تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (633) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     66642   ڀيرا پڙهيو ويو

لائبرريءَ جو استعمال


محقق کي ان ڳالهه جي سموري ڄاڻ هئڻ گهرجي ته هن جي ڪم جا ڪتاب، لائبرريءَ جي ڪهڙي ڪهڙي وڀاڳ (ڀاڱي) مان ملي سگهن ٿا، تڏهن ئي هُو پنهنجو گهربل مواد سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهندو. اُن لاءِ کيس لائبرريءَ جي تنظيم (رٿا) ۽ اُن جي طريقه ڪار جي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي. تنهن کان سواءِ ضرورت پوڻ تي هو ٻين لائبررين جي مدد پڻ حاصل ڪري سگهندو آهي. لائبرريءَ جي رٿا ۽ طريقو گهڻو ڪري هر هنڌ ساڳيو هوندو آهي. لائبرريءَ مان ڪتاب وٺڻ کان پوءِ انهن جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڀياس دوران ڪتاب جي اهم جزن (points) کي گڏوگڏ نوٽ ڪندو رهڻ گهرجي. ڪتابن مان ضروري حوالا گڏ ڪرڻ به هڪ فن آهي، جنهن ۾ محقق کي ماهر هئڻ جڳائي. حوالا ڪافي اهميت جوڳا ۽ مختصر هئڻ گهرجن، اجايا ۽ غيرضروري حوالا گڏ ڪرڻ، وقت ۽ محنت جو زيان آهي. ڪارڊن تي ڪتابن جي فهرست: لائبرريءَ ۾ ٽن قسمن جو مواد هوندو آهي: (i) ڪتاب (ii) رسالا، گڏيل مواد ۽ مضمون (iii) قلمي نسخا ۽ نقشا وغيره انهن سڀني کان وڌيڪ تعداد ڇپيل ڪتابن جو هوندو آهي. ڪتابن جي درجي بندي انهن جي وشين جي لحاظ کان ڪئي ويندي آهي. هر ڪتاب گهڻو ڪري هڪ ئي وشيه تي مشتمل هوندو آهي، تنهن ڪري محقق، ڪتاب کي پهرينءَ نظر ۾ ڏسندي ئي طئي ڪري وٺندو آهي ته کيس اُهو ڪتاب تفصيل سان پڙهڻو آهي يا صرف اُن جا ڪجهه چونڊ ٽڪرا ئي هن لاءِ فائديمند آهن. رسالن جو مواد، مختلف وشين تي مبني هوندو آهي، تنهن ڪري اُن جي مضمونن جي فهرست ڏسڻ سان اِها خبر پئجي سگهندي آهي ته اُنهن مان ڪهڙا ڪهڙا مضمون ڪم جا آهن. رسالن لاءِ لائبرريءَ مان عام طور، پبلشر يا اشاعت جي ترتيب سان رکيو ويندو آهي. انهن کي وشيه جي لحاظ کان به مرتب ڪري سگهبو آهي. ان طرح گڏيل مواد مان به ساڳيءَ طرح چونڊ ڪئي ويندي آهي. پراڻن رسالن جا جلد ٿيل فائيل به هوندا آهن، جن کي صرف لائبرريءَ اندر ئي ويهي استعمال ڪري سگهبو آهي. جديد طرز جي لائبررين ۾ کليل ڪٻٽن اندر ڪتاب ۽ رسالا رکيل هوندا اهن. محقق پوريءَ آزاديءَ سان اُنهن ڪٻٽن تائين پهچي سگهندو آهي. انهن سمورين ڳالهين کان سواءِ ڪارڊن (Bin Cards) تي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ واقعي ئي ڏاڍو ڪارآمد طريقو آهي. هر هڪ ڪارڊ تي ڪتاب جو نالو، ليکڪ جو نالو، وشيه ۽ لائبرريءَ جو اشاراتي نمبر لکيل هوندو آهي. اُن اشاراتي نمبر مان اِها خبر پوندي آهي ته فلاڻو ڪتاب لائبرريءَ ۾ ڪهڙيءَ جاءِ تي رکيل آهي. هر ڪتاب سان واسطيدار ٽن قسمن جا ڪارڊ ٺاهيا ويندا آهن: ليکڪ جي لحاظ کان، ڪتاب جي نالي جي لحاظ کان ۽ وشيه جي لحاظ کان. اهي ڪارڊ (Bin Cards) عام طور پنج انچ ويڪرا ۽ ٽي انچ ڊگها هوندا اهن. اُنهن ڪارڊن (Bin Cards) کي مٿين ٽنهي قسمن جي لحاظ کان الڳ الڳ ڪارڊن واري ريڪ ۾ الف-ب وار حرفن جي سٽا سان مرتب ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اِنهن ٽنهي نموني وارن ڪارڊن تي تفصيلَ ته ساڳيا ئي هوندا اهن، پر مختلف طرز جي ڪارڊن تي اُنهن ساڳين تفصيلن جي ترتيب بدلجي ويندي آهي. هر هڪ ڪارڊ تي هيٺيان تفصيل ڏنل هوندا آهن: (1) ليکڪ جو نالو (2) ڪتاب جو نالو (3) ڇاپو يا اشاعت، جلد نمبر، پبلشر جو نالو، ڇپائيءَ جي تاريخ (4) ٻي معلومات، صفحن جو تعداد وغيره (5) اشاراتي نمبر (6) ڪال نمبر هر هڪ لائبرري پنهنجو ڪال نمبر مختلف به رکندي آهي، جيڪو ڪارڊ جي مٿئين حصي تي کاٻي پاسي درج ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڪتاب هڪ کان وڌيڪ ليکڪن الڳ الڳ لکيو آهي ته اُن ڪتاب جي سمپادڪي (ايڊيٽري) ڪندڙ جو نالو، اُن ليکڪ واري ڪارڊ تي سولائيءَ سان ملندو آهي. ٻيءَ صورت ۾ معاون ليکڪن جي لحاظ کان الڳ الڳ ڪارڊ پڻ لاهيا ويندا آهن. وشيه جي لحاظ کان ٺاهيل ڪارڊن جي درجي بندي هڪ کان وڌيڪ جاين تي به ٿي سگهندي آهي. وشيه جو نالو ڪارڊ جي مٿئين حصي تي عام طور ڳاڙهي مس سان لکيل هوندو آهي. وشيه، نظم، ناول ۽ مضمون وغيره ٿي سگهن ٿا. ڪتاب جي نالي واري ڪارڊ تي ڪتاب جو نالو، ليکڪ جي نالي مٿان لکيل هوندو آهي. جڏهن ته ليکڪ جي نالي واري خيال کان ٺاهيل ڪارڊ، ڪتابن جي نالن ۽ وشِن جي لحاظ کان ٺاهيل ڪارڊن کان پهرين رکيل هوندا آهن. لائبرريءَ جي درجي بنديءَ جو اصول: لائبريرءَ جو صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ درجي بنديءَ جي اصول جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. ان اصول جي سمجهڻ کان پوءِ اها سولائيءَ سان خبر پئجي سگهندي آهي ته فلاڻو ڪتاب ڪهڙيءَ جاءِ تي رکيل آهي. گهڻين ئي لائبررين ۾ ڊيوي ڊيسيمل سسٽم (Dewey Decimal System) يا لائبرري ڪانگريس جي درجي بنديءَ وارن طريقن کي اپنايو ويندو آهي، ۽ انهن جي ئي بنياد تي ڪارڊن کي اشاراتي نمبر لکيا ويندا آهن. اِهي طريقا هيٺينءَ ريت آهن: ڊيوي ڊيسيمل سسٽم: هن طريقي موجب ڪتابن کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو آهي: 000 عام ڪتاب 100 فلسفو 200 ڌرم (مذهب) 300 آرٿڪ گيان (اقتصادي ڄاڻ) 400 ڀاشا وگيان (لسانيات) 500 وگيان (سائنس) 600 آرٿڪ ڪلائون (اقتصادي هنر) 700 فنون لطيفه 800 ساهتيه (ادب) 900 تاريخ لائبرري ڪانگريس جي