ڪتاب جو نالو | تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر عبدالستار دلوي |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-076-0 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (633) E-Pub |
انگ اکر | 3 September 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 66629 ڀيرا پڙهيو ويو |
تحقيق هڪ بامقصد وگيانڪ (سائنسي) ۽ باضابطه تخيلي يا سوچ ويچار وارو عمل ۽ اُن جي پيشڪش آهي. اِهو ڪم ڪجهه خاص مرحلن ۾ انجام ڏنو ويندو آهي. جيئن وشيه (موضوع) جي چونڊ، وشيه (موضوع) جي وشالتا (وسعت) جي مقرري، مواد جي حاصلات ۽ اُن جي ڇنڊڇاڻ ۽ آخر ۾ اُن سموري عمل مان ڪي نتيجا حاصل ڪرڻ. اُن سلسلي ۾ تحقيق جي ماهرن الڳ الڳ رايا ڏنا آهن. ڪن ماهرن اُنهن مرحلن جو تعداد وڌيڪ ته ڪن گهٽ ٻڌايو آهي. بهرحال تحقيقي عمل جي باضابطه تڪميل لاءِ مٿي ذڪر ڪيل مرحلن مان گذرڻو ئي پوندو آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته مختلف ودوانن (ماهرن) اُنهن مان هر هڪ مرحلي کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائي، اُنهن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي. انهن مرحلن جا تفصيل هيٺينءَ ريت آهن: (1) وشيه (موضوع) جي چونڊ: تحقيقي عمل جو هيءَ اولين ۽ اهم ترين مرحلو آهي. وشيه (موضوع) جي صحيح چونڊ ڪرڻ سان محقق ۾ پنهنجي ڪم لاءِ دلچسپي ۽ جوش وڌندو رهندو آهي، جنهن سان ڪم ڪرڻ جي تحريڪ کي هٿي ملندي آهي. هر هڪ چونڊ ڪيل وشيه (موضوع) جي پس منظر ۾ هڪ مسئلو لڪل هوندو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ ئي محقق جو ڪم آهي. بهرحال هر هڪ مسئلي جو حل تلاش ڪرڻ ڪيترين حالتن ۾ مشڪل ئي هوندو آهي، پوءِ به محقق کي ان پوتر ڪم لاءِ وفاداري هئڻ ۽ پنهنجي فرض نڀائڻ ۾ کيس پوري ڌيان، همدرديءَ ۽ شوق سان محنت ڪرڻي پوندي آهي. مسئلي ۽ وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ وقت محقق کي پنهنجي دلچسپي ۽ رُچيءَ (پسند/لاڙي) کي هميشه خيال ۾ رکڻ کپي. بعد ۾ پنهنجيءَ پسند جي هڪ وشيه (موضوع) جي چوُنڊ کان پوءِ اُن سلسلي ۾ پنهنجي رهنما ۽ ٻين ماهرن کان صلاح مشورو وغيره ضروري وٺڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اُن وشيه (موضوع) جي صحيح روپ ريکا (خاڪو) تيار ٿي سگهندي، جنهن جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ محقق کي ڪن اُصولن تي عمل ڪندي، وڌيڪ تڪليفن سان منهن ڏيڻو نه پوندو. وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ وقت اِن ڳالهه جو خاص طور تي ڌيان رکڻ گهرجي ته ان وشيه (موضوع) تي اڳ ۾ ڪم ڪيل نه هجي. هر حالت ۾ اهڙو وشيه (موضوع) چونڊڻ گهرجي، جنهن تي ٿيندڙ تحقيق جي نتيجن سان انساني علم جو دائرو وڌيڪ وشال ٿي سگهي. اڃا به جيڪڏهن محقق اِهو ارادو رکي ٿو ته هُو ڪنهن وشيه (موضوع) تي ڪيل اڳئين تحقيق جي مخالف هينئر وري نوان نتيجا حاصل ڪري پيش ڪري سگهي ٿو ته اهڙيءَ صورت ۾ اِهو هڪ ڪارنامو ڪري ليکبو. اُن لاءِ هن کي پهريائين کان رائج ۽ مڃيل نتيجن جي خلاف زبردست وزندار ۽ ٺوس ثبوت پيش ڪرڻا پوندا. ڪيترا ڀيرا اڳين عالمن ۽ محققن جي حاصل ڪيل نتيجن ۾ ڪي وري نوان مسئلا به لڪل هوندا آهن، اُن لاءِ نوجوان محققن کي گهرجي ته هُو اهڙن وشين کي کڻي، اُنهن ئي تحقيقي عمل کي اڳتي وڌائين. وشيه (موضوع) جي مواد جا وسيلا: تحقيقي عمل جا سمورا وشيه (موضوع) يا مسئلا ڪنهن ٻاهرينءَ تحريڪ يا دماغي هلچل مان جنم وٺندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته اوچتو ئي ڪو وشيه (موضوع) ساموهون اچي ويندو آهي. اِن هوندي به وشيه (موضوع) جي چونڊ جو مرحلو، محقق لاءِ مشڪل ئي هوندو آهي، پر جن ماڻهن کي پنهنجي مخصوص ميدان تي مڪمل عبور حاصل هوندو آهي، اُنهن کي هن مرحلي ۾ ڪافي آساني ٿيندي آهي. محقق کي گهرجي ته سندس وڀاڳ (شعبي) ۾ جيڪو تحقيقي ڪم اڳواٽ ئي ٿي چڪو آهي، اُن جو ڌيان سان اڀياس ڪري. ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي ڪم لاءِ سڌو سنواٽو رستو قائم ڪري سگهندو ۽ کيس پنهنجي مواد جي حاصلات ۾ به مدد ملندي. هن کي اڳ ٿيل تحقيقي ڪمن جي اڀياس مان، پنهنجي وشيه (موضوع) جي چونڊ جي باري ۾ پڻ روشني ملي سگهندي آهي، ڇو ته جڏهن به ڪنهن وڀاڳ ۾ تحقيقي عمل جو دائرو وڌندو ويندو آهي ته نوان نوان مسئلا جنم وٺندا رهندا آهن. هر هڪ تحقيقي عمل جتي ڪنهن مسئلي جو حل پيش ڪري ٿو، اُتي ئي هو نَون نَون مسئلن طرف اِشارا پڻ ڪريٿو. ڪنهن به مسئلي جو حل، جو اڳواٽ پيش ٿي چڪو آهي، اُن کي آخرين سمجهڻ نه گهرجي. اهڙين وشين (موضوعن) تي وري ٻيهر به ڪم ڪري سگهبو آهي. بهرحال وشيه (موضوع) جي چونڊ لاءِ اڳ ٿيل تحقيقي ڪمن جو اڀياس انتهائي ضروري آهي. اهو ڪم هيٺين طريقن سان ڪري سگهبو آهي: (1) پنهنجي تحقيقي وڀاڳ جي ڇنڊڇاڻ پنهنجي واسطيدار تاريخي ثبوتن سان گڏ ڪرڻ. (2) پنهنجي وڀاڳ جي خالي جاين ۽ اڻ ڄاڻايل سلسلن جو جائزو. () ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ ته ان عمل ۾ مليل نتيجا رد ڪرڻ جو ڳا ته ڪين آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته انهن جي سڌاري لاءِ، تحقيق لائق هڪ نئون وشيه (موضوع) پيدا ڪري سگهبو آهي. (4) اڳ ٿيل ڪمن جي ممڪن نتيجن جي باري ۾ اِشارن ۽ چوڻين جو جائزو وٺڻ. اهڙيءَ طرح انهن مٿي ڏنل اصولن جي روشنيءَ ۾ وشيه (موضوع) جي چونڊ آسانيءَ سان ڪري سگهبي آهي. دلچسپي ۽ ڪم جو شوق: وشيه (موضوع) جي چونڊ لاءِ محقق جي سڀاويڪ رُچي (فطري دلچسپي) تمام ضروري هوندي آهي. محقق، ڪنهن وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪندو ئي اُن لاءِ آهي ته ان ۾ کيس دلچسپي هوندي آهي. ان طرح محقق، پنهنجي دلچسپيءَ جي بنياد تي چونڊ ڪيل وشيه (موضوع) تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ۽ خبردار رهندو آهي. اهو ڪم ڪندي کيس مزو پڻ ايندو آهي، جو هن لاءِ اطمينان بخش ۽ سنتوش جنڪ (تسليءَ جوڳو) هوندو