ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (634) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66643 ڀيرا پڙهيو ويو |
تحقيق جو طريقه ڪار (Procedure) تحقيقي عمل جو اهم ترين حصو مواد جي حاصلات آهي، جو مختلف لائبررين ۽ پنهنجي دائره عمل مان حاصل ڪيو ويندو آهي. محقق کي پهريائين پنهنجيءَ ضرورت موجب مواد جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ اُن چونڊ جو مخصوص طريقو طئي ڪرڻو پوندو آهي. محقق کي لائبرريءَ جي استعمال ۽ پنهنجي وڀاڳ (شعبي) جي ڪم ۾ مهارت هئڻ گهرجي. ضروري مواد کي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾، ٿوري ۾ ٿوري محنت سان ڪٺو ڪرڻ تمام ضروري آهي. جنهن بعد اُن گڏ ڪيل مواد کي، مقالي ۾ لکڻ جو طريقو به اهميت رکي ٿو. لائبرريءَ جو استعمال: تحقيقي عمل جي ڪاميابيءَ ۽ تڪميل جو مدار، لائبرريءَ جي مواد جي وسعت ۽ اُن جي هڪجهڙائيءَ تي هوندو آهي. اُن لاءِ محقق کي گهرجي ته لائبرريءَ جي استعمال جي طريقي کان پوريءَ طرح واقف هجي. ائين ڪرڻ سان سندس وقت ۽ محنت جي بچت ٿيندي آهي. واسطيدار ادب جو جائزو: محقق کي اِها ڀليءَ ڀت ڄاڻ هوندي آهي ته هُو ڪنهن خلا ۾ ڪم نه ڪري رهيو آهي. هن کي اِهو به معلوم هوندو آهي ته سندس پسنديده وشيه (مضمون) واري وڀاڳ (شعبي) ۾ اُن سان تعلق وڌائڻ يا اُن جي توسيع ۽ ڦهلاءُ ڪرڻ ئي سندس تحقيقي عمل جو مقصد هوندو آهي، اُن ڪري واسطيدار ادب جو جائزو وٺڻ تحقيقي عمل جو هڪ لازمي جزو آهي. وشيه (مضمون) سان تعلق رکندڙ ادب جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏهن ڪا اهم ڪڙي رهجي ويندي ته تحقيقي عمل مڪمل طور تي سنتوش جنڪ (اطمينان جوڳو) نه ٿي سگهندو. اهڙيءَ ڇنڊڇاڻ مان ٻه فائدا ٿيندا آهن: هڪ اِهو ته محقق پنهنجي وشيه (مضمون) جي سيمائن (حدن) کان واقف ٿي ويندو آهي. ٻيو ته هُو پنهنجي مخصوص ڪم جي غير ضروري تڪرار کان بچي سگهندو آهي. هن کي اِهو به پوريءَ طرح معلوم ٿي ويندو آهي ته سندس تحقيقي عمل جي اهميت ۽ مقام ڇا آهي. اِئين ڪرڻ سان هن جي مجموعي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهندو آهي. اهڙي ڇنڊڇاڻ تحقيق جي هر هڪ مرحلي ۾، محقق جي مددڪندي آهي، جنهن لاءِ لائبررين جو استعمال انتهائي ضروري هوندو آهي. وشيه (مضمون) سان تعلق رکندڙ ادب جو جائزو لائبرريءَ جي ڪئٽلاگ (catalogue) ذريعي وٺي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب، واسطيدار مضمون، پيش ڪيل ۽ منظور ڪيل تحقيقي مقالا (جن مان ڪيترا اڃا تائين اڻ ڇپيل هوندا آهن) وغيره جي داخلا مختلف فهرستن هيٺ رهدني آهي. پهريائين محقق پنهنجي اڀياس ڪيل ڪتابن جي هڪ فهرست ٺاهيندو آهي، بعد ۾ لائبريريءَ جي فهرستن جي مدد سان، پنهنجي فهرست ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو آڻيندو آهي. اُن کان پوءِ هو لائبرريءَ جي رسالن ۽ مخزنن واري وڀاڳ (حصي) جي مدد سان پنهنجي لاءِ فائديمند مضمونن جي هڪ فهرست ٺاهيندو آهي، جنهن بعد هُو ڪنهن هڪ لائبرريءَ جي سهايتا (مدد) سان ٻين لائبررين مان پڻ مواد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.