تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (604) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62933   ڀيرا پڙهيو ويو

علاقائي تحقيق جو ڪم


ساهتيه (ادب) جا ڪجهه وڀاڳن (ڀاڱن)، جهڙوڪ لوڪ ادب ۽ ڀاشا وگيان (لسانيات) وغيره جي وشين تي ٿيندڙ تحقيق ۽ علاقائي ڪم جي وڏي اهميت هوندي آهي. ان سلسلي ۾ محقق کي اُن مخصوص علائقي جي پوري طرح واقفيت رکندڙ ڪنهن شخص جي مدد حاصل ڪرڻ لازمي هوندي آهي، جيڪو هن لاءِ فائديمند مواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو آهي. اهڙي ڪم لاءِ محقق کي ڪڏهن اُن مخصوص علائقي ۾ پاڻ وڃڻو به پوندو آهي، ته ڪڏهن هُو پنهنجي ’مددگار‘ يا ’خبر ڏيندڙ‘ کي پاڻ وٽ گهرائي به سگهندو آهي. ان جي باوجود هن قسم جي تحقيق ۾ علاقائي ڪم جي اهميت ’خانن جي اندر ڪم ڪرڻ‘ يعني Table Work کان ڪجهه وڌي ويندي آهي. ڀاشا وگيانڪ (لسانياتي) تحقيق ۾ علاقائي ڪم جي اهميت ڀاشا وگيانڪ (لسانياتي) تحقيق جا ٻه پهلُو آهن: (1) انساني پهلُو، ۽ (2) نفسياتي پهلُو انساني پهلُو: انساني پهلُوءَ جو تعلق محقق ۽ عوام سان هوندو آهي. عوام جي نمائندگي ’مددگار‘ يا ’ڄاڻ آڻيندڙ‘ ڪندو آهي. محقق کي پنهنجي مقالي جي تياريءَ لاءِ پنهنجي مخصوص علائقي جي ڀاشا وگيانڪ (لسانياتي) حالتن جو پورو پورو جائزو وٺڻو پوندو آهي. ان ڪم لاءِ کيس پنهنجي اطلاع ڪار (مددگار) سان گهرو ۽ ويجهڙائيءَ وارو ناتو رکڻو پوندو آهي؛ جنهن لاءِ کيس پوري پوري مهارت هئڻ گهرجي ته هُو پنهنجي فائديمند مواد کي ڪهڙن ڪهڙن ذريعن سان ۽ ڪهڙيءَ طرح حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هُو ان سلسلي ۾ پوري ڄاڻ ۽ مهارت نه رکندو ته سندس وقت ۽ محنت جو زيان ٿي سگهي ٿو. محقق جنهن ٻوليءَ جي باري ۾ تحقيق ڪري رهيو آهي، کيس اُن جي سمورن زاوين ۽ هيئتن جو اڀياس اصولي طور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي مخصوص قلمي نسخن جي باري ۾ تحقيق ڪرڻي آهي ته محقق کي ان خاص لپيءَ جي پوري ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح لوڪ ادب جي ڇنڊڇاڻ لاءِ به سکيا جي ضرورت هوندي آهي. عوام جي تهذيب جي ڄاڻ: جيڪو به شخص جائزي وٺڻ جو ڪم ڪري، اُن لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي مخصوص علائقي جي تهذيب، تمدن يا سڀيتا جي به ڄاڻ رکندڙ هجي. ائين ڪرڻ سان هن جا پنهنجي اطلاع ڪار يا مددگار سان ناتا به مضبوط ٿيندا ۽ مواد جي روپ ريکا ٺاهڻ ۾ به مدد ملندي. جيڪڏهن ڪنهن ڌارمڪ جاتيءَ (مذهبي برادريءَ) سان تعلق رکندڙ قلمي نسخنن جو جائزو وٺڻو آهي ته اُن ڌرم جي بنيادي اُصولن جي به کيس ڄاڻ هئڻ گهرجي. لوڪ ادب جي محقق لاءِ اِهو فائديمند ٿيندو ته هو ڪجهه ذاتين جي حقيقتن، رسمن رواجن ۽ سندن غلط عقيدن سنا به دلچسپي رکندڙ هجي. محقق کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته هو جن ماڻهن جي وچ ۾ رهي تحقيق ڪري رهيو آهي، انهن سان سندن ڌارمڪ (مذهبي) عقيدن ۽ رسمن رواجن جي باري ۾ ڪنهن به قسم جو بحث نه ڪري. نفسياتي پهلُو: ڪنهن به محقق ۾، علاقائي ڪم ڪرڻ لاءِ، هيٺين منووگيانڪ (نفسياتي) وصفن جو هئڻ ضروري آهي: (1) کيس هر قسم جي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي مهارت ۽ پرائي کي پنهنجي ڪرڻ جو فن پڻ اچڻ گهرجي. (2) هُو جلد دوست بڻائڻ وارو، ملنسار، نرم دل، کلمک، سڀاءَ ۾ گنڀير ۽ پنهنجي اطلاع ڪار کان سولائيءَ سان مواد حاصل ڪرڻ جو گڻ رکندڙ هجي. (3) محقق جي حافظي جي سگهه (يادگيريءَ جي شڪتي) تمام سٺي هئڻ گهرجي. (4) تجربيڪار محقق، پنهنجي تجربي مان به فائدو وٺي سگهندو آهي ۽ اُن جي روشنيءَ ۾ هُو ضروري سڌارا پڻ ڪري سگهندو آهي. (5) ڪنهن به ڳالهه کي ٻڌي، جلد فيصلو ڪرڻ مناسب نه آهي ۽ پنهنجي فيصلي تي ٽڪ ٻڌي بيهڻ به صحيح نه آهي. اهڙيءَ طرح محقق ۾ اُهي سڀ صلاحيتون هئڻ گهرجن، جن جي وسيلي هُو پنهنجي ’سهايڪ‘ (مددگار) يا ’اطلاع ڪار‘ سان پر خلوص ناتا قائم ڪري سگهي. ضروري هدايتون: محقق کي پنهنجي علائقي جي ڪنهن بااَثر ماڻهوءَ سان تعلقات قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن اُن مخصوص ايراضيءَ ۾ هن لاءِ پنهنجائپ ۽ هر دلعزيزپڻو وڌي سگهي. هن کي هڪ مفيد ۽ ڀروسي مند ’سهايڪ‘ يا ’اطلاع ڪار‘ به حاصل ٿي سگهي. سهايڪ جو مطلب هتي اِهو نه آهي ته اُهو شخص، محقق جي تحقيق ڪم ۾ مددگار ٿيندو، پر هُو صرف اُن جي تحقيقي عمل سان تعلق رکندڙ ضروري ڄاڻ کيس ڏيندو رهندو. محقق جيڪي ڳالهيون پنهنجي علائقي ۾ رهي، قلمي نسخي مان حاصل نه ڪري سگهندو آهي، هُو انهن کي اُن مخصوص علائقي جي رهندڙ ڏيهي ماڻهن جي دماغ ۾ سمايل ڄاڻ وسيلي حاصل ڪري سگهندو آهي. ان سلسلي ۾ محقق کي پنهنجيءَ مدد لاءِ ڪيترن ئي اطلاع ڪارن جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي، جيڪي قوم، ڌرم، عمر، جنس ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان مختلف هجن ۽ محقق انهن سڀني جون ڳالهيون ٻڌي صحيح مواد تائين پهچي سگهي. تحقيقي عمل ۾ مفيد ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کان ڪم وٺڻ ڪجهه قدر مشڪل هوندو آهي، پر ڀاشا وگيان يا ڪنهن مخصوص علائقي جي ٻوليءَ جي باري ۾ مڪمل تحقيق ڪرڻ لاءِ عورتن مان به ڪنهن جي مدد حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي. محقق تڪڙي ڄاڻ وٺڻ لاءِ ڪڏهن پاڻ به اطلاع ڪار جي گهر وڃي سگهندو آهي، ڪڏهن وري اُنهن کي پنهنجيءَ جاءِ تي يا ڪنهن عام جاءِ (public place) جهڙوڪ: باغيچي وغيره ۾ گهرائي، انهن سان ڳالهائي سگهندو آهي. محقق کي گهرجي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي ته هُو پنهنجن اطلاع ڪارن کي غير فطري ماحول کان پري رکي، نه ته اهڙيءَ صورت ۾ مليل سموريون معلوماتون غير فطري يا اسڀاويڪ ٿي سگهن ٿيون: مثال طور جيڪڏهن ’مددگار‘ يا ’اطلاع ڪار‘ کي چيو وڃي ته هُو ٽيپ رڪارڊر جي سامهون ڳالهائي ته هن جي لهجي ۽ سندس زبان مان نڪرندڙ لفظن ۾ خودبخود هڪ غيرسڀاويڪ (غير فطري) انداز پيدا ٿي پوندو. ها، جيڪڏهن پنهنجيءَ سهوليت لاءِ ٽيپ رڪارڊر جو استعمال ڪرڻو ئي آهي ته اُهو اهڙي نموني ڪيووڃي، جو اطلاع ڪار کي خبر ئي نه پوي ته سندس آواز رڪارڊ پيو ڪيو وڃي. اطلاع ڪار بابت ضروري معلومات: اطلاع ڪار جو نالو، جاءِ عمر، جنس ۽ ڌنڌو وغيره هڪ ڪاغذ تي چٽي نموني لکي ڇڏڻ گهرجي. (1) هُو واسطيدار ڳوٺ جي هر هڪ ڏڻ، اُتسوءَ (تهوار) يا ميڙ ۾ بنا ڪنهن حجاب ۽ تڪلف جي اُنهن ماڻهن سان رلي ملي وڃي. (2) هر موقعي تي انتهائي باريڪ بينيءَ سان انهن جي سمورين ريتن رسمن ۽ طور طريقن کي سمجهي ۽ انهن ڳالهين کي لکندو رهي. (3) ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳالهه اُتي کيس سمجهه ۾ نه اچي، ته اُن کي ڄاڻو ماڻهوءَ وسيلي سمجهي. (4) ڪهڙي به شخص کان جيڪڏهن پنهنجي ڪم جو مواد ملي سگهي ته هو اُن شخص جو وشواس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. (5) ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڏٺو ويو آهي ته جتان لوڪ ادب ملڻ جي اُميد هوندي آهي، اُهي ماڻهو ڪن نشيدار شين جا عادي هوندا آهن. اُن لاءِ کيس گهرجي ته هُو کين پاڻ، سندن ئي گهربل نشو ميسر ڪري ڏئي ته جيئن اُهو واپرائڻ کان پوءِ اهڙا شخص مُوڊ ۾ اچي سڀ جو سڀ مواد ٻڌائي ڇڏين. (6) ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پيسا ڏيڻ جي نوبت به اچي سگهي ٿي. اُتي به کيس اهڙين ڳالهين سان سمجهوتو ڪرڻ گهرجي. (7) لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پوئتي پيل جاتيءَ جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ تمام ضروري هوندو آهي. (8) ڳوٺ جي شاگردن ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي چٽاڀيٽي ڪرائڻ يا اسڪاٽون جي ڪئمپ فائر وغيره منعقد ڪرائڻ سان پڻ لوڪ ادب جي ڪافي ڄاڻ ملي سگهندي آهي. محقق جي تحقيقي ڪم جا جيترا به الڳ الڳ ڀاڱا آهن، انهن جي لحاظ کان کيس هر هڪ وڀاڳ لاءِ الڳ الڳ سهايڪ يا اطلاع ڪار جي ضرورت پوندي؛ خاص ڪري ڏيهي ٻولين ۽ سماجي ڀاشا وگيان (لسانيات) جي محقق کي هر حال ۾ هڪ کان وڌيڪ سهايڪن (مددگارن) جي ضرورت پوندي آهي. اطلاع ڪار لاءِ ضروري لياقت: هڪ سهايڪ يا اطلاع ڪار ۾ هيٺيون لياقتون هئڻ گهرجن: (1) اطلاع ڪار لاءِ ضروري آهي ته هُو جنهن علائقي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ان علائقي جي ٻويل ئي سندس پهرين ٻولي يا ماتر ڀاشا (مادري زبان) هئڻ گهرجي. (2) اُن جا اُچار صحيح ۽ سڀاويڪ هئڻ گهرجن. (3) هُو گفتگو ڪرڻ، ڪهاڻي ٻڌائڻ، محاورن جي استعمال ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ماهر هئڻ گهرجي. (4) هو اُن مخصوص علائقي جو دائمي رهندڙ هجي، ۽ وچ وچ ۾ وڏي عرصي لاءِ ٻاهر ويل نه هجي. (5) ان وٽ اطلاع ڪار جا فرض نڀائڻ ۽ مواد حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ۽ فرصت هئڻ گهرجي. (6) هو هڪ جوابدار ۽ ذميوار شخص هئڻ گهرجي. اُجورو: جڏهن سهايڪ يا اطلاع ڪار کي پئسن، سامان سڙي، سوکڙيءَ پاکڙيءَ يا ڪنهن به ٻئي روپ ۾ پنهنجين خدمتن جو اُجورو ملندو آهي ته هُو خوشيءَ سان پنهنجا فرض بجا آڻيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم ڪندي ڪندي، هن کي پڻ پنهنجي ڪم ۾ مزو اچڻ لڳندو آهي ۽ محقق سان سندس دوستي ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ ڪڏهن ته هو ماڳهين ڪوبه اُجورو وٺڻ قبول نه ڪندو آهي. ڪيترا ڀيرا اُن مخصوص علائقي جا ماڻهو، محقق کي شڪ شبهي جي نگاهه سان پڻ ڏسندا آهن ۽ اُجورو ملڻ جي باوجود به کيس ڪيترو ئي مواد ٻڌائڻ کان ڪترائي ويندا آهن. ڪجهه علائقن جا وري اڻ پڙهيل يا گهٽ تعليم يافته ماڻهو، محقق کي سرڪار جو عيوضي يا جاسوس سمجهڻ لڳندا آهن ۽ هن جي سرگرمين کي هروڀرو به پنهنجي لاءِ نقصان ڪار سمجهندا آهن. ڪٿي وري ڪجهه اطلاع ڪار ظاهري طرح ڪنهن به قسم جو اُجورو وٺڻ گهٽتائي سمجهندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ کين ڪنهن سامان يا سوکڙيءَ پاکڙيءَ جي روپ ۾ ڪجهه گهرو ۽ قابل استعمال شيون تحفي ۾ ڏيڻ گهرجن. اطلاع ڪار لاءِ سکيا: جڏهن به ڪو شخص اطلاع ڪاريءَ جي ڪم ۾ پهريون ڀيرو کنيو ويو هجي، ته کيس سندس ڪم لاءِ تربيت ڏيڻ ضروري آهي. محقق جو اِهو فرض آهي ته هُو پنهنجي اطلاع ڪار کي اِهو چڱيءَ طرح سمجهائي ڇڏي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي. اهو سڀ ڪجهه اهڙيءَ طرح هئڻ گهرجي، جو اطلاع ڪار ۾ پنهنجي ڪم لاءِ چاههُ پيدا ٿئي. هن کي پاڻ سنا گڏ هر ممڪن مدد ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪرڻ گهرجي. هن کي دماغي طور ان قابل بڻائجي، جيئن هو وشيه جي باري ۾ پاڻ به محقق واري انداز ۾ سوچ ويچار ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح اطلاع ڪار کي پنهنجي ڪم جو مقصد ۽ اهميت بلڪل چٽيءَ طرح سمجهائي ڇڏڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لوڪ ادب ۽ ڀاشا وگيان (لسانيات) جي تحقيق واري سلسلي ۾ محقق جا فرضَ هڪ جهڙا هوندا آهن، پوءِ به لوڪ ادب جي ميدان ۾ اطلاع ڪار جون صلاحيتون ڪجهه مختلف هئڻ گهرجن، ڇو ته لوڪ ادب لاءِ اطلاع ڪار کان ڪجهه الڳ قسم جي مواد وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي.