تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (633) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     66637   ڀيرا پڙهيو ويو

لوڪ ادب جي تحقيق


لوڪ ادب جي تحقيق واري ميدان ۾ هڪ اطلاع ڪار يا سهايڪ و محقق لاءِ ڪارگر ۽ فائديمند مواد ميسر ڪري سگهي ٿو. لوڪ داب جا اطلاع ڪار: ڏيهي ٻولي يا ڀاشا وگيان جي تحقيق ۾ اطلاع ڪار انهيءَ ئي وڀاڳ يا علائقي سان تعلق رکندڙ ڪير به شخص ٿي سگهي ٿو، پر لوڪ ادب يا لوڪ گيتن جي باري ۾ تحقيق جي عمل لاءِ يا اُنهن کي گڏ ڪرڻ جي عمل ۾ اطلاع ڪار صرف اُهو شخص ٿي سگهي ٿو، جو سنگيت ڪلا جي اُن مخصوص طبقي سان تعلق رکندڙ هجي. لوڪ ڪلاڪار کي به پنهنجي وڀاڳ (شعبي) جي معلومات ميسر ڪرڻ ۾ ڪي دشواريون پيس اينديون آهن. مثال طور: (i) اطلاع ڪار کي پنهنجو مواد هميشه، بروقت ياد نه رهندو آهي. اڪثر ڳائڻ جي انداز ۾ ئي اهڙو مواد سندس حافظي ۾ تازو ٿيندو آهي. (ii) جيڪڏهن هُو بنا ڳائيندي پنهنجو مواد لکڻ سان وچ وچ ۾ ڀلجي پوندو آهي، ته پنهنجي مواد کي ياد ڪرڻ لاءِ کيس آهستي آهستي ڳائڻو پوندو اهي. (iii) ڪيترا ڪلاڪار پنهنجي ڪلا کي صرف پاڻ تائين ئي محدود رکڻ چاهيندا آهن. اهڙا شخص پنهنجو مواد ٻين کي ڏيڻ ۾ پڻ ڪنجوسائيءَ کان ڪم وٺندا آهن. (iv) ڪيترا لوڪ گيت اهڙا ٿيندا اهن، جيڪي مجموعي صورت ۾ ڳايا ويندا آهن. اهڙن گيتن جو متن لکائيندي، اڪيلو ماڻهو تڪليف محسوس ڪندو آهي. لوڪ گيتن جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ادب ڪٺو ڪرڻ نسبتاً آسان هوندو آهي. ان لاءِ محقق کي اطلاع ڪار سان گڏ رهڻو پوندو آهي. جڏهن به هُو ڪنهن پروگرام هيٺ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي ته محقق اُن مواد کي اُتي ئي قلمبند يا ٽيپ تي رڪارڊ ڪري ڇڏيندو آهي. لوڪ ادب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) لوڪ گيت، (2) لوڪ ڪهاڻيون، ۽ (3) متفرقه مواد. ان ٽئين وڀاڳ ۾ ننڍيون ڪهاڻيون، طويل ڪهاڻيون، لطيفا، نظم ۽ نثر تي مشتمل گڏيل ڪهاڻيون، اخلاقي محاورا ۽ ڳجهارتون وغيره اچي وڃن ٿيون. لوڪ ادب جي نوعيت ۽ قسمن جي لحاظ کان اُن جي اطلاع ڪارن جي چونڊ ڪري سگهبي آهي. لوڪ ادب جو تعلق مرد ۽ عورت، ٻنهي سان هوندو آهي، تنهن ڪري ٻنهي جنسن مان اطلاع ڪارن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ڪجهه اِشارا هيٺ ڏجن ٿا: (الف) هڪ ٻڍي عورت يا عورتون، جي ٻار جي پيدائش، شاديءَ ۽ قضيي وغيره جي رسمن جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي سگهن. اِهي عورتون وڏ گهراڻي ۽ غريب، ٻنهي طبقن مان کڻڻ گهرجن. (ب) ڪي