ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (633) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66631 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڪهڙي به تحقيقي مقالي جي پيشڪش واري سلسلي ۾ هيٺين ڳالهين کي سمجهڻ اِنتهائي ضروري آهي: تحقيقي عمل جي شروعات: تحقيقي عمل جا طريقا الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، ۽ اُن بابت ڪجهه الڳ الڳ رايا آهن. جيتوڻيڪ اُن باري ۾ ڪو مقرر ٿيل فارمولا ته طئي ٿيل ڪونه آهي، پوءِ به ڪجهه صلاحون محقق لاءِ مددگار ۽ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون. تحقيقي عمل دوران وشيه (عنوان) جي چونڊ کان وٺي نتيجن حاصل ڪرڻ ۽ اُصولن جي تدوين ۽ وضاحت، سمورن مرحلن جو عڪس موجود هوندو آهي. اِهي سڀ مرحلا تحقيق واري عمل دوران مشين وانگر پنهنجو پاڻهي طئي ٿيندا رهندا آهن. تحقيق جو وشيه (عنوان) ڪيترو به اهم ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن اُن جي پيشڪش مناسب نموني نه ٿيندي ته تحقيقيعمل اڻپورو ئي رهجي ويندو. مقالي جي تحرير: (تحقيقي حاصلات کي لکت جي دائري ۾ آڻڻ) جڏهن اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو آهي ته اُن کي مقالي جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مرحلو ايندو آهي. اُصولي طور اڀياس ختم ڪرڻ کان پوءِ ئي مقالو لکڻ جو ڪم شروع ٿيندو آهي. اڀياس ۽ مقالي ۾ هڪ سنڌو سنئون تعلق ٿيندو آهي، پر اِهي ٻئي ڳالهيون هڪ نه هونديون آهن. مقالو، اڀياس جي وسيلن جي اظهار ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي، جنهن ذريعي محقق پنهنجا حاصل ڪيل نتيجا ٻين ودوانن تائين پهچائيندو آهي. اِن طرح هُو پنهنجي تحقيقي عمل جي طريقي ۽ گڏ ڪيل دليلن جو نماءُ پڻ ڪندو آهي. مقالي جي تحرير جو مقصد تفريح ڪونه آهي. ان خيال کان مقالو، افساني نويسي، يا سمورن فنونِ لطيفه (للت ڪلائن) کان مختلف نوعيت رکندڙ آهن. اُن جو هڪ ئي ڪم آهي: مواد، طريقه ڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ معلومات ڏيڻ ۽ ڄاڻ پهچائڻ، جنهن وسيلي علم ۽ گيان جو دائرو وسيع ٿئي ٿو. ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته مقالي جي تحرير جو ڪم پورو ڪندڙ، دل کُڄائيندڙ، بي مزي ۽ بي جان هوندو آهي. پر اُهو هر رُچي (دلچسپي) رکندڙ پاٺڪ لاءِ دلچسپ ئي هوندو آهي. پوءِ به مقالي نگاريءَ ۾ النڪارن (صنعتن) پر تڪلف عبارت ۽ مقفيٰ يا مسجع نثر جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي. تحقيق جو وشيه (عنوان) خشڪ ۽ مخصوص مزاج جو ٿي سگهي ٿو. تنهن لاءِ محقق کي گهرجي ته هُو پنهنجيءَ تحرير وسيلي اُن کي وڌيڪ غير دلچسپ ۽ بي مزي نه بڻاکي؛ ڇو ته محقق کي مقالي نگاريءَ ذريعي پنهنجيءَ گهريءَ ڄاڻ جو اظهار ڪرڻ به مقصود نه هوندو آهي. مقالي جي ٻولي سادي سلوڻي، عام فهم، دلچسپ ۽ پرڪشش هئڻ گهرجي. طرز تحرير مڪل، پر اختصار واري هئڻ گهرجي. محقق کي گهرجي ته هُو بنا ڪنهن الجهاءَ يا ڍڪ پردي جي اِها ڳالهه صاف صاف ٻڌائي ڇڏي ته سندس تحقيقي عمل جو مقصد ڇا آهي ۽ اُن مان هن ڪهڙا ڪهڙا نتيجا حاصل ڪيا آهن. مقالي جي تحرير جا اصول: مقالي جي تحرير جي شروعات سڌو سنئون پنهنجي وشيه سان ڪرڻ ئي بهتر سمجهيو ويندو آهي. جهوني زماني ۾ هڪ لنبي مهاڳ ۽ آلوچنا (تنقيد) سان گڏ مقالي جي شروعات ڪرڻ جو طريقو رائج هو. هينئر سنڌو سنئون پنهنجي وشيه تي اچڻ ئي وگيانڪ طريقو سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته مقالي جو وڌاءُ به هڪ عيب ڪري ليکيو ويندو آهي. مقالي جو معيار اِن ڳالهه مان ڪونه پرکبو آهي ته محقق پنهنجي وشيه جي باري ۾ ڪيترو چيو آهي، پر اِهو ڏٺو ويندو آهي ته هن ڇا چيو آهي ۽ ڪهڙي نموني چيو آهي. ڪي محقق بظاهر خوبصورت، پر وشيه سان غير متعلق بيان ۽ غير ضروري معلومات پنهنجي مقالي ۾ شامل ڪري، اُن جو وزن ته وڌائي ڇڏيندا آهن، پر واضح نموني ڪنهن اهم نتيجي تي پهچي نه سگهندا آهن. اُن لاءِ مقالي نگاريءَ جو پهريون اصول اهو آهي ته اُن کي سڌو سنئون وشيه سان ئي شروع ڪرڻ گهرجي. دراصل هر محقق پنهنجي تحقيقي عمل واري وڀاڳ (شعبي) جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ رکندو آهي، جنهن تي ئي هُو پنهنجي وشيه ۽ تحقيقي عمل جو بنياد رکندو آهي. پر اُن سموريءَ معلومات جو مقالي ۾ شامل هئڻ ضروري نه آهي. محقق پنهنجي ڄاڻ جي بنياد تي جيڪو نقطه نظر طئي ڪيو آهي، صرف اُن جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، ۽ پنهنجي حاصل ڪيل نتيجن ۽ تاثرات کي پوري خلوص ۽ اختصار سان پيش ڪرڻ گهرجي. پنهنجي قياس آرائين جي پٺڀرائيءَ ۾ کيس ٺوس ثبوت ڏيڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح مقالي جي پيشڪش واري سلسلي ۾ محقق کي پنهنجي وشيه جي مڪمل، صحتمند ۽ غير ڪتابي ڄاڻ جو حامل هئڻ ضروري آهي، جنهن سان مقالي ۾ غير ضروري وڌاءُ پڻ نه ايندو. مقالي نگاريءَ جي ٽئين اصول ۾ گڏ ڪيل مواد جي ڪاٽَ ڪُوٽَ ۽ اُن جي سٽا يا رٿا اچي وڃي ٿي. محقق کي گهرجي ته هُو پنهنجن خيالن ۽ علم جو هڪ خاڪو تيار ڪري. ان عمل ۾ سندس سوچيل سمجهيل رٿابندي ۽ اُن سان تعلق رکندڙ دليلن جو دخل رهندو آهي. ان طرح حاصل ڪيل مواد مان ملندڙ ثبوتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي وشيه يا مسئلي جو حل ڳوليو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ ائين ڪرڻ بهتر ٿيندو ته محقق پهرين تحريري صورت ۾ هڪ خاڪو تيار ڪري، جنهن سان سندس دماغ ۾ اڀياس جي صورتحال واضح ٿي ويندي، ۽ اُن موجب هُو پنهنجي مواد کي خوبصورت نموني پيش ڪري سگهندو. ان تحريري خاڪي ۾ اِهي ڳالهيون ضرور شامل هئڻ گهرجن ته حاصل ڪيل مواد جي رٿا ڪهڙي نموني ڪئي وئي آهي. اُن مواد مان ڪهڙا ڪهڙا دليل ڪهڙي نموني ملندا رهيا ۽ انهن مان ڪهڙا ڪهڙا نتيجا نڪتا. اِن مان اِهو فائدو ٿيندو ته مقالي جي الڳ الڳ جزن جو تعلق واضح ٿي پوندو آهي. مقالي جو هر هڪ ڀاڱو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئڻ گهرجي، تڏهن ئي اُن کي صحيح معنيٰ ۾ مقالو چئ سگهبو. مقالي جو مقدار: ان سلسلي ۾ ڪوبه اصول مقرر ٿيل ڪونه آهي. اُن جي ننڍي هجڻ يا وڏي هجڻ جو مدار وشيه جي نوعيت تي وڌيڪ ٿيندو آهي. جيڪڏهن وشيه تاريخي، ڇنڊڇاڻ وارو يا تقابلي ۽ تُلنائيڪ (ڀيٽاڀيٽي) اڀياس وارو آهي ته مقالي جي ضخامت سڀاويڪ طور وڌيڪ ئي ٿيندي. اُن جي مقابلي ۾ تجرباتي يا رچناتمڪ (تخليقي) وشيه وارو مقالو نسبتي طور ننڍو هوندو آهي. محقق کي مقالي جي محدود ڪرڻ جو شعور هئڻ لازمي آهي. هن کي گهرجي ته هُو پنهنجي مقالي کي وڌ کان وڌ مختصر ۽ وڌ ۾ وڌ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ڪنهن به ادبي مقالي جي لنبائيءَ جا هيٺيان سبب ٿي سگهندا آهن: (1) وڌ ۾ وڌ ۽ لنبا لنبا حوالا ڏيڻ. (2) حوالي جي ڪتابن جا ڪيترا ئي تاتپريه (نتيجا/تت) بيان ڪرڻ. (3) سموري گڏ ڪيل مواد کي ڪنهن نموني مقالي ۾ جاءِ ڏيڻ. (4) تاريخي ۽ سماجي حالتن جا ڊگها ڊگها تفصيل گڏ ڪرڻ. (5) ضروري ڇنڊڇاڻ کان سواءِ ئي ادبي اصولن يا فلسفي جي ڪتابن بابت تفصيلي بيان ڏيڻ. محقق کي انهن ذڪر ڪيل ڳالهين کان پاڻ کي بچائڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ته مقالي جي مواد کي محددو بنائڻ لاءِ هيٺين اصولن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي: (1) ڊگها حوالا ڏيڻ بجاءِ پنهنجن لفظن ۾ اُن جو تاتپريه (تت) ڏيڻ گهرجي ۽ حوالي واري ڪتاب جو نالو صفحي جي پڇاڙيءَ ۾ هيٺئين طرف ڏئي ڇڏڻ گهرجي. (2) تفصيلي حوالن بجاءِ تصويري خاڪا، گراف ۽ انگن اکرن وارا طريقا استعمال ڪيا وڃن. (3) واسطيدار دور جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻاهرين شاهدين بدران ساهتيه (ادب) جي اندروني شاهدين کان وڌيڪ مدد ورتي وڃي. (4) ڪتابن، رسالن يا حوالن جو سار (تت) اُن جاءِ تي ئي ڏيڻ کپي، جتي ضروري هجي. محقق کي اُن ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته مقالي جي قدر ۽ قيمت جو مدار، مقالي جي صفحن جي تعداد تي نه، پر تحقيقي مواد جي اظهار ڪرڻ جي طريقي ۽ نتيجن جي ٺوس