آهي. پر اِها دلچسپي به اڳواٽ ٿيل تحقيقي ڪمن جي اڀياس مان پيدا ٿيندي آهي. وشيه (موضوع) جي چونڊ ڪرڻ مهل ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اُهو پنهنجي وسعت ۽ سيمائن (حدن) جي لحاظ کان ايترو ڦهليل نه هجي، جو اُن تي باضابطه تحقيقي عمل کي پورو يا مڪمل ڪرڻ انتهائي ڪٺن ٿي پوي. محقق کي گهرجي ته وشيه جي چونڊ کان پوءِ ان جي روپ ريکا جي سلسلي ۾ پنهنجي رهنما کان ضروري صلاح وٺي ۽ رهنما اُن جي هيئت ۽ وسعت ۾ ضروري ڦيرڦار آڻي، اُن کي محقق جي تحقيقي عمل لاءِ آخرين طور منتخب ڪري ڇڏي. رهنما جو اهو فرض آهي ته هُو وشيه جي باري ۾ صلاح ڏيڻ وقت محقق جي دلچسپيءَ ۽ اُن جي صلاحيت کي خيال ۾ رکي. وشِه جي چونڊ جو معيار: (1) تحقيق ٿيندڙ وشيه، محقق جي دلچسپي ۽ سندس لاڙي مطابق هئڻ گهرجي. (2) وشيه نئون، بنيادي ۽ تحقيق جي قابل هئڻ گهرجي، جنهن تي اڳواٽ ڪم ٿيل نه هجي ۽ نه ئي ٿي رهيو هجي. (3) تحقيق لاءِ چونڊ ڪيل وشيه، وگيانڪ (سائنسي) تحقيق جي قابل هئڻ گهرجي، ڇو ته ساهتڪ (ادبي) تحقيق پڻ فلسفيانه انداز ۾ نه، پر وگيانڪ نموني هئڻ گهرجي. (4) تحقيق ٿيندڙ وشيه جي پنهنجي هڪ اهميت هئڻ گهرجي، جيڪو موجوده انساني علم ۾ ڪنهن حد تائين اِضافو آڻڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي. (5) تحقيق لاءِ چونڊ ڪيل وشيه اهرو هجي، جو اُن سلسلي ۾ ضروري مواد جو ملڻ ممڪن هجي ۽ اُن تحقيق کي پايه تڪميل تي پهچائي سگهجي. وشيه جي وسعت ۽ دائره عمل جي روپ ريکا: تحقيق لاءِ وشيه جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اِهو طئه ڪرڻ گهرجي ته اُن هيٺ ڪهڙن ڪهڙن نقطن تي بحث ڪيو ويندو ۽ تحقيق جو دائرو ڪيتري قدر وشال (وسيع) هوندو. تحقيق جو دائره عمل تمام گهڻو محدودو يا تمام گهڻو ڦهليل به نه هئڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن وشيه ۾ ڪا ڦيرڦار آڻڻ ضروري ٿي پوي ته رهنما جي صلاح سان اُهي تبديليون عمل ۾ آنديون وڃن. تحقيق ٿيندڙ وشيه جي روپ ريکا تيار ڪرڻ تمام ضروري آهي، جنهن کان پوءِ ئي هڪ چِتو ٿي تحقيقي عمل جو ڪم ڪري سگهبو آهي ۽ ان جي لاڙي جو به تعين ٿي سگهندو آهي. روپ ريکا قائم ڪرڻ سان گڏ اِهو به طئي ڪرڻ ضروري آهي ته اُهو تحقيقي عمل خالص آهي يا اُصولي. ان تحقيق مان ساهتيه (ادب) ۾ ڪهڙيو ڪهڙيون نيون ڌارائون قائم ٿي سگهنديون. وشيه جي روپ ريکا ياتفصيلن جي مقرري، هيٺ ڏنل اُصولن موجب ڪري سگهجي ٿي: 1. مول وشيه (مکيه موضوع) ۽ واسطيدار وشين (موضوعن) جي ڇنڊڇاڻ. 2. اڀياس جون سيمائون (حدون) ۽ دائره عمل جي روپ ريکا 3. وشيه جا تفصيل: (الف) تاريخي پسمنظر: ويجهڙائيءَ وارو ۽ اڳوڻو (ب) اڳ ٿيل تحقيق ۽ واسطيدار اڀياس جا تفصيل (ٻ) اڳ ٿيل اڀياس جي ڇنڊڇاڻ (ڀ) چونڊ ڪيل تحقيق جو طريقو (ت) ممڪن نتيجا 4. وشيه جي اصليت 5. موجوده تحقيق جو طريقو 6. طئي ٿيل قياس آرائين جو بيان 7. واسطيدار وڀاڳ (شعبي) جي لاءِ ڪيل ڪم جو جائزو 8. واسطيدار لفظن جي