تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (604) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62941   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻه اکر


سونهاري سنڌڙيءَ جي هر سنگ لحد هيٺان تاريخ پوريل آهي، جنهن کي گمناميءَ جي غارن مان روشنيءَ ۾ آڻڻ ۽ هڪ دفعو وري اُن کي صفحهء اوراق جو شان بنائڻ، هڪ محقق (کوجنيڪ) جو ئي ڪم آهي. هر انسان ۾ جڏهن شعوري قوتون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن هو نه فقط پنهنجي اردگرد جي چيزن کي جاچيندو آهي، بلڪ انهن تي غور ۽ فڪر پڻ ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو انسان جي فطرت ۾ انهن چيزن کي ڏسڻ، پنهنجو ڪرڻ ۽ اُن لاءِ سوچڻ جي شڪتي (سگهه) موجود آهي، جنهن ڪري اڄ هو ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون آسانيءَ سان طئه ڪري چڪو آهي، نه ته جيڪر زندگي هڪ هنڌ بيهجي وڃي ها ۽ انسان جي ڪنهن به حصي کي بدلجندو نه ڏسي ها ته دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان به نه هجي ها! اهو ئي سبب آهي، جو انسان زندگيءَ کي وڌ ۾ وڌ خوبصورت ۽ دلڪش بنائڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان رهي ٿو. تحقيق (کوجنا) جي مدد سان ٻين هزارها ماڻهن جي ڪاميابين ۽ تجربن جا داستان پڌري پت ظاهر ٿين ٿا، جن تي نظر وجهڻ ۽ انهن ۾ ٿوري تبديلي آڻڻ سان انسان ترقيءَ جي منزل سان همڪنار ٿي سگهي ٿو. تحقيق، انساني علم ۾ اضافو آڻي، تنهن لاءِ ضروري آهي ته محقق يا کوجنيڪ اهڙن اصولن جي پيروي ڪري ۽ انهن پيچرن جو پانڌيئڙو بڻجي، جن تي اڳتي هلي هو ڪاميابيءَ جون نيون بلنديون ماڻي. دنيا جي هر ٻولي ۽ ادب ۾ کوجنا جو وڀاڳ (شعبو) ايترو ته وشال آهي، جو ان ۾ هر دور ۽ هر گهڙيءَ نوان نوان مسئلا جنم وٺندا رهندا آهن، جن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي. ڪهڙو به نئون ڪم پنهنجي جاءِ تي مڪمل ۽ حرف آخر نه آهي. مختلف ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن جي اڀياس مان ان حقيقت جو انڪشاف ٿئي ٿو ته انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي مختلف وشين (موضوعن) ۽ مسئلن جو تضاد ٿيندو ئي رهيو آهي. اهو تضاد ئي تحقيق لاءِ دروازا کولڻ جو واهڻ (medium) بڻبو آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪي شاگرد تحقيق جي ميدان ۾ قدم رکن ٿا، اتان جي فضا ۽ ماحول انهن لاءِ بلڪل اجنبي هوندو آهي. اهي تحقيق جي تمام طور طريقن ۽ اصولن کان ناواقف هوندا آهن. ان لاءِ ڪجهه يونيورسٽين ۾ تحقيق جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ Pre-Research Course (تحقيق کان اڳ وارو ڪورس) کين ڪرايو ويندو آهي. ايترين سهوليتن هئڻ جي باوجود به هن ميدان ۾ داخل ٿيندڙ ڪيترن ئي نون محققن کي تحقيق جي سکيا جي ضرورت رهندي ئي آهي. اهو مقصد سامهون رکندي، مون پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار دلوي صاحب جي اردو ڪتاب ’ادبي اور لساني تحقيق‘ کي ’تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول‘ جو عنوان ڏيئي، سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي ڪيترن ئي عالم فاضل حضرات جا ويچار ڏنل آهن، جن جي تحقيق جي ميدان ۾ روشن مينار جيان تسليم ڪيا وڃن ٿا. ان اميد سان ته اهي تمام شاگرد جي ايم. فل توڙي پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيا آهن، سي سنڌيءَ ۾ هيءُ ڪتاب پڙهي، دنيا جي مڃيل اصولن جي آڌار تي ئي، تحقيق واري ڏکئي ميدان تي ڪنهن سٽاءَ سان هڪ هڪ وک سنڀالي اڳتي وڌائين ۽ پنهنجي منزل مقصود پائين. آءٌ ٿورائتو آهيان پروفيسر ڊاڪٽر دلوي صاحب جو، جن ڏاڍي خوشيءَ سان هن ڪتاب کي سنڌي روپ ڏيڻ ۽ علم دوست حضرات آڏو ڇاپي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي نه صرف اجازت ڏيڻ فرمائي، پر هن صاحب ناچيز جي ڪم جي همت افزائي ڪندي، پنهنجيءَ دعا جا چند حرف پڻ لکي ڏنا. سنڌي ادب جي اعليٰ استاد، محقق ۽ پارکو، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي زور قلم سان لکيل انتهائي عالمانه مهاڳ جي ساراهه ۾ جيترو چئجي، گهٽ آهي. سائين الانا صاحب، هن ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ کي پنهنجي عميق نظر سان جاچي، جيڪو تفصيلي مهاڳ لکي ڏنو آهي، سو بذات خود ئي هن ڪتاب جو بهترين حصو آهي، جنهن ۾ سائين جن هن سموري ڪتاب جو سار، چند صفن ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب جهڙن صرافن وٽ هي رنڊا روڙيل قبول پيا آهن. ناچيز لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي! سائين الانا صاحب، مذڪوره مهاڳ ۾ ڀارت جي سنڌي ودوانن لاءِ پنهنجي محبت ۽ رغبت جو دل کولي احوال اوريو آهي. ههڙي سچي صوفيءَ جا در عدن گفتا پڙهي، دل جي اونهائين مان دعا پيئي نڪري ته ڪڏهن هيءُ مصنوعي نفرتن جون ديوارون ڀڄي ڀور ٿينديون ۽ هند و پاڪ جا تمام صوفي نما سنڌي مضبوط تهذيبي ۽ ثقافتي ناتا قائم ڪندي، هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ۽ گڏجي پوريءَ دنيا کي امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيندا. آخر ۾ آءٌ سنڌي لئنگئيج اٿارٽِءَ جي چيئرمئن جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان جو هن صاحب منهنجو هيءُ ڪتاب سندس اداري طرفان سنڌ مان ڇپائي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. منهنجي دعا آهي ته سنڌ جو هيءُ ادارو اڃا به وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ دنيا ۾ پنهنجو ناماچار وڌائيندو پروفيسر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي ڊپارٽمينٽ آف سنڌي