ثبوتن جي بنياد تي هوندو آهي. بيانن يا حقيقتن جو اظهار: مقالي ۾ عام طور تي چئن قسمن جا بيان ڏنا ويندا آهن: (i) حقيقتن جو بيان (ii) بنيادي قياس آرائيون (iii) وڀاڳ (شعبي) جي عالمن جي راءِ (iv) خود محقق جي پنهنجي راءِ جيڪڏهن حقيقتن جي باري ۾ ٻڌائڻو آهي ته اِهو واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ته اُهو نقطو ڪٿان حاصل ٿيو: شخصي طور جائزي وٺڻ سان، ڪنهن ڪتاب مان، ڪنهن انٽرويوءَ ذريعي، قلمي نسخي مان يا تجربي وسيلي. صفحي جي هيٺان ان نقطي جي حاصلات وارو وسيلو به ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. انهن وسيلن جو ئي بنياد تي ممتحن يا ڪو پڙهندڙ، حقيقتن جي وزنائتي هئڻ جو اندازو لڳائي سگهندو آهي. محقق کي ڪنهن به حقيقت ۽ ڪنهن به راءِ جي فرق کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي. ڪنهن حقيقت کي پنهنجي مقالي ۾ بيان ڪرڻ وقت کيس لکڻ کپي: ”فلاڻي ودوان (عالم) اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته....“ ۽ ڪنهن جي شخصي راءِ کي تحرير ڪندي کيس لکڻ گهرجي: ”فلاڻي ودوان جو هيءُ خيال آهي ته......“ بنيادي قياس آرائيءَ جي حيثيت هڪ قبول ٿيل حقيقت يا هڪ اُصول جهڙي هوندي آهي. اُن جي مقبوليت ايتري قدر عام ٿي ويندي آهي، جو پوءِ اُن جي لاءِ ڪنهن به ثبوت جي ڪا ضرورت ئي ڪانه رهندي آهي، مثلاً: اها چوڻي ته ’ساهتيه، لفظن جو هڪ خصوصي ڪاروبار آهي‘، ڪنهن به ثبوت جو محتاج نه آهي، اِها عام طور تسليم ٿيل حقيقت يا اُصول آهي، جنهن جي سچائيءَ تي ڪو به گمان ڪري نٿو سگهجي. ان قسم جون بنيادي قياس آرائيون هر هڪ مقالي ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. محقق کي اِهو خيال رکڻ گهرجي ته تحقيق جي دائري ۾ صرف حقيقتن ۽ سچاين جي ئي اهميت هوندي آهي. ڪنهن جي شخصي قول يا اُن جي راءِ جي اهميت تمام گهٽ ٿيندي آهي. ڪنهن رايي جي وشواس (ويساهه) جوڳي هئڻ جو مدار اِن ڳالهه تي هوندو آهي ته اُن جو پيش ڪندڙ ڪيترو اعتماد جوڳو آهي. جيتري قدر محقق جي پنهنجي راءِ جو سوال آهي ته وڌيڪ بهتر ائين ٿيندو ته هُو ڪنهن به قسم جي راءِ ڏيڻ کان ڪناره ڪشي ڪري. جيڪڏهن هروڀرو ضروري هجي ته اُن کي مختصر صورت ۾ notes طور ڏيئي سگهبو آهي. قياس آرائين جو بنياد ڪنهن ٺوس ثبوت تي نه، پر ڪنهن تاثر تي هوندو آهي، ۽ تاثر جي لاءِ تحقيقي مقالي ۾ ڪابه گنجائش ڪانه هوندي آهي، ڇو ته اُن جي بنياد تي وشواس جوڳا نتيجا حاصل نه ڪري سگهبا آهن. محقق جي شخصي راءِ ڏيڻ سان مقالي ۾ هڪ انفرادي پڻو اچي وڃي ٿو، جنهن کان مقالي کي بچائڻ گهرجي. محقق جي پنهنجي راءِ جو صرف هڪ ئي فائدو آهي، ۽ اُهو هيءُ ته اُن جي بنياد تي مقالي جي