تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (604) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62935   ڀيرا پڙهيو ويو

مقالي جا مختلف جزا ۽ روپ ريکا


جيتوڻيڪ وشيه (موضوع/مضمون) جي لحاظ کان ئي مقالي جي جزن کي مقرر ڪيو وينو آهي، پوءِ به انهن ۾ هڪ عام هڪجهڙائي هيٺينءَ ريت ٿي سگهي ٿي: 1. شروعاتي حصو: (الف) سرورق (ب) مهاڳ ۽ شُڪريي ادائي (ٻ) ترتيب (ڀ) اشارن (symbols) يا نشانين جي فهرست ۽ خاڪا يا تصويرون وغيره. 2. تحقيقي مقالو (مقالي جو خصوصي حصو): (الف) وشيه جو تعارف (ب) وشيه جي مختلف بابن جي وضاحت (ٻ) نتيجا 3. آخري حصو: (الف) مددي ڪتابن جي يادداشت (ب) ٻيو مددگار مواد ۽ تصويرون وغيره (ٻ) پڇاڙي 1.شروعاتي حصو: سرورق ۽ سرو: سرورق تي سڀ کان خاص ڳالهه سرو يا عنوان هوندو آهي. اُن کان سواءِ ٻي ڪجهه ڄاڻ به هيٺينءَ ريت هوندي آهي: (i) يونيورسٽيءَ جو نالو، جنهن ۾ مقالو پيش ڪيو ويو آهي. (ii) سال جو ذڪر ڪيل هجي، جڏهن مقالي جي تڪميل ۽ پيشڪل ٿيل هجي. (iii) ڊگري يا سند، جنهن لاءِ اُن مقالي کي پيش ڪيو ويو آهي. (iv) محقق جو نالو. (v) رهنما جو نالو. اِنهن ڳالهين جي باري ۾ ڪنهن تفصيل پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. باقي صرف سري يا عنوان بابت مختصر طور اظهار خيال ڪيو ويندو آهي. سرو، سرورق جي مٿئين حصي تي وڏن اکرن سان لکيو ويندو آهي. جيڪڏهن سرو ننڍو آهي ته هڪ سٽ ۾ ئي اچي يوندو آهي ۽ جيڪڏهن سرو ڊگهو آهي ته اُن کي هڪ کان وڌيڪ سٽن ۾ به لکي سگهبو آهي. عام طور مڃيل اُصول هيءَ آهي ته سري جي پهرين سٽ ڪجهه وڏي ۽ ٻي سٽ ڪجهه ننڍي هئڻ گهرجي. ان طرح سرورق جي خوبصورتي تي قائم رهندي آهي. ڪجهه مقالن ۾ سرو، سرورق تي مٿئين حصي کان ساڄي پاسي ڏانهن به ملندو آهي، پر اُن جو وچ ۾ هئڻ ئي وڌيڪ مناسب لڳندو آهي. مقالي جو سرو، وشيه يا مسئلي جو اظهار ڪري ٿو. اُن جون هي ٻه خصوصيتون هئڻ کپن ته اُهو وڌ ۾ وڌ مختصر هجي ۽ مسئلي کي پوريءَ طرح واضح ڪري سگهي. سرو، تحقيق هيٺ آيل وشيه جو سار هوندو آهي. ڇهن کان ڏهن لفظن تي مشتمل عنوان بهتر سمجهيو ويندو آهي. اِهو ضروري نه آهي ته سرو، هڪ جملي جي صورت ۾ هجي. سرو، عام طور ڪنهن جملي جي شڪل ۾ ڪونه هوندو آهي، يعني اُن ۾ فعل شامل ڪونه هوندو آهي. سريجي وسيلي وشيه جي وضاحت ته ٿيندي آهي، پر اُن سان گڏوگڏ ضرورت موجب وشيه جي حدبندي پڻ ڪئي ويندي آهي. سري جي وسيلي تحقيقي عمل جي طريقه ڪار جو ذڪر پڻ ڪري سگهبو آهي. مثلاً: - ”...... ۽ ...... جو تقابلي اڀياس“ - ” ...... جو تنقيدي اڀياس“ - ” ...... جو تجزياتي اڀياس“ وغيره مهاڳ: