تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (605) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62944   ڀيرا پڙهيو ويو

ادبي تحقيق جو جائزو


ڀاشاوگيان (لسانيات) ۽ لوڪ ادب جي وڀاڳ (شعبي) ۾ ته جائزه ڪاريءَ کي پنهنجي مخصوص جاءِ آهي ئي، پر نج ادب جي تحقيق واري سلسلي ۾ به جائزه ڪاريءَ جو استعمال ڪري سگهبو آهي. ڪنهن خاص لاڙي، ادبي مسئلي، ڪنهن مخصوص دور واري شاعر يا ڪن به ٻن شاعرن جي ڀيٽ وغيره سان تعلق رکندڙ تحقيقي عمل لاءِ جائزه ڪاريءَ کان ڪم وٺي سگهجي ٿو. ملڪ جي مشهور ۽ معروف عالمن ۽ ودوانن (ماهرن) سان ملاقات (انٽرويو) يا غير ملڪي عالمن سان خط و ڪتابت ڪري انهن کان گهربل مواد حاصل ڪري سگهبو آهي. اهڙي بنياد تي ئي ڪنهن وگيانڪ (سائنسي) نتيجي تي پهچڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ائين ته سڀني وڀاڳن (شعبن) جي اڀياس ۾ انگ اکر ڪٺا ڪرڻ ضروري هوندا آهن، پر نج ادب جي تحقيق ۾ ته اُنهن جي اهميت اڃا به ڪجهه وڌيڪ هوندي آهي. ڪنهن مخصوص مسئلي تي مختلف ودوانن جا خيالَ گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي ڪو نتيجو حاصل ڪرڻ، تحقيقي عمل جو هڪ اهم جزو آهي. اِهو ڪم ٻن طريقن سان ٿي سگهي ٿو: هڪ اِهو ته انهن ودوانن سان سڌو سنئون ملاقات ڪئي وڃي، ٻيو اِهو ته انهن کي پنهنجا ٺاهيل ضروري سوالناما موڪلي، سندن جواب ڏيڻ لاءِ کين عرض ڪيو وڃي. ملاقات (Interview): هيءُ عمل ڪيترن ئي خيالن کان ڪامياب ثابت ٿيندو آهي. بظهار انٽرويو، هڪ انتهائي سولو نمونو لڳندو آهي، پر حقيقت ۾ هيءُ هڪ نهايت پيچيدو ۽ مشڪل عمل آهي. انٽرويوءَ جي ڪاميابيءَ جو پهريون شرط اِهو آهي ته پهريائين ملاقاتي، سوالن جي جواب ڏيندڙ شخص جو مڪمل وشواس (اعتماد) ۽ سهايتا (مدد) حاصل ڪري، انٽرويوءَ لاءِ ضروري آهي ته گهربل ودوان (عالم) کان اڳواٽ وقت ۽ تاريخ مقرر ڪرائي وڃي. ٻي ضرورت اِها آهي ته انٽرويو ڪرڻ کان اڳ هڪ خاڪو تيار ڪيو وڃي ۽ جيڪر ٻه سوال پڇڻا هجن، سي اول ئي تيار ڪيل هجن. سوال جي چٻي چٿي نه، پر کليل لفظن ۾ ڪرڻ گهرجن. هر هڪ ودوان کان انٽرويو وٺڻ وقت ساڳين ئي سوالن کي دهرايو وڃي. انهن مان ڪن جا ثانوي سوال ڪٿي ڪٿي مختلف به ٿي سگهن ٿا. ضرورت هجي ته اُهي سوال لکي ڇڏڻ گهرجن ۽ انٽرويوءَ وقت انهن کي پڙهندو رهڻ گهرجي. اِهو تمام ضروري آهي ته انٽرويوءَ وقت محقق، اُن ودوان وٽ اڪيلو هجي، نه ته ڪنهن به ٽئين ماڻهوءَ جي موجودگيءَ سان ڪم ۾ رنڊڪ پئجي سگهي ٿي. محقق کي گهرجي ته هُو اُن عالم کي پنهنجي انٽرويوءَ جو مقصد اڳواٽ ئي واضح نموني ٻڌائي ڇڏي ۽ اِهو پڻ ٻڌائي ته هُو اُن سلسلي ۾ ڪهڙن ڪهڙن ودوانن کان انٽرويو ڪرڻ چاهي ٿو، يا ڪري چڪو آهي. محقق کي پنهنجا سوال بلڪل صاف ۽ کليل انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجن ته جيئن تعلق ۾ ايندڙ عالم، سوالن جو صحيح مفهوم سمجهي، اُنهن جا صحيح جواب ڏيئي سگهي. نفسياتي خيال کان اِهو به ضروري آهي ته محقق، پنهنجن سوالن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر نه