تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (633) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     66638   ڀيرا پڙهيو ويو

مواد جي حاصلات جا طريقا


مٿي بيان ڪيل وصفن جو مالڪ جڏهن اطلاع ڪار جي روپ ۾ ملي ويندو آهي ته اُن کان پوءِ مواد جي حاصلات جو مرحلو ايندو آهي. صحيح ۽ بامقصد مواد حاصل ڪرڻ وارن طريقن جي زبردست اهميت آهي. تحقيق واري ڪم لاءِ مڪمل مواد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام ضروري آهي ته مواد جي حاصلات جا طريقا صحيح ۽ وگيانڪ (سائنسي) هئڻ گهرجن، اُن سان وقت جو مناسب استعمال ۽ بچت پڻ ٿيندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪي اصول مقرر ڪري سگهجن ٿا: تحقيق واري ڪم لاءِ وقت جي مقرري: ان سلسلي ۾ محقق کي اطلاع ڪار سان گڏ باقاعدي ڪيتريون ئي بيٺڪون ڪرڻيون پونديون آهن، جيڪي مناسب ماحول ۽ جاءِ تي هئڻ گهرجن. هر بيٺڪ جي مدت مقرر هئڻ گهرجي، جيڪا نه تمام مختصر ۽ نه تمام گهڻي طويل هجي. بيٺڪ جي جاءِ، ماحول ۽ وقت جي مقرري اطلاع ڪار جي سهوليت موجب طئي ڪئي ويندي آهي. ان هوندي به اُهي بيٺڪون اهڙيءَ جاءِ تي هئڻ گهرجن، جتي غير ضروري ماڻهو اچي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهن. ان سلسلي ۾ اِهو به ضروري آهي ته بيٺڪ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ وقت اطلاع ڪار تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي ۽ نه کيس تمام گهڻي محنت ئي ڪرڻي پوي. بيٺڪ دوران اطلاع ڪار لاءِ شڪر ادائي ڪبي گهرجي ۽ سندس احسان مڃڻ گهرجي ته جيئن ڪم ۾ سندس دلچسپي وڌندي رهي. ڀاشا وگيان ۽ تحقيق هيٺ مواد جا قسم: ڀاشا وگيانڪ (لسانياتي) تحقيق ۾ عام طور ٽن قسمن جو مواد فراهم ڪيو ويندو آهي: لفظن جو ڀنڊار، محاورا ۽ مختلف نمونن وارا جملا. تنهن کان سواءِ هڪ يا اُن کان وڌيڪ ڪهاڻيون يا تقريرون وغيره، جنهن مواد تي تحقيق جي تڪميل جو دارومدار هوندو آهي. لفظن جو ڀنڊار (Vocabulary): لفظن جي ڀنڊار ۾ انهن لفظن جي حاصلات ضروري آهي، جيڪي اطلاع ڪار جي ٻوليءَ ۾، محقق جي ٻوليءَ سان هم معنيٰ هجن. اهڙن لفظن جو استعمال صوتيات (Phonetics) جي ڇنڊڇاڻ لاءِ قاعدن ۽ اصولن جي مقرريءَ واري سلسلي ۾ پڻ ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهن: (i) لفظن جو ذخيرو، وسيع کان وسيع تر هئڻ گهرجي، جنهن ۾ زندگيءَ جي سمورن جزن جي نمائندگي هئڻ گهرجي. سموري بندن جي عضون جي نالن، رڌڻي ۾ ڳالهائيجندڙ لفظن، خانگي لفظن، واسطيدار ماڻهن جي خصوصي ڌنڌي ڌاڙيءَ متعلق لفظن، وڻن، جانورن، زراعت، آب هوا، وقت جي ماپن، طرفن، زمين جي قسمن، مختلف قسم جي ڌنڌن ۽ الڳ الڳ رنگن جي نالن وغيره سان تعلق رکندڙ لفظن جي فهرست تيار ڪرڻ گهرجي. اِها فهرست پنج سؤ کان وٺي ٻن هزار لفظن تي مشتمل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ عام آوازن ۽ صوتيات سان واسطو رکندڙ لفظ پڻ اچي وڃڻ گهرجن. (ii) گڏ ڪيل لفظن کي مڪمل حد تائين وڌ ۾ وڌ حوالنس ان گڏ استعمال ڪري ڏسڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اُنهن جي معنيٰ واري گهرائي به ظاهر ٿيندي ۽ اِهو پڻ طئي ٿي ويندو ته اصولي لحاظ کان اُنهن لفظن جي ڪهڙي جاءِ آهي. (iii) لفظن جي فهرست ڪوشش ڪري اُن ٻوليءَ ۾ تيار ڪجي، جا اطلاع ڪار جي ماتر ڀاشا (مادري زبان) هجي. اُن لاءِ ضروري آهي ته محقق، هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڄاڻندو هجي. جيڪڏهن ائين مناسب نه هجي ته اشارن وغيره جي مدد سنا هن جي لفظن کي سمجهي سگهجي ٿو. (iv) گڏ ڪيل لفظن جي ذخيري ۾ ضرورت موجب گهٽ وڌائي ڪرڻ جي گنجائش هئڻ گهرجي. (v) ان ڳالهه جو خاص خيال رکجي ته هڪ ئي لفظ الڳ الڳ اطلاع ڪارن جي زبان مان ٻڌڻ جي صورت سندن تلفظ جو فرق ٿي سگهي ٿو، اُن ڪري صحيح اُچار جو فيصلو گهڻائيءَ جي استعمال واري بنياد تي ڪرڻ گهرجي. (vi) ڪنهن علائقي جي الڳ الڳ جاين تي هڪ ئي لفظ جا ڪيترائي هم معنيٰ لفظ به ملي سگهن ٿا. انهن مختلف جاين کي الڳ الڳ ٻولين وارا علائقا سمجهڻ گهرجي. جملن جي فهرست: لفظن سان گڏوگڏ جملن جو استعمال پڻ ٿيندو رهندو آهي. لفظن کي جملن جي مختلف روپن ۾ رکي ڏسڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان جملن جي لحاظ کان لفظن جو پاڻ ۾ تعلق ۽ جملي ۾ ان جو مقام (فاعل، مفعول، فعل، حرف ندا وغيره) ظاهر ٿي پوندا آهن. اهڙيءَ فهرست ۾ هر قسم جا جملا مفرد ۽ مرڪب ٻئي شامل هئڻ گهرجن. ڪهاڻي يا تقرير: صرف لفظن ۽ جملن سان ئي ٻوليءَ جي تڪميل ڪانه ٿي ٿئي، پر ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته ڪا اهڙي ڪهاڻي، جا عام ماڻهن جي زبان تي هجي، اُها يا ڪا مشهور تقرير کڻي، اُن جو جائزو ورتو وڃي؛ ڇو ته اهڙين ڳالهين ۽ واقعن ۾ ڪيترين ئي جاين تي لفظن ۽ جملن جو استعمال سڀاويڪ ۽ بروقت ٿيندو آهي. انهن جي ڪجهه الڳ ئي معنيٰ صاف ۽ واضح ٿي سامهون ايندي آهي. ان طرح ٻوليءَ جي وشالتا (وسعت) ۽ هڪجهڙائيءَ جي خبر پوندي آهي. ڀاشا وگيانڪ مواد جي قلم بندي: ڀاشا وگيانڪ مواد کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٻه طريقا استعمال ڪيا ويند اآهن: (1) هٿ سان لکڻ، ۽ (2) ٽيپ وغيره تي رڪارڊ ڪرڻ. دستي تحرير لاءِ گهربل سامان: ڀاشاوگيانڪ (لسانيات جي) محقق لاءِ سٺي قسم جو ڪاغذ ۽ پينسل انتهائي ضروري آهي. ڪاغذ جا ننڍا ننڍا ٽڪرا اندازي طور 3+5 انچ ۽ 8+11 انچ جي ماپ جا هئڻ گهرجن. هڪ اڌ ننڍيءَ سائيز جي ڪاپي به هئڻ گهرجي، جنهن تي عام قسم جي معلومات، جيڪا جتي به گهمندي ڦرندي ملي وڃي،تنهن کي درج ڪرڻ کپي. بعد ۾ اُن جي تصديق، اطلاع ڪار کان ڪرائي وڃي. جائزي دوران گڏ ڪيل مواد، شروع ۾ ئي مستقل نه سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ان کي پينسل سان لکڻ ئي بهتر ٿيندو آهي ته جيئن رٻڙ وغيره استعمال ڪري اُن مواد ۾ ضروري رد و بدل آڻي سگهجي. دستي تحرير يا هٿ سان لکڻ جي بجاءِ ٽائيپ رائيٽر کان به ڪم وٺي سگهجي ٿو. ٽائيپ واري عام لکت بدران ڪيترين ٻولين ۾ شارٽ هئنڊ کان ڪم وٺڻ وڌيڪ مفيد هوندو آهي. مواد جي تحرير لاءِ خصوصي رسم الخط: گڏ ڪيل مواد کي لکت جو روپ ڏيڻ يا قلمبند ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي طريقا آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ مقبول عام نمونو آهي؛ ’انتر راشٽريه (انٽرنيشنل) صوتياتي الف-ب‘ (International Phonetic Alphabet) يا I.P.A. هيءُ رسم الخط ڪجهه مخصوص نشانين ۽ صوتياتي اشارن تي ٻڌل اهي. وقت به وقت انهن نشانين ۽ اشارن ۾ ڪي ضروري تبديليون به اينديون رهنديون آهن. ان رسم الخط جو ويجهڙائيءَ سان اڀياس ڪرڻ ۽ ان ۾ ٿوري ئي مشق پچائڻ سان ان