مقالي جي اصل مواد شروع ٿيڻ کان اڳ مهاڳ ايندو آهي، جنهن ۾ محقق انهن عملن جو خاص طور ذڪر ڪندو آهي، جن هيٺ هن اهو مقالو لکيو آهي. ان سان گڏوگڏ هُو مقالي جي الڳ الڳ بابن جي ورهاست ۽ انهن جا سبب ٻڌائيندو آهي ۽ آخر ۾ شڪريي ادائي وغيره به ڪندو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ حصو تمام مختصر هوندو آهي، پوءِ به ان سلسلي ۾ هيٺين عنوانن تي غور ڪيل هوندو آهي: تحريڪ جا وسيلا: محقق پنهنجي تحقيقي عمل لاءِ وشيه جي چونڊ ڪنهن مضبوط تحريڪ يا هلچل جي بنياد تي ڪندو آهي. ان تحريڪ جا هيٺيان وسيلا ٿي سگهن ٿا: (i) وشيه جو بلڪل نئون، يا ڪنهن وڏي حد تائين نئون هجڻ، جنهن تي اڃا تائين ڪم ٿيل نه هجي. (ii) جيڪڏهن اُن وشِه تي ڪجهه ڪم ٿيو آهي ته اُن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت، امڪان ۽ مقصد هجي. (iii) اُن مخصوص وشيه تي اڄ تائين ٿيل ڪم ۾ جيڪي شڪ شبها هجن، انهن کي دور ڪرڻ جو ارادو هجي. (iv) چونڊ ڪيل وشيه سان تعلق رکندڙ چڱي مقدار ۾ ڪچي مواد ملڻ جو امڪان ۽ اُن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت جو احساس ۽ تجربو هجي. (v) ڪنهن طئي ٿيل ۽ مڃيل يا مضبوط ثابتين واري حقيقت يا اصول جي نئين سر ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت جو احساس هئڻ. بابن جي تنظيم- مقالي جو اختصار: مهاڳ ۾ تحريڪ جي وسيلن بيان ڪرڻ کان پوءِ مقالي جي اختصار جي ڪوشش جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. هر هڪ باب طرف اشارو ڏيڻ سان گڏوگڏ، ان ۾ جنهن ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي آهي، تنهن جو مختصر ذڪر هوندو آهي، ۽ هر هڪ باب ۾ مليل نتيجن ڏانهن مختصر طور اشارو پڻ ڪيل هوندو آهي. ان طرح مهاڳ جو مطلب، ممتحن ۽ پاٺڪ (پڙهندڙ) کي مقالي جي مجموعي روپ ريکا سان متعارف ڪرائڻ هوندو آهي. شڪريي ادائيءَ جو اظهار: هيءُ مهاڳ جو آخري ۽ اهم حصو هوندو آهي. شڪريي ادائيءَ جون ٻه صورتون ٿينديون آهن: پهرين اِها ته ڪنهن شخص جو نالو ڏئي، اُن جي شڪريي ادائي ڪئي وڃي؛ ٻي اِها ته ڪنهن به شخص جو نالو وٺڻ بِنا ئي عام انداز ۾ شڪريي ادائي ڪئي وڃي. محقق، عام طور پنهنجي رهنما ۽ وڀاڳ (شعبي) جو اڌيڪش (سربراهه) لاءِ ممنون هئڻ جو اظهار ڪندو آهي. باقي شخصن جي شڪريي ادائي مقالي جي ڇپائيءَ وقت، اُن ڇاپي هيٺ آيل مقالي جي مهاڳ ۾ شامل ڪئي ويندي آهي. مختلف لائبررين ۽ اُتان جي عملدارن لاءِ شڪريي ادائي ڪيل هوندي آهي. جيڪڏهن فني ميدان ۾ پڻ ڪا مدد ملي آهي ته اُن جو شڪريو پڻ سندس نالي سان گڏ ادا ڪيو ويندو اهي. عام طور پنهنجي مددگار، اطلاع ڪارن ۽ دوستن کي به ان رسم ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. محقق، مهاڳ ۾ پنهنجين غلطين ۽ خامين لاءِ معافي گهرڻ جي رسم پڻ ادا ڪري ڇڏيندو آهي. ترتيب: مقالي جي آخر ۾ نالن يا وشين جي باري ۾ ڪو تفصيل ڏنل ڪونه هوندو آهي. اُن لاءِ مُنڍ ۾ ئي وشين جي فهرست ڏني ويندي آهي، جنهن سان مقلاي ۾ استعمال ڪيل نتيجن جو چتاءُ به ٿي ويندو آهي. اُن جو ٻيو فائدو اِهو آهي ته اُن سان پوري مقالي جي بنيادي ڍانچي جي ڄاڻ پئجي ويندي آهي. وشين جي فهرست پوري تفصيل سان گڏ پيش ڪرڻ گهرجي. بابن جي وشين جي فهرست جتان کان شروع ٿئي ٿي، اُتان کان صفحن جو عدد انگن ۾ يعني 1 کان وٺي شروع ڪجي. ان کان اڳ پيش ڪيل مواد ۾ صفحن جو تعداد اکرن، يعني الف-ب وغيره جي صورت ۾ ڏيڻ گهرجي. نشانين جي فهرست: محقق، وشيه جي نوعيت جي لحاظ کان پنهنجيءَ تحرير ۾ ڪجهه نشانين، اشارن يا علامتن جو استعمال ڪندو آهي. انهن جي فهرست پڻ مقالي جي شروع ۾ ڏئي ڇڏڻ گهرجي؛ جن کان سواءِ ممتحن يا پاٺڪ (پڙهندڙ)، مقالي ۾ استعمال ڪيل نشانين ۽ اشارن کي سمجهڻ کان قاصر هوندو آهي. انهن جي ڄاڻ کان سواءِ مقالي جي مختلف باريڪين ۽ تفصيلن کان پڻ قطعي واقف ٿي نه سگهبو آهي. 2. مقالي جو خصوصي حصو: وشيه جي وضاحت: محقق، هن حصي ۾ پاٺڪ کي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي ڍنگ کان متعارف ڪرائيندو آهي. هو پنهنجي تحقيقي عمل جي مريادائن، حدن ۽ وشيه جي وشالتا جو تعارف ڪرائڻ گڏوگڏ پنهنجي اختيار ڪيل طريقه ڪار جو به بيان ڪري ڇڏيندو آهي. وشيه جي وضاحت جو مطلب اِهو هوندو آهي ته ممتحن يا پڙهندڙ جي سامهون محقق پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ هڪ سرسري نظر پيش ڪري ڇڏي؛ جنهن جي ئي بنياد تي ممتحن يا پاٺڪ، اُن جي مقالي جو جائزو وٺندو آهي. وشيه جي وضاحت، محقق جي بچاءَ لاءِ هڪ ڍال جو ڪم ڪندي آهي. ممتحن يا پاٺڪ، اُن بنياد تي مقالي جي ضروري مواد کي پنهنجي تصور ۾ آڻيندو آهي. اُن سان گڏوگڏ محقق کي پوريءَ صفائيءَ سان پنهنجي قياس آرائين، عقيدن ۽ وشواسن جو بيان به ڪري ڇڏڻ گهرجي. مقالي جي اصلي روپ ريکا جي وضاحت، خاص طور بلڪل اختصار سان ڪرڻ گهرجي. اُن سان گڏوگڏ مقالي ۾ استعمال ڪيل قياس آرائين ۽ عقيدن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. مقالي جو هيءُ حصو مختصر۽ جامع هئڻ گهرجي ته جيئن ممتحن يا پاٺڪ اُن کي پڙهڻ کان پوءِ ذهني ۽ اصولي طور، سمورو مقالو پڙهڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهي. اِتي محقق پنهنجي سمورين تيارين جو ذڪر به ڪندو آهي، جن سان گڏ، هن پنهنجي