ڪري، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته واسطيدار عالم، محقق جي خيال کان متاثر ٿي، کيس صحيح مواد ڏئي نه سگهي. سوال جو نمونو ئي اهڙو هئڻ گهرجي، جو اُن جي لفظن ۾ محقق جي پنهنجن ويچارن جو اظهار نه ٿئي. اهڙا سوال به نه پڇڻ گهرجن، جن جا جواب ڪنهن لاءِ مخالفت يا آلوچنا (تنقيد) جي صورت اختيار ڪن. ان سلسلي ۾ محقق کي پوريءَ ايمانداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح حاصل ٿيل جوابن کي تمام خبرداريءَ سان تحرير هيٺ آڻڻ گهرجي ۽ اُهي جواب ڏيندڙ جي لفظن ۾ ئي لکڻ گهرجن. ان تحرير کان پوءِ به تصحيح خاطر هڪ دفعو ٻيهر وري واسطيدار عالم کي ڏيکارڻ ضروري هوندو آهي. انٽرويوءَ جا قسم: انٽرويو ٻن نمونن جا ٿيندا آهن: (1) صحافت سان تعلق رکندڙ انٽرويو، ۽ (2) ادبي انٽرويو. ادبي انٽرويو به وري ٻن نمونن جا ٿي سگهن ٿا: تنقيدي ۽ تحقيقي: حقيقت ۾ تنقيد ۽ تحقيق، هنن ٻنهي قسمن ۾ ڪو بنيادي فرق نه آهي. صرف انهن جي معيار ۽ مقصد جي لحاظ کان ٿورو فرق رهندو آهي. ادبي انٽرويوءَ ۾ دراصل اُن شاعر يا ساهتڪار (اديب) جي شخصيت جي گهراين تائين پهچڻ مقصود هوندو آهي، جنهن جي باري ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي. محقق کي شاعر يا ليکڪ جي داخلي ۽ خارجي عملن واري وسيلي جي ڳولا رهندي آهي. هُو اُنهن محرڪن کي رچنائن (تخليقن) ۾ تبديل هئڻ جي عمل کي به ڏسڻ چاهيندو آهي. ان طرح شخصيت ۽ سندس تصنيفن جو اڀياس، انٽرويوءَ جي ٻنهي قسمن جي پيش نظر ضروري هوندو آهي. تنقيدي انٽرويو پنهنجي روپ ريکا جي لحاظ کان هڪ ئي نموني جو ٿيندو آهي، پر تحقيقي انٽرويو ڪنهن مخصوص مسئلي کي سامهون رکي ڪيو ويندو آهي. انٽرويو، دراصل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيلو آهي، جنهن ذريعي معلومات حاصل ڪري، اُن کي انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ جاچي ۽ پرکي، وگيانگ (سائنسي) نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. تحقيقي عمل جي سلسلي ۾ هيءَ ڪارروائي انتهائي گنڀير نموني ڪئي ويندي آهي. انٽرويوءَ لاءِ گهربل وقت: ڪنهن ادبي مسئلي کي حل ڪرڻ يا ڪنهن ودوان سان ڳالهائڻ ۽ انٽرويو وٺڻ جو وقت الڳ الڳ ٿي سگهندو اهي. ڪيترا ڀيرا صرف چند منٽن ۾ ڪو انٽرويو ختم ڪري سگهبو آهي ته ڪڏهن ڪجههڪلاڪ به لڳي ويندا آهن. اڪثر ائين به ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ودوان (عالم) سان بهتر تعلقات آهن، ته ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار اُن سان گڏ رهي، اُن وچ ۾ جڏهن به مناسب وقت ملي، پنهنجي مسئلي جي باري ۾ گفتگو ڪري، مڪمل طور مطمئن ٿيڻ کان پوءِ، اُن کان موڪلايو ويندو آهي. سوالنامو: ڪنهن ودوان (عالم) کان شخصي طور انٽرويو ڪرڻ بجاءِ، هڪ تيار ٿيل سوالنامو موڪلي به اُن جا جواب حاصل ڪري سگهبا آهن. تحقيقي وڀاڳ (شعبي) جا شاگرد ۽ اُستاد صاحبان پوسٽ، ڪوريئر سروس يا ڪنهن شخص جي وسلي هڪ وڏي جاگرافيائي خطي ۾ پنهنجا سوالناما آسانيءَ سان موڪلي سگهندا آهن. سوالنامي ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ جو هيءُ طريقو سولو، سستو ۽ اسان آهي. پر اُن ۾ اُها تڪليف اچي سگهي ٿي ته اِهو سامهون واري ودوان (عالم) تي ڇڏيل آهي ته هو اسان جي سوالنامي جا جواب ڏئي يا نه ڏئي. سڀ جا سڀ جواب حاصل ڪرڻ جي خاطر ڪونه هوندي آهي. تنهن کان سواءِ جواب ملڻ کانپوءِ به وري جڏهن هر هڪ جو الڳ جائزو وٺبو آهي ته ضمني سوال دماغ ۾ پيدا ٿيندا آهن، جن سان اصل جوابن مان پيدا ٿيل غلط فهمين کي درست ڪري سگهبو آهي. تحريري سوالنامي ۾ اُهي سڀ سوال شامل هوندا آهن، جي روبرو ڪيل گفتگوءَ ۾ پڇي سگهبا آهن، پر سوالنامي ۾ اُهي سوال ڪجهه وڌيڪ خبرداريءَ سان لکيا ويندا آهن. ڇو ته جواب ڏيندڙ شخص اکين سامهون نه هوندو آهي ۽ سوال جي سمجهاڻي زباني نه ڏئي سگهبي آهي. سوالنامو ڇپيل، ٽائيپ ڪيل يا سائيڪلو اسٽائيل ٿيل هوندو اهي. سوالنامي سان گڏ مٿان مٿان هڪ واسطيدار خط پڻ هوندو آهي، جنهن ۾ تحقيق جو وشيه (عنوان) ۽ اُن جو مقصد واضح ڪيل هوندو آهي. اُن سان گڏ پنهنجي ائڊريس لکيل هڪ جوابي لفافو به شامل ڪبو آهي ته جيئن اُن ۾ واپسي جواب اچي سگهي. سوالنامو ٺاهڻ لاءِ هيٺين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي: (1) سوال ممڪن حد تائين مختصر هئڻ گهرجن. (2) سوالن جي وسيلي جيڪا معلومات حاصل ڪرڻ آهي، اُها ڪنهن ٻئي نموني سان ملڻ ممڪن ڪونه هجي. (3) جنهن وشيه (موضوع) تي سوال پڇيا وڃن، اُهي تمام اهم هئڻ گهرجن، گهڻو ڪري معروضي قسم جا سوال پڇڻ گهرجن. (4) سوالن جي ٻولي بلڪل سولي ۽ عام فهم هئڻ گهرجي. ٻٽي معنيٰ وارن لفظن کان ڪنارو ڪرڻ کپي. (5) سوالن جي ترتيب ۽ اُنهن جي روپ ريکا دليلن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. هر هڪ سوال، ايندڙ سوال لاءِ ميدا تيار ڪندڙ هجي. (6) جواب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل وقت جي باري ۾ تفصيل واضح نموني ٻڌائڻ گهرجي. سوال ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: تفصيلي (Theoretical) ۽ (2) رمزيه (Objective). تفصيلي سوالن جي باري ۾ جواب ڏيندڙ آزاد هوندو آهي ته هُو پنهنجن لفظن ۾ ڪهڙو به تفصيلي جواب ڏئي، پر رمزيه سولان جا ڪجهه ممڪن جواب اڳ ئي سوالنامي ۾ درج ڪري ڇڏبا آهن ۽ اِهو لکيو ويندو آهي ته جواب ڏيڻ واري جي نظر ۾ جيڪو به جواب صحيح هجي، هُو اُن تي مخصوص نشاني لڳائي. اهڙن ڪجهه سوالن جا جواب ’ها‘ يا ’نه‘ ۾ ٿي سگهندا آهن. تنهن کان سواءِ هڪ ٽيون ممڪن جواب به لکي ڇڏڻ مناسب ٿيندو آهي: ’غير مقرره‘ يا ’غير متعينه‘ يا اهڙو ٻيو ڪو واسطيدار جواب وغيره. سوالنامو تيار ڪرڻ مهل، تحقيق جو وشيه (عنوان)، محقق جي رُچي (دلچسپي)، تحقيق سان تعلق رکندڙ زمان ۽ دور کي مدنظر رکڻ گهرجي ۽ جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن واسطيدار ودوان (عالم) جي چونڊ. تجرباتي طريقڪار: تجربو، هڪ امتحاني طريقه ڪار آهي. هٿرادو يا فرضي حالتن ۾ تحقيق هيٺ وشيه (عنوان) جي الڳ الڳ رد عمل وارين حالتن جو امتحان وٺندي، عمل ۽ سبب جي سلسلي کي قائم ڪري سگهبو آهي.