تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول

ڪتاب جو نالو تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول
ليکڪ ڊاڪٽر عبدالستار دلوي
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-076-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (633) E-Pub
انگ اکر

3 September 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     66632   ڀيرا پڙهيو ويو

تحرير جي لحاظ کان مقالي جي روپ ريکا


بابن جا عنوان: مقالي جي عنوان جون خصوصيتون، بابن جي عنوان ۾ به هئڻ کپن، ڇو ته عنوان ئي پوري باب جي علامتي نمائندو هوندو آهي. عنوان کان اڳ اُن مخصوص باب جو ڳڻپ نمبر هوندو آهي. بابن جي فهرست، مهاڳ يا مقدمي کان اڳ به ڏيئي سگهبي آهي. هر عنوان صفحي جي مٿئين حصي کان ٻه ٽي انچ هيٺ لکڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ ٽائيپ جي ٻن ٽن سٽن جي جاءِ ڇڏي، باب جو متن شروع ڪرڻ گهرجي. بابن جا اندريان عنوان: بابن جو متن به مختلف عنوانن هيٺ ورهائي سگهجي ٿو. عنوان جي هيٺيان ليڪ ڪڍڻ گهرجي ۽ اُن سٽ کي ڇڏي، هيٺينءَ سٽ کان متن شروع ڪرڻ گهجي. بابن جي اندرين عنوانن هيٺان ليڪ ڏيڻ ضروري نه آهي ۽ اندرين عنوانن لکڻ کان پوءِ، اُنهيءَ سٽ واري رهيل جاءِ کان ئي متن لکڻ گهرجي. اِن طرح سمورن عنوانن جي ترتيب ۽ لکڻ جي سٽاءَ پوري باب ۾ ئي نه، پر سموري مقالي ۾ هڪجهڙي هئڻ ضروري آهي. حاشيو: هر صفحي تي ساڄي پاسي 4/3 انچ ۽ کاٻي پاسي 2/1 انچ جو حاشيو ڇڏڻ جو اُصول آهي. هر صفحي جي آخري سٽ، صفحي جي هيٺئين حصي کان هڪ انچ مٿي تائين هئڻ گهرجي. هر شروع ٿيندڙ نئين باب جي عنوان واري صفحي تي، صفحو نمبر نه ڏنو ويندو آهي، باقي سمورن صفحن تي، صفحو نمبر اُن جي کاٻي پاسي، مٿئين حصي کان عام طور هڪ انچ هيٺ هئڻ گهرجي. اُهو صفحو نمبر کاٻي پاسي کان 2/1 انچ اندر جي طرف لکڻ گهرجي. صفحن جي تعداد جي ڳڻپ: شروعات واري صفحي کان وٺي آخر تائين، صفحن جو عدد لڳاتار ڳڻپ ۾ نه هئڻ گهرجي. اڄ ڪلهه مهاڳ واري حصي ۽ ٻين اهم حصن وارن صفحن کي الڳ ڪري ڳڻڻ جو طريقو مروج آهي. انهن کي الڳ ڪري ڳڻڻ لاءِ مهاڳ واري حصي ۾ صفحن جو نمبر اکرن ۾ يعني: الف، ب، ت يا رومن انگن ۾ I، II، III وغيره ڪري ڏيڻ گهرجي. باب جي عنوان وارو صفحو، اُنهن اُصولن کان آجو هوندو آهي ۽ اُن تي ڪوبه صفحو نمبر ڪونه ڏنو ويندو آهي، پر اُن کي ڳڻپ ۾ ضرور آندو ويندو آهي. مقالي جو سرورق نه ته ڳڻيو ويندو آهي ۽ نه ئي اُن تي ڪو نمبر ئي لکيو ويندو آهي. مددي ڪتابن جي فهرست: مقالي ۾ مددي ڪتابن جي يادداشت کي هڪ اهم مقام حاصل هوندو آهي، ممتحن ۽ پڙهندڙ کي اُن جي وسيلي اها ڄاڻ پوندي آهي ته محقق لاءِ سموريون حقيقتون ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جا وسيلا ڪهڙا هئا. ان لاءِ هر مقالي ۾ مددي ڪتابن جي فهرست لازمي طور ڏني ويندي آهي. ان ۾ انهن سمورن ڪتابن جا نالا شامل هئڻ گهرجن، جن جو اُن مقالي سان سڌو سنئون تعلق هجي. مقالي ۾ مددي ڪتابن جي فهرست عام طور ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هوندي