مقالي کي لکڻ شروع ڪيو هيو؛ ته جيئن ممتحن يا پاٺڪ (پڙهندڙ) اِهو سمجهي سگهي ته محقق پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ ضروري ۽ مناسب تياريون ڪري ڇڏيون هيون. وشيه جو بيان: هيءُ تحقيقي مقالي جو خصوصي ۽ اهم ترين حصو آهي. اُن لاءِ شروعات ۾ ئي پاٺڪ جي سامهون مقلي جو بنيادي مقصد واضح هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ مقالي جي سرو پنهنجي وشيه طرف اِشارو ته ڪندو آهي، پوءِ به اُن جو تفصيلي ذڪر مقالي جي شروع ۾ ئي ڪري ڇڏڻ گهرجي. وشيه جو بيان ايترو واضح ۽ مڪمل هئڻ گهرجي، جو پاٺڪ جي دماغ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو پيدا ئي نه ٿئي. وشيه جي وضاحت سان گڏ اُن جي وشالتا جو ذڪر به ضروري هوندو آهي. اِهو سڀ ڪجهه پوري وشواس (اعتماد) سان ۽ انتهائي متاثر ڪندڙ انداز ۾ بيان ڪرڻ گهرجي. وشيه جي بيان سان اِها ڄاڻ پوندي آهي ته مسئلي جي حل لاءِ ڪهڙو مواد فائديمند ۽ ضروري ٿيندو . مسئلي جي حل جو طريقه ڪار به اُن ۾ واضح ڪيو ويندو آهي. مسئلي جو ذڪر سڌو سنئون ئي ڪرڻ گهرجي. اِهو بلڪل کليل نموني ٻڌائڻ گهرجي ته اُن ۾ ڪهڙو مواد استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ڪهڙو مواد نظر انداز ڪيل آهي. پنهنجي مسئلي کي جن بنيادي قياس آرائين جي روشنيءَ ۾ حل ڪيو ويو آهي، اُنهن جو ذڪر به هئڻ گهرجي. بنيادي قياس آرائيون مسئلي جي حل جي بنياد طرف اشارو ڪنديون. آخر ۾ ممتحن يا پاٺڪ لاءِ اِها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته اُن وشيه جي ڪيتري اهميت آهي ۽ اُن کي چونڊ ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي. اڳ ٿيل تحقيقات جو جائزو: مقالي جي شروع ۾ اُن وشيه متعلق اڳ ڪيل سمورين تحقيقن (کوجنائن) جو هڪ جائزو به پيش ڪرڻ گهرجي، جن جي روشنيءَ ۾ زيرنظر مقالي جي وشيه جي ارتقا، ان مقالي جي ضرورت ۽ اهميت جو نقطهء نظر سمجهائي سگهجي ٿو. ان جائزي کي به اڀياس جي مرحلن موجب هيٺين وشين ۾ ورهائي سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح مقالي جي روپ ريکا جي وضاحت پڻ ٿي ويندي. اڀياس ڪيل ڪتابن جي سلسلي ۾ انهن جي مختلف دورن جي فهرست پيش ڪرڻ سن اهو جائزو مڪمل ڪونه ٿو ٿئي، پر اُن ڪم ۾ وڌ کان وڌ ڇنڊڇاڻ ۽ تنقيد جي ضرورت آهي. تنقيد جو نقطهء نظر انهن مقالن جي خامين وغيره کي واضح ڪندو آهي. اڀياس سان حاصل ڪيل مقصد ۽ اُن جي سببن جي قدر ۽ قيمت، صحيح ۽ مختصر نموني ڪرڻ گهرجي. محقق کي پنهنجي استعمال ڪيل وسيلن جو ذڪر تفصيل سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن اُن جي روشنيءَ ۾ ممتحن يا پاٺڪ واسطيدار مقالي کي چڱيءَ طرح پرکي سگهي. مقالي جو هيءُ حصو سڀاويڪ طور تفصيل پسند هوندو آهي. اُن لاءِ محقق کي اهو احتياط رکڻ گهرجي ته اُهو تفصيل تمام گهڻو وڌي نه وڃي، پر صرف بنيادي نقطا واضح طور تي سامهون اچڻ گهرجن. اِهو به ضروري نه آهي ته ڪو ان کان اڳ لکيل سمورن مقالن جو اڀياس ۽ ذڪر ڪيو وڃي، پر هتي صرف چند اهم مقالن کي سامهون رکي، انهن جو تنقيدي بيان ڏنو وڃي. تحقيق جي هن حصي ۾ محقق پنهنجيءَ سموريءَ ڄاڻ جي اظهار واري لالچ ۾ پئجي سگهي ٿو، جنهن کان پاڻ بچائيندي، ان حصي کي ضرورت کان وڌيڪ مفصل ٿيڻ نه ڏجي. مسئلي جي حل جو بيان: مسئلي کي واضح طور بيان ڪرڻ کان پوءِ اُن جي حل جو ذڪر اچڻ گهرجي. هيءُ مقرر ٿيل رٿابنديءَ جو آخرين حصو آهي. جيڪڏهن اُن سٽا جو ڪو حصو رد ٿيل يا نظر انداز ڪيل هجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه دليلن کي پيش ڪرڻ ضروري هجي ته مختصر نموني انهن ڏانهن اشارو ڪيو وڃي. مواد جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ ئي حل يا فيصلي جو بيان ڪرڻ مفيد هوندو آهي. پاٺڪ، مسئلي ۽ اُن جي حل جي روشنيءَ ۾ دليلن کي سٺي نموني سمجهي سگهندو آهي. محقق، پنهنجي حل کي آخر تائين لڪائي پاٺڪ (پڙهندڙ) کي وڌيڪ تجسس يا انتظام ۾ رکڻ نه چاهيندو آهي. هُو پنهنجي حل جو بيان ان ڪري پهريائين ئي ڪري ڇڏيندو آهي ته جيئن پاٺڪ (پڙهندڙ)، سندس سوچ جي رفتار ۽ دليلن جي وضاحت کان وقت به وقت واقف ٿيندو رهي. حل جو ذڪر رٿابنديءَ سان ڪيو ويندو آهي، جنهن کي محقق پنهنجي تحقيق جي مختلف طريقن ۽ عمل جي ذريعي پنهنجي مقالي ۾ ثابت ڪندو آهي. طريقه ڪار جو بيان: مقالي جي مهاڳ واري حصي ۾ تحقيق جي طريقه ڪار جو به واضح هئڻ ضروري آهي. جيڪڏهن تحقيق جو طريقو اڻپورو ۽ غيروگيانڪ (غير سائنسي) هوندو ته نتيجا به ناقص ۽ ناقبل وشواس هوندا. هڪ ممتحن يا ڪو هوشيار پاٺڪ، مقلاي جي ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان غور ڪندو آهي. ته جيڪو طريقه ڪار استعمال ڪيو ويندو آهي، اُهو وگيانڪ (سائنسي) آهي يا نه. مسئلي توڙي وشيه جي مناسبت سان ان جي ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت آهي. طريقه ڪار جو ذڪر ڪندي سڀ کان پهرين هڪ عام اشارو ڏيڻ گهرجي. جيئن ته: تاريخي طريقه ڪار، تفصيلي طريقه ڪار يا عميل طريقه ڪار وغيره. جنهن کان پوءِ اُن جا مرحلا بيان ڪرڻ به ضروري آهن. مقالي جي معيار جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ اُن جو طريقه ڪار ئي هڪ بنياد آهي. طريقه ڪار جي بيان سان گڏ مواد ۽ معلومات جي وسيلن جو ذڪر به ڪرڻ گهجي، جهڙوڪ: اُن مواد کي ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪيو ويو؟ گڏ ڪيل مواد جي درجي بندي ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪهڙي طريقي سان ڪيل آهي؟ ان قسم جي سوالن جو جواب، مقالي جي مهاڳ واري حصي ۾ ئي ملي وڃڻ گهرجي. اِهو به واضح نموني ٻڌائڻ گهرجي ته رٿابنديءَ جي جاچ ڪهڙيءَ طرح ڪيئ ويئي آهي. مطلب ته وشيه جي چونڊ کان وٺي اُن جي حل تلاش ڪرڻ تائين محقق جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، اُن جو مڪمل ذڪر هن حصي ۾ اچي وڃڻ گهرجي. تحقيقي عمل جو مقصد: هونئن ته وشيه يا مسئلي جي بيان سان گڏ ئي اُن جو مقصد پڻ واضح ٿي ويندو آهي، پر مقصد جو ذڪر الڳ نموني پڻ ڪري سگهبو آهي. مقصد جو بيان ڪندي خاص طور مستقبل تي نگاهه وڌي ويندي آهي. ان طرح پيش ڪيل تحقيقي عمل جي جذباتي افاديت به هڪ اهم عنصر آهي. مسئلي جي ضرورت جو مقصد ان سبب يا تحريڪ سان هوندو آهي، جنهن هيٺ محقق اُن ڪم کي سرانجام ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح اڀياس جي اهميت ۽ ضرورت، ٻيئي ڳالهيون واضح ٿي پونديون آهن. واسطيدار تحقيق جا فائدا به هن ئي حصي ۾ اچي وڃن ٿا. انهن ڀاڱن ۾ ڪنهن به قسم جي تفصيل جي ضرورت نه هوندي آهي، پر صرف ٿوري ۾ ۽ مختصر طور اشارو ڪرڻ گهرجي. اهم لفظن جو ڀنڊار: مقالي ۾ خصوصي طور استعمال ٿيندڙ اصطلاحي لفظن جو ذڪر به مهاڳ ۾ وضاحت سان ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻين ٻولين مان ڪي لفظ کڻي سندن ترجمو استعمال ڪيل آهي ته ضرورت موجب انهن جي وضاحت ڪري سگهبي آهي. هيءُ هڪ با اختيار ڪم آهي، جنهن جي ضرورت جو احساس صرف محقق ئي ڪري سگهندو آهي. ڪي لفظ اهڙا به ٿي سگهن ٿا، جي خود محقق جا گهڙيل هوندا آهن، يا انهن کي ڪنهن مخصوص معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪيل هوندو آهي. اهڙن لفظن جي ڄاڻ، پاٺڪ کي شروعات ۾ ئي ڏيڻ کپي. مقالي ۾ انهن جي وضاحت، هر هڪ لفظ جي صرف پهريون ڀيرو استعمال ٿيڻ وقت، صفحي جي هيٺئين حصي ۾ نوٽ جي صورت ۾ ڪري سگهبي آهي. جيڪڏهن اهڙا لفظ تعداد ۾ وڌيڪ هجن ته مهاڳ واري حصي ۾ انهن جي وضاحت ڪرڻ بهتر ٿيندو آهي. ڪي اهڙا به مخصوص لفظ هوندا آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ مختلف صورتن ۾ ڪري سگهبي آهي. انهن جي وضاحت ۽ خصوصي استعمال جو ذڪر لازمي طور ڪرڻ گهرجي، جن جو خاص طور ذڪر ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن انهن جو استعمال تمام ضروري ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ انهن لفظن جو بيان مهاڳ واري حصي ۾ ئي