ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (633) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66639 ڀيرا پڙهيو ويو |
(1) تجرباتي تحقيق: هيءَ هڪ روايتي انداز واري تحقيق آهي، جنهن کي سائنسدان پنهنجي لئبارٽريءَ اندر استعمال ڪندا آهن. محقق ڪنهن اصول جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ تجربو ڪندو آهي. تجربي جي سٽاءَ عام طور اهڙي نموني ڪئي ويندي آهي ته جيئن اُهي حالتون پوريءَ طرح محقق جي قبضي ۾ رهن، جن هيٺ کيس جائزو وٺڻو آهي. اُن ڪري انتهائي وگيانڪ (سائنسي) انداز وارا تجربا لئبارٽريءَ اندر ئي ڪيا ويندا آهن. ان طريقي سان ڄاڻ مهيا ڪري ڏيندڙ شخص يا لائبررين وغيره کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻ ڪونه ٿو پوي، جن جو لئبارٽريءَ واري جائزي دوران پيش اچڻ جو اِمڪان رهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪجهه خاص قسم جي لئبارٽرين ۾ اِشارياتي نظام کي عمل درآمد ڪرڻ جو ڪم ٿي چڪو آهي، پر اُن جي باوجود لائبرريءَ ۽ خبر رسائيءَ جي مسئلن واري هڪ چڱي ۽ وسيع دائري ۾ تجرباتي تحقيق جي طريقن کان ڪم وٺڻ ممڪن هوندو آهي. ڪنهن به قسم جي تجرباتي تحقيق ڪرڻ لاءِ اُن جو بنيادي جزو هڪ فرض يا قياس تي ٻڌل هوندو آهي، جو عام طور ڪنهن مڪمل نظام جي مختلف عنصرن جي وچ ۾ سنٻنڌ جي باري ۾ هڪ رٿا يا اصول جي شڪل ۾ هوندو آهي. مثال طور ’جيڪڏهن ڪن مشهور ۽ معتبر تقريرن کي ڪنهن وڏي پيماني تي ڪيترائي ڀيرا دهرايو وڃي ته ائين ڪرڻ سان اُنهن تقريرن جي اُميدوارن جو تعداد گهٽ ٿي سگهي ٿو.‘ تجربي جو مقصد صرف اِهو هوندو آهي ته واسطيدار قياس يا انومان صحيح آهي يا نه! (2) تاريخي تحقيق: تجرباتي تحقيق، جنهن جي وڪاس (ترقي) وگيانڪ (سائنسي) اصولن هيٺ ٿئي ٿو، اُن جي برعڪس تاريخي تحقيق مڪمل طور تي عمرانيات (Ethics) جي پيداوار آهي. اُن مان ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هيءَ تحقيق نج بيانيه انداز واري ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ حالتن جو سلسليوار جائزو ورتو وڃي ٿو ۽ ڪنهن شيءِ جي وڪاس (ترقيءَ) جي هر ممڪن صورت وسيلي هڪ مڪمل عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اُن وشيه (موضوع) هو: ’عظيم برطانيه جي عوامي لائبررين جي تاريخ: 1845ع کان 1975 ع تائين‘ (لنڊن لائبرري ائسوسيئيشن 1977). هن قسم جي تحقيق جو مقصد عام طور تي حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ اُن جو بيان ڪرڻ هوندو آهي. هڪ ٻئي قسم جي تاريخي اُصولن کي ثابت ڪرڻ لاءِ پڻ ڪئي ويندي آهي، جنهن جو طريقه ڪار ائين ٿيندو آهي ته شاهدين ۽ حوالن کي اهڙيءَ طرح ڪٺو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، جو