آهي: ’ڪتاب‘ ۽ ’رسالا‘. جيڪڏهن ضرورت هجي ته ’قلمي نسخن‘ جي نالي سان ٽيون ڀاڱو به ٺاهي سگهبو آهي. انهن حصن کي ٻوليءَ جي لحاظ کان پڻ ورهايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو مقالو ڀيٽ ڪندڙ موضوع يا تقابلي نوعيت جو آهي ته سامهون واري ٻوليءَ جي مدد ڪتابن جي فهرست سان چوٿون ڀاڱو به قائم ڪري سگهبو آهي. ڪجهه مقالن ۾ مددي ڪتابن جي فهرست، مقالي جي شروعات ۾ ئي ڏني ويندي آهي. ڪجهه مقالن ۾ هر هڪ باب جي پڇاڙيءَ ۾ انهن ڪتابن جي فهرست ڏني ويندي آهي، جن جا حوالا اُن باب ۾ استعمال ٿيل هوندا آهن. پر عام طور اصول اِهو آهي ته مددي ڪتابن جي فهرست، مقالي جي آخر ۾ ئي ڏني وڃي. مددي ڪتابن جي فهرست ۾ پهريائين ليکڪ جو نالو، پوءِ ڪتاب جو نالو، پوءِ اشاعت واري هنڌ ۽ ڇپائيءَ جي سال جو ذڪر هوندو آهي. مصنف يا مؤلف جي نالن جي لحاظ کان ڪتابن جي فهرست کي صورتخطيءَ واري هجي (الف-ب) جي ترتيب سان لکڻ گهرجي. رسالن جي فهرست ۾ مهيني، سال، جلد، ۽ مضمون جي سري جو ذڪر هئڻ گهرجي. مهينو، سال ۽ جلد نمبر ڏنگين ۾ ڏئي سگهبو آهي. ضميمو: ضميمي ۾ عام طور اهڙي مواد جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، جيڪو پيش ڪيل مقالي سان تعلق رکندڙ ۽ ان لاءِ مفيد ته هوندو آهي، پر جيڪڏهن ان کي مقالي جي متن ۾ شامل ڪيو وڃي ته مقالي جي پيشڪش جو طريقو نامناسب ڀاسڻ لڳندو آهي. فرض ڪريو ته ڪو مقالو، ڪنهن همعصر اديب يا شاعر جي باري ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. محقق ان ليکڪ يا شاعر کان انٽرويو ڪري پنهنجن سوالن جا جواب حاصل ڪري ورتا. اهڙن سوالن جوابن کي صرف ضميمي (Annexure) ۾ ئي ڏئي سگهبو آهي. اهڙيءَ طرح وشيه سان تعلق رکندڙ وڌايل مواد به ضميمي ۾ شامل ڪري سگهبو آهي. اختصار يا تاتپريه، تصويرون، خاڪا ۽ ٻيون ضروري تقابلي جدولون به ضميمي طور ڏيئي سگهبيون آهن، جي مقالي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ضروري هونديون آهن. ضميمو شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ صفحو خالي ڇڏڻ گهرجي، جنهن تي لفظ ’ضميمو‘ لکيل هئڻ گهرجي. ڏنل-اشارا (Footnotes): اهو طئي ٿيل اُصول آهي ته جنهن به ذريعي کان مواد حاصل ڪيو ويو آهي، توڙي اُهو مواد ساڳئي جو ساڳيو ورتل هجي يا ان جو صرف تاتپريه ئي مقالي ۾ استعمال ڪيل هجي، مقالي ۾ اُن جو ذڪر اچڻ ضروري آهي. حوالن متعلق اُهو بيان ’ڏنل اِشارن‘ (Footnotes) جي صورت ۾ ڪيو ويندو آهي. مقالي جي متن ۾ اهڙن حوالن يا اقتباس (quotations) تي، هر صفحي تي الڳ الڳ ڳڻپ نمبر لڳايا ويندا آهن ۽ اُنهن جي لحاظ کان صفحي جي سمورن قولن ۽ اقتباسن جا حوالا، اُن ئي صفحي جي هيٺئين حصي تي سلسليوار تحرير ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن هر هڪ صفحي جي هيٺئين حصي ۾ حوالن جي تحرير نه هوندي آهي ته پوءِ پوري باب ۾ ڌارين چوڻين يا اقتباسن کي ڳڻپ نمبر لڳاتار ڏنا ويندا آهن، جيڪي هڪ صفحي کان پوءِ ٻئي صفحي تي به ساڳئي ئي ڳڻپ نمبر کي جاري رکندا آهن. اُها ڳڻپ سموري باب تائين جاري