درجي بندي: هن طريقي ۾ وشين (عنوانن) جا وڀاڳ (ڀاڱا) ۽ هيٺين وڀاڳن (ڀاڱن) جي روپ ريکا وڌيڪ وشالتا (وسعت) سان ڪئي ويندي آهي، اُن ڪري هيءُ طريقو وڌيڪ فائديمند آهي. هن نموني هيٺ ڪتابن جي ورهاست ويهن عنوان هيٺ ڪئي ويندي آهي. ڏين لائبررين ۾ هيءُ طريقو وڌيڪ مفيد سمجهيو ويندو آهي. هن جي ورهاست هيٺينءَ ريت ڪئي ويندي آهي: A عام ڪتاب B فلسفو ۽ ڌرم C عام تاريخ D وديشي تاريخ (پرڏيهي تاريخ) E&F آمريڪي تاريخ (هتي پنهنجي ملڪ جي تاريخ) G جاگرافي ۽ طبعي علم H آرٿڪ گيان (اقتصادي ڄاڻ) J سياست K قانون L تعليم M سنگيت N فنون لطيفه P ساهتيه ۽ بولي Q وگيان (سائنس) R دوائن جو علم S زراعت T ٽيڪنيڪي علم U فوجي قانون V سمنڊ جو علم Z لائبرري سائنس ۽ حوالي جا ڪتاب مٿي ذڪر ڪيل درجي بنديءَ کان سواءِ لائبرريءَ ۾ ڪنهن ڪتاب جي درجي بندي ان جي مخصوص وشيه جي لحاظ سان به ڪئي ويندي آهي، جنهن موجب ’ڪلاس نمبر‘ ڏنو ويندو آهي. ڪارڊ تي مصنف جو نمبر به هوندو آهي، مثلاً: S/2/0. اهڙيءَ طرح عام وشيه يا خصوصي وشيه جي اظهار لاءِ ڪلاس نمبر ۽ اُن هيٺ ليکڪ جو نمبر به ڪارڊ تي لکيل هوندو آهي. اِهي ٽيئي اشاراتي عدد، لائبرريءَ ۾ موجود ڪهڙن به ٻن ڪتابن تي ڪڏهن به هڪجهڙا نه ٿي سگهندا آهن. انهن انگن جي مدد سان ڪتاب جي رکڻ جي جاءِ آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندي آهي. رسالا: لائبررين ۾ رسالن ۽ مخزنن لاءِ الڳ ڪمرو يا وڀاڳ هوندو آهي. اِهو ضروري نه آهي ته سمورن رسالن جا سڀ شمارا ڪنهن تحقيقي وشيه جي خيال کان اهم هجن. رسالن جي مختلف شمارن ۾ شايع ٿيل چند مضمون ئي ڪم جا ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري عام طور لائبررين ۾ رسالن جا مضمون ۽ انهن جي وشين جي فهرست تيار نه ڪئي ويندي آهي. انهن جا ڪارڊ به نه ٺاهيا ويندا آ هن. محقق کي پاڻ ئي رسالن جي مضمونن جي فهرست جو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. ڪيترا رسالا ته پاڻ ئي سال جي آخر ۾ پنهنجي سموري سال جي شايع ٿيل مضمونن جي فهرست ڇاپيندا آهن. اُن طرح رسالن جي جلد ٿيل ساليانن فائيلن جي شروع يا آخر ۾ اِهي فهرستون ملي سگهنديون آهن. انهن جي مدد سان پاڻ لاءِ فائديمند مواد جي فهرست ٺاهي سگهبي آهي. جيڪڏهن رسالن ۾ ڇپيل ڪجهه مضمون تمام ضروري آهي ته انهن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي سگهبيون اهن، يا اُنهن کي ٽائيپ ڪرائي سگهبو آهي. اهڙيون سهوليتون ڪنهن به سٺيءَ لائبرريءَ ۾ مناسب اُجوري ادا ڪرڻ تي حاصل ڪري سگهبيون آهن. ڪتابن جي ڀيٽ ۾ رسالن جي اهميت ان لاءِ وڌيڪ هوندي آهي، ڇو ته انهن جي ذريعي جديد ترين معلومات حاصل ٿي سگهندي آهي. لائبررين جي