اُن مان ڪجهه نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اهڙن نتيجن مان اُنهن اُصولن جو صحيح يا غلط هئڻ ثابت ٿي پوندو آهي. هن قسم جي تحقيق جا سٺا مثال نسبتي طور ڪجهه گهٽ آهن. تاريخي تحقيق جا فائدا ۽ نقصان: تاريخي تحقيق جي فائدن ۽ نقصانن کي طئه ڪرڻ ڪجهه قدر مشڪل آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين اِهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ’اِها هڪ سٺي ڳالهه آهي‘. ماضيءَ ڏانهن نظر ڊوڙائڻ مان اِهو ممڪن ٿيو پوي ته اُن ماضيءَ وارن تجربن جي روشنيءَ ۾ موجوده دور جي ڪجهه مسئلن جو ڪو صحيح فيصلو ڪري سگهجي ٿو. تاريخي تحقيق کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه اِشارا: ان سلسلي ۾ بنيادي صلاحيت، محقق ۾ تنظيمي لياقت جو هئڻ آهي. جڏهن ته اِها ڪمي عام طور ڏٺي ويئي آهي ته محقق پنهنجي گڏ ڪيل مواد کان بيحد متاثر ٿي ويندو آهي، ۽ اِئين ڪندي پنهنجي مقرر اڀياس جي اصلي مقصد ۽ انهن دستاويزن جي اهميت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي، جن جو ڌيان ڏيڻ اُن وقت انتهائي ضروري هوند آهي. اِن سلسلي ۾ پهريون ڪم اِهو آهي ته ان ڳالهه جي پڪ ڪئي وڃي ته ان جو وشيه (موضوع) پنهنجي سيمائن (حدن) ۽ مريادائن جي لحاظ کان قابل عمل اهي. وشيه (موضوع) جي وشالتا (وسعت) ۽ تحقيق جي لنبائي ايتري هئڻ کپي، جو اُن لاءِ گڏ ڪيل مواد کي هڪ مناسب مقدار ۾ استعمال ڪري سگهجي. بظاهر اُن جو دارومدار تحقيق جي نوعيت ۽ وسعت تي ئي هوندو آهي. پيشه وَر لياقت يا ايم. اي. جي ڊگريءَ لاءِ لکيل ڪنهن مقالي ۾، اُن مقالي کان وڌيڪ گهرائي ۽ وشالتا (وسعت) هوندو آهي، جيڪو ايم. اي جي تعليم دوران هڪ شاگردن جي حيثيت ۾ لکيل هوندو آهي. اهڙا سڀ مقالا، پنهنجي وشالتا جي لحاظ کان وڏين ڪاميابين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ درجي وارا هوندا آهن. جيئن ڪيليءَ جي ’عوامي لائبررين جي تاريخ‘ آهي، جنهن ۾ ’مددي ڪتابن جي فهرست‘ ۾ 438 ڪتابن جي ياداشت ڏيکاريل آهي. تحقيقي وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ ۽ اُن کي هڪ نئون روپ ڏيڻ لاءِ بظاهر اِهو ضروري آهي ته اُن لاءِ هٿ ڪيل مواد، اُن جي نوعيت ۽ اُن جي حاصلات جي وسيلن جو پوري طرح جائزو ورتو وڃي. ماڌيمڪ (Mediumistic) وسيلن جي ڀيٽ ۾ بنيادي وسيلن تي ڪم ڪرڻ ۾ شايد ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويندو آهي. جيئن ته پنهنجيءَ ڄاڻ هيٺ آيل مواد تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي وقت جو مناسب حصو خرچ ڪرڻ کپي. ان لاءِ دور دراز جڳهين تان ملندڙ دستاويزن تائين پهچڻ بجاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي اندر ٿيندڙ ڪم کي به