سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254135   ڀيرا پڙهيو ويو

حاشيا


”الف“

سنڌيءَ ۾ ”ٻار سمنڊ کي به چيو ويندو آهي. شاهه عبداللطيف جي شعر جو هڪ ٽڪرو آهي ”وڌائون ٻيڙا ٻار ۾“ امڪان اهو آهي ته اها ڪا سامونڊي کاري هوندي، جنهن ۾ لوڻي جو پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو هوندو. لوڻي معنيٰ اها سامونڊي کاري جنهن ۾ لوڻيءَ جو وهڪرو ڇوڙ ڪندو هو.

”ب“

1- ڪنهن زماني ۾ اروڙ وٽان هڪ وهڪري مٿان پل جوڙيل هوندي هئي، منهنجو خيال آهي ته مذڪوره پل تڏهن ٺاهي وئي هوندي، جڏهن هن ننڍي وهڪري ۾ گھڻو پاڻي اچي ويندو هوندو. ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جي سهوليت لاءِ اها پل تعمير ڪئي وئي هوندي. ڇاڪاڻ ته وهڪري جي تبديليءَ کانپوءِ به ڪيترن سالن تائين چاڙهه جو پاڻي انهيءَ ڇڏيل پيٽ مان وهندو رهيو هو.

2- جيڪڏهن ماموئي فقيرن جي اڳڪٿين جي ڏند ڪٿا ۾ سچائي آهي، ته پوءِ امڪان اهو آهي ته اهي اڳڪٿيون سمن جي خلاف ۽ کين ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ واسطي ڪيون ويون هيون، تنهن ڪري سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته اهي سندن ڀاڳ ۽ بخت واسطي ڪي دعائون ڪونه هيون، پر اڳتي هلي جيڪي هن گھراڻي کي ڏچا ڏسڻا هئا، تن جو کين هڪ قسم جو چتاءُ ڏنو ويو هو.

چيو ويندو آهي ته ماموئي لفظ جي اصلي شڪل ”معموئي“ آهي. معمه جي معنيٰ راز ۽ ڳجھارت وغيره آهي. گھڻي استعمال ڪري معموئي جو لفظ بگڙي ماموئي ٿي ويو آهي.

سنڌو لغت ۾ مام جي معنيٰ اندر جي ڳالهه، ڳجھي ڳالهه، راز، ڀيد ڳجھه آهي (ڏسندا جامع سنڌي لغات ڊاڪٽر نبي بخش ص 2572-2571) انڪري ماموئي لفظ جي معنيٰ به ڳجهه يا راز ڄاڻندڙ ٿي سگھي ٿي.

*اهو بيت هن ريت آهي:

نيرا گھوڙا ڏٻرا، اتر کان ايندا،

گھگھيريون گھيرن تي، ورهائي ويندا،

تهان پوءِ ٿيندا، طبل تا جاڻين جا

 

”ت“

3-ڪيترين جاين تي اڏامندڙ واريءَ هاڪڙي جو پراڻو پيٽ لٽي ڇڏيو آهي، ڪجهه حصا وري ناري جي وهڪري جي پائيندڙ ڪنهن حد تائين ڊاهي ڇڏيا آهن. امڪان اهو آهي ته جڏهن هيءُ سڪي ويل درياهه وهندو هو ته اهو ڀٽن مان ٿورو اولهه ڏانهن لاڙو ڪري وهندو هو. پر ان جي بدران نارو سر اتر کان سر ڏکڻ وهندو هو.

4- قطبن ۽ خط استوا وٽ زمين جي ڦيري جي رفتار ۾ فرق هجڻ ڪري هوائن ۽ پاڻيءَ جي لهرين تي اثر ٿئي ٿو، ان کانسواءِ بحر اوقيانوس ۽ بحرالڪاهل کان خط استوا طرف ايندڙ هوائون زمين جي گردش ڪارڻ الهندي طرف رخ ڪن ٿيون.

