ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (633) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66630 ڀيرا پڙهيو ويو |
دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان به موجود آهن، جن کي ڏٺي بنا، مٿن عاشق ٿي وڃبو آهي. لطيف سائينءَ ڪهڙو نه سٺو فرمايو آهي ته: ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين! ڪن ملڪن ۾، ڪن ماڻهن سان، کين ڏٺي بنا، منهنجي محبت آهي. انهن مُلڪن مان ڀارت ۾ پروفيسر ڊي. ڪي. منشاراماڻي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جا نالا وٺندي، مون کي روحاني سڪون ٿو نصيب ٿئي، جن مان ڪن سان خط و ڪتابن يا پيار ۽ محبت وارن پترن جي ڏي وٺ ٿي آهي يا ٿيندي رهي آهي. هڪ نالو ٻيو به ذهن تي تري آيو اٿم، اهو دوست پروفيسر گنگارام ”گرگ“ آهي، جيڪو ڀارت جو هڪ وڏو عالم آهي. هن دوست سان تمام پراڻي دوستي رهي آهي، پر هڪ ٻئي سان ڪڏهن به مليا نه آهيون. آءٌ ڀاءُ هيري ٺڪر تي سندن تحقيق، قاضي قادن جي ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ کيس ڏٺي بنا، مٿس عاشق ٿي پيس. ڊسمبر 1983ع ۾، تامل ناڊو رياست جي آنملائي نگر (بستيءَ) جي آنملائي يونيورسٽيءَ ۾ Association of Indian Universities طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ واپس جڏهن دهلي پهتس، تڏهن هڪ ڏينهن سڄو دهليءَ ۾ هوس. مون پهرين ته هيري جي تلاش ڪئي. ريڊيو اسٽيشن تي ويس پر هيرو هٿ نه آيو، پوءِ دهليءَ جي ادبي ادارن، بازارن، شاهي سڙڪن، هوٽلن، لال قلعي ۽ بادشاهي مسجد جي زيارت کانپوءِ ٻاهر نڪري، سامهونءَ واري بازار ۾ هيري کي ڳولڻ لڳس. پر هيرو ڪنهن کاڻ جي تري ۾، ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل هو، سو مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪٿان ٿو هٿ اچي؟ هوائن کان پڇيم، جيڪي چؤطرف پئي لڳيون، پر ڪامياب نه ٿيس. جهاز جي اُڏامڻ ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ هئا. سک ٽئڪسي ڊرائيور، جنهن اهي سڀ هنڌ مون کي گهمايا هئا، تنهن به پنهنجي ليکي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه حاصل نه ٿيو. نيٺ سندس نالي هڪ پريم پتر لکيم، جنهن ۾ ساڻس منهنجي محبت جو احوال، ملڻ جي سڪ ۽ تڙپ جو احوال اوريو هئم. اهڙيءَ طرح ٻيو دوست، جنهن سان ڪافي ادبي ڏيٺ ويٺ رهي هئي، اهو دوست هو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. هوائي اڏي تي پهچي ڊاڪٽر جيٽلي کي فون ڪيم، پر سندس فون هر وقت مشغول ئي مليو. هيري سان منهنجي ملاقات تازو 1996ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي، جڏهن هو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان گڏ، ڪلهوڙا ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيل هو، ٻئي خوب ڀاڪر پائي ملياسين ۽ ڪافي دير تائين هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ جهليوسين ۽ دل جو بار هلڪو ڪيوسين. يقين ڄاڻو ته اها محبت يڪطرفي بلڪل نئي لڳي. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو نالو به هڪ وڏو نالو آهي. ڊاڪٽر مٽلاڻي سنڌي علم ادب جو هڪ قدآور ماڻهو آهي. هو ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي وڀاڳ جو چيئرمئن ۽ پروفيسر آهي. اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. ممبئي يونيورسٽي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج ڪانهي. سنڌ ۾، 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو قائم ٿيڻ تائين سنڌ جا سڀ شاگرد مئٽرڪ کان وٺي سڀ امتحان، ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڏيندا هئا. ڇا معيار هو تڏهن اسان جي تعليم جو! ممبئي يونيورسٽي، بين الاقوامي يونيورسٽي هوندي هئي ۽ اڄ به آهي. اُن وقت جا تعليمي ماهر، اُستاد، تڏهوڪي تعليمي معيار جا اڄ به مثال ڏيندا آهن. شروع شروع ۾ ته سنڌ يونيورسٽي به، ممبئي يونيورسٽيءَ جي نموني يعني pattern تي هلي، ان ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ ۽ ٻين سرٽيفڪيٽن توڙي ڊگرين جو معيار تمام گهڻو اعليٰ هوندو هو. بهرحال اسان جو ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر ارجن ’شاد‘ ۽ پروفيسر نارائڻ ڀارتيءَ کان پوءِ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو صدر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پروفيسر آهي، جنهن لاءِ هر سنڌيءَ کي فخر ڪرڻ گهرجي. 1995ع ۾، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي صاحب مون کي سندس شعبي يعني سنڌي شعبي ۾، سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي طرز تي ’سنڌي ڀاشا ڀون‘ اداري جي رٿا ٺاهي موڪلڻ لاءِ حڪم فرمايو هو. مون کي ياد نه آهي ته، منهنجي ٺاهيل اُن رٿا ۾ ڇا ڇا هو، ڇاڪاڻ ته اُن جي ڪاپي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ يئ فائيل تي رکي وئي هئي، پر مون جيڪي به رنڊا روڙيا هئا، سي ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مسز سنيهلتا ديشمک صاحبه جهڙن صرافن وٽ قبول پيا ۽ بقول مرشد لطيف: محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو! تاريخ 3 جون 1997ع تي لاڙڪاڻي مان ٻه نوجوان ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب طرفان موڪليل ڪتاب ۽ اُن سان گڏ سندس خط کڻي آيا. آءٌ تڪڙو هوس، ڇو ته مون کي لطيف آباد ۾ ڪنهن ميٽنگ ۾ پهچڻو هو. مون کي لفافو ڏيڻ کان پوءِ اُن نوجوان مون کان پڇيو ته ”سائين آءٌ جواب وٺڻ ڪڏهن اچان؟“ مون کيس هڪ هفتي کان پوءِ اچڻ لاءِ چيو ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي هليو ويس. رات جو ٻارهين بجي موٽي اچڻ کانپوءِ جڏهن لفافو کولي ڏٺم ته اُن ۾ ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ جو خط، ”سچل جون واديون“ ڪتاب ۽ ٽيون سندس اڻ ڇپيل ڪتاب ”تحقيق جو فن ۽ اُن جا اصول“ جو نسخو موجود هو. ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ جي ترجمو ڪيل نسخي تي، هن ڪتاب جي اصل مصنف، ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جو نالو پڙهي، مون کي ڊاڪٽر دلويءَ سان 1963ع ۾ ، لنڊن يونيورسٽيءَ جي SOAS ۾ گذاريل زمانو ياد اچي ويو. دلوي صاحب انهن ڏينهن ۾ لنڊن يونيورسٽي ۾ Ph.D ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ آءٌ ’علم لسانيات ۽ صوتيات‘ ۾ ايم. اي جو پروگرام پورو ڪري، امتحان ڏيئي فارغ ٿي چڪو هوس ۽ پاڻيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ جو انتظار ڪري رهيو هوس. ان وقت دلوي صاحب مون کان پنج يا ست کن سال ننڍو ٿي لڳو ۽ آءٌ 32 سالن جو هوس، دلوي صاحب ۽ آءٌ رلڻ پنڻ جي بدران SOAS جي لائبرريءَ، سينيٽ هال واري لائبرريءَ يا برٽش ميوزيم واري لائبرري ۾ وقت گذاريندا هئاسين. هي نوجوان ڏاڍو ذهين، محنتي ۽ مخلص ٿي لڳو. آءٌ جولاءِ 1963ع ۾ پاڪستان موٽي آيس. اُن کان پوءِ منهنجي ۽ دلوي صاحب جي وري ملاقات ڪانه ٿي هئي، البت هو اُن ساڳئي ڪاليج (اسماعيل يوسف ڪاليج جوڳيشوري، ممبئي) ۾ اردو زبان ۽ ادب جو پروفيسر هو، جتي منهنجو ڀاءُ، منهنجو دوست ۽ منهنج عزيز پروفيسر ڊي. ڪي. منشاراماڻي فارسي زبان ۽ ادب جو پروفيسر هو، انهيءَ ساڳئي ڪاليج ۾، ڪنهن زماني ۾، ورهاڱي کان اڳ دنيا جو مشهور عالم ڊاڪٽر دائود پوٽو عربي زبان جو اُستاد ٿي رهيو. ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ پنهنجي خط مؤرخه 20 مئي، 1997ع ۾ لکيو هو ته: ”پوجيه سائين! هينئر وري هڪ ٻيو عرض ڪري رهيو آهيان. اسان جي ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئيءَ طرفان هن خاڪسار جو ترجمو ڪيل ڪتاب ’تحقيق جو فن ۽ اُن جا اصول‘، شايع ٿي رهيو آهي، جو اصل ۾ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، هيڊ شعبهء اردو، يونيورسٽي آف ممبئي، جن جو لکيل آهي.“ اڳتي لکن ٿا: ”سائين، جيتري قدر مون کي علم آهي ته هتي ڀارت ۾ هيل تائين Research Methodology تي سنڌيءَ ۾ ڪو به ڪتاب نڪتل ڪونه آهي. جڏهن ته ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي شاگردن کي اهڙي ڪتاب جي ضرورت رهندي آهي. ايم. فل ۾ ته اهو هڪ پيپر ڪري پڙهائيندا آهيون، اُن لاءِ محققن کي تحقيق جي طريقه ڪار جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. مون کي پنهنجي ڪم علميءَ جي پُوري ڄاڻ آهي، اُن هوندي به حجت رکي. اوهان کي پنهنجي ڪتاب جو قلمي نسخو موڪلي رهيو آهيان. جيڪڏهن اوهان صاحب ان مذڪوره ڪتاب لاءِ ’ٻه اکر‘ لکي موڪليندا ته پڪ آهي ته هن ڪتاب جي معيار ۾ بي انتها اضافو اچي ويندو. ان سان گڏوگڏ آءٌ پڻ اوهان جو بيحد مشڪور رهندس.“ ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب، مون فقير لاءِ جيڪي ساراهه جا لفظ لکيا آهن، تن لاءِ آءٌ سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. حقيقت هيءَ آهي ته جيئن فارسي زبان ۾ چيو اٿن: ”من آنم که مي دانم“ بهرحال ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب جي حڪم جي تعميل ڪندي، منهنجي ڪشڪول ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو پيش ڪريان ٿو: يعني ’حال حبيبان پيش پريان‘. ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب، ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جي ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، نه فقط سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، پر ان سان گڏ ڀارت ۾، اردو زبان ۽ ادب جي ماهرن وٽ سنڌي زبان جي وسعت ۽ ان جي ادب جي صلاحيتن، اهميت ۽ علميت کي مڃرايو آهي. پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ آءٌ عرض ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ سنڌي زبان ته خير، پر خود اردو زبان ۾ به هن موضوع تي ڪو پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ آءٌ عرض ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ سنڌي زبان ته خير، پر خود اردو زبان ۾ به هن موضوع تي ڪو گهڻو مواد ڪو نه ٿو ملي. سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ صاحب جو لکيل ڪتاب، بعنوان: ’تحقيق جو فن‘ سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو، پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ڪتاب به اهڙي رهنمائي نٿو ڪري، جهڙي رهنمائي ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ واري ڪتاب مان ملي سگهي ٿي. منهنجي شروع کان وٺي اها خواهش هوندي هئي ته تحقيق جي فن ۽ اُن جي اصولن تي ڪو معياري ۽ معلوماتي ڪتاب لکجي يا ڇپائجي. اُن سلسلي ۾ يونيسڪو طرفان ڇپايل ڪتاب ۽ ٻيو مواد مون هٿ به ڪيوهو ۽ خواهش هئم ته سنڌالاجيءَ طرفان اهڙو مواد ڇپائي پڌرو ڪجي، جنهن مان ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جي شاگردن کان سواءِ ٻين محققن کي به، تحقيق جي فن ۽ اصولن جي باري ۾ رهنمائي ملي سگهي. مون انهيءَ موضوع تي ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌي زبان ۽ ادب جي ماهر ۽ نقاد ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي صاحب کي تيار به ڪيو هو. ڊاڪٽر ٻوهيي ان سلسلي ۾ پهرين تنقيد جي فن ۽ اصولن تي ڪتاب لکي ڏنو، جيڪو سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايو ويو. آگسٽ 1983ع ۾ مون کي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، لهاذا آءٌ اسلام آباد هليو ويس ۽ ٻوهيي صاحب کي ڏنل پروجيڪٽ اڳتي وڌي نه سگهيو، حالانڪه مون کان پوءِ سنڌالاجيءَ جون واڳون هڪ لائق فرد جي حوالي هيون. اُن جي باوجود منهنجو شوق جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته هاڻ ته هر پروجيڪٽ کي منظور ڪرڻ منهنجي وس ۾ هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اوپن يونيورسٽي طرفان ايم. اي ۽ ايم. فل جي رٿا عمل ۾ آندي وئي، تڏهن Academic Planning & Course Production جي بيورو جي ائڊوائيزري ڪميٽي طرفان Research Methodology جي سکيا لاءِ هڪ پيپر ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ طرفان هن ڪورس لاءِ ڪتاب لکرايا ويا ۽ مطالعاتي رهنما طور هيٺيان ڪتاب تيار ڪرائي ڇپايا ويا: (1) اصول تحقيق (2) تحقيق ڪي اصول و مبادي (3) اطلاق تحقيق (4) تحقيق نگاري اهي چار ئي ڪتاب، اوپن يونيورسٽيءَ جي استادن کان سواءِ پاڪستان جي ٻين تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جي ماهرن جي مدد سنا تيار ڪرايا ويا هئا، جيڪي هر لحاظ کان معياري آهن. مارچ 1997ع ۾، منهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر نور افروز خواجه کي ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ جي عنوان تي سندس لکيل مقالي تي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ڏني وئي. ان مقالي ۾ به، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، مقدمي ۽ تحقيق جي اصولن، تحقيق جي فن ۽ تحقيق جي قسمن جي باري ۾ وضاحت سان سمجهايو آهي، محترمه هن ڏس ۾ جيڪا واٽ ورتي آهي ۽ جيڪي اصول اختيار ڪيا اٿس، تن کي چٽيءَ طرح سمجهايو به اٿس، پر ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ بلڪل صحيح فرمايو آهي ته ”جتي سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۽ موضوعن تي ماهرن ايترو سارو مواد مهيا ڪيو آهي، اُتي ’اصول تحقيق ۽ تحقيق نگاريءَ جي فن‘ تي هڪ ٻه ڪتاب موجود هجڻ ڪا فخر جي ڳالهه ڪانهي. هن موضوع تي مختلف مضمونن (Disciplines) جي لحاظ کان جيترو به مواد مهيا ڪجي، اُهو ٿورو لکبو. ڇاڪاڻ ته هر مضمون جي تحقيق جا اصول ساڳيا نه آهن. ادبيات جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ جا اصول اهي ساڳيا نه آهن، جيڪي اقتصاديات، سياسيات، ڪامرس جي علم تي تحقيق ڪرڻ جا اصول هوندا آهن. اهڙي طرح ’نيچرل ائنڊ ايپلائيڊ سائنسز‘ (Natural & Applied Sciences) جي مضمونن مان به هر هڪ تي تحقيق جي اصولن ۾ ضرور فرق هوندو آهي. اهي ڳالهيون سامهون رکي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ائڪيڊمڪ ڪائونسل (Academic Council) 95-1994ع ۾ فيصلو ڪيو (اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو آءٌ وائيس چانسلر هوس) ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هر فئڪلٽيءَ اندر، هر مضمون جي ايم. اي يا ايم. ايس. سي لاءِ نصاب ۾ Research Methodology جو پيپر لازمي طور پڙهايو وڃي ته جيئن هن جديد دور ۾ ايم. فل، پي. ايڇ. ڊي يا ٻين ضرورتن لاءِ تحقيق ڪندڙن کي رهنمائي ملي سگهي. لهاذا ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي صاحب جو هي ڪتاب ’تحقيق جو فن ۽ اُن جا اصول‘ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو نه فقط سنڌ ۾، علم ادب، علم اللسان، لوڪ ادب ۽ ٻين علمن ۽ موضوعن تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ رهنما جي حيثيت ۾ مدد ڪندو، پر هي ڪتاب درسي ڪتاب طور، هر تعليمي ۽ تحقيقي اداري لاءِ به ڪارگر ثابت ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي موضوعن جي باري ڄاڻ ڏني وئي آهي. مثال طور: پهرئين باب ۾ تحقيق جي وصف، تحقيق جو مقصد ۽ اُن جا ارتقائي اصول ۽ ٻئي باب ۾ تحقيق جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. انهن مان جن قسمن جتي خاص طور روشني وڌي وئي آهي، اهي هي آهن: تجرباتي تحقيق، تاريخي تحقيق، تنظيمي تحقيق، علمي تحقيق، ادبي تحقيق ۽ تحقيق ۽ تنقيد. اڳتي هلي ادبي تحقيق جي درجي بندي ڪئي اٿس ۽ ادبي تحقيق کي هيٺين عنوان ۾ ورهايو اٿس: (1) حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ، (2) تنقيد ويچار ۽ (3) مڪمل تحقيق. اُن کانپوءِ قابل ليکڪ، محقق ۽ رهنما جي عنوان هيٺ، محقق ۽ رهنما جون وصفون سمجهايون آهن. هن باب ۾ محقق جي صلاحيت، تحقيق جي لاءِ گهربل سهوليتون، موضوع مطابق رهنما جي چونڊ، رهنما جي صلاحيت ۽ منجهس گهربل قابلين، رهنمائيءَ لاءِ ڪي اصول، رهنمائيءَ جا مرحلا، تحقيقي عمل جا مرحلا، موضوع جي مواد جا وسيلا، پنهنجي تحقيقي وڀاڳ جي ڇنڊڇاڻ، موضوع جي چونڊ جي معيار، تحقيقي عمل جي نموني جي روپ ريکا، مواد جي حاصلات، مواد جا قسم، مواد جي حاصلات جا وسيلا، مواد جي درجي بندي، مواد جو جائزو، تحقيق جو طريقه ڪار، لائبرريءَ جو استعمال، ڪارڊن تي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ، لائبرريءَ ۾ ڪتابن جي درجي بندي ۽ ان کان سواءِ رسالن جي باري ۾ به رهنمائي ڪئي اٿس. اهڙيءَ طرح تحقيق جي سموري فني مواد گڏ ڪري وٺڻ کان پوءِ، محقق کي، هن ڪتاب مان جيڪا رهنمائي ملي ٿي سا هيءَ آهي: مواد جو اڀياس ڪيئن ڪجي، يعني اڀياس ڪرڻ جو طريقو ۽ حوالا ڪيئن گڏ ڪجن وغيره. اڳتي هلي ’علاقائي ڪم‘ جي عنوان هيٺ ساهتيه جي ڪجهه وڀاڳن يعني شعبن، مثال طور: لوڪ ادب، علم اللسان ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪئي وئي آهي. هن سلسلي ۾ علم اللسان ۽ لوڪ ادب تي تحقيق ڪرڻ جو مثالي نمونو پيش ڪيو اٿس. مثال طور: لسانيات واري موضوع تي تحقيق ڪرڻ جي سلسلي ۾ هيٺين ضمني موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ راهون گهڙيون اٿس: جهڙوڪ: انساني پهلو، عوام جي تهذيب جي ڄاڻ ۽ نفسياتي پهلو وغيره. اهڙيءَ طرح هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ جي حوالي سان، محقق لاءِ ٻيون به ضروري هدايتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ مددگار کان مدد وٺڻ جا اصول ۽ انهن اصولن جا تفصيل، ڪتاب جي متن ۾ شامل ڪيا اٿس، جيڪي ضرورت وقت پڙهي سگهجن ٿا. ساڳيءَ طرح ٻئي موضوع يعني لوڪ ادب تي تحقيق جا رهنما اصول مثالن سان سمجهايا اٿس. انهن اصولن جا تفصيل، ڪتاب جي متن ۾ شامل آهن، جن مان مدد وٺي سگهجي ٿي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته علم اللسان ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ جا اصول، جيڪي هن ڪتاب ۾ سمجهايا ويا آهن، اهي بلڪل جديد ۽ نوان اصول آهن، جيڪي ٻين ماهرن طرفان ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾، تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيل رهنمائي ۽ ذاتي تجربن کان پوءِ گهڙيا ۽ ٺاهيا ويا آهن. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جهڙي قابل استاد ۽ رهنما، پنهنجن شاگردن جي ايم. فل يا پي. ايڇ. ڊي جي سلسلي ۾ ڪيل رهنمائيءَ دوران انهن جي بتدريج رهنمائي ڪندي لکيا آهن، گويا هي ڪتاب هڪ تجربيڪار استاد جي رهنمائيءَ جو ڦل آهي، جيڪو هن لفظن جي صورت ۾ لکي، اسان جي آڏو، اسان جي سکڻ ۽ پنهنجن شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ هڪ ’رهبر‘ طور ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪي اهڙا اصول به ڏسيا ويا آهن، جيڪي فقط هڪ تجربيڪار محقق، استاد ۽ تحقيق جي ڏس ۾ رهنما ئي ڄاڻيندو آهي. مثال طور: مددگار کان مدد وٺڻ، سوال نامو تيار ڪرڻ، اُن سوال نامي جي مدد سان ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ. اهڙن انٽرويوز لاءِ ٽيپ رڪارڊرکي استعمال ڪرڻ، جنهن ڳوٺ يا جاءِ ۾ رهندڙ اطلاع ڪارن کان مدد حاصل ڪرڻي هجي ته ان کان ان ڳوٺ يا جاءِ جي باري ۾ معلومات هٿ ڪرڻ ۽ ڳوٺ يا جاءِ جي باري ۾ اهي سڀ ڳالهيون ۽ سڀ سوال جديد تحقيق جي اصولن ۽ طريقه ڪار جي پوئواري ڪن ٿا. انهيءَ ساري عمل کان پوءِ، تحقيق عمل کي مقالي جي لکڻيءَ واري دائري ۾ آڻڻ، يعني گڏ ڪيل مواد کي مقالي جي صورت ۾ لکڻ وارو طريقو سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب بلڪل صحيح فرمايو آهي ته: ”اڀياس ۽ مقالي ۾ هڪ سڌو سنئون سنٻنڌ هوندو آهي.“ هو اڳتي لکي ٿو ته: ”مقالو، اڀياس جي وسيلي جي اظهار جو هڪ ذريعو آهي، محقق ان جي وسيلي پنهنجي اڀياس جا نتيجا ٻين ودوانن تائين پهچائيندو آهي. اهڙي طرح هو پنهنجي عملي طريقه تحقيق ۽ گڏ ڪيل دليلن جو نماءُ ڪندو آهي.“ آءٌ ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب جي هن ڳالهه سان به اتفاق ڪريان ٿو ته: ”مقالي جي تحرير جو مقصد تفريح ڪونه آهي. ان خيال کان مقالو، افساني يا سمورين لطيف صنفن کان الڳ ٿيو وڃي. ان جو هڪ ئي ڪم آهي، مواد، طريقه ڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ معلومات ۽ ڄاڻ پهچائڻ، ان جي وسيلي علم ۽ گيان جو دائرو وشال ٿئي ٿو، پر ان ڳالهه جو اهو مطلب ڪونه آهي ته مقالي جي تحرير جو ڪم دل کڄائيندڙ، بي مزي ۽ بي جان هوندو آهي. اهو واسطيدار پاٺڪ لاءِ دلچسپ ئي هوندو آهي. پوءِ به لفظي صنايع بدايع ۽ النڪار پرتڪلف عبارت ۽ مقفيٰ ۽ سمجع نثر لاءِ مقاله نگاريءَ ۾ ڪا ئي گنجائش نه هوندي آهي.“ ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب، اڳتي ڏنل باب ۾ مقالي جي تحرير يعني مقالي لکڻ جي سلسلي ۾ جيڪي نقطا، اصول ۽ ڳالهيون ڄاڻايون آهن، اُهي هي آهن: تحريري ڪم جي شروعات، مقالي جو مقدار، بيانات يا حقيقت جو اظهار، مقالو ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ادبي مقالن جون عام خاميون وغيره. اهي سڀ نقطا ۽ ڳالهيون هر تحقيق ڪندڙ يا تحقيق ڪرڻ لاءِ شوق رکندڙ، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي مقالي لاءِ تحقيق ڪندڙن کي ضرور پڙهڻ ۽ ذهن ۾ رکڻ گهرجن. هن ڪتاب جو آخري باب، ’مقالي جا مختلف جزا ۽ انهن جي روپ ريکا‘ جي عنوان سان لکيو ويو آهي. هن باب ۾ انهن نقطن