تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (605) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62943   ڀيرا پڙهيو ويو

• تحقيق جي وصف ۽ مقصد


فنِ تحقيق ۽ اُن جا اصول زندگيءَ جي گوناگون پهلوئن جي وگيانڪ (سائنسي) انداز ۾ ڪيل اڀياس کي ’تحقيق‘ چئبو آهي، جنهن جي مدد سان انساني جيون کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. تحقيق جي وصف: تحقيق جي مڪمل ۽ صحيح وصف بيان ڪرڻ جيتوڻيڪ مشڪل آهي، پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن مسئلي جي وشواس جوڳي حل ۽ صحح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ، تحقيق اُهو عمل آهي، جنهن ۾ هڪ با انتظام طريقو، حقيقتن جي ڳولا ۽ اُنهن جي ڇنڊڇاڻ جو تفصيلوار بيان لڪل رهي ٿو. اِن طرح اسين چئي سگهون ٿا ته: (1) تحقيق جو تعلق ڪنهن مسئلي ۽ ان جي ڀروسي جوڳي حل جي ڳولا سان آهي. (2) حل جي وشواس جوڳي هئڻ لاءِ هڪ خاص انداز ۾ اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي. (3) اُن مخصوص انداز ۾ ڪيل اڀياس جي دائري اندر حقيقتن جي ڪاٽ ڪُوٽ ۽ انهن جي ترتيب اچي وڃي ٿي، جن جي نتيجي ۾ اسين ڪنهن ڀروسي جوڳي حل تائين پهچون ٿا. (4) ڪنهن مسئلي جو حل ۽ اُهي نتيجا، ڪهڙي به قسم جي شڪ شبهي ۽ اُن جي امڪاني حد تائين رد نه ڪري سگهڻ سان ئي تحقيق جي عمل جي ڪاميابيءَ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو. ان سموري ڪوشش ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت اڀياس جي طريقي جي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي ودوانن (عالمن) اڀياس جي طريقي کي ئي ’تحقيق‘ ڪري سڏيو آهي. تحقيق جو مقصد: تحقيق جو اصل مقصد آهي فطرت يا انساني زندگيءَ جي جدا دجا مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ. تحقيق، انساني علم ۽ سندس ڄاڻ جي دائري کي وسيع بڻائي ٿي. اڄ اسين زندگيءَ جي جن سمورين سهوليتن ۽ آسائشن جي موج ماڻي رهيا آهيون، اُهي سڀ تحقيق جي ئي بدولت اسان کي حاصل ٿيل آهن. حقيقت ۾ انساني تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جي ارتقائي تحقيق جي عمل سبب ممڪن ٿي سگهي آهي. ارتقائي اصول: انسان ازل کان ئي مختلف شين جي هاڻوڪي حالت ۽ انهن جي وجود ۾ اچڻ واري ترقي ۾ هڪ باقاعدگي محسوس پئي ڪئي آهي. اِهو قاعدو ئي هڪ بنيادي ۽ شروعاتي اُصول آهي، جنهن تي تحقيق جو عمل ٻَڌل رهي ٿو. انهن فطري ۽ سماجي باقاعدگين موجب انسان پنهنجي عقل، سمجهه ۽ شعور مطابق، مليل سهوليتن کي آڏو رکندي، جدا دجاد ورن ۾ ڪي اُصول ۽ قاعدا ٺاهيا آهن. تحقيق جو استعمال، انهن اُصولن جي ڳولا لاءِ ئي ڪيو ويندوآهي. ٻيو اُصول هيءُ آهي ته هر عمل کي هڪ نه ٻيو سبب ٿيندو آهي. ڪو به ڪم اجايو يا هروڀرو ڪونه ڪيل هوندو آهي، پر اُن لاءِ ڪو خاص مقصد هوندو آهي. اهڙيءَ طرح سچاين ۽ اُنهن جي حاصلات لاءِ ڪيل تجربن جي دليلن تي ٻڌل طريقا ئي تحقيقي عمل ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان طرح احساس، دليل ۽ تجربي جو هڪ سلسلو وجود ۾ اچي ٿو.