ڪجهه وقت ڏيڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ واسطيدار اڻ ڇپيل مواد کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. الڳ الڳ ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سوالناما (Questionnaire) موڪلڻ ۽ انهن سان شخصي طور ملڻ، ٻئي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. اڄ ڪلهه Audio-Visual مشينن ۾ رڪارڊ ڪيل معلومات به جلد ئي ملي سگهندي آهي، جن ۾ اهم لائبررين جي سرپرستن سان ڪيل شخصي ملاقاتن جي تفصيلات جو ذڪر هوندو آهي. تحقيق جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي اِهو طئي ڪري ڇڏڻ گهرجي ته حاصل ٿيندڙ معلومات کي لکڻ يا رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو بهتر طريقو اختيار ڪيو وڃي ۽ پوءِ سموري تحقيقي عمل ۾ اُن کي ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ جاءِ تي استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن مواد ايترو ضروري آهي جو ان کي نظرانداز نه ڪري سگهجي ته اُن کي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ Audio-Visual جهڙا ڪارگر ۽ اثرائتا طريقا اختيار ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. تحقيق واري عمل دوران ڪڏهن ڪڏهن اهو ضروري هوندو آهي ته اڀياس جي اوچتن نظر آيل مسئلن سان ٺاهه ڪيو وڃي ۽ پنهنجي تحقيقي عمل جي مڪمل خاڪي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن خاص قاعدي قانون هيٺ ڪم ڪيو پيو وڃي ته اِن ڳالهه جو ڌيان هئڻ کپي ته اُن سلسلي ۾ اڳ ڪيترو ڪم ٿي چڪو آهي. تحقيق لاءِ اُن جي عام طور ٿيل دائري جو جائزو وٺڻ به ضروري هوندو آهي. پنهنجي ڪم کي اهڙي نموني ڪرڻ جڳائي، جو تحقيق دوران اُهو پنهنجو رستو بدلائيندو رهي. ان طرح تحقيق ڪندي وقت به وقت درپيش ايندڙ نوَن نوَن تجربن سان پنهنجي ڪم جي تڪميل لاءِ مختلف رستا کلندا رهندا آهن. بهرحال اِن سلسلي ۾ اهڙين حالتن پيدا ٿيڻ جو به امڪان رهندو آهي. مستقبل واري رٿيل ڪم لاءِ رستو ئي محدود نظر ايندو آهي. اهڙيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ پنهنجي رهنما (Guide) يا وشيه (موضوع) سان واسطو رکندڙ ڪنهن ودوان (ماهر) سان صلاح مشورو ڪندو رهڻ گهرجي. جيئن ته اهڙن ڳنڀير وشين (موضوعن) تي واسطيدار ودوانن (عالمن) جي نظر گهري ۽ اڀياس ڳوڙهو هوندو آهي، ۽ اُهي محقق کي فائديمند صلاحن سان نوازي سگهن ٿا، اُن لاءِ رهنما جي چونڊ به هڪ لحاظ کان خصوصي اهميت جي حامل آهي. (3) تنظيمي تحقيق (Operational Research): تنظيمي تحقيق جو وڪاس (ترقي) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي دوران ٿيو هو، جنهن جو مقصد هو ته جن جي ميدان جا نقشا تيار تيار ڪندڙ فوجي، وڏي