وچ ۾ ڪتابن جو فرض: جيڪو مواد ڪنهن هڪ لائبرريءَ ۾ نه هوندو آهي ته محقق جي درخواست تي، يا تحقيقي عمل جي ضرورت موجب اُها لائبرري، ٻين لائبررين کان اُهي ڪتاب اوڌر تي گهرائي سگهندي آهي. ان سهوليت جي ڄاڻ به محقق لاءِ ضروري آهي. اوڌر جو هيءُ سلسلو محقق ۽ ٻين لائبررين جي وچ ۾ نه، پر ٻن لائبرريرن جي وچ ۾ ٿيندو آهي. ان سلسلي ۾ صرف اُهي ڪتاب ئي ورتا ويندا آهن، جي بازار ۾ نه ملي سگهندا آهن. اهڙا ڪتاب بلڪل ناياب ۽ زبردست اهميت جا حامل هوندا آهن. محقق کي اهڙا ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ لائبرري ءَجي مدد وٺڻي ئي پوندي آهي. ڪيتريون ئي لائبرريون پنهنجن سمورن موجود ڪتابن يا ممڪن طور ايندڙ نون ڪتابن جي فهرست پڻ شايع ڪرائي ڇڏينديون آهن؛ تنهن ڪري محقق؛ ضرورت پوڻ تي ٻين لائبررين سان خط و ڪتابت ڪري به اهڙي معلومات حاصل ڪري سگهندو آهي. اڀياس جو طريقو: اڄ ڪلهه هر هڪ تحقيقي وشيه جي باري ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ مواد ميسر ٿي سگهندو آهي. سوين مضمون ۽ ڪتاب شايع ٿيندا رهن ٿا. ان لاءِ تحقيقي عمل جي تقاضا اِها اهي ته محقق، ان سموري مواد جو اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ ڪير. ان لاءِ هن کي تڪڙي اڀياس ڪرڻ جي عادت هئڻ تمام ضروري آهي. هڪ هوشيار محقق پنهنجي گهريءَ ۽ تيز نظر سان تڪڙو تڪڙو پڙهندي به اُن جي اصلي معنيٰ کي نظرانداز ٿيڻ نه ڏيندو آهي. محقق، اڀياس ڪندڙ ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي نظر ڊوڙائي، اُن جي اهم ترين جزن کي سڃاڻي، انهن جي به اهم جملن جو اڀياس ڪندو آهي ۽ غير ضروري مواد کي هو ڇڏي ڏيندو آهي. تيز ۽ تڪڙي پڙهڻ جي عادت، وري وري پڙهڻ سان پڻ حاصل ڪري سگهبي آهي. جيڪڏهن اڀياس هيٺ آيل مواد، اهڙيءَ ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن کي محقق سمجهي نه ٿو سگهي، جيئن: فرانسيسي، جرمن يا روسي وغيره، ته پوءِ ٻه رستا آهن: يا ته محقق اُن ٻوليءَ کي سکي يا اُن جي ڀروسي جوڳن ترجمن جو سهارو وٺي. بهتر ائين ٿيندو ته محقق پنهنجيءَ ضرورت موجب انهن ٻولين جي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي. ساهتيه (ادب) جي محقق لاءِ انگريزيءَ کان سواءِ فرانسيسي ٻولي، سنڌيءَ کان سواءِ سنسڪرت، هندي، اردو، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ پڻ فائديمند ٿي سگهندي آهي. حوالا گڏ ڪرڻ: جڏهن محقق وٽ سمورو مواد حاصل ٿي ويندو آهي ته سندس آڏو حوالا گڏ ڪرڻ جو مرحلو ايندو آهي. مختلف عالمن جي قولن، سچاين ۽ ٻيءَ ضروري معلومات وارن حوالن کي تحرير ڪرڻ ضروري هوندو آهي. حوالا ڪٺا ڪرڻ وقت محقق اِهو فيصلو ڪري نهس گهندو