سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254132   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو هه


پورالي نديءَ ڏانهن پيشقدمي

مٿي بيان ڪيل تقرير ۾ ٿورو اڳتي هلي ڪرنل هالڊڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته يوناني فوج پورالي ندي Arabus، ”ٻيلي کان گھڻو ڏکڻ کان ڪونه اڪري هئي“. ڪرنل هالڊڪ مطابق هنن اهو رستو اختيار ڪيو هو، جنهن جي پهرين منزل پورالي ندي جو ڪنارو هو. پر هن معاملي ۾ منهنجو خيال آهي ته اها ڳالهه هروڀرو صحيح به ڪانه آهي. سڪندر جي فوجي وانڍ آرابيٽاءَ Arabitae جي اوڀارئين دنگ ۽ ملير نئن جي ڪناري سان هئي، جھڙيءَ ريت هن ڪتاب جي صفحي 17 تي آهي ۽ اتان کان پنجن ڏينهن ۾ هڪ سؤ ميل فاصلو طئي ڪري ويا هئا. ڪرنل هالڊڪ چوي ٿو ته انهيءَ مان ڪجهه فاصلو ته تمام ڏکيو به هوندو، پر سارو سفر ته اهنجو ۽ اولو ڪونه هوندو.“ ڪرنل هالڊڪ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته سفر ايڏو ڪو خاص ڏکيو ڪونه هو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته: سڪندر جو سنڌ سان واپسيءَ جو سفر ڪجهه اڻ چٽو آهي، جيڪو هن پوراليءَ نديءَ ڏانهن پنڌ ڪيو، سو به بحث جوڳو ۽ اهم ڪونه آهي. ڌيان رکڻ جوڳي هيءَ حقيقت به آهي ته هن ڪتاب جي ٻئي باب جي موضوع جي ناتي سان مذڪوره پنجن ڏينهن واري سفر کي ٿوري گھڻي اهميت ته ضرور آهي. جيڪڏهن آرابيٽاءِ جي علائقي مان هر ڏينهن جو سراسري سفر ويهه ميل ٿي سگھي ٿو ته هن کان اڳ ”پٽالا“ کان ڪيل نوَن ڏينهن وارو سفر گھڻو گھٽ ڇو ٻڌايو ويو آهي؟ انهيءَ حساب سان پٽالا جو ماڳ منهنجي تجويز کان ستر ميل اتر يا اتر-اوڀر موجود هجڻ گھرجي. تنهنڪري بهتر اهو آهي ته اصول اهڙا ٺاهيا وڃن، جيڪي سڪندر جي پيشقدميءَ کي وڌيڪ پيچيده نه بڻائي ڇڏين. هنن هڪ ڏينهن ۾ ويهن ميلن جي تيز رفتاريءَ سان سفر ڪيو هو يا نه، هن سوال تي غور ڪرڻ وقت ٻه ٽي حقيقتون اسان جي سامهون اچن ٿيون. پهرين ڳالهه اها آهي ته واپسيءَ واري سفر ۾ لشڪر تمام گھڻو هو. ان کي گھٽائڻ لاءِ ڪيئي ترڪيبون ڪيون ويون هيون. ان نقطهء نگاهه کان ڪراٽيرس Craterus کي فوج ڏئي الڳ روانو ڪيو ويو هو. ڪن فوجين کي نيرڪوس جي جنگي ٻيڙي سان گڏي موڪليو ويو هو. لشڪر جو وڏو حصو ملڪي انتظام رکڻ لاءِ پوئتي به رهايو ويو هو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر ٿرل وال Dr. Thirl Wall (هسٽرِي آف گريس) ٻڌائي ٿو، سڪندر سان پنجاهه هزار لشڪر هو. ڊراءِ سين (جنهن جو حوالو لئسن به ڏنو آهي) مطابق اسي هزار هو. ٻي ڳالهه ته اهو سارو لشڪر هڪ ئي ٽولي ۾ پيشقدمي ڪري رهيو هو، جيڪو گھڻن ٽولن ۾ ورهايل ڪونه هو. هن جاءِ تي اسان کي ائرين جو بيان مناسب لڳي ٿو، جيڪو چوي ٿو ته: سڪندر پٽالا مان پورالي ندي Arabius ڏانهن پيشقدمي شروع ڪئي هئي. اسان کي هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته ڪيترن موقعن تي لشڪر کي ٽولن ۾ ورهائي الڳ روانو ڪيو ويو هو. ٽين ڳالهه ته اسان کي نه ائرين نه وري ڪئنٽس ڪرٽس ئي تيز رفتاري بابت ڪو هلڪو به اشارو ڏئي ٿو. تيز رفتاريءَ جو ڪو سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته ان علائقي ۾ سڪندر جي مقابلي واسطي ڪا سخت قسم جي هاڪار سامهون ڪانه هئي. فقط ايتري ڳالهه هئي، جيڪا عام جھنگلي ماڻهوءَ مان اميد ڪئي ويندي آهي. اهي سڀئي ڳالهيون ڌيان ۾ رکي، هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته سڪندر جي تيز رفتاريءَ وارو ڏند ڪٿائي خيال بلڪل غلط آهي. جيڪڏهن سڪندر کي ڪا ڏکيائي منهن ۾ هئي ته ان کي منهن ڏيڻ جا ٻيا به الاهي سارا رستا هئا. ڪرنل هالڊڪ اسان جي سهائتا هن ريت ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته تنهن زماني ۾ پورالي نديءَ جو وهڪرو موجوده وهڪري کان گھڻو اوڀر طرف هوندو. حقيقت به اها آهي ته اوڀر ڏس تي سندس ڪيترائي پراڻا پيٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن باير جي وضع ڪيل قانون Bear’s Law ۾ سچائي آهي ته اهو بلڪل ائين آهي جيئن اسان سمجھون ٿا. ان کانسواءِ ٻي ڳالهه اها به آهي ته اسان کي ائرين ۽ ڪئنٽس ڪرٽس جا ڏنل احوال هڪ وقت پڙهڻ کپن. اچرج جھڙي ڳالهه اها آهي ته ڪئنٽس ڪرٽس اڀرندي آرابيٽاءِ ۽ ائرين الهندي آرابيٽاءَ جو ذڪر ڪري ٿو. ڪئنٽس ڪرٽس جو بيان آهي ته هتان جي رهواسين سوچي ويچاري سڪندر آڏو آڻ مڃي هئي. سڪندر پٽالا کان هن ماڳ تائين پهچڻ ۾ نَوَ ڏينهن ورتا هئا. گهڻو ڪري سڪندر پنهنجي فوجي وانڍ ملير نئن جي ڪناري سان هنئين هوندي. آگسٽ مهيني ۾ هن نئن ۾ تمام گھڻو پاڻي هوندو آهي. ڪراچي ڪئنٽومينٽ کان سندس فوجي وانڍ جو رخ، ست يا اٺ ميل اتر-اوڀر هوندو. ڪئنٽس ڪرٽس جو بيان آهي ته ان ماڳ تان منزل کڻي پنجين ڏينهن ان وهڪري تي پهتو، جنهن کي ڏيهي ماڻهو آرابس Arabius (پورالي) چوندا هئا. سڪندر هڪ بربٽ علائقي مان گذريو هو، جنهن ۾ نالي ماتر به پاڻي ڪونه هو ۽ اتان لنگھي اوريٽاءِ قبيلي جي ملڪ ۾ اچي پهتو هو. هي ظاهر ظهور اهو علائقو آهي، جنهن جو ائرين به ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته سڪندر اتان رات جي وڳڙي ۾ سفر ڪري اوچتو وڃي اوريٽاءِ قبيلي مٿان حملو ڪيو هو. هن مسئلي تي ڪئنٽس ڪرٽس اسان کي وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ٿو ٻڌائي.

يوناني پورالي ندي تي ڪهڙي ماڳ وٽان پهتا هئا؟ تنهنجو پورو پتو ڪونه آهي. ڪرنل هالڊڪ جي ڏنل اشارن ۽ اهڃاڻن، ۽ منهنجن انومانن مطابق، هن نديءَ جو تڏهوڪو وهڪرو سندس موجوده وهڪري کان پنج ميل اوڀر طرف هو. (طبعي حالتن هيٺ جيڪڏهن ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ اوڀر ٿي سگھي ٿو. هن کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪابه خبر ڪانه آهي) هن نديءَ جي ڇوڙ کي مان لياري جي ويڪرائي ڦاڪ کان اتر اوڀر رکندس. سڪندر جو لشڪر پورالي نديءَ جي ٿاڪ تي پهتو هو، منهنجي خيال موجب اهو، لياري کان ڏهه ميل اوڀر اتر ۽ سون مياڻيءَ کان ويهه ميل اتر يا اتر-اتر اوڀر هو ملير نئن تي هنيل وانڍ کان هيءُ ماڳ پنجهٺ ميل پري ٿيندو ۽ هيءَ منزل سراسر ساڍن ٻارهن ميلن جي هئي. هيءَ هڪ سٺي رفتار آهي، توڙي جو مٿي ڏنل رفتار جي انگن اکرن کان گهڻو گھٽ آهي، پر سمجھڻ ائين گهرجي ته رفتار جا مذڪوره انگ اکر وڌائي پيش ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن اهو به کڻي سمجھجي ته تڏوهڪي لشڪر جو انگ جديد لشڪر جي انگ جيترو آهي، ته به رفتار تمام گھڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان کانپوءِ هيءُ سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا واقعي سڪندر انهيءَ ماڳ وٽان ئي اڪريو هو. پر ائرين جي احوال مان پتو پوي ٿو ته سڪندر هي وهڪرو اڳ ماڳ وٽان پار ڪونه ڪيوهو. سندس بيان آهي ته: ”سڪندر پورالي نديءَ ڏانهن پيشقدمي ڪئي ۽ اتان فوج جا مکيه عملدار ساڻ ڪري، کاٻي طرف سمنڊ ڏانهن ڪيئن ۽ ڇو ويو؟ سڪندر هن ماڳ وٽان جيڪو اتر اولهه طرف هو، اولهه-اولهه – ڏکڻ روانو ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته سڪندر جي مرضي اها هئي ته سمنڊ جي ڪناري سان ويجھو سفر ڪندو رهي. انهيءَ لاءِ ته جيئن ڪناري ڀرسان کُوهه کوٽي سامونڊي فوج لاءِ پيئڻ جوڳي پاڻيءَ جو بندوبست به ڪندو هلي. ان کانسواءِ اوريٽاءِ جي رهاڪن تي حملي ڪرڻ جو ارادو هئس. جيڪڏهن هن پورالي ندي پار ڪانه ڪئي، ته هن پهرين منزل ڪناري جي ڪهڙي ٿاڪ وٽ ڪئي هئي؟ هن حقيقت کي آخر ڪهڙيءَ طرح سمجھائجي؟ پيشقدمي جو هڪ اصول هوندو آهي، جنهن تحت سڪندر کي سامونڊي ڪناري سان سفر ڪرڻو نه هو. ڇا هن وقت به وٽس ائين ڪرڻ جو جواز هو؟ سڪندر ان ڪري اهو ڪيو جو اوريٽاءِ واري علائقي ۾ جنگ جو خطرو هو. هن نڪتي تي ڪئنٽس ڪرٽس ماٺ آهي. پر ائرين چوي ٿو ته (هو آريٽاءِ جي ماڻهن جو پهريون ڀيرو ذڪر ڪري ٿو) اهي آزاد ماڻهو پورالي نديءَ جي ڀرسان رهندا هيا. سمجھيائون پئي ته وٽن سڪندر سان سامهون ٿيڻ جي سگھه نه آهي. پر پوءِ به سندن آڻ ڪونه ٿي مڃيائون. جڏهن سڪندر ويجھو پهتو ته برپٽ ڏانهن نڪري هليا ويا. ان ”رڻ پٽ“ مان سندس مقصد اتريون جابلو علائقو سمجھڻ کپي. اسان سولائي سان سمجھي سگھون ٿا ته وچ تي جبل هجڻ جي ڪري اولهه وارو آرابيٽاءِ قبيلو اڌو اڌ ۽ الڳ ٿي ويو هو. ان ڪري پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري نه سگھيا، ته حمله آور جي سامهون ٿجي يا آڻ مڃجي. تنهنڪري هر ڪنهن پنهنجي لاءِ جدا جدا گس اختيار ڪيو هو. اهڙي قسم جي ڀڄڻ کي سڪندر هميشه بغاوت سمجھندو هيو. سڪندر جڏهن پوراليءَ نديءَ وٽ پهتو ۽ سڄي صورتحال جي کيس ڄاڻ پئي ته هو سندن پيڇو ڪندي اتر ڏانهن وڌي ويو. ٽيهن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته جيڪڏهن هو اڃا به اڳتي ويو ته ڪنهن وڏي ڏچي ۾ ڦاسي پوندو. تنهنڪري هو واپس موٽي آيو هو. اوريٽاءِ جي قبيلي وارن ماڻهن کي سامونڊي علائقي جي ڀرسان کوهن کوٽڻ لاءِ مجبور ڪيو هئائين. سندن ٿورو پيڇو ضرور ڪيو هئائين، پر کين سوگھي جھلڻ ۾ سوڀارو ڪونه ٿيو هو. ان ناڪامي کي نظر ۾ رکي، ڪن مؤرخن ان واقعي کي ڪا اهميت ڪانه ڏني آهي، پر ائرين ان واقعي کي بيان ڪيو آهي، تنهنڪري ان ننڍڙي واقعي ۾ به پنهنجي نقطهء نگاهه کان وڏي اهميت آهي.

آرابيٽاءِ جي ذڪر کان هڪدم پوءِ ائرين ندي پار ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ۽ ٻڌائي ٿو ته سڪندر هن وهڪري کي اڪرڻ کانپوءِ اوريٽاءِ تي حملو ڪيو هو. هتي ائرين جو بيان ڪجهه منجھيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان مان سمجھي سگھجي ٿو ته هن پنهنجي ڪتاب جو مواد مختلف ذريعن تان کنيو آهي. انهن مؤرخن کي ملڪي جاگرافي جي ڄاڻ ڪانه هئي، ته ڪٿي مذڪوره جنگي واقعا رونما ٿيا. تاريخي واقعن ۾ سلسلي پيدا ڪرڻ واسطي ڪتاب ۾ موجود غلطين کي جيڪڏهن ٺيڪ ڪبو ته ڪا آٻوڇي ڪانه آهي. صحيح سلسلو هن ريت هجڻ گھرجي: پهريون سڪندر پيشقدمي ڪندو اچي پوراليءَ نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو هو. اتي کيس خبر پئي ته آرابيٽاءِ قبيلي جا ماڻهو سندس اچڻ جو هاواڻو ٻڌي، پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي هليا ويا آهن. هن لشڪر وٺي سندن پيڇو ڪيو. ۽ پورالي ندي جو ڪنارو ڏيئي ٽيهه ميل اتر نڪري ويو. پر کيس انهن جو ڪاٿي به دئو ڪونه پيو. تنهن ڪري ناڪام ٿي واپس موٽيو. بعد ۾ هو ندي پار ڪري، کاٻي طرف سمنڊ ڏانهن روانو ٿيو. هن پورالي ندي جي اولهه پاسي وارو رڻ پٽ Desert رات جي وڳڙي ۾ سفر ڪري پار ڪيو. اهڙي ريت ڪرنل هالڊڪ طرفان ڏيکاريل نديءَ پار ڪرڻ وارو ماڳ، يا پورالي ندي جي اولهه پاسي واري علائقي ۾ جيڪي واقعا رونما ٿيا هيا، انهن کي نظر ۾ رکي سڪندر جي واپس پهچڻ جي احوال کي ڪنهن نقطهء نگاهه کان صحيح سمجھيو ويو آهي. هن معاملي جي ڪري پورالي ندي ڏانهن سفر ڪرڻ وقت هر منزل ۾ وڌيڪ فاصلي ڏيکارڻ ڪري، جيڪو مسئلو پيدا ٿيو، سو ڄڻ ته لوڻ پاڻي ٿي ويو. منهنجو خيال آهي ته سڪندر واري دور ۾ هيءَ ندي موجوده وهڪري کان اوڀر وهندي هئي. اسان کي صحيح معلوم ائين ٿئي ٿو، ته مذڪوره تاريخي واقعا هن ندي جي اولهه پاسي ٿيا هيا. اسان اها حقيقت به سولائي سان سمجهائي سگھنداسين ته رڻ پٽ Desert جنهن جو حوالو مٿي اچي چڪو آهي، سو هن وهڪري جي ساڄي ڪناري سان هو، پر اهو علائقو اڄ ايترو برپٽ ۽ بيابان ڪونه رهيو آهي.