پيماني تي تنظيمي مسئلن سان منهن ڏيئي سگهن. اُن وقت کان هيءُ طريقو مختلف قسمن جي تنظيمن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ لائبرري ۽ اطلاع ڪار يا خبر پهچائيندڙ ادارا به اچي وڃن ٿا. بنيادي طور هن تحقيقي عمل ۾ تنظيمي مسئلن لاءِ رياضيءَ جا طريقا ۽ اصول استعمال ڪيا ويندا آهن. تنظيمي تحقيق انهن عملن ۽ تعلقن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جن هيٺ مختلف تنظيمون يا ادارا پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪم ڪندا آهن. صورتحال کي صحيح طور سمجهڻ کان پوءِ ايندڙ مرحلو اِهو هوندو آهي ته هڪ قسم جي تنظيم ٺاهي ويندي آهي، جنهن وسيلي انهن مختلف حالتن جو جائزو ورتو ويندو آهي، جي ڪنهن تنظيم جي جدا جدا رٿائي جزن ۾ ڦير گهير ۽ تبديل جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. اِهو سڀ ڪجهه تعميري نموني وانگر ڪاٺيءَ ۽ ڪوڪي سان ڪونه ٺاهيو ويندو آهي، پر اُن جي تعمير ۾ عمل جي برابري ۽ مانيتا مليل (مڃيل) فارمولا استعمال ڪيا ويندا آهن. هن نموني کي رياضيءَ جي برابريءَ واري هڪ لنبي سلسلي جي روپ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. انهن برابرين کي اُن مخصوص تنظيم جي گڻ جو صحيح طور تي اندازو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. (4) عملي تحقيق (Action Research): جهڙيءَ طرح موليري جي هڪ ڪردار کي اِهو محسوس ٿيڻ کان پوءِ تعجب ٿيو هو ته هُو ڪيئن نه گذريل چاليهن سالن کان پنهنجيءَ اڻڄاڻائيءَ ۾ نثر ڳالهائيندو رهيو آهي. ساڳيءَ طرح لائبررين جي ڪيترن ئي سربراهن ۽ معلومات مهيا ڪندڙن کي اهو ڄاڻي واقعي ئي حيرت ٿيندي آهي ته هُو ڪيترن سالن کان عملي تحقيق جي دائري ۾ زبردست ڪم ڪندا رهيا آهن، ۽ کين ان ڳالهه جو ڪڏهن احساس به ڪونه ٿيو آهي ته هُو ڪو اهم ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن. عام لفظن ۾ عملي تحقيق جو ڪم ڪنهن شيءِ کي قائم ڪرڻ ۽ پوءِ اُن جو رد عمل ڏسڻ لاءِ کيس اڳتي وڌائڻ هوندو آهي. عملي تحقيق کي به تجرباتي تحقيق جي صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. فرق صرف ايترو آهي ته تجرباتي تحقيق، ليباريٽريءَ اندر ٿيندي آهي ۽ عملي تحقيق، لائبرريءَ ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪئي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان ان جي اهميت ان ڪري به آهي، جو ڪيترين ئي حالتن ۾ ڪنهن عمل جي امڪان جو جائزو وٺڻ جي صرف اڪيلي صورت اها هوندي آهي ته اُن عمل کي اڳتي وڌايو وڃي. پهريائين اُهو عمل سرانجام ڏجي ۽ پوءِ اهو ڏٺو وڃي ته اُن جو نتيجو ڇا ٿو نڪري. صحيح معنيٰ ۾ عملي تحقيق جو مقصد، ان کان به ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي. ان کي عملي تحقيق تڏهن ئي چئي سگهجي ٿو، جڏهن اُن رٿا يا عمل جي مقصد جو تعين لڳاتار نموني ٿيندو رهي ۽ اُن جي اندر ڪجهه مُحرڪَ به موجود هجن، جي سندس مقرريءَ ۽ اڀياس دوران پڙهيل مواد کي اُن تحقيقي عمل ۾ اهڙيءَ طرح رد ڪري ڇڏين، جو اُهي عمل ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ هڪ مايه دار چيز بڻجيو پون. جيستائين ادب جي تخليقي عمل جو تعلق آهي، اُهو به عمل ۽ سبب جي اُصول کان آجو ٿي نٿو سگهي. ادبي تخليق اُهو عمل آهي، جنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح رچناڪار (تخليقڪار) جي قلبي، مادي ۽ سماجي حيثيت، سبب جي صورت ۾ عمل درآمد ٿئي ٿي. رنگ روپ يا انداز بيان ۽ طرز تحرير جو عمل به ڪنهن نه ڪنهن سبب کان ئي ٿيندو آهي. ادبي محقق انهن ئي باقاعدگين ۽ عمل ۽ سبب جي سلسلن جي تحقيق ڪري ٿو. ادبي تحقيق: ڪو وقت هو، جڏهن ادب کي تحقيق جي صف ۾ شمار ڪونه ڪيو ويندو هو. اُن جو تعلق صرف تنقيد ۽ تبصري واري عمل سان ئي هوندو هو. پوءِ جڏهن سماجي علم (Social Sciences) وجود ۾ آيا ته اِهو محسوس ڪيو ويو ته وگيانڪ (سائنسي) طريقن جي استعمال سان به هن وڀاڳ (شعبي) ۾ صحيح نتيجن جي حاصلات ممڪن آهي، تنهن ڪري ادب کي به تحقيق جي دائري ۾ شامل ڪي وويو. ان طرح ادب به پنهنجي ظاهري توڙي معنوي هئيت جي لحاظ کان هڪ قابل تحقيق وڀاڳ (شعبو) ثابت ٿيو. ان جي معنوي هيئت جو تعلق نفسيات ۽ سماجي سائنس (Social Science) سان ڳنڍيو ويو ۽ ظاهري هيئت ڀاشا وگيان يا لسانيات (Linguistics) جي دائري ۾ اچي وئي. ان طرح ادب، داخلي تحقيق جو وشيه (موضوع) بڻجي پيو؛ جنهن ۾ محقق، پنهنجي تجرباتي عمل جي سيمائن (حدن) کان ٻاهر نٿو نڪري. ادب ۾ جيڪي به النڪار (لفظي صنعت) ۽ مانسڪ (نفسياتي) تفصيل ڏنل هوندا آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ ۽ هيئت جو اڀياس محقق جو حقيقي مقصد هوندو آهي. تنهن کان سواءِ ادب ۾ خارجي تحقيق جا امڪان به پيدا ٿيا، جن ۾ ٻين وشين (موضوعن) ۾ نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن. ائين نه صرف ادبي تحقيق جي امڪانن ۾ ئي واڌارو آيو، پر ادبي تحقيق جي عمل جون سيمائون (حدون) به وشال ٿينديون ويون. اُن سان گڏوگڏ اِهو سوال به پيدا ٿيو ته تحقيق جهڙي دماغي عمل جي وجود ۾ اچڻ سان تنقيد ۽ ادب جي وچ ۾ تعلق هئڻ به ممڪن آهي يا نه! ابتدا ۾ ته تحقيق جا حيرت انگيز نتيجا ڏسندي اديب ۽ نقاد ٻئي ڇرڪجي ويا، پر جلد ئي جڏهن اُن دماغي عمل جي افاديت ظاهر ٿيڻ لڳي ته نقادن به ادب جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ هٽيءَ کان موڪلائي ڇڏيو. تحقيق ۽ تنقيد: تنقيد جو بنيادي مقصد ڪنهن ادبي تخليق جو مڪمل ۽ تفصيلي جائزو وٺڻ هوندو آهي. اِهو