ڀنڊار جي وضاحت وشيه (موضوع) جو بيان صاف ۽ واضح لفظن ۾ ڪرڻ گهرجي. ڪيترا محقق تحقيقي دائره عمل جو بيان ته ڪري ڇڏيندا آهن، پر وشيه جو واضح بيان ڪونه ڪندا آهن. اِهو طريقو اڳتي هلي تڪليفون پيدا ڪندو آهي. 2. تحقيقي عمل جي نموني جي روپ ريکا: وشيه جي چونڊ کان پوءِ تحقيقي عمل جي طريقي جي روپ ريکا تيار ڪئي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مقرر اُصولن موجب ئي عمل ڪيو ويندو آهي. مواد جي حاصلات کان اڳ طريقي جي روپ ريکا تيار ڪري ڇڏڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ ئي ضروري مواد جي فراهميءَ جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. ابتدائي مواد جو اڀياس کان پوءِ ڪم ڪرڻ جي طريقي جي ضرورت وڌيڪ واضح ٿي سامهون اچي ويندي آهي. احتياط: غلطين ۽ غلط فهمين کان بچڻ لاءِ اِهو بهتر ٿيندو ته محقق پنهنجي ڪم جي لاءِ ڪيترن ئي طريقن جي روپ ريکا تيار ڪري. پوءِ اُن جو الڳ الڳ جائزو وٺي ۽ اُنهن مان جيڪو سڀ کان وڌيڪ وشواس جوڳو طريقو نظر اچي، جنهن کي اپنائڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان محنت ۽ وقت ته وڌيڪ صرف ڪرڻو پوي ٿو، پر محقق کي هڪ مناسب ۽ ڪارائتو نمونو هٿ اچي ٿو. ان مناسب ۽ فائديمند نموني ۾ اِها خصوصيت هئڻ گهرجي ته اُهو واسطيدار تحقيقي عمل لاءِ اثرائتو هجي ۽ اُن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي مواد جي صحيح صحيح ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. اُن کي محدود لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ۽ اُن جو آسانيءَ سان جائزو وٺي سگهجي. اهڙي نموني ۾ ڪجهه لچڪ هئڻ گهرجي ته جيئن ضرورت موجب اُن کي استعمال ڪري سگهجي. 3. مواد جي حاصلات: مواد ئي محقق جي سوچ ۽ ويچار جو بنياد هوندو آهي. نجي مواد جي شڪل ڪچي مال وانگر هوندي آهي، جنهن جي ڇنڊڇاڻ، درجي بندي ۽ تحقيق جي ذريعي نتيجا ڪڍيا ۽ عام اُصول ٺاهيا ويندا آهن. هڪ دفعو جڏهن اُهي اُصول مرتب ٿي ويا ته اُهو مواد آئيندي جي لاءِ انداز فڪر ۽ سمورين حقيقتن جي حاصلات لاءِ محرڪ هوندو آهي. مواد جي حاصلات جي عمل ۾ اُن جي مختلف قسمن جو جائزو، اُن ذريعي حاصلات جي روپ ريکا ۽ صحيح حقيقتن تي ٻڌل مواد جي ڳولا ضروري آهي. مواد جي حاصلات ۾ محقق کي تمام گهڻو خبردار رهڻ کپي. جيڪڏهن وشيه جي لحاظ کان فائديمند مواد هٿ نه اچي، يا ان کي ڪنهن به سبب کان نظرانداز ڪيو ويندو ته تحقيقي عمل جي تڪميل مشڪل ٿي پوندي ۽ اُن جا نتيجا شڪ شبهي وارا ۽ متضاد ٿي پوندا. مواد جي فراهميءَ جي عمل ۾ صرف حقيقتن کي گڏ ڪرڻ ئي شامل نه آهي، پر ان جي حاصلات سان گڏوگڏ ضروري مواد جي چونڊ جو عمل پڻ جاري رهندو آهي. مواد ڪٺي ڪرڻ لاءِ محقق کي هڪ جاسوس جا فرض نڀائڻا پوندا آهن. اِئين کڻي چئجي ته مکين جي ماناري مان ماکي ڪڍڻ جيڏي سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. هن کي پنهنجي فائدي وارن ننڍن ننڍن نقطن ۽ حقيقتن کي