تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (604) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62940   ڀيرا پڙهيو ويو

مقالي جو اندازِ تحرير


اثرَ: ڪنهن به مقالي لاءِ اُن جو انداز تحرير يا لکڻ جو نمونو، هر هڪ شخص ۽ وشيه جي لحاظ کان تبديل ٿيندو رهندو آهي. اِهو هڪ مڃيل اُصول آهي ته مقالي جي طرز تحرير وڌ ۾ وڌ غير شخصي هُئڻ گهرجي. اُن ۾ هڪ سائنسدان جهڙي انفراديت هئڻ گهرجي. مقالي نگار کي پنهنجي هڪ الڳ امتيازي سڃاڻپ هئڻ گهرجي. اهڙيءَ طرز تحرير ۾ تڪميل، نرالائپ ۽ وضاحت وغيره کي شامل ڪري سگهبو آهي. پر اُن ۾ ٻه خصوصيتون هئڻ ئي گهرجن: موضوع جي سنجيدگي ۽ اُن کي قلمبند ڪرڻ جو اثر. هڪ ڪمزور طرز تحرير ۾ ملبوس سچائيءَ جي معنيٰ ئي ختم ٿيو وڃي ٿي. اُها صداقت هڪ مضبوط طرز تحرير جي ذريعي ئي اثرائتي بڻبي آهي. حقيقتن جي اهڙي وضاحت، جنهن ۾ شڪ شبهي جي ڪابه گنجائش نه هجي، تنهن لاءِ طرز تحرير ۾ وضاحت ڪرڻ جو گڻ هئڻ به ضروري آهي. اجائي لفظن جي ڀرمار به طرز تحرير کي خراب ڪري ڇڏيندي آهي. اُن لاءِ محقق کي لفظن جي استعمال ۾ بلڪل احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. ان جو اِهو مطلب هرگز نه آهي ته وشيه کي عام فهم بڻائڻ لاءِ هروڀرو هلڪڙا لفظ استعمال ڪيا وڃن ۽ ضروري يامعياري لفظن کان ڪنارا ڪشي ڪئي وڃي؛ پر لفظن کي ائين تڪ تور ڪري استعمال ڪرڻ گهرجي، جو اُن ۾ غير ضروري لفظ اچي موضوع جي مقصد کي ڪا ضرب نه پهچائين. تحقيقي مقالي جي ٻولي، قاعدي ۽ اُصول جي پابندين جي محتاج ڪانه هوندي آهي. مقالي جي ٻوليءَ کي صنايع بدايع ۽ النڪارن (صنعتن) وغيره کان بچائڻ گهرجي. اهڙي ڳوري ۽ دير هضم ٻولي، مقالي جي ضرورت جي پيش نظر بي اثر هوندي آهي. اهڙي ٻولي، مقالي جي وگيانڪ (سائنسي) ۽ ذهني عمل جو ساٿ نه ڏيئي سگهندي آهي. محقق کي طرز تحرير جي باري ۾ پاڻ ئي ڄاڻُو ۽ محتاط هئڻ کپي. هيءُ اُهو وڀاڳ (ڀاڱو) آهي، جنهن ۾ سندس رهنما به سندس مدد نه ڪري سگهندو آهي. مدد ڪرڻ جو مطلب اِهو ٿيندو ته ان مقالي کي هڪ دفعو ٻيهر لکيو وڃي. جتي جتي پيشڪش ڪمزور هوندي، اُتي رهنما کيس اُن حصي کي هڪ دفعو وري لکڻ جي صلاح ڏيندو. دراصل اصلاح پوءِ به محقق کيئي ڪرڻي پوندي. محقق کي پنهنجو مقالو لکڻ کان اڳ، ٻين عالمن جي تصنيفن پڙهڻ جو موقعو ملي چڪو هوندو آهي، جن جو اڀياس ڪندي، هُو انهن جي طرز تحرير کان لازمي طور متاثر ٿيندو آهي ۽ ساڻن محقق جي طرز تحرير، پرهيل عالمن کان متاثر ٿيندي آهي ۽ ان طرح خود بخوس سندس لکڻيءَ جي اصلاح ٿيندي رهندي آهي. اِن مقصد سان به محقق ٻين معياري ۽ مشهور مقالن جو اڀياس ڪري سگهندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ ڪجهه عام رٿون هيٺ ڏجن ٿيون: (i) مقالو، عام طور زمان ماضيءَ يا ماضي قريب ۾ لکيو ويندو آهي. (ii) حاصل ڪيل نتيجن جو ذڪر، زمان حال ۾ ڪبو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن جو تعلق آخر ۾ ڪنهن مخصوص عنصر سان نه رهندو آهي؛ ان طرح هڪ عام رچنا (تخليق) جو ذڪر، دور حاضر جي مناسبت سان ئي ڪرڻ گهرجي. (iii) مقالو لکندي ضمير متڪلم وارن لفظن (آءٌ، منهنجو، اسان جو .... وغيره) جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اهڙن لفظن جي استعمال سان مقالي جي انفراديت ۽ امتيازي درجو ختم ٿي ويندو آهي. (iv) فاعل وارن لفظن جو استعمال، مفعول جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئڻ گهرجي. (v) ڳڻپ وارا عدد، جيڪڏهن هڪ سؤ جي اندر هجن ته اکرن ۾ لکڻ گهرجن، اُن کان وڌيڪ واري تعداد کي انگن ۾ لکيسگهجي ٿو. اُن کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن جملي جي شروعات ئي ڳڻپ سان ٿئي ٿي ته اُها اکرن ۾ ئي لکڻ گهرجي. (vi) ڪوشش ڪري هڪ ئي فعل سان، ٻن کان وڌيڪ لڳاتار جملن جي پڇاڙي نه هئڻ گهرجي. (vii) مرڪب ۽ گڏيل جملن جو استعمال صرف انتهائي ضروري حالتن ۾ ئي ڪرڻ گهرجي. لفظن جو ڀنڊار: تمام وڏن، مرڪب، غير مروج ۽ فرسوده لفظن جي استعمال سان مقالي جو مفهوم واضح ٿي نه سگهندو آهي. مقالي ۾ ڪي اهڙيون جايون به هونديون آهن، جتي اصطلاحي لفظن جو استعمال ضروري هوندو آهي. اصطلاحي لفظن جي چونڊ ۾ هيٺ ڏنل ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي: (i) جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ اصطلاحي لفظن جو استعمال ٿي رهيو هجي ته انهن مان اُن ئي لفظ جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، جيڪو ماڻهن لاءِ وڌيڪ قابلِ قبول هجي. (ii) مقالي جي شروعات ۾ جن اصطلاحي لفظن جو استعمال ٿيو هجي، اُن ساڳيءَ معنيٰ ۾ ئي اُهي لفظ، پوري مقالي ۾ اچڻ گهرجن. (iii) جيڪڏهن انگريزيءَ يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جي اصطلاحي لفظن جو ترجمو ڪيو ويو هجي، ته ڏنگين ۾ يا مهاڳ واري حصي ۾ اُنهن جي اصلي صورت جو اطهار ڪرڻ مناسب ٿيندو آهي. (iv) جيڪڏهن اصطلاحي لفظن جي استعمال ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪنهن ڳالهه جو بيان ممڪن هجي ته ڪوشش ڪري اصطلاحي لفظن کان پرهيز ئي ڪرڻ گهرجي. ان طرح لفظن جي استعمال جي باري ۾ اها صلاح ڏني ويندي آهي ته جديد نموني وارا ٺاهيل لفظ، تخليقي ادب ۾ ڀلي ڪيتري به اهميت ڇو نه رکندا هجن، پر تحقيقي مقالي ۾ انهن جو استعمال هڪ نقص ئي ڪري ليکيو ويندو آهي. مقالي ۾ علاقائي ۽ بازاري قسم جي لفظن جو استعمال به پسند نه ڪيو ويندو آهي، ڇو ته انهن جي استعمال سان ٻوليءَ جي ڳنڀيرتا ختم ٿي ويندي آهي.