استعمال ٿيڻ لڳو آهي ۽ انهيءَ سماج ۾ ٻارن جي ثقافتي ۽ روايتي جذبن جي به ترجماني ٿي رهي آهي.

ڪارٽونن لاءِ الڳ چئنل قائم ڪيل آهن، ”چلڊرين ٽي وي“ چئنل به جاري ساري آهي، اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال کي عام ڪيو ويو آهي، ٻارن جا رسالا ۽ اخبارون نڪرن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه ”ماس ميڊيا“ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن کي سامهون رکي اتي جي ماهرن ۽ حڪومتن ”ميڊيا“ جي استعمال لاءِ رٿابندي ڪئي آهي. ٻارن جي روين ۽ لاڙن تي تحقيق ڪري تعليم دانن، نفسياتي ماهرن ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي ماهرن گڏجي، اهڙا پروگرام ترتيب ڏنا آهن، جن جا ٻارن جي نفسيات تي سٺا اثر پون ٿا.

اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻ ماس ميڊيا کي ته سماج کان جدا نٿو ڪري سگهجي ۽ ساڳي سماج ۾ رهندي ماس ميڊيا ۽ ٻار هڪ ٻئي کان بلڪل جدا رهي نٿا سگهن. پر اسان جي ملڪ ۾ سڄي رٿابندي سياسي نقطه نگاهه کان ٿيندي آهي. مثلاً ساڳي علائقي جا ست ڳوٺ هڪ ئي رستي تي آهن، جن جي آبادي ڪنهن هڪ پاسي واري ڳوٺ کان ججهي هوندي آهي، پر پوءِ به سياسي وابستگيءَ جي ڪري هن هڪ ڳوٺ تائين رستو اهڙي نموني پهچايو ويندوآهي، جيئن انهن ستن سياسي مخالفتن وارن ڳوٺن کي فائدونه پهچي. هن صورت حال ۾ اسان ڪنهن رٿابنديءَ جي ڳالهه به لفظن جي عياشي طور ئي ڪري سگهون ٿا.

ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تقريباً ساڳيو ماحول آهي، پر 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪن اسرندڙ ملڪن سٺي رٿابندي ڪري، ”ماس ميڊيا“ جي استعمال تي خاص توجهه ڏنو آهي.

اسان جي ملڪ جي آدمشماريءَ جو 40 سيڪڙو 16 سالن کان گهٽ عمر وارن جو آهي، پر انهي گروهه جو ٽي وي نشريات ۾ حصو 15 سيڪڙو مس آهي. سنڌي چئنل اڃا به پوئتي آهن. وسيلن جي کوٽ به هن جو وڏو سبب آهي، في الحال اسان جي ”سنڌي ميڊيا“ ڪاروباري دؤر مان گذري رهي آهي، وقت گذرڻ سان اميد آهي ته مالي استحڪام کان پوءِ ٽي وي پروگرامن ۾ به توازن اچي ويندو. سنڌي چئنلن جي مقابلي ۾ اردو ۽ انگريزي ميڊيا ٻارن کي وڌيڪ وقت ڏئي ٿي.

اسان کي هن سلسلي ۾ ملائيشيا، ٿائيلينڊ، فلپائن ۽ انڊيا جي تحقيق مان فائدو وٺڻ گهرجي، اسان انهن ملڪن وانگر پنهنجي مشرقي قدرن کي بچائيندي، ثقافتي روايتن ۽ جدت کي ملائي جلائي ڪا اهڙي ميڊيا پلاننگ ڪري سگهون ٿا، جنهن سان اسان جو ايندڙ ۽ هلندڙ نسل پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ خانداني ايڪي کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ ترقيءَ جون منزلون ماڻي سگهي ٿو.