کي تما گهڻي وضاحت سان سمجهايو ويو آهي. هيءُ باب، هن لحاظ کان به هڪ اهم باب چئي سگهجي ٿو جو هن (باب) ۾ مقالي جو شروعاتي حصو، جنهن ۾ سرورق، مهاڳ ۽ شڪريه نوازي يعني ٿورا مڃڻ، بابن جي ترتيب، اشارن (symbols) يا نشانين جي فهرست ۽ خاڪن يا تصويرن وغيره جي باري ۾ روشني وڌي وئي آهي. ٻئي حصي ۾ ’تحقيقي مقالو‘ جي عنوان هيٺ وشيه جي تعارف، وشيه جي مختلف بابن جي وضاحت ۽ نتيجا وغيره. ضمني عنوانن جي صورت ۾ سمجهايا ويا آهن. ٽئين ۽ آخري حصي ۾ نتيجن جي روپ ريکا، تحريري لحاظ کان مقالي جي روپ ريکا، بابن جا اندريان سرا، حاشيو، صفحن جو تعداد، مددي ڪتابن جي فهرست، ضميمو، فوٽ نوٽ، ڏنل اشارا ۽ ٻيو مددگار مواد، ضمني عنوانن ۽ پڇاڙي وغيره لکڻ جي باري ۾ قابل ليکڪ، محققن جي رهنمائي ڪئي آهي. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته هي سڄو ڪتاب، مصنف جي پنهنجي تجربي جي بنياد تي لکيل هڪ تخليق آهي. ان هوندي به هن ملڪي يا غير ملڪي ماهرن جي طرفان لکيل 19 ڪتابن تان مدد ورتي آهي. انهن ڪتابن مان ڪي ڀارت جي ماهرن جا لکيل آهن ته ڪي ڪتاب آمريڪا ۽ انگلئنڊ ۽ فرانس جي ودوانن جا لکيل آهن. بهرحال هي ڪتاب هڪ نهايت ئي معياري ۽ معلوماتي ڪتاب آهي. هن جهڙو ڪو ڪتاب، برصغير جي ٻين ٻولين ۾ شايد ئي لکيو ويو هجي. هن ڪتاب جو هر لفظ، هر فقرو، هر جملو ۽ هر پئراگراف اهڙي ته آسان ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي ۽ هڪ هڪ نقطو اهڙو ته آسان طريقي سان سمجهايو ويو آهي، جو ڪتاب پڙهندي ڪٿي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته هي ڪتاب ڪو ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي مواد تان ترجمو ڪيو ويو آهي. بلڪ هي ڪتاب لڪل طبعزاد يعني اصلوڪي تخليقي مواد ۽ پنهنجي تجربي جي آڌار تي تحقيق ڪيل ٿو ڀانئجي. اها ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ صاحب جي ايمانداري ۽ سندس اخلاق آهي جو ڪتاب تي اصلوڪي مصنف جو نالو ڏنو اٿس ۽ پاڻ کي مترجم ڄاڻايو اٿس. آءٌ ڊاڪٽر مٽلاڻي صاحب کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جنهن ههڙو بهترين ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي ڏنو آهي. هن ڪتاب مان شاگردن ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ، يونيورسٽي ۽ تحقيقي توڙي علمي ۽ ادبي ادارن ۾ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ تحقيق ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪندڙن کي تمام گهڻي رهنمائي ملندي. هي ڪتاب ’خود سکر‘ يا (Self Learning) واري طريقي تي لکيل مواد جو سڪون ٿو لاهي. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جو نالو ’فن، تحقيق ۽ تحقيق معلم/رهنما‘ رکجي ها ته بهتر هو. مون کي اميد آهي ته ڪتاب سنڌي زبان ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ سنڌ توڙي هند ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ هر موضوع جي شاگردن لاءِ رهنما ثابت ٿيندو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هي ڪتاب سنڌ ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪشاده دليءَ جي حوالي سان اٿارٽيءَ جي ان فيصلي جي اسين آجيان ڪريون ٿا. اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مبارڪباد جو مستحق آهي آهي، جنه ههڙي ڪتاب جي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو. حيدرآباد، سنڌ سنڌي ٻوليءَ جو فدائي 6-6-19997 ڊاڪٽر غلام علي الانا سابق وائيس چانسلر يونيورسٽي آف سنڌ