ڪرڻ بهتر ٿيندو آهي. حوالا يا ثبوت: مهاڳ وارو حصو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مقالي جو خصوصي حصو شروع ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٽي اهم جزا هوندا آهن: (1) مڪمل مواد، (2) مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ (3) مواد مان پيدا ٿيل دليل. ڪنهن به مقالي ۾ صرف مواد جا تفصيلَ پيش ڪرڻ بي معنيٰ هوندو آهي، ڇو ته اُن سان گڏوگڏ ضروي ڇنڊڇاڻ وسيلي اِهو پڻ واضح ٿيڻ گهرجي ته مواد جي بنياد تي ڪهڙا ثبوت ۽ شاهديون ملن ٿيون. مواد جي بنياد تي محقق جا حاصل ڪيل حوالا ٺوس ۽ مضبوط هئڻ گهرجن ۽ انهن جو تعلق رٿابنديءَ سان هئڻ گهرجي. بابن جي سٽا يا ترتيب: مقالي جو مرڪزي حصو مختلف بابن ۾ ورهايل هوندو آهي. انهن جي جدا جدا بابن ۾ مواد ۽ انهن سان تعلق رکندڙ حوالا مختلف مرحلن ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. انهن بابن جو پاڻ ۾ به وري هڪ رابطو هئڻ گهرجي. هڪ باب، جنهن نقطي تي ختم ٿئي، ايندڙ باب اُنهيءَ نقطي کان شروع ٿيڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح ائين به چئي سگهجي ٿو ته مقالي جي تنظيم ڪنهن رزميه نظم جي مختلف حصن وانگر هوندي آهي؛ جن مان هر هڪ باب کي، گذريل باب مان هڪ تحريڪ ملڻ گهرجي ۽ اُن کي ايندڙ باب جي شروعات سان مناسبت رکندڙ هجن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي باري ۾ تحقيق ڪئي وئي آهي ته اُن جي بابن جي ترتيب هن ريت هئڻ کپي: دور، شخصيت، تصنيفون وغيره. مطلب ته بابن جي ترتيب هڪ مقرر اُصول موجب هئڻ گهرجي. جيئن اُها ورهاست سڀاويڪ لڳي. هر هڪ باب پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل ته هئڻ ئي گهرجي، پر ان ۾ ڪجهه اهڙو تجسس به باقي رهڻ گهرجي، جو ايندڙ باب جي اڀياس جو به سبب بڻجي سگهي. اِن طرح بابن جي صحيح ترتيب تي ئي مقالي جي مجموعيت جو مدار هوندو آهي. مقالي جو آخرين حصو: نتيجن جي روپ ريکا: هيءُ مقالي جو آخرين حصو هوندو آهي، جنهن ۾ سموري اڀياس جي اهم ڀاڱن جو جائزو ڏنو ويندو آهي. اُن جائزي جي بنياد تي ئي تحقيقي نتيجن جو تعين ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به مقالي ۾ هيءُ حصو انتهائي خبرداريءَ سان لکڻ گهرجي، ڇو ته هيءُ ئي حصو، ممتحن کي مقالي جي معيار جاچڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ۽ پاٺڪ (پڙهندڙ) به هن باب ۾ ٿوري ئي وقت ۾ مقالي جو سار (تَتُ) سمجهڻ جي اُميد رکندو آهي. هن حصي ۾ جن نتيجن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، اُنهن مان اِها به خبر پوندي آهي ته انسان جي سموري علم کي وڌائڻ لاءِ اُنهن نتيجن جو ڪهڙو يوگدان (contribution) رهيو آهي. هيءُ حصو تمام جامع ۽ مختصر هئڻ گهرجي. نتيجا ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هوندو آهي ته ان تحقيقي عمل ڇا ايجاد ڪيو آهي؟ وشيه جو ذڪر ڪرڻ مهل جيڪي سوالن کنيا ويا هئا، اُنهن جو مختصر جواب هن ئي حصي ۾ ڏنو ويندو آهي. نتيجن جو تعداد جيڪڏهن وڌيڪ هجي ته اُنهن جي درجي بندي ڪري، هر هڪ حصي کي واضح صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. هر هڪ نتيجو، پاڻ کان اڳ واري نتيجي ۽ ايندڙ نتيجي سان رابطو رکندڙ هجي. هن حصي ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد نه هئڻ گهرجي، ڇو ته اُلجهيل نتيجا بي معنيٰ هوندا آهن. جيڪڏهن نتيجن کي پيش ڪرڻ ۾ ڪا دشواري محسوس ٿئي ته ائين سمجهڻ کپي ته محقق، پاڻ پنهنجي ئي تلاش ۾ واضح ۽ مطمئن ڪونه آهي. اهڙن نتيجن تي ٻيهر نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. پنهنجي حاصل ڪيل نتيجن جي باري ۾ اندروني رابطو ته هئڻ ئي گهرجي، پر اُنهن نتيجن جو، ٻين محققن جي حاصلات سان به ضرورت مطابق تعلق ڏيکارڻ گهرجي. هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکجي ته محقق کي پنهنجي شخصي ڇنڊڇاڻ ۽ حاصلات تائين محدود رهڻ گهرجي، ۽ نتيجن جي صورت ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به نه ڏيڻ کپن، جن جي ڇنڊڇاڻ مقالي ۾ ٿيل ئي نه هجي. ان طرح محقق کي هر وقت پنهنجي سيمائن (حدن) جو احساس هئڻ کپي. محقق کي خود پنهنجو پاڻ سان سوال ڪرڻ گهرجي ته انهن نتيجن کي پيش ڪرڻ وقت سندس آتم وشواس ته ڪمزور ڪونه ٿو ٿئي! جيڪڏهن ائين هجي ته کيس پنهنجي ڪم تي وري نظرثاني ڪرڻ گهرجي. مقالي جي آخري حصي ۾ نتيجا پيش ڪرڻ وقت اِهو پڻ خيال رکجي ته اُن ۾ ڪا نئين ڳالهه نه چيل هجي؛ پر سموري مقالي ۾ جيڪي ڳالهيون تفصيل سان چيل آهن، صرف اُنهن جو ئي سار (تت) هن حصي ۾ اختصار سان ڏيڻ گهرجي. هن حصي کي پڙهڻ سان اِهو واضح ٿيڻ گهرجي ته پيش ڪيل مقالي ڇا ثابت ڪيو آهي. هيءُ حصو ڪيترو ڊگهو هجي، تنهن جي باري ۾ ڪو به اُصول مقرر ٿيل ڪونه آهي. اُن جون حدون، وشيه ۽ مقالي جي وشالتا (وسعت) تي مدار رکن ٿيون. عام طور تي ادبي مقالن ۾ هيءُ حصو ڏهن صفحن کان وڌيڪ ڪونه هوندو آهي. 3. مقالي جو پڇاڙي: (الف) سمورا پڙهيل ڪتاب، جن مان مدد ورتي وئي، يا حوالا اخذ ڪيا ويا، اُنهن جي فهرست ’ڪتابن جي يادداشت‘ واري عنوان هيٺ ڏيڻ گهرجي. (ب) ڪهڙو ٻيو مددگار مواد، تصويرون، يا خاڪا وغيره جيڪي مقالي ۾ ڪم آندل هجن، اُنهن کي جدا جدا ضميمي (Appendix) هيٺ ڏيڻ کپي.