هن ڪري ٻي ڳالهه اها ٿئي ٿي ته مختلف درياهه ڪن خاص جاين تي پنهنجي ڀرين کي پائيندا ۽ کائيندا رهندا آهن ۽ پنهنجن پيٽن کي ڪنهن خاص طرف ڏانهن سرڪائيندا رهندا آهن، تنهن کي ”باير جو اصول“ Baer’s Law چيو ويندو آهي. هيءُ انسان طبعيات جو ماهر هو، سندس پورو نالو، ڪارل ارنسٽ وون باير Karl Ernst Von Baer هو. هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن هن ڳالهه کي محسوس ڪيو هو، ته وهندڙ پاڻي ڪنارا ڇو ٿو کائي. هن قسم جي ڌرتيءَ جي چر پر ، ڌرتيءَ جي اترئين اڌ گول O درياهن کي مجبور ڪري ٿي، ته اهي پنهنجن کاٻن ڪنارن کي پائيندا ۽ کائيندا آهن. وون باير هن حقيقت ڏانهن به اشارو ڪيو آهي، ته ٻين قدرتي قانونن مطابق مٿين اصولن ۾ ڪجهه ”گھٽ وڌائي ۽ تبديلي به ٿيندي رهندي آهي، جنهن ڪري درياهن جا وهڪرا ڪنهن خاص پنڌ جي دائري اندر هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيا پنهنجا پيٽ بدلائيندا آهن. ان عمل ۾ وهڪري جي پنهنجي سگهه ۽ ڪي ٻيا سبب به هوندا آهن، جن جو اڃا پتو پئجي ڪونه سگھيو آهي. هن ڏاهي انسان ”اسٽڊين آرس جيٽي ڊرنيچر وزن سچافن“ Studien aurs Gebiete der Naturwirren sehaften جي موضوع تي ڪتاب لکيو آهي، مٿان ٽائيٽل تي، ”اُبر فلسي انڊ ڊيرن ورڪنگن“ Uber Flusse and deren Wrikungen لکيل اٿس، جنهن جو مطلب آهي، ”درياهه ۽ انهن جي پائيندڙ جو اصول“ بروهن وڪ Bruns Wick 1886ع ڇاپو ٻيو.

5-(اناب 15- Anab vi) سڄي انڊيا مان يونان وارن جي مراد اها آهي ته هندستان جو اهو ڀاڱو جنهن کان واقف هئا. جڏهن اسان پڙهون ٿا ته پيٿان Peithon سنڌو ماٿريءَ جي ڏاکڻي حصي ۽ انڊيا جي سموري سامونڊي ڪناري جو حڪمران مقرر ڪيو هو، ته لفظن جي وسعت کي ڇڏي، اسان کي رڳو سنڌ جي سامونڊي ڪناري تائين محدود ٿيڻو پوندو ۽ سمجھڻو پوندو ته کيس فقط مذڪوره علائقي ۽ ڪناري جو حڪمران مقرر ڪيو ويو هو.