نظرانداز نه ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ کيس تيزفهم ۽ گهرائيءَ واري نظر هئڻ کپي. Excruciate مواد جا قسم: مواد ڪيترن ئي قسم جو ٿيندو آهي، جن مان ڪي خاص هيٺينءَ ريت آهن: (1) انفرادي مواد: هن مواد هيٺ محقق جون شخصي دلچسپيون، ماضيءَ ۾ ڪيل قياس آرائيون، الڳ الڳ ڌارائون ۽ اثر وغيره اچي وڃن ٿا. هن قسم جي مواد ۾ شخصي جداگانه (peculiar) خيالن ۽ جذبن تي ٻڌل حقيقتون اچي وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري نه آهي ته هن قسم جي مواد جي بنياد تي سڀ محقق هڪ ئي نتيجي تي پهچن. هيءُ مواد وگيانڪ (سائنسي) مزاج ۽ منطق (logic) کان پري هوندو آهي. اهڙي مواد ۾ محقق جون پنهنجيون شخصي دماغي ڪمزوريون به شامل ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري هن مواد جي بنياد تي ڪيل تحقيق نامڪمل، اڻپوري ۽ شڪ شبهن سان ڀريل هوندي آهي. (2) معروضي مواد: هن قسم جي مواد ۾ ڪنهن خاص فرد جي نه، پر مجموعي وسيلن جي ڳولا ڪئي ويندي آهي. اهڙو مواد ڪنهن به ميدان ۾ ڇنڊڇاڻ جي بنياد تي گڏ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تخليق تي تحقيقي عمل ٿيڻو آهي ته انگي حساب (Mathematics) واري طريقي سان انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن. اهڙي مواد جي بنياد تي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ سڀ محقق هڪ ئي نتيجي تي پهچندا آهن، ڇو ته هيءُ مواد بلڪل وگيانڪ طرز وارو هوندو آهي. (3) علائقائي مواد: اصل ۾ هيءُ مواد به معروضي مواد کان مختلف نه هوندو آهي. جيتوڻيڪ اُن جي حاصلات هڪ فرد جي سطح تي ٿيندي آهي، پر اُن جو جائزو مجموعي سطح تي ورتو ويندو آهي. هيءُ به ڇنڊڇاڻ ۽ جائزي وسيلي سولائيءَ سان ملي سگهندو آهي ۽ اُهو ڪافي حد تائين برقرار رهندو آهي. مجموعي جائزو ئي علاقائي مواد کي وگيانڪ روپ عطا ڪندو آهي. ان وسيلي حاصل ڪيل نتيجا وڌيڪ معتبر ۽ ڀروسي جوڳا هوندا آهن. (4) صفاتي مواد: هن قسم جي مواد جي ڳولا، معروضي مواد جي ڀيٽ ۾ ڪجهه قدر ڏکي هوندي آهي، پر هيءُ عام طرح وڌيڪ هوندو آهي. ڪنهن شيءِ جي ٻاهرين روپ ريکا، اُن جي وصفن ذريعي ئي طئي ڪئي ويندي آهي، ۽ وصفن جي ڳولا لاءِ جيڪڏهن معروضي نمونو اپنايو ويندو ته اُن مان حاصل ٿيندڙ نتيجا وگيانڪ (سائنسي) هوندا. اڄ جي وگيانڪ (سائنسي) دور ۾ صفاتي مواد جي اهميت گهٽبي پيئي وڃي ۽ اُن جي جاءِ تي معروضي مواد جو ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪتابيات (Bibliography): محقق کي پنهنجي وشيه سان واسطو رکندڙ مواد جي ڄاڻ هئڻ کپي. ان سلسلي ۾ اڪثر ڇپجندڙ ڪتابن جي فهرست جو اڀياس فائديمند ٿيندو آهي. محقق انهن جدا جدا فهرستن مان پنهنجي لاءِ حوالن جي هڪ فهرست تيار ڪري وٺندو آهي. ان کانپوءِ مختلف لائبررين ذريعي قلمي نسخا، خط و ڪتابت ۽ تحقيقي وسيلن جي ڳولا ڪري سگهبي آهي. ان سلسلي ۾ محقق کي پنهنجي وڀاڳ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين محققن سان به رابطو قائم ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کان سواءِ لکيل تحقيقي مقالن جو اڀياس پڻ ڪرڻ گهرجي. مواد جي حاصلات جا وسيلا: لائبرري: لائبرري، مواد جي فراهميءَ جو اهم ترين وسيلو آهي. لائبرري جيتري وڏي ۽ مڪمل هوندي، تحقيقي ڪم به اوترو ئي ڪامل ٿي سگهندو. اُن لاءِ لائبررين ۾ گهڻي ۾ گهڻو مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ هر سال ڪيترو ئي پيسو خرچ ڪيو ويندو آهي. عملي اڀياس لاءِ لائبررين جو استعمال ضروري هوندو آهي. مواد جي حاصلات جي سلسلي ۾ لائبرري هڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي. لائبرريءَ مان هيٺين قسمن جو مواد حاصل ٿي سگهندو آهي: (i) دستاويز، اصل قلمي نسخا، هٿ لکيل نسخن جون ڪاپيون. (ii) وشيه سان تعلق رکندڙ عالمانه اڀياس. (iii) اهڙا ڪتاب ۽ مضمون، جن ۾ وشيه سان سنٻنڌ رکندڙ چوڻيون وغيره پيش ڪيل هجن. (iv) اهڙي قسم جو ٻيو گڏيل سڏيل مواد. (v) يونيورسٽين ۾ تحقيقي ڊگرين لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالن جا نقل. (vi) حوالي جا ڪتاب، ٻين قسمن جا واسطيدار ڪتاب، تحقيقي مقالن جا مختصر جائزا، ڪتابن جي فهرست ۽ محقق لاءِ فائديمند ٻيا اوزار. (vii) ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ نقل. لائبرريءَ مان صرف ڪتاب ئي نه ملندا آهن، پر اُتان ٻيون سهوليتون به ميسر ٿي سگهنديون آهن، جهڙوڪ: محقق جي درخواست تي ٻين لائبررين مان ناياب ڪتاب گهرائي ڏنا ويندا اهن. فوٽو اسٽيٽ نقل ڪرائڻ جي سهوليت به لائبرري مان ملي سگهي ٿي. دائره عمل: جهڙيءَ طرح محقق پنهنجو ضروري مواد لائبرريءَ ذريعي حاصل ڪندو آهي، ساڳيءَ طرح ڪجهه تحقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي عمل جي دائري مان به مواد ڪٺو ڪرڻو پوندو آهي. مواد جي فراهميءَ جو هيءُ هڪ بهترين وسيلو آهي. محقق پنهنجيءَ صلاحيت، سهوليت ۽ ضرورت موجب مواد جي حاصلات لاءِ هڪ مخصوص دائري جي چونڊ ڪندو آهي، جنهن علائقي جي قدرتي يا آرٿڪ (اقتصادي) حالتن سان تعلق رکندڙ انگ اکر گڏ ڪرڻ سندس مقصد هوندو آهي. تحقيقي رسالا: تحقيقي رسالن ۾ ماضيءَ ۾ ڪيل تحقيق ۽ موجوده وقت ۾ ڪيل تحقيق جا تفصيل شايع ٿيندا رهندا آهن. انهن ۾ ڪيترن ئي عالمن جا تحقيقي مضمون پڻ ڏنا ويندا آهن. تحقيقي وشين سان تعلق رکندڙ مواد جي باري ۾ معلومات به پيش ڪئي ويندي آهي. قلمي نسخن جو ذڪر به هوندو آهي ۽ الڳ الڳ جاين تي مختصر طور به شايع ٿيندا رهندا آهن. بنيادي ۽ ثانوي وسيلا: ڪنهن به حوالي جي سڌي سنئين استعمال کي بنيادي وسيلو چيو ويندو آهي. ڪنهن ڪتاب يا مضمون جو حوالو ڏيڻو آهي ته اُن جو سڌو سنئون اڀياس ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي محقق اُن ڪتاب جي حقيقتن کي پنهنجي مقالي ۾ درج ڪيو آهي، ۽ اُن مان اُهو متن حاصل ڪيو وڃي ته اُن کي ثانوي وسيلو ڪري سڏيو ويندو آهي. ثانوي وسيلي وارا حوالا ڪڏهن ڪڏه شڪ شبهي وارا يا ماڳهين ئي غلط به ٿي سگهن ٿا. اُن لاءِ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ته مواد کي بنيادي وسيلن مان ئي حاصل ڪيو وڃي. ايترو ضروري آهي ته ٻين مقالن جي اڀياس مان محقق کي ڪنهن وشيه جي وسيلن ۽ سرچشمن جي خبر پئجي سگهي ٿي. هڪ ڪامياب محقق لاءِ پنهنجي وشيه سان تعلق رکندڙ مواد جي موجودگيءَ جي بنيادي وسيلن جي ڄاڻ هئڻ انتهائي ضروري آهي. هن کي ٻين محققن وسيلي استعمال ڪيل ڳالهين کي، ٻين لفظن ۾ وري دهرائڻ واريءَ بيماريءَ کان بچڻ گهرجي. بنيادي وسيلن مان مواد جي فراهميءَ دوران ڪڏهن ته ڪجهه اهڙو مواد به هٿ چڙهي سگهي ٿو، جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به محقق استعمال ئي نه ڪيو هجي. اهڙيءَ طرح نين نين حقيقتن کي پڌري پٽ آڻڻ سان محقق جي درجي ۽ اُن جي عظمت ۾ اضافو اچي ٿو. 4. مواد جي درجي بندي: مواد جي فراهمي کان پوءِ اُن جي درجي بنديءَ جو مرحلو ايندو آهي. اها درجي بندي، مواد جي هڪجهڙائيءَ ۽ مختلف هئڻ جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي. ائين ڪرڻ سان سوچ ويچار جو عمل آسان ٿي پوندو آهي. ان طرح وقت ۽ محنت جي بچت به ٿيندي آهي، ۽ ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ مونجهارا پڻ گهٽبا آهن. گڏ يڪل مواد جي درجي بندي پنهنجي وشيه جي مختلف ڀاڱن يا وڀاڳن جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي، ۽ اُها مختلف جزن جي هڪجهڙائيءَ واري بنياد تي هئڻ گهرجي. درجي بنديءَ سان هڪ فائدو اِهو به ٿيندو آهي ته مواد جي انهن جزن جي به ڄاڻ پوندي آهي، جن جو تعلق مواد جي ڪنهن وڏي حصي سان نه هوندو آهي، جي پنهنجي فطرت انوسار (مطابق) اڪيلا ئي هوندا آهن. اهڙن جزن کي استعمال جي قابل بنائڻ لاءِ يا ته وڌيڪ مواد فراهم ڪرڻو پوندو آهي، يا اصل انهن جزن جي باري ۾ الڳ طور تحقيق ڪرڻي پوندي آهي. مواد جو جائزو: درجي بنديءَ سان گڏوگڏ مواد جي ڇنڊڇاڻ جو مرحلو ايندو آهي. تحقيق هيٺ آيل وشيه ۽ ان جي مخصوص طريقي موجب ئي مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي آ هي. ان عمل ۾ ڪجهه غلطين جو امڪان رهندو آهي، تنهن لاءِ هيٺين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي: (i) مواد جي ڇنڊڇاڻ وقت، محقق کي پنهنجو وشيه واضح صورت ۾ پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي. (ii) وشيه جي مختلف وڀاڳن (ڀاڱن) سان گڏ، پنهنجي مواد جو تعلق جوڙڻ ۾ ڪڏهن به غلطي نه ڪرڻ گهرجي. (iii) محقق کي مواد جي سيمائن (حدن) ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. ممڪن آهي ته وشِه جي ڪنهن خاص حصي جي پٺڀرائيءَ ۾ ضروري مواد ميسر ٿي نه سگهيو هجي. اهڙيءَ صورت ۾ تحقيقي عمل هيٺ، وشيه جو اُهو وڀاڳ (ڀاڱو) مزور پئجي ويندو. اُن لاءِ جيڪڏهن ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت وشيه جي سيمائن ۽ حدن ڏانهن ڌيان ڇڪجي، ته اُن کي نظر انداز ڪرڻ نه گهرجي.