آهي ته انهن مان ڪهڙا حوالا هن لاءِ وڏيڪ اهميت ڀريا آهن، ڪهڙا گهٽ ۽ ڪهڙا ڇڏي سگهجن ٿا. اُن ڪري، کيس وڌ کان وڌ حوالن گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن محقق جا گڏ ڪيل حوالا، مڪمل ۽ وشيه سان تعلق رکندڙ آهن ته هُو انهن جو استعمال ڪنهن وقت به ڪري سگهندو. ڪڏهن ڪڏهن حوالا گڏ ڪندي اِهو به امڪان رهندو آهي ته محقق پنهنجي رستي کان غافل نه ٿي وڃي: اُن لاءِ کيس گهرجي ته هُو پنهنجي وشيه سان تعلق رکندڙ حوالا ئي ڪٺا ڪري، ڇو ته سندس لاشعور ۾ ڪيترا ئي جذبا ۽ ٻيون خصوصي دلچسپيون به ٿي سگهن ٿيون. اڀياس دوران جڏهن اهڙين دلچسپين سان تعلق رکندڙ مواد هن جي سامهون ايندو آهي ته هُو اُهو مواد به ڪٺي ڪرڻ جي لالچ ۾ اچي ويندو آهي. هُو سوچيندو آهي ته اُهو مواد بعد ۾ ڪٿي به استعمال ۾ آڻي سگهبو. پر حقيقت ۾ اُهو عمل کيس پنهنجي رستي کان ڀٽڪائي ۽ غافل ڪري ڇڏيندو آهي. حوالا گڏ ڪرڻ لاءِ جُلد ٿيل ڪاپيون يا رجسٽر مفيد نه هوندا آهن. حوالا صرف کليل ڪاغذن تي ئي گڏ ڪرڻ گهرجن. هڪ ڪاغذ تي صرف هڪ ئي وشيه متعلق حوالا لکڻ فائديمند ٿيندو. الڳ الڳ ڪاغذن تي لکيل حوالن جي درجي بندي آسان هوندي آهي. اهڙن ڪاغذن کي پنهنجي تحقيقي عمل جي مختلف بابن موجب الڳ الڳ فائيلن ۾ ڪٺو ڪندو رهڻ گهرجي. اڄ ڪلهه حوالا گڏ ڪرڻ لاءِ ڪاغذ جي ننڍن ٽڪرن، سلپن يا ڪارڊن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيترا ماڻهو وري ڪاپيءَ واريءَ ماپ جو ڪاغذ استعمال ڪندا اهن. بهرحال اِها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اُهي سڀ ڪاغذ هڪ ئي ماپ وارا هئڻ گهرجن. ان ڳالهه جو خاص ڌيان رکڻ گهرجي ته جيڪي حوالا گڏ ڪيا وڃن، اُهي مڪمل ۽ مفيد هئڻ گهرجن. جيڪڏهن حوالا نامڪمل آهن ته اُنهن کي هڪ دفعو وري ڪٺو ڪرڻ لاءِ محقق کي ٻيهر محنت ڪرڻي پوندي آهي. حوالا لکڻ کان اڳ ۾ هڪ ڪارڊ تي اُن ڪتاب جي باري ۾ تفصيلَ به لکي ڇڏڻ گهرجن، جنهن مان اُهي حوالا ورتل هجن. جهڙوڪ: ليکڪ جو پورو نالو، ڪتاب جو پورو نالو، ڇپائيءَ جي جاءِ، سال ۽ ٻي ضروري معلومات وغيره. بعد ۾ جدا جدا ڪتابن مان ڪٺا ڪيل حوالا الڳ الڳ ٺاهي رکڻ گهرجن. اِهو پڻ ضروري آهي ته اڳ وارن سڀني ڪارڊن تي لکيل حوالن سان گڏ اُن ڪتاب سان واسطيدار صفحو نمبر پڻ درج ڪيو وڃي. حوالا جمع ڪرڻ وقت پنهنجي مقالي جي مختلف وشِن يا عنوانن هيٺ حوالا الڳ الڳ گڏ ڪرڻ گهرجن. بهتر ته ائين ٿيندو ته محقق پنهنجيءَ حاصلات کي پڙهي ۽ پوءِ ان جو سار يا تاتپريه (تَتُ، اختصار) پنهنجن لفظن ۾ لکي. البت ڪٿي ڪٿي ليکڪ جي لفظن کي هُوبهو لکڻ جي به ضرورت پوندي آهي، اهڙيءَ جاءِ تي ليکڪ جي لفظن کي ’واڪ جي نشانين‘ (انورٽيڊ ڪاماز) ۾ لکي ڇڏڻ گهرجي.