نوجوان ڇوڪريون، جن کان راند روند وغيره بابت نج تفريحي لوڪ گيت ڪٺا ڪري سگهجن. (ت) ڪجهه مرد گايڪ (فنڪار)، جن جي لاءِ ڳائڻ ڌنڌو نه آهي، پر اهي تفريح لاءِ ڳائيندا آهن، جهڙوڪ: قوال ۽ لوڪ گايڪ وغيره. (ث) ڪي اهڙا مرد، جي ڌارمڪ (مذهبي) نموني وارا گيت ۽ تقريرون وغيره پيش ڪندا آهن، جيئن واعظ ڪرڻ، ستسنگ ڪرڻ ۽ اُپديش (نصيحت) ڏيڻ وارا. (ج) ڪي اهڙا فقير وغيره، جي دان گهرڻ مهل ڪجهه ڌارمڪ (مذهبي) ۽ اخلاقي گيت ڳائيندا هجن. (ح) ڪجهه اهڙا شخص، جي ڳوٺ يا پاڙي جي پنچايتن جا ميمبر هوندا آهن. انهن وٽ اخلاقيات تي مبني ڪجهه اهڙين ڪهاڻين وغيره جو ذڪر هوندو آهي، جن جي مدد سان هُو پنچايتن ۾ ماڻهن جا فيصلا ڪندا آهن. (خ) اهڙا فقير، جيڪي رومانوي مثنويون وغيره ڳائيندا آهن. (د) ڪي اهڙا تجربيڪار ڪڙمي ۽ سندن عورتون، جي کيتيءَ ٻاڙيءَ جي ڌنڌي سان وابسته لوڪ ادب جي ڄاڻ رکندڙ هجن. محقق، لوڪ ادب جي ميدان ۾ پنهنجن اطلاع ڪارن کان مواد وٺڻ کان سواءِ، پاڻ به شخصي طور پنهنجي خصوصي علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري، اُتان جي ماحول ۽ پسگردائيءَ ۾ رچيل لوڪ ادب جون جهلڪيون قلمبند ڪرڻ يا ٽيپ تي رڪارڊ ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن. جنهن اطلاع ڪار کان معلومات حاصل ڪئي وڃي، تنهن جو پورو تعارف يا اُن جي شخصيت جي باري ۾ مڪمل تفصيل هڪ هنڌ نوٽ ڪري رکڻ گهرجن، جن جي وسيلي آخرين نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ اصولن جي وضاحت ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. جائزي وٺڻ لاءِ مخصوص سوال: سڀ کان اڳ جنهن جاءِ يا ڳوٺ جي رهندڙ اطلاع ڪار کان مواد وٺڻو آهي، اُن جي باري ۾ سوال ڪرڻ گهرجن، جهڙوڪ: (i) ڳوٺ جو نالو (ii) ڳوٺ جي تاريخ (iii) ڳوٺ ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جي باري ۾ تفصيل (iv) ڳوٺ جا خاص ڪلاڪار، لوڪ ادب جا روح روان وغيره ڪير ڪير آهن. (v) ڳوٺ جي باري ۾ ماڻهن ۾ رائج ڪهاڻيون. ان کان پوءِ مواد ڪٺي ڪرڻ وقت پنهنجي فنڪار ۽ اطلاع ڪار کان هيٺيان سوال پڇڻ گهرجن: (1) حاصل ٿيل مواد جو نالو (گيت، ڪهاڻي وغيره) (2) ڳوٺ يا شهر جو نالو، جتي اُهي عام طور استعمال ۾ آندا پيا وڃن. (3) ذات يا جاتي (برادري)، جنهن سان اُن مواد جو خصوصي تعلق آهي. (4) موقعو، جڏهن اُن مواد جو استعمال عام طور ڪيو ويندو آهي. (5) سماج (مرد يا عورت) جنهن سان اُن جو تعلق آهي. (6) پيشڪش، انفرادي يا مجموعي صورت ۾. (7) ملڻ جو ذريعو. (8) اصلاح ڪار جو تعارف. (9) جيڪڏهن اُن مواد جو تخليقڪار (تخليقڪار) ڪو لوڪ شاعر آهي ته اُن جو تعارف. (10) مواد جي روپ ريکا. (11) حاصل ڪيل مواد يا اُن جي تخليقڪار (تخليق ڪار) سان تعلق رکندڙ عوام جا تاثر. (12) اطلاع ڪار کي اُهو مواد ڪٿان مليو؟ (13) اُن مواد مان پوندڙ تاثرات سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا خيال. (14) ٻي ڪا به خصوصي معلومات (15) مواد جي حاصلات جي تاريخ ۽ ڏينهن. (16) جيڪڏهن ڳالهائڻ وقت اُن مواد جو ڪو حصو يا جملو سمجهه ۾ نه اچي ته اُن جي سمجهاڻي. (17) اُن مواد ۾ آيل لفظن ۽ ڪردارن جي باري ۾ ضرورت موجب سوال. لوڪ ادب جي لکڻي: لوڪ ادب واري مواد کي هٿ سان لکي سگهجي ٿو ۽ ٽيپ تي به رڪارڊ ڪري سگهبو آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه اشارا هتي ڏجن ٿا: (1) ڪهاڻيڪار يا ڳائڻ وارو پنهنجيءَ ڪهاڻيءَ يا گيت کي پنهنجي سڀاويڪ انداز ۾ پڙهندو رهي ۽ اُن ئي رفتار سان محقق ان کي لکندو وڃي يا ٽيپ ۾ رڪارڊ ڪندو رهي، تڏهن ئي بهترين نتيجا حاصل ٿيندا. جيڪڏهن گائڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي نه سگهجي ته کيس آهستي ڳائڻ لاءِ عرض ڪجي. (2) ڪلاڪار جيئن جيئن ڳالهائيندو وڃي، اُن جي مواد کي ساڳيءَ صورت ۾ نوٽ ڪيو وڃي. جيڪڏهن وچ ۾ ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ته کيس ٽوڪيو نه وڃي، پر آخر ۾ پنهنجي تمام شڪ شبهن کي دور ڪيو وڃي. محقق کي هر ڳالهه بلڪل اُنهيءَ صورت ۾ لکڻ گهرجي، جنهن انداز ۾ اطلاع ڪار اها ٻڌائي آهي، توڙي اُها ڳالهه ڪيتري به ناممڪن ۽ متروڪ ڇو نه لڳي. (3) ڪهاڻي يا گيت جي روپ ريکا ۽ ممڪن تاريخ جي باري ۾ پڻ معلومات حاصل ڪري، حاشيي ۾ داخل ڪرڻ گهرجي. (4) تحرير پوري ٿي وڃڻ کان پوءِ اُن مواد کي اطلاع ڪار جي سامهون ٻيو ڀيرو پڙهي کيس ٻڌائڻ گهرجي. ان مرحلي تي ڏسجي ته جيڪڏهن ڪجهه گهٽ وڌائي سرزد ٿي وئي آهي ته اُن کي سڌاريو وڃي. (5) ڪهاڻيءَ يا گيت کي اُن ئي زبان يا ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي، جيڪا اطلاع ڪار ڳالهائيندو هجي. (6) مخصوص آوازن ۽ صوتياتي اشارن جي لکڻيءَ تي خصوصي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اطلاع ڪار جي تلفظ کي به هُوبهو نقل ڪري ڇڏڻ گهرجي. (7) جيڪڏهن اطلاع ڪار جي ٻوليءَ کي حرف به حرف انهيءَ صورت ۾ لکڻ ممڪن نه هجي، ته اهڙيءَ صورت ۾ اُن کي پنهنجن لفظن ۾ لکي ڇڏڻ گهرجي، يا وري اُن لاءِ ٽيپ رڪارڊر استعمال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن لوڪ ادب جي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻو آهي ته اُن ٻوليءَ کي اُنهيءَ صورت ۾ ئي تحرير ڪرڻو پوندو.