ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (633) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66628 ڀيرا پڙهيو ويو |
محقق ۽ رهنما (Guide)، ٻنهي ۾ ڪجهه خاص خوبيون هئڻ ضروري آهن. هڪ محقق لاءِ، رهنما جو هجڻ نه صرف ضروري پر اڻٽر آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ خاص تعلق هوندو آهي ۽ جڏهن ٻئي پنهنجي پنهنجي صلاحيتن جا ماهر هوندا، تڏهن ئي تحقيقي عمل جي ڪاميابي يقيني بڻبي آهي. محقق (کوجنيڪ): هڪ محقق ۾ هيٺين دماغي قوتن جو هئڻ ضروري اهي: (1) دليلبازيءَ جي قوت (رچناتمڪ (تخليقي) ۽ حاصل ڪيل) (2) حافظي جي قوت (ڪتابي: مفصل ۽ دليلن تي ٻڌل) (3) ڪلپنا جي قوت (مضبوط ۽ طويل) (4) ذهني سچائي (پاڻ ڏانهن ۽ وشيه (موضوع) ڏانهن) (5) دلچسپي ۽ حوصلو (بنيادي رچناتمڪ عمل سان واسطو رکندڙ) (6) تجسس (مضبوط ۽ چست) ڪنهن به محقق ۾ مٿين وصفن جو هئڻ ضروري هوندو آهي. اُن کان سواءِ سندس لاڙو يا رجحان، آتم وشواس (خوداعتمادي) ۽ وشيه (موضوع) سان دلچسپي وغيره به اچي وڃن ٿا. ڪن عالمن جي راءِ ۾ ڪي وصفون اهڙيون به آهن، جي محقق لاءِ ضروري نه آهن، پر عام طور هر هڪ محقق ۾ نظر ڪونه اينديون آهن. محقق جو فرض ۽ سندس جوابدارين کي ڏسندي، اُن جي دماغي قوتن تي زور ڏيڻ سڀاويڪ آهي. تجربي مان ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪو صحيح محقق پنهنجي وشيه (موضوع) تي ڪم شروع ڪندو آهي ته ڪي وصفون سندس شخصيت ۾ اڳ ئي سڀاويڪ طور موجود هونديون آهن ۽ باقي ڪجهه رهيل صلاحيتون وقت گذرندي ۽ اڀياس ڪندي اُن ۾ پيدا ٿي وينديون آهن. مٿين دماغي قوتن جي لنبي فهرست ڏسي، ڪنهن به محقق کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. انهن لياقتن جو ذڪر صرف محقق کي مضبوط ۽ عمل پيرا ٿيڻ ۾ جوش ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. محقق جي ڪم جي شروعات تجسس يعني انتظاريءَ ۽ بي چينيءَ سان ٿيندي آهي. انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون پيچيديون حالتون سامهون منهن ڪڍنديون آهن، جو هُو پيش ايندڙ مسئلن جي باري ۾ هڪ تجسس سان ڀريل ڪيفيت جو احساس ماڻي ٿو. اِها پُرتجسس ڪيفيت هڪ ذهني ڪشمڪش پيدا ڪندي آهي. اُتي ئي هڪ محقق حالتن موجب هڪ مقرر نتيجي تائين پهچڻ جو زبردست احساس ماڻيندو آهي ۽ اِها ئي ڳالهه هن لاءِ سنگهرش (ڪوشش) ۽ جدوجهد جو باعث بڻبي آهي. هڪ محقق جي اڻتڻ ۽ تجسس کان پيدا ٿيندڙ تحريڪ جتي جذباتي طور کيس پريشان رڪي ڇڏيندي آهي، اُتي ئي سندس ذهني صلاحيت کي اُڀارڻ ۾ پڻ مدد ڪندي آهي. اُن جي نتيجي ۾ هن جي دماغي طاقت سندس سوچ ويچار، قياس آرائيءَ ۽ ڪلپنا وغيره جي مرحلن مان گذرندي، ٺيڪ پنهنجي مسئلي جي حل ڏانهن وڌندي رهندي آهي. ذهني نقطه