رٿابندي ڪري سگهبي آهي. مقالو ۽ پاٺڪ (پڙهندڙ): محقق کي اِها صلاح ڏني ويندي آهي ته هُو مقالي لکڻ وقت اُن جي پڙهندڙن کي هميشه ڌيان ۾ رکي. ان طرح کيس پنهنجي ڪم ۾ منظم رهڻ جي تحريڪ ملندي آهي ۽ هُو اِهو سوچيندو رهندو آهي ته هڪ ڳنڀير ۽ ذهين پاٺڪ، سندس مقالي مان ڪهڙيون اميدون رکي ٿو. محقق کي اِهو خيال رکڻ گهرجي ته اُن جو پڙهندڙ ڪو وچولي درجي واريو يا عام شخص نه، پر يقيني طور اُهو علم ۽ گيان جي لحاظ کان هڪ ممتاز شخصيت هوندو. هوو اُن ميدان بابت ڪافي ڪجهه ڄاڻ به رکندو هوندو. اهڙيءَ طرح پاٺڪ اُن وشيه جو صرف ڄاڻندڙ ئي نه، پر خاص ماهر به ٿي سگهي ٿو، جيڪو پيش ڪيل مقالي کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان پڙهي، اُن جي معيار بابت ڪو فيصلو به ڏئي سگهي ٿو. محقق کي پاٺڪ جي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن ۽ اُن جي تجسس کي به ڌيان ۾ رکڻو آهي، ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اُن جي مقالي ۾ پاٺڪ جي ذهن ۾ آيل مناسب سوالن ۽ سندس تجسس جو واجب جواب به کين ملي سگهي. ادبي مقالن جون ڪجهه عام خاميون: ڪجهه تحقيقي مقالن ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي خامي اها نظر ايندي آهي ته اُن ۾ ڪي اهڙا ته هلڪڙا بيان ڏنا ويندا آهن، جن جي پُٺڀرائيءَ ۾ ڪي ضروري شاهديون يا دليل پيش ئي ڪونه ٿيل هوندا آهن. اهڙن بيانن سبب پاٺڪ (پڙهندڙ) ۽ کوجنيڪ (محقق)، ٻئي مونجهاري ۾ پئجي سگهندا آهن. مقالي جي ٻي خامي اِها ٿي سگهي ٿي ته پيش ڪيل بيانن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق يا رابطو ئي نه هوندو آهي. ان سلسلي ۾ محقق کي اِهو ڏسڻ گهرجي ته هُو چوڻ ڇا ٿو چاهي؟ تنهن کان سواءِ هُو پنهنجي ڳالهه صحيح نموني ۾ چئي سگهيو آهي يا نه؟ ٽيون نقص دليلن ۽ مواد جي رٿا يا تنظيم بابت ٿي سگهندو آهي. ان سلسلي ۾ محقق کي پنهنجي مقالي جي روپ ريکا جي پوري پوري رٿابندي اڳواٽ ئي ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح اڳواٽ ڪيل رٿابنديءَ کان سواءِ مقالو لکڻ نامناسب آهي. ڪڏهن ڪڏهن اِها پڻ خامي نظر ايندي آهي ته محقق پنهنجي پاٺڪ (پڙهندڙ) کي مقالي جي روپ ريکا جي طريقه ڪار کان پوريءَ طرح واقف ئي نه ڪندو آهي. اُن لاءِ کيس گهرجي ته هُو پاٺڪ کي پنهنجي طريقه ڪار بابت مشڪوڪ ٿيڻ نه ڏئي. تنهن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن محقق پاڻ ئي پنهنجو وشيه ۽ اُن مقصد کي صحيح نموني نه سمجهي سگهڻ ڪري به ڪجهه خرابيون پيدا ڪري سگهندو آهي. محقق جو فرض آهي ته هُو اهڙي قسم جي ڪنهن به خاميءَ کي پنهنجي مقالي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏئي.