تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (600) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     62632   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    دنيا ۾ هر لکڻي ۽ هر علم جو بنيادي نقطو تحقيق تي مدار رکي ٿو. تحقيق جيتري مضبوط،سائنسي بنيادن تي وسيع علمي نچوڙ ۽ صحيح انگن اکرن تي مبني هوندي، اوتري پُر اثر، ديرپا ۽ قابل قبول هوندو. ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جي اصل ڪتاب جو هيءُ اهم سنڌي ترجمو ۽ چونڊ به تحقيق جي اهڙن اصولن تي ساکون ڀريندي ٿو نظر اچي. تحقيق کي هونئن به عام طور تي خشڪ موضوع تصور ڪيو ويندو آهي ۽ ان جا اصول ته ان کان به وڌيڪ ذهني ولوڙ ۾ وجهندڙ هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو منجهن عام دلچسپيءَ وارو عنصر مڙئي گهٽ هوندو آهي، پر علم جي اُڃ جا پياسا اهڙن موضوعن سان جنبي، پنڌ پٽي وڃي ٿا پار پون، تنهن ڪري هيءُ ڪتاب علم ادب، علم اللسان، لوڪ ادب ۽ ٻين علمن ۽ موضوعن تي تحقيق ڪندڙ اهڙن کاهوڙين لاءِ هڪ رهنما جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب جي تياريءَ جو مقصد تحقيقي اصولن ذريعي ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جي شاگردن کي موضوع ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جي چونڊ ۾ سهوليت پيدا ڪرڻ ۽ حصوليءَ جي ذريعن کان آگاهي ڏيڻ آهي، جن تي عمل ڪري اهي پنهنجي تحقيق جي دائري کي وسعت ڏيڻ سان گڏ دلچسپ ۽ اثرائتو بڻائي وقت سر مڪمل ڪري سگهندا. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي هن ترجمي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي اداري جي اڳوڻي انتظاميا، ڪتاب جي تياريءَ جي سمورن مرحلن کي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ مڪمل ڪرائي بٽر ڪڍرايا، پر ڪِن سببن ڪري هيءُ ڪتاب منظرِ عام تي اچي نه سگهيو ۽ اشاعتي شعبي وٽ محفوظ رهيو. اشاعتي شعبي جا عملدار ۽ ڪارڪن ان سلسلي ۾ جس لهڻن جو انهن هن اهم ڪتاب جي ڇپائيءَ جي رهيل مرحلن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هميشه جيان دلچسپيءَ سان ڪم ڪندي، سينگاري سنواري اوهان اڳيان پيش ڪيو. مون کي اميد آهي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو هيءُ اهم سنڌي ترجمو ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جي شاگردن سان گڏ ٻين محققن لاءِ به نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو. عبدالقادر جوڻيجو 8 نومبر 2006ع چيئرمئن