عمل ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) تاثر قبول ڪرڻ، (2) ڇنڊڇاڻ، ۽ (3) قدر ۽ قيمت جو تعين يا فيصلو ڪرڻ. تنقيد جو مقصد ڪنهنا دبي تخليق جي ليکڪ جي تخليقي صلاحيت ۽ اُن رچنا (تخليق) کي وڌيڪ پرڪشش بڻئاڻ جو ڏانءُ ۽ پڙهندڙن تي ٿيڻ واري تاثر جو جائزو وٺڻ هوندو آهي. رچنا جو عمل به رچناڪار (تخليقڪار) ۽ رچنا (تخليق) جي پاٺڪ (پڙهندڙ) جي باهمي سنٻنڌ تائين محدود هوندو آهي. صرف اسلوب ۽ لکڻيءَ تي تنقيدنگار جي عمل ۾ سندس شخصي دلچسپين جو به دخل رهي ٿو. جڏهن ته محقق پنهنجي ذاتي دلچسپين ۾ انفرادي نقطه نظر کان هٽي ڪري پنهنجو ڪم بلڪل بي طرفداريءَ سان ڪري ٿو. هڪ نقاد جي نگاهه شخصي ٿئي ٿي، جڏهن ته محقق اُن شيءِ کي موضوعاتي (Objective) نقطه نظر سنا ڏسي ٿو. محقق لازمي طور ڪنهن هڪ مسئلي کي ساڻ ڪري اڳيان وڌي ٿو، جنهن جو تعلق خصوصي طور دماغ سان ٿئي ٿو. هُو اُن مسئلي جو حل تلاش ڪندي ئي مطمئن ٿئي ٿو، جڏهن ته نقاد اُن مسئلي جي ماهيت ڄاڻڻ کانپوءِ پنهنجو ڪم اُتي ئي ختم ڪري ڇڏي ٿو. محقق ۽ نقاد جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به اڪثرمختلف هوندو آهي. محقق جي طريقي ۾ سچاين جي ڇنڊڇاڻ انتهائي اهم هوندي آهي. گڏ ڪيل حقيقتن جي دماغي ڇنڊڇاڻ ۽ رٿا يا ڪٽ سٽ ئي محقق کي منزل تائين پهچائين ٿيون. اُن جي برخلاف هڪ نقاد، سمورين ممڪن سچاين کي ڪٺو ڪرڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ضروري نٿو سمجهي. هُو گهڻو ڪري چند حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن رچنا جي ٻاهرئين خوبين جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي مصروف رهندو آهي. تنقيدنگار جي ڪم ڪرڻ واري طريقي ۾ سوچ ويچار کي هڪ اهم مقام حاصل هوندو آهي، جڏهن ته محقق اُن سوچي ويچار جي نبسبت حقيقت ۽ ثبوتن جي آڌار تي ڪَٽَ سَٽَ ڪندي تجرباتي انداز ۾ اُن جي ترتيب ۾ رُڌل رهندو آهي. محقق ۽ نقاد جي مقصدن ۾ به فرق هوندو آهي. تنقيدنگار جو مقصد، ادبي تخليق جي ظاهر ڪرڻ واري ڍنگ ۽ ٻاهرينءَ هيئت جي خوبين جو فيصلو ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته محقق جو مقصد موجوده انساني ڄاڻ جي ڀنڊار ۾ اضافو ڪرڻ هوندو آهي. انهن حقيقتن جي باوجود به تحقيق ۽ تنقيدنگاري ٻئي لازم ملزوم عمل آهن. ادبي تحقيق جي درجي بندي: عام طور ادبي تحقيق جا ٽي قسم قبول ڪيا ويندا آهن: (1) حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ، (2) تنقيدي ويچار، (3) مڪمل تحقيق. 1. حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ: هيءَ هڪ نج موضوعاتي تحقيق آهي، جنهن هيٺ صرف نين حقيقتن جي ئي ڇنڊڇاڻ ٿي ڪئي وڃي، پر اول ئي معلوم ٿيل حقيقتن کي پڻ هڪ خصوصي ترتيب سان گڏ ڪرڻ به ان ۾ اچي وڃي ٿو. ڪا به اهم ڳالهه يا پوائنٽ ڇڏڻ نه کپي. ادب جي دائري ۾ ٿيندڙ تحقيق هيٺ هڪ خاص وشيه (موضوع) متعلق، پهرين اڄ تائين ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل معلوم ٿيل ڪتابن جي فهرست تيار ڪرڻ ضروري آهي. اهو ڪم پورو ڪرڻ کان پوءِ ئي تحقيق کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. معياري شاعرن مان ڪنهن به هڪ جي زندگيءَ متعلق حقيقتون گڏ ڪرڻ به هن قسم جي تحقيق جي دائري ۾ اچي ٿو. همعصر شاعرن توڙي ليکڪن تي پڻ اهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ حقيقتون گڏ ڪرڻ لاءِ اُن مخصوص اديب يا شاعر جون رچنائون ئي وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿينديون آهن. انهن رچنائن مان مليل معلومات جو سهارو وٺي انتهائي احتياط ۽ خبرداريءَ سان حقيقتن جي چونڊ ۽ ڪاٽ ڪُوٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. 2. تنقيدي ويچار: تحقيق جي دائري ۾ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ئي هيءُ عمل شروع ٿئي ٿو، جو خود پنهنجو پاڻ ۾ به هڪ مڪمل وشيه (موضوع) ٿي سگهي ٿو. ساهتيه (ادب) جي وڀاڳ (شعبي) ۾ هن قسم جو تحقيقي ڪم گهڻو ئي ڪيو وڃي ٿو. محقق جي نظر ۾ گڏ ڪيل حقيقتن بنسبت، تحقيق مواد تي غور ڪرڻ ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وڌيڪ اهميت جي حامل هوندي آهي. اهڙي عمل ذريعي ئي ڪنهن اديب يا شاعر جي زندگيءَ جو صحيح عڪس وڌيڪ روشن ۽ واضح ڪري سهگجي ٿو. هڪ ڳالهه جو ڌيان رکڻ تمام ضروري آهي ته محقق کي ڪنهن قسم جي ويچارڌارا يا اول طئه ڪيل سوچ ويچار کان ڪنارو ڪري، اهڙي تحقيق بلڪل غير جانبداريءَ سان ڪرڻي آهي. اهڙو تحقيقي عمل صرف ڪنهن رچنا جي ئي حد تائين محدود نه رهي سگهندو، پر اُن ۾ تخليقڪار (تخليقڪار) جي دور جو اڀياس ڪرڻ به تمام ضروري آهي. محقق کي اُها رچنا، ۽ جنهن دور ۾ اُها چئي ويئي يا لکي ويئي، اُهو تعلق به صاف ۽ کليل لفظن ۾ پيش ڪرڻ گهرجي؛ ڇو ته ادب جي تخليق ۽ اُن جي واڌاري تي واسطيدار دور جون سماجي ۽ سياسي حالتون زبردست نموني اثرانداز ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ ذڪر هيٺ ايل دور جي ٻين همعصر اديبن ۽ شاعرن جو اڀياس ۽ اُن سان گڏ تحقيق هيٺ آيل رچنا جو توازن به فائديمند ٿي سگهي ٿو. پر اُهو توازن ۽ همعصر اديبن سان ڀيٽ ئي تحقيق جو اصلي مقصد نه هئڻ گهرجي. ڪنهن به هڪ رچنا ۾ تخليقڪار جي انداز فڪر توڙي سندس سوچ ويچار جو واضح صورت ۾ ملڻ ضروري نه آهي، ڇو ته هن جي رچنا تي الڳ الڳ النڪارن (يعني لفظي ۽ معنوي صنعتن) جهڙوڪ: تشبيهن، استعارن ۽ شاندار تحرير جو هڪ خوبصورت پردو چڙهيل رهي ٿو، جنهن پردي جي اندر جهاتي پائڻ ئي محقق جو اصلي ڪم هوندو آهي. ان هوندي به ڪيترين حالتن ۾ مصنف جو انداز اظهار سندس سوچ ويچار کي سمجهڻ لاءِ سهايڪ (مددگار) ئي نه، پر ڪيترين حالتن ۾ ضروري ٿيو پوي. اُن ڪري محقق جو فرض آهي ته ڪنهن به رچنا جي نه صرف ٻاهرين سجاوٽ، پر اُن جي اندر سمايل اصلي معنيٰ کي سمجهي، اُن تخليقڪار جي اندازِ فڪر جو تعين يا ڪاٿو ڪري ۽ اُن جي ٻاهرين خوبصورتيءَ ۾ وچڙجي نه وڃي! تنقيدي ويچار تي مشتمل تحقيقي عمل جي ڪاميابي ان ڳالهه تي مدار رکي ٿي ته اُها پوريءَ طرح ثابتين ۽ دليلن تي ٻڌل هجي. جڏهن تحقيقي نتيجا حقيقتن سان گڏ دليلن تي ٻڌل هوندا آهن، تڏهن ئي تحقيقي عمل پنهنجي اصل ڪاميابيءَ کي پهچندو آهي. ان سلسلي ۾ جيڪي به ثابتيون ۽ دليل استعمال ڪيا وڃن، اُهي بلڪل چٽا ۽ واضح هئڻ گهرجن، جن کي انساني عقل يڪدم مڃڻ لاءِ تيار ٿئي، يعني اُهي دليل ڪجهه مڃيل حقيقتن تي ٻَڌل هجن. اهڙيءَ طرح حوالا ڏيڻ کان پوءِ ئي حاصل ڪيل نتيجن جو عمل اچڻ گهرجي. 3. مڪمل تحقيق: هن قسم جي تحقيق ۾ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ، دليلن ۽ سمجهاڻين جو ميلاپ هوندو آهي. اُن کي هيٺينءَ طرح واضح ڪري سگهجي ٿو: موضوع يا مسئلو: حقيقتن تي ٻڌل دليلن ۽ ثابتين جي مدد سان ڪيل ڪاٽ ڪوُٽ، ڇنڊڇاڻ ۽ اُنهن کي پيش ڪرڻ جو طريقو. حل: هن مرحلي ۾ صرف حقيقتن کي گڏ ڪرڻ ئي ڪافي ناهي. اُن سان مسئلي جو حل ڪونه نڪري سگهندو، ڇو ته ڇنڊڇاڻ به جيڪڏهن حقيقتن تي ٻڌل ثابتين ۽ دليلن سان هڪجهڙائي نٿي ڏيکاري ته اُها تحقيق اڻپوري آهي. اُن کي تحقيق سڏي نٿو سگهجي. مڪمل تحقيق اُن کي هرگز ڪونه چئي سگهبو، جنهن جا نتيجا صرف حقيقتن تي ٻڌل ۽ اُن مان ئي ورتل هجن. تحقيقي وشيه (موضوع) جي مقرريءَ کان پوءِ ئي محقق کي حقيقتن تي ٻڌل ثابتين ۽ دليلن جي ضرورت پوندي آهي. انهن حقيقتن ۽ ان سان واسطيدار ودوانن جي خيالن کي به گڏ ڪرڻ ضروري آهي. محقق انهن گڏ ڪيل حقيقتن جي اشارن کي سمجهندو آهي، جيڪي ممڪن نتيجن تائين پهچائيندا آهن. انهن حقيقتن ۽ اشارن جي ڇنڊڇاڻ ئي مسئلي جي حل کي ممڪن بڻائيندي آهي. ثابتين واري ڇنڊڇاڻ وسيلي وگيانڪ (سائنسي) نتيجا حاصل ٿيندا آهن. نتيجن جي حاصلات محقق کي پنهنجي عمل ۾ ڪاميابي عطا ڪري ٿي. جنهن کان پوءِ اُهي نتيجا ئي قانون ۽ اُصول بڻبا آهن. اِها ئي مڪمل تحقيق جي حاصلات آهي. نتيجا: حل جي اڳواٽ طئي ٿيل قياس آرائين ۽ تحقيق دوران گڏ ڪيل مواد جي وچ ۾ جڏهن دليبازيءَ وارو تعلق قائم ٿي پوندو آهي ته نتيجا پنهنجو پاڻهي اُڀري سامهون اچڻ لڳندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ جيڪڏهن گهربل تعلق پيدا نه ٿي سگهي ته حل جي قياس آرائي قابلِ قبول نه هوندي آهي. ٻيءَ صورت ۾ ثابتين وارو حل هر کيتر ۾ قبول ڪيو ويندو آهي ۽ اڳتي هلي اُهو هڪ اُصول ۽ قانون بڻبو آهي.