رهندي آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن پوري باب ۾ انگن جي ترتيب هڪ ئي هوندي ته پوءِ باب پوري ٿيڻ کان پوءِ آخر ۾ انهن حوالن وارن سمورن نمبرن جا سلسليوار تفصيل ڏنل هوندا اهن. ڪڏهن ته وري حوالن جي انگن جي اِها ڳڻپ، باب پوري ٿيڻ کان پوءِ به تبديل ڪانه ٿيندي آهي ۽ ايندڙ باب ۾ به ساڳئي ئي سلسلي کي جاري رکيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح پوري مقالي ۾ هڪ ئي ترتيب سان اُهي حوالا نمبر ڏنل هوندا آهن. ان طرح ڏنل اشارن يا حوالن جي سلسلي ۾ ٽي طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن: پهريون اِهو ته هر صفحي جي متن ۾ آيل اشارن جي وضاحت اُن ئي صفحي جي هيٺئين حصي ۾ ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن پوري باب جي آخر ۾ ٿيل هوندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وري پوري مقالي جي اشارن جي وضاحت، مقالي جي آخر ۾ باب ۽ صفحي نمبر جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي. اشارن جي وضاحت ۾ صرف ليکڪ جو نالو، ڪتاب جو نالو ۽ صفحو نمبر ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته اشاعت جي جاءِ ۽ سال وغيره ڏيڻ جي ضرورت ڪانه آهي، جو مددي ڪتابن جي فهرست ۾ اُها ڄاڻ ڏني ئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مقالي ۾ ڪنهن اڻ ڇپيل مقالي يا قلمي نسخي جو حوالو به ڏيڻو پوندو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ مقالي جو ليکڪ مقالي جو عنوان (اڻ ڇپيل)، يونيورسٽيءَ جو نالو ۽ اُن جي پيشڪش جو سال بيان ڪرڻ ڪافي آهي. قلمي نسخي جي باري ۾ ان لائبرريءَ جو نالو، جتان اُهو نسخو ملي سگهي ۽ اُن لائبرريءَ ۾ اُن ڪتاب جي نمبر جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو آهي. اشارن جي وضاحت جو هڪ جديد ترين طريقو به آهي: پنهنجن سمورن مددي ڪتابن جي فهرست، انگن جي ڳڻپ جي لحاظ کان مقالي جي شروع يا آخر ۾ ڏني ويندي آهي. پوءِ اُن مان هڪ مخصوص ڪتاب جا حوالا، پوري مقالي ۾، جنهن جنهن هنڌ تي ورتا ويا اهن، اُتي اُن ڪتاب جو ڳڻپ نمبر (Code No) ۽ صفحو نمبر درج ڪيو ويندو آهي. هيءُ طريقو بلڪل آسان ۽ سهوليت ڀريو آهي. چوڻيون يا حوالا (Quotations): مقالي ۾ ڪنهن به تاب جا طويل ۽ مڪمل اقتباس (quotations) درج ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. انهن چوڻين يا قولن پيش ڪرڻ جو سبب ۽ ضرورت هيٺين صورتن ۾ پيدا ٿيندي آهي: (i) جڏهن ڪنهن ليکڪ جي نقطهء نظر جي ڇنڊڇاڻ ڪري اُن کي رد قد ڏيڻ جو مقصد هجي. (ii) جڏهن ٻن متضاد يا الڳ الڳ خيالن جي جزوي ڀيٽ ڪرڻي هجي. (iii) جڏهن ڪا چوڻي ايتري بهترين هجي، جو اُن سان مقالي جي سونهن ۽ معيار وڌڻ جي اُميد هجي. بهرحال جيڪڏهن اقتباسَ ڏيڻ تمام ضروري ٿي پون ته انهن کي جيتري قدر ٿي سگهي، مختصر صورت ۾ ڏيڻ گهرجي. اُن جي شروع ۽ پڇاڙيءَ ۾ ...... (ان طرح جي نقطن) جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اهڙين چوڻين ۽ اقتباسن جي حاصلات جو ذڪر، يهٺ ڏنل اشارن جي صورت ۾ ڪرڻ گهرجي.