نگاه کان ڌيرج، شانتي ۽ ذهني هوش حواس کي قابو ۾ رکڻ وارو عمل ئي سندس مددگار ثابت ٿيندو آهي. محقق کي مختلف مرحلن مان گذرندي سندس دل ۾ پنهنجي تحقيقي عمل لاءِ زبردست چاهنا پيدا ٿيندي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مشڪلاتون سامهون ڏسندي ۽ وسيلن جي گهٽتائي هوندي به کيس پنهنجي ڪم ۾ لطف ايندو رهندو آهي. هن جي اِها چاهنا شدت اختيار ڪندي آهي ته هُو پنهنجي ننڊ آرام به وساري ڇڏيندو آهي. اِن طرح تحقيقي عمل جي پوري ٿيڻ کان پوءِ محقق کي جنهن حقيقي فخر ۽ بي انتها خوشيءَ جو احساس ٿيندو اهي، اُهو تحقيق دوران به سندس دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهندو آهي. جيستائين محقق جي ذهني صلاحيتن جو تعلق آهي، اُن لاءِ وٽس زبردست دليبازيءَ جي قوت هئڻ ضروري آهي. ڪڏهن ته مليل وشيه (موضوع) جي اوک ڊوک ڪندي چپي چپي تي دليل بازيءَ ذريعي ئي سوچ ويچار ڪري سگهبو آهي. اهڙي عمل لاءِ ٻي ڳالهه اِها ضروري آهي ته لڳاتار انداز ۾ غور ۽ فڪر ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن سندس سوچڻ جي رفتار سست به ٿي سگهندي آهي، پر وڌيڪ وقت ۽ سهوليتن جي مدنظر کيس سوچ ويچار ۾ پڻ مسلسل مصروف رهڻو پوندو آهي. ذهن مضبوط ۽ چست رکڻ واسطي محقق کي وشال درشٽيءَ (وسيع ذهن/وسيع نظر) وارو هئڻ ضروري آهي. محقق جو دماغ ڪنهن مهل به غير مشغول رهڻ نه گهرجي. جيڪا ڳالهه هن جي تحقيق ۽ اڀياس جو وشيه (موضوع) هوندي آهي، اُها تحقيقي عمل جي مختلف مرحلن ۾ ضرورت موجب سندس ذهن تي مسلط رهڻ گهرجي. اُن لاءِ رچناتمڪ (تخليقي) يادگيريءَ جي طاقت جو هئڻ ضروري آهي. هن جي ڪم جي تڪميل سان گڏوگڏ سندس حافظو به مضبوط ٿيندو رهندو آهي. ذهني لحاظ کان محقق کي ايماندار هئڻ گهرجي. ذهني ايمانداريءَ جو مطلب اِهو آهي ته هُو پنهنجي وشيه (موضوع) جو هر وقت جائزو وٺندو رهي ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪري. دماغي اڀياس جي سلسلي ۾ ڪا تڪليف يا رنڊڪ آڏو اچي ته اُن جي مطالعي ۾ ضرورت کان وڌيڪ وقت وڃائڻ نه گهرجي. اهڙيءَ حالت پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ تحقيقي عمل جي سلسلي ۾ محقق جي ايمانداري قائم رهي نه سگهندي. دماغ جي خيال کان محقق کي تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هئڻ ضروري آهي. هن جي رُچي (دلچسپي) صرف هڪ طرفي نه هئڻ گهرجي، پر تخليقي صلاحيت، نئين سوچ، دل ۾ پيدا ٿيندڙ ويچار ۽ آتم وشواس جهڙا عنصر پڻ سندس ذهني قوت لاءِ ضروري آهن. محقق جي شخصيت ۾ جمالياتي احساس ۽ زهني صلاحيتن جو ميلاپ ئي تحقيقي عمل کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿو. هن جي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ تخيل يا نئين سوچ به بلڪل واضح هئڻ گهرجي ته جيئن ڪن حالتن ۾ ڪي اهڙيون مشڪلاتون درپيش اچن، ته هُو لڳاتار سوچ ويچار ڪري اُنهن تي قابو پائي سگهي. سهوليتون: ذهني صلاحيتن کي پوريءَ طرح حاصل ڪرڻ کانپوءِ به جيڪڏهن محقق کي ضروري سهوليتون ميسر نه هونديون ته تحقيقي عمل مڪمل ٿي نه سگهندو. اِهي سهوليتون هيٺينءَ ريت آهن: مالي سڪون: محقق لاءِ هيءَ ڳالهه تمام ضروري آهي، جنهن جي اڻ موجودگيءَ ۾ هُو پري آتم وشواس سان پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي نه سگهندو. جيڪڏهن کيس مالي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻو پوندو ته سندس تحقيقي ڪم ۾ رُخنو پئجي سگهي ٿو؛ ان ڪري وڏن محققن لاءِ وظيفي يا Scholarship جي بيحد ضرورت رهندي آهي. لائبرريءَ جي سهوليت: لائبرري، جنهن ۾ معياري ۽ اهم ڪتاب موجود هجن، اُن جي موجودگي تحقيقي عمل لاءِ بيحد ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن لائبرريءَ ۾ محقق لاءِ ڪارائتا ڪتاب موجود هجن، ته اُهي جلد يئ گهرائي کيس فراهم ڪرڻ جو انتظام ٿيڻ گهرجي. اُن کان سواءِ ڪن ناياب ڪتابن ۽ قلمي نسخن جي حاصلات لاءِ محقق کي ڪٿي ٻاهر يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻ جي به ضرور پئجي سگهندي آهي. سفر: تحقيقي عمل دوران ڪڏهن ڪڏهن سفر ڪرڻ به ضروري هوندي آهي. ٻين يونيورسٽين جي مشهور ۽ معروف پروفيسر وغيره سان صلاح ڪرڻ ۽ ڪڏهن زير تحقيق ليکڪ يا شاعر سان ملاقات ڪرڻ ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ناياب ڪتابن جي حاصلات لاءِ محقق کي سفر ڪرڻ جو ضرور ٿي پوندو آهي. ان لاءِ کيس مناسب سهوليتن جو انتظام هئڻ گهرجي. جيڪڏهن تحقيق جو وشيه (موضوع) ڪنهن جائزي يا مخصوص علائقي سان واسطو رکندڙ آهي ته اُن لاءِ به سفر ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. اوزار ۽ مشينون: ڪنهن وشيه (موضوع) جو جائزو وٺڻ، يا ڪنهن مخصوص علائقي ۾ وڃي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر سخت ضروري آهي، جنهن کان سواءِ محقق کي اُن علاقائي ٻولي ۽ لوڪ ادب وغيره جو اڀياس ڪرڻ ۾ انتهائي تڪليف درپيش ايندي. قلمي نسخن جون تصويرون وٺڻ لاءِ ڪنهن نموني فوٽو اسٽيٽ جي سهوليت به ضروري هوندي آهي. مليل تفصيلن کي پڙهڻ لاءِ ضروري اوزارن جي موجودگي ۽ اُنهن جي استعمال لاءِ سکيا وٺڻ به ضروري آهي. موجوده دور ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال پڻ ڪيترو ئي فائدو ڏئي سگهي ٿو. محقق هڪ مفڪر: تحقيق جي سموري مرحلي ۾ محقق جي خيالن جي لهر هلندي ئي رهي ٿي. صرف مواد جي موجودگي ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ئي ڪافي نه آهي. سوچ ويچار جو هيءُ عمل وگيانڪ (سائنسي) ۽ دليلن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. وگيانڪ انداز فڪر اهو اهي، جنهن ۾ حقيقتن سان لازمي طور تعلق قائم رهي ٿو، اُن جي رُوپ ريکا ۽ ڪاٽ ڪُوٽ يا سٽا، حقيقتن جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. اهڙو انداز فرڪ صرف پنهنجي مخصوص وشيه (موضوع) سان واسطيدار ئي هئڻ گهرجي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ محقق پنهنجي رستي تان ڀٽڪي سگهي ٿو. اُن اندازِ فڪر کي وشيه (موضوع) جي اڻپوري ۽ ڪمزور حل کان بچائي رکڻ گهرجي، تنهن کان سواءِ هڪ ٻئي جي اُبتڙ ڳالهين کي به اُن دائري ۾ نه آڻڻ گهرجي. محقق جي سوچ ويچار جون لهرون، وشيه (موضوع) ۽ مسئلي جي حدن اندر ئي فائديمند ٿي سگهن ٿيون. اهڙي اندازِ فڪر جي بنيادي خصوصيتن ۾ وقت، مواد، غير واسطيدار جائزي، سبب ۽ سلسلي جي لنبائيءَ جي پوري ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. ڪمزور نتيجا: ڪي محقق پنهنجي عمل جي جوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور پر دلچسپ ۽ آڪرشڪ (پُرڪشش) نتيجا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هُو اِهو به خيال نه رکندا آهن ته مليل گواهين مان اُن نتيجي جي پٺڀرائي ٿئي ٿي يا نه؛ ڇو ته اِتي ذهني عمل تي جذبات حاوي ٿيو وڃن ٿا. اُن لاءِ هڪ ڪامياب ۽ هوشيار محقق تيستائين ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهندو آهي، جيستائين سمورو ۽ مڪمل مواد حاصل نه ٿي وڃي. مريادائن ۽ سيمائن (حدن) جي خلاف ورزي: طئي ٿيل وشيه (موضوع) ۽ مسئلي جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ محقق جي ذهني عمل لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. محقق جي خيالن ۾ لچڪ هئڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ سيمائن (حدن) جي خلاف ورزي پنهنجو پاڻيهي ٿيڻ لڳندي آهي. سوچ ويچار جي نئين رُخ ۽ اُميد جي اُبتڙ نتيجن ڏانهن به سندس نظر هئڻ گهرجي، بشرطيڪ اُن جو بنياد حقيقتن ۽ دليلن تي ٻڌل هُجي؛ ڇو ته اَڻپورين حقيقتن تي ٻڌل نتيجا يا اُصول ڪڏهن به ڀروسي جوڳا ڪين ٿي سگهندا. محقق هڪ جاسوس: محقق جي نظر۽ اُن جي ڪم جو طريقو هڪ جاسوس سان هڪجهڙائي رکندو آهي. جيئن هڪ جاسوس ننڍين ننڍين پُراسرار ڳالهين کي باترتيب دليلن جي روشنيءَ ۾ پرکي ٿو، تيئن محقق به پنهنجي تحقيق واري عمل دوران منصفانه ۽ قابل يقين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن پُراسرار اشارن ۽ نقطن کي دليلبازيءَ واري انداز ۾ گڏ ڪندو آهي. جهڙي نموني هڪ جاسوس جي ڀروسي مند گواهيءَ تي عمل ۽ انصاف جو دارومدار هودنو آهي، ساڳيءَ طرح محقق جون حاصل ڪيل شاهديون به سندس نتيجن کي قابل قبول بڻائي سگهن ٿيون. هڪ ڪامياب جاسوس وانگر محقق کي به اِها ڄاڻ هئڻ کپي ته اُهي پراسرار اِشارا کيس ڪٿان ملي سگهندا. هن کي اهڙن اِشارن سان گڏ ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ اُنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي علم ۾ مهارت هئڻ گهرجي. مواد حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن وسيلي سان سندس تعلق هئڻ کپي. عام طور اهڙين معنيٰ دار ۽ فائديمند شاهدين جي ڳولا لائبررين ۾ ٿيندي آهي. اُن لاءِ کيس لائبرريءَ اندر رکيل ڪتابن جي فهرست، ۽ اُنهن جي رکڻ واري طريقي جي ڄاڻ هئڻ گهرجي، ته جيئن واسطيدار مواد جي تلاش جلد ۽ مڪمل انداز ۾ ٿي سگهي. مواد جي چونڊ جو علم هئڻ به ضروري آهي ته جيئن هُو غير ضروري مواد کي نظرانداز ڪري پنهنجي لاءِ مفيد ۽ ضروري مواد ڪٺو ڪري سگهي. جيڪڏهن ضرورت کان به ڪجهه وڌيڪ مواد گڏ ٿي سگهي ته اُن ۾ ڪا خرابي نه آهي، پر ضرورت کان گهٽ مواد جي فراهمي، تحقيقي عمل ۾ ڪنهن وقت به رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي. رهنما: جيتوڻيڪ تحقيقي عمل (Research Methodology) جي ملڪي توڙي غير ملڪي ڪتابن ۾ رهنما (Guide) بابت ڄاڻ تمام گهٽ ڏنل آهي، پوءِ به تجربي جي بنياد تي رهنما جي باري ۾ ويچار ڪري سگهجي ٿو. رهنما جي چونڊ: يونيورسٽيءَ جي تحقيقي وڀاڳن (شعبن) ۾ رهنما (Guides) جي مقرري ڪجهه علمي قابليتن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. جڏهن محقق اُن ميدان ۾ داخل ٿيندو آهي ته هن جي سامهون رهنما جي چونڊ جو سوال هوندو آهي. اُن لاءِ ٻه صورتون ٿي سگهن ٿيون: (1) وشيه (موضوع) جي لحاظ کان رهنما جي چونڊ (2) رهنما جي لحاظ کان وشيه (موضوع) جي چونڊ انهن مان پهرين صورتحال وڌيڪ صحتمند آهي، ڇو ته اُن حالت ۾ محقق جي آزادي ڪنهن مخصوص حد تائين برقرار رهندي آهي. پر ائين پڻ چيو ويندو آهي ته وشيه (موضوع) جي چونڊ سان ئي رهنما جو ڪم شروع ٿيندو آهي ۽ اُن طرح رهنما جي چونڊ، تحقيقي عمل جو پهريون مرحلو بڻجي پوندي آهي. يونيورسٽين ۾ هيئن ٿيندو اهي ته هڪ رهنما جي رهنمائيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ محققن جو تعداد مقرر هوندو آهي، جنهن ڪري اُن وقت سخت تڪليف پيش ايندي آهي. جڏهن ڪنهن محقق جي پسنديده وشيه (موضوع) سان واسطيدار رهنما وٽ تحقيق ڪندڙن جو تعداد اڳ ئي پورو ٿيل هوندو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ محقق کي يا ته وشيه (موضوع) بدلائڻو پوندو آهي يا ته وري ماڳهين ئي پنهنجي تحقيقي عمل کي طاق تي رکي ڇڏڻو پوندو آهي. بهرحال عام طور تي وشيه (موضوع) جي چونڊ، محقق ۽ رهنما ٻئي گڏجي هڪ ٻئي جي سهڪار سان طئي ڪندا آهن. آزاديءَ جي نالي ۾ رهنمائي: عام طور ائين مڃيو ويندو آهي ته محقق کي پنهنجي تحقيقي عمل ۾ پوريءَ طرح آزادي هئڻ گهرجي، اُن لاءِ اِهو ضروري آهي ته رهنمائيءَ جو طريقو اهڙو هئڻ کپي، جو محقق جي آزاديءَ ۾ڪابه رنڊڪ نه پوي. اِن طرح تحقيقي عمل جي هر مرحلي ۾ اها آزادي ضروري آهي. اصولي طور رهنمائيءَ جي ضرورت اِن لاءِ پڻ پوندي آهي ته محقق کي رهنما جي تجربن مان ڪجهه سمجهڻ جو موقعو ملي سگهي. رهنما جي ضرورت اُنهن ئي حالتن ۾ پوندي آهي، جڏهن محقق جي آڏو ڪي ڏکيا مسئلا پيش ايندا آهن. انهن بابت محقق پنهنجي رهنما سان ضروري صلاح مشورو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن رهنما جو ڪم فقط رهنمائيءَ تائين ئي محدود رهندو ته محقق جي آزاديءَ ۾ ڪابه رنڊڪ نه پوندي. رهنما کي ڪابه صلاح ڏيڻ وقت بي طرفدار هئڻ ۽ نرم رخ اختيار ڪرڻ کپي. هن کي وڏيءَ فراخدليءَ سان محقق جي تڪليفن کي سمجهڻ گهرجي ۽ اُنهن جو حل ٻُڌائڻ ۾، محقق جي پيش ڪيل دليلن کي رد قد ڏيندي پنهنجي احساس برتري يا ڪنهن به قسم جي دٻاءَ جو استعمال نه ڪرڻ کپي. هن کي گهرجي ته پنهنجن دليلن جي مخالف ڳالهين کي به، جيڪڏهن اُهي وشواس جوڳيون آهن ته قبول ڪري. اِن طرح رهنم اجي ڪم جو طريقو اِئين هئڻ کپي جو محقق جي آزادي، اُن جو حوصلو ۽ تجسس وغيره ڪنهن به خيال کان گهٽ نه ٿئي، پر اڃا به وڌندو رهي. رهنمائيءَ جا مرحلا: رهنمائيءَ جا مرحلا به تحقيقي عمل وانگر ساڳيائي آهن. وشيه (موضوع) جي چونڊ: وشيه (موضوع) جي چونڊ جي ذميواري خصوصي طور محقق تي ئي هوندي آهي، پر اُصولي طور تي وشيه (موضوع) جي چونڊ ۾ به رهنما جي صلاح ضروري سمجهي وڃي ٿي. ان جو مطلب اِهو نه آهي ته سڌو سنئون رهنما ئي ڪنهن وشيه (موضوع) جي رٿ ڏئي ڇڏي. اهڙو عمل محقق جي دلچسپيءَ جي خلاف به ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري رهنما کي صرف رهنمائيءَ جو ڪم ئي نڀائڻ گهرجي. رهنما لاءِ اِهو ضروري آهي ته هُو محقق جي شوق ۽ اُن جي پسند کان واقف هجي، جنهن کان پوءِ ئي هو واسطيدار ميدان جي مسئلن کان کيس آگاهه ڪري. ان سلسلي ۾ رهنما جون همدرديون محقق سان گڏ هئڻ گهرجن. آخرڪار محقق کي ئي پنهنجي پسند جي وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته رهنما، محقق جي دلچسپيءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه وشين (مضمونن) جي فهرست اُن جي سامهون رکي ۽ محقق کي اُن مان ڪنهن به هڪ وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏئي. ٻيءَ صورت ۾ رهنما، محقق کان ئي اُن جي پسنديده وشين (موضوعن) جي فرهست گهري سگهي ٿو. محقق، پنهنجي وشين مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ انتهائي خبردار هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ رهنما، محقق جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ اُن جي ڪنهن وشيه (موضوع) ۾ هُو ضروري ڦيرڦار به آڻي، محقق کي وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. محقق، ان ڳالهه جو ڌيان کرڻ ضروري آهي ته وشيه (موضوع) جو ميدان وڌيڪ وشال (وسيع) نه ٿي پوي. تحقيق جي دائري جي مقرري: وشيه (موضوع) جي چونڊ کان پوءِ تحقيقي عمل جي دائري جي مقرريءَ جو مرحلو ايندو آهي، جنهن هيٺ مختلف باب مقرر ڪيا ويندا آهن. اِن موقعي تي رهنما کي گهرجي ٿي: (1) هُو محقق کي تحقيق جي دائري ۽ اُن جي ورهاست جي باري ۾ صلاح ڪرڻ جو موقعو ڏئي. (2) اُن صلاح مصلحت جي روشنيءَ ۾ محقق پنهنجي مقالي جو خاڪو تيار ڪري. (3) اُن خاڪي ۾ رهنما مناسب تبديليون ۽ حدبنديون ڪري ڇڏي. ڪم ڪرڻ جي طريقي جي مقرري: هيءُ اُهو مرحلو آهي، جتي رهنما جي ضرورت سڀ کان وڌيڪ پوندي آهي. محقق کان اِها اُميد ته ڪري سگهجي ٿي ته هُو پنهنجي وشيه (موضوع) سان تعلق رکندڙ هجي، پر طريقه ڪار جي باري ۾ کيس تمام گهٽ ڄاڻ هوندي هي. اِهو ئي سبب آهي جو ڪيترين يونيورسٽين ۾ تحقيق جي طريقه ڪار جي باري ۾ سکيا وٺڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي. جتي اهڙو انتظام آهي، اُتي به محقق کي تحقيق جي طريقن جي باري ۾ صرف مٿاڇري ڄاڻ ئي ملندي آهي. باقي ڪنهن مخصوص وشيه (موضوع) لاءِ خصوصي طريقن جي باري ۾ رهنمائيءَ جو طريقو اهڙو هئڻ گهرجي، جو محقق هڪ مشين نه بڻجي پوي. مواد جي مقرري: محقق کي مواد جي حاصلات لاءِ سمورو ڪمپاڻ ئي ڪرڻو پوندو آهي، پر ڪهڙو ڪهڙو مواد ڪٺو ڪيو وڃي، اُن جي مقرريءَ لاءِ رهنما جي صلاح جي ضرورت پوندي آهي. رهنما سموري گڏ ڪيل يا ممڪن مواد کي مختلف حصن ۾ ورهائڻ لاءِ ضروري مشورا ڏيندو آهي، جنهن بعد وري اُن هر هڪ حصي واري مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ به رهنمائيءَ جي ضرورت پوندي آهي. Statistics (انگن اکرن) وغيره جهڙن وشين لاءِ خصوصي طريقن جي باري ۾ ضروري ڄاڻ ڏيڻ ۽ اُن تي قاعدي سان عمل ڪرائڻ وغيره گهڻي ڀاڱي رهنما جي ذميواري هوندي اهي. پيشڪش: آخر ۾ رهنما کي اِهو ڏسڻو هوندو آهي ته مليل مواد، دليلن يا ثبوتن جو استعمال صحيح طريقي سان ٿيو آهي يا نه. اِن مرحلي تي رهنما جي حيثيت هڪ نقاد جهڙي هوندي آهي. محقق جي لکڻيءَ کي مناسب لفظن جو استعمال، وزندار ۽ جاندار بڻائيندو آهي. اِن سلسلي ۾ خصوصي ۽ وشيه (موضوع) سان واسطيدار اصطلاحي لفظن جي مقرري پهريائين ئي ڪئي ويندي آهي، جنهن بعد پوري مقالي ۾ انهن لفظن کي بنا ڪنهن ڦيرڦار جي استعمال ڪرڻ ضروري هوندو آهي. رهنما انهن مان ڪن غيرضروري جزن کي ڪڍي به ڇڏيندو آهي. هڪ مقالي جي سڀ کان وڏي خصوصيت اُن جو اختصار يا تاتپريه (تت) ۽ پنهنجي وشيه (موضوع) جي اردگرد ڪيل اُن جي اُپٽار هوندي آهي.