  1. ائرين، اسٽربئو ڪُئنٽس ڪرٽس، ٽالمي، پلو ٽارڪ ۽ ڊايو ڊورس وغيره جي لکتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هنن ”انڊيا“ جو لفظ فقط سنڌو ڏانهن منسوب ڪيو آهي، ان سان گڏ اهو به معلوم ٿيندو ته هو سنڌوءَ کي انڊي ۽ انڊس به سڏيندا هئا. هن حقيقت مان محسوس ائين ٿئي ٿو ته شروعاتي دؤر ۾ يونان وارا سنڌ کي انڊ سڏيندا هئا. تنهن کانپوءِ هنن، مذڪوره لفظ کي حرف علت واري ڊگھي پڇاڙي ڏئي موسيقيت پيدا ڪئي آهي ۽ انڊ کي انديا بڻائي ڇڏيو. يوناني تاريخن ۾ اسان کي هر ملڪ جي نالي پٺيان”يا“ ia جي ڊگھي حرف علت واري پڇاڙي ملندي. جهڙوڪ: عرب- عريبيا- باختر-بئڪٽريا الگزينڊر- اليگزينڊريا علائقي کي Media لکيو آهي. بعد ۾ ان حساب سان سڄي هندستان کي سنڌ چيو ويو. ڇاڪاڻ ته هندستان جي گنگا واري سڀيتا به سنڌ سڀيتا جو هڪ حصو آهي، اها ڪا آجي ۽ نجي سڀيتا ڪانه آهي. (ڏسندا، رائيز آف سِوِلائيزيشن ان انڊيا ائنڊ پاڪستان برج ۽ ريمنڊ آلچن) ان نقطهء نگاهه کان قديم دنيا ۾ سڀيتا جي سڃاڻ ۽ ساڃهه جي ناتي هندستان جي نه، پر سنڌ جي عظمت مڃيل هئي. ٽائون پلاننگ جي اهميت کي اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ويهين جي اڳياڙي ۾ محسوس ڪيو ويو. ماحول جي آلودگيءَ کي ختم ڪرڻ ڏانهن هن سڌريل دنيا جو خيال ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ويو آهي. پر سنڌ سڀيتا اڄ کان پنج هزار سال اڳ، ان کي محسوس ڪري ورتو هو. يونان جي مِناني ۽ هيليني ۽ شام جي سيريائي تهذيب سنڌ سڀيتا جي عظمت جي ڏاڪي تائين پهچي ڪونه سگھيون هيون. تنهن ڪري ائين چوڻ غلط آهي ته سنڌ کي هندستان جي ناتي سان سڃاڻ ملي، پر حقيقت اها آهي ته هندستان جي سنڌ جي ناتي سان سڃاڻ ٿي آهي ۽ سنڌ سڀيتا جي عظمت جون حقيقتون، جنرل هئگ جي هن ڪتاب لکڻ کان گھڻو پوءِ معلوم ٿيون آهن. (مترجم).

6-جيڪڏهن تبصره نگارن ۽ نقادن کي پتو پوي ها ته پور ٽيڪانوس Portikanos انهن ساڳين حدن اندر بڙديڪا Burdika نالي به هڪ علائقو موجود آهي ته خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي ڪونه ماپن ها. اهڙي سڃاڻ کي ڄاڱر جي آليءَ ڍنگريءَ جيان چنبڙي وڃن ها. پر حقيقت اها آهي ته بڙدي، جنهن ڪري هن علائقي مٿان نالو پيو آهي، سي بلوچ آهن ۽ ڪنهن ويجھي زماني ۾ بلوچستان کان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. اهي ٻئي نالا هڪ ٻئي سان هڪجھڙائي رکن ٿا، جن مان هڪ قديم ۽ ٻيو تازي دؤر سان واسطو رکي ٿو. اهي ايترا ته هڪ جھڙا آهن جو ماڻهو ٻڌي ڇرڪي وڃي ٿو ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته واقعي بڙدي سنڌ ۾ لڏي آيا آهن يا سنڌ سندن اصلي وطن آهي. اهڙيءَ ريت جنرل ڪننگھام، ڊايو ڊورس جي بيان ڪيل نالي مساناءِ Massanae کي ”مزارڪا“ Mazarka سمجھي ويٺو آهي، جيڪو مٺڻ ڪوٽ کان هيٺ ۽ سنڌوءَ جي ساڄي طرف وارو علائقو آهي. اهڙيءَ طرح مري Marri به بلوچ آهن، جيڪي تازي دؤر ۾ بلوچستان مان لڏو کڻي اچي سنڌوءَ جي ڪنارن سان آباد ٿيا آهن. بُڙديڪا وارو علائقو به سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري آهي، جيڪو سکر کان ٽيهه ميل اتر درياهه جي ڪٺار سان ٿورن ميلن ۾ پکڙيل آهي.

7-ڪرنل بي. آر. بران فل B. R. Bran Fill هنن ماڳن ۽ اوسي پاسي واري علائقي بابت گھڻائي اچرج جھڙا احوال قلمبند ڪيا آهن، جيڪي سندس ڪتاب ”انڊين ائني ڪئائري“ جلد vi ۾ ڏسي سگھجن ٿا. ڪرنل بران فل هن حقيقت کي قبول ڪري ٿو ته مؤ Mau جو لفظ موءِ Muy جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي وار. هن جاءِ کي روهڙيءَ جيان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڏاڙهيءَ جي وار مبارڪ جو شرف حاصل آهي. مان اهو چئي ڪونه ٿو سگھان ته مسلمانن وارو خيال صحيح آهي، پر ايترو ضرور چوندس ته ان جو نالو مؤ ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته ان ٿاڪ تي وار پهچڻ کان اڳ به سندس نالو اهو ئي هو. هن جي خلاف ٻيون شهادتون به موجود آهن. هندستان ۾ اهڙا ٻيا به نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي اولهه اتر هندستان جي وچ واري صوبي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ هن نالي سان شهر هوندو هو، جيڪو پنجويهه ويڪرائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ستونجاهه فوٽ ڊگهائي ڦاڪ تي، ان جوءِ ۾ موجود هو، جنهن ۾ پٽالا شهر جي موجودگيءَ جو امڪان آهي. مذڪوره علائقي ۾ گھڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل پراچين ٿرڙ کي ”مؤ“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. عالمن جي خيال مطابق مؤ Mau يا Mao آرين جو پراڻو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چنڊ“. باختر جي هڪ بربر شهزادي Bargare Prince مائس Mauas يا Mayes جي سڪي تي يوناني صورتخطيءَ ۾ به اهو ساڳيو لفظ لکيل نظر اچي ٿو. (Lassen “zur Geschichte” and e p. 99 and other Numismatics)

8- ڪُئنٽس ڪرٽس بنا سوچ فڪر جي ڪليٽارڪوس Kleitaschos جو هيءُ بيان نقل ڪيو آهي، ته هن علائقي ۾ سڪندر اسي هزار سنڌين جو ڪوس ڪيو هو  ۽ ڪيترن کي باندي بڻايو هو. ڪلٽار ڪوس، سڪندر جي جنگي مهم جو جنگي وقايع نگار ۽ حساس ماڻهو هو مان سمجھان ٿو ته هيءُ سندس وڌاءُ آهي.

9-سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي سيوهڻ تائين ميداني علائقي جو لاهه في ميل هڪ فوٽ ۽ اتان کان سمنڊ تائين في ميل ساڍا ست انچ ۽ وهڪري جي اڀرندي پاسي في ميل نَوَ انچ آهي. درياهه جي تري ۾ لاه جو في ميل جي حساب سان پنجن کان اٺن انچن تائين، فرق موجود آهي.

10- ”ڊاس ڊيلٽا ڊيس نيل“ “Das Delta Des Nil” وُن ڊاڪٽر جوه جانڪو Von Dr. John Janko بڊاپيسٽ 1890ع ص 268.

11- ادريسي، ابن حوقل جيترو ويساهه جوڳو ڪونه آهي. سندس بيان آهي، ته ڪمبلي آدمشماري ۽ شاهوڪاريءَ جي لحاظ کان ارمائيل جهڙو آهي. (اليٽ-1-80).

12-جيڪڏهن ديبل ڏانهن اڃا به وڌيڪ سڌو وڃجي ها ته گھاري واري کاري کي پار اڪرڻو پوي ها.

13-زمين جو هڪ سوڙهو پٽو آهي، منهنجي خيال ۾، جتان پٿر ملي سگهي ٿو. مذڪوره پٿريلو علائقو اڳتي وري اچي اسڪئنڊل پئائنٽ Scandal Point وٽ ختم ٿي وڃي ٿو. اهو ماڳ آبزرويٽري آئيلينڊ کان منو ميل کن وٿيرڪو آهي.

14- هيءُ ڏاڍو خطرناڪ علائقو آهي. اتان رات جو سفر ڪرڻ اوکو آهي. درياهي وهڪرن جي مطالعي مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته درياهه پنهنجو رخ پوري ريت بدلائڻ کان اڳ ۾، امڪاني مکيه وهڪري جي طرف ڏانهن ڪجهه وقت اڳ پنهنجي هڪ ڇاڙهه ڇڏيندو آهي. ونجھڙوٽ وٽان ريڻيءَ جو وهڪرو يا 1758ع وارو حيدرآباد جي قلعي وارو وهڪرو يا ان سان گڏ حيدرآباد کان اولهه وارو ننڍو وهڪرو ان جا مثال آهن. درياهه هڪدم مکيه وهڪرو ڪيڏانهن ڪونه موڙيندو آهي.