کي وڏيءَ سهوليت سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٽيپ رڪارڊر: جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه تحقيقي عمل ۾ ٽيپ رڪارڊر جو استعمال وڌيڪ ٿيڻ لڳو آهي، پوءِ به اُهو دستي تحرير جي برابري نه ڪري سگهندو، ڇو ته لفظن جون باريدڪيون جيڪي تحرير ۾ نمايان هونديون آهن، ٽيپ رڪارڊر جي ڀريل آواز ۾ انهن جو اظهار ڪونه ٿي سگهندو آهي. ان هوندي به ڪيترين جاين تي ٽيپ رڪارڊر جو استعمال تمام ضروري ۽ مفيد هوندو آهي. ان لاءِ تحقيقي عمل دوران دستي تحرير سان گڏ ٽيپ رڪارڊر کي به استعمال ۾ آندو وڃي ته ڪا خرابي ڪانه آهي. هن مشين جو هڪ وڏو فائدو ته اِهو ٿيندو ته ان ۾ ڀريل آواز کي جيترا ڀيرا به چاهيون، ٻڌي سگهون ٿا. ان ۾ گهڻو ڪري اطلاع ڪار کان مليل معلومات کي ئي گڏ ڪيو ويندو آهي ته جيئن هن جي غيرموجودگيءَ ۾ به اُن آواز مان فائدو وٺي سگهجي. هونئن به دستي تحرير، اطلاع ڪار جي ڳالهائڻ جي رفتار جو ساٿ ڏئي نه سگهندي آهي. اُن جي باوجود هن قسم جي مشين جي استعمال ۾ ڪجهه خاميون آهن، جن مان اهم ترين خامي اِها آهي ته ان جي استعمال ۾ ڪافي رقم خرچ ڪرڻي پوي ٿي. ٻيو اهو ته ٽيپ ۾ صرف اطلاع ڪار جو آواز ئي ڀري سگهجي ٿو، پر ڳالهائڻ وقت سندس چهري جي تاثُرن ۽ جزبن کي آڻي نه سگهيو آهي. بهرحال اڄ جي دور ۾ ٽيپ رڪارڊر جو استعمال تحقيقي عمل لاءِ لازمي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ڇو ته اُن جي مدد سان ٿوري ئي وقت ۾ وڌيڪ مواد ڪٺو ڪري سگهجي ٿو. معلومات جي تصديق ڪرڻ لاءِ سندس آواز کي ٻيهر به ٻڌي سگهجي ٿو. ڌيري ڌيري ختم ٿيندڙ ڪيترين ٻولين کي زنده رکڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر هڪ نعمت ثابت ٿيو آهي. ٽيپ رڪارڊر جي استعمال لاءِ اُن جي مختلف پرزن ۽ ٻين جزن جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. ان جو استعمال ڪرڻ وقت هيٺين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي: (1) آواز جو مقدار (Volume): جيڪڏهن ٽيپ رڪارڊر جو استعمال ڪنهن کليءَ جاءِ ۾ ڪيو پيو وڃي ته آواز وڌيڪ رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اُن کي ڪنهن آفيس يا ڪمري اندر استعمال ڪرڻو آهي ته آواز گهٽ ڪرڻ گهرجي. آواز گهٽ رکڻ سان هڪ فائدو اِهو ٿيندو ته ٻيا غير ضروري آواز اُن ۾ گهٽ شامل ٿي سگهندا آهن. جيڪڏهن اطلاع ڪار وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيو آهي ته ٽيپ رڪارڊر جي آواز قبول ڪرڻ جي صلاحيت يعني واليوم گهٽ رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هُو آهستي آواز ۾ ڳالهائي رهيو آهي ته واليوم وڌائي ڇڏڻ گهرجي. ان ڳالهه جو پڻ خيال رکجي ته رڪارڊنگ ڪندي جلدي جلدي واليون بدلائڻ نه گهرجي. (2) آواز ٽيپ ڪرڻ وقت ماحول بلڪل پرسڪون ۽ خاموش هئڻ گهرجي. پڪين ديوارين ۽ ڇتين سبب آواز جي گونج تمام گهڻي ٿيندي آهي، اُن لاءِ رڪارڊن ڪرڻ مهل گاهه جي ڇت يا ڪچو گهر وڌيڪ مناسب هوندو آهي. (3) ڪڏهن ڪڏهن خود ٽيپ رڪارڊر جي خرابيءَ سبب ڪي غير ضروري اندروني آواز نڪرڻ لڳندا آهن، ان لاءِ بهتر آهي ته اُن کي جلد ئي ٺهرائي ڇڏڻ گهرجي. (4) مائڪروفون، ڳالهائڻ واري جي منهن کان 8، 10 انچ پري رکڻ گهرجي. (5) ٽيپ رڪارڊر جي رفتار پنهنجي مواد جي نوعيت جي لحاظ کان گهٽائي يا وڌائي ڇڏڻ گهرجي.