سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254141   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو- د


لسٻيلي مان سفر ۽ غلطيءَ جي تصحيح

هن ڪتاب جي صفحي 44 تي ڏينهن جي سفر جو وچور ڏنو ويو آهي. ان سان گڏ ڪن قديم ماڳن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، تن کي هتي ڪرنل هالڊڪ (Colonel Holdick) جي فراهم ڪيل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ جاچي پرکي ڏسون ٿا. مذڪوره ڪرنل صاحب يونائيٽڊ سروس انسٽيٽيوشن آف انڊيا ۾ ”رٽريٽ فرام انڊيا“ تي گذريل جون ۾ هڪ ليڪچر ڏنو هو، جيڪو ڏاڍو دلچسپ هو. هن مهرباني ڪري پنهنجي ليڪچر جو هڪ نقل مون ڏانهن به موڪليو هو. ڪرنل هالڊڪ، راس مونزي Cape Monge جي اولهه پاسي سامونڊي ڪناري جي اڳتي وڌڻ کي معلوم ڪري ورتو آهي يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هن پورالي نديءَ جي ڇوڙ واري ايراضيءَ کي ايترو سمنڊ ڏانهن وڌيل ڏسون ٿا، جنهن جو اسان کي وهم گمان به ڪونه هو. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته سون مياڻي وارو علائقو سڪندر واري دور کان ويهه ميل اڳتي سمنڊ ڏانهن وڌيل آهي. جيڪڏهن سندس سڃاڻ موجب خيرڪوٽ، وچواري دور جو ڪمبلي Kambli ماڳ آهي، ته مذڪوره وڌيل علائقو ويهن ميلن کان به گھڻو ٿي ويندو. ڏهين صديءَ جي وچ ڌاران ڪمبلي سمنڊ کان فقط ٻه ميل پري هو ۽ خيرڪوٽ ۽ سمنڊ جي وچ تي پنجويهن ميلن جي وٿي آهي. پورالي نديءَ جو سمنڊ ڏانهن اڳتي وڌڻ نيرڪوس جي هاڪارڻ واري احوالن ۾ هن وقت تائين اڻ چٽو رهيو آهي. سامونڊي ڪناري سان هن جيڪا ٻيڙن بيهارڻ جي جاءِ ڳولي لڌي هئي، سا پوراليءَ ندي لٽ وجھي، پوري اتاهين ڪري، سمنڊ واري اها اڳين جُوءِ ختم ڪري ڇڏي آهي. هاڻي اهو ماڳ پوئتي ڌرتي ڳولي لهي سگھجي ٿو. اهڙيءَ ريت قديم دور ۾ سفر دوران جيڪي تڪليفون ٿينديون هيون، تن بابت به هتي يڪ سمجھاڻيون ۽ وضاحتون ڏئي سگھجن ٿيون ۽ ڪمبلي Kambali جو ماڳ اسان کي پوئتي اتر طرف ڳولڻو پوندو، يعني ارمائيل کان ستر ميل بدران پنجاهه ميل پري ڳولڻ کپي. ڪرنل هالڊڪ جي خيال مطابق جيڪڏهن واقعي خيرڪوٽ ئي ڪمبلي آهي ته ارمائيل جي ماڳن کان ان کي فقط چاليهارو ميل کن اتر جاچڻ گھرجي. ٻنهي معاملن ۾ ”ٻن ڏينهن جي سفر“ وارو بيان حقيقت سان ٺهڪي اچي ٿو. جيتريقدر ڪمبليءَ جي سڃاڻپ جو تعلق آهي، ته ڪرنل هالڊڪ ان جي سڃاڻ جا ڪي واضح سبب ڪونه ڏنا آهن. ان مامري ۾ جيڪڏهن ساڻس اختلاف راءِ رکون ته اسان پنهنجي نقطهء نظر مطابق کيس قائل ڪري مڃائي سگھون ٿا. سفرنامي مطابق مون کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪمبلي کي خيرڪوٽ جي ماڳ کان گھڻو اوڀر طرف هجڻ گھرجي، جيڪو خود به لياري کان اتر اولهه طرف آهي، (ڪرنل هالڊڪ اهو ڪونه ٿو ٻڌائي ته ڪيترو پري آهي.) منهنجي خيال مطابق ڪمبلي کي به لياريءَ کان گهڻو اوڀر طرف هجڻ کپي. مان سمجھان ٿو ته مذڪوره ماڳ لياري کان گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ميل ڏکڻ اوڀر ۽ شيخ راڄ Shaykh Raj ڳوٺ کان پنج ميل ڏکڻ ۾ اوڀر طرف آهي. ان حساب سان سرونڍا Sirondha (سونڊا؟) نالي هڪ ترائيءَ تي اچي بيهبو. ڪرنل هالڊڪ اهو به چوي ٿو ته اهو ماڳ ڪنهن زماني ۾ سامونڊي بندر هو. اسان ڪمبلي کي هن طريقي سان ان ڪري ڳوليون ٿا، جو سفرنامي جي لکت آهي ته ڪمبلي ديول کان چئن ڏينهن جي پنڌ تي واقع هو. کيس ان ٿاڪ تي رکڻ سان ديول کان ان جو پنڌ نوي ميل ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت هر منزل جو سراسري پنڌ ٽيويهه ميل وڃي بيهي ٿو. جيڪڏهن اهو منهنجي ٻڌايل ماڳ جي اوسي پاسي هوندو ته پورالي نديءَ جي موجوده وهڪري کان چار يا پنج ميل خشڪ علائقي ۾ هجڻ ڪري کيس ندي جي ڀرسان يا ان جي ڇاڙهه جي ڪناري سان واقع هجڻ گھرجي. ڪرنل هالڊڪ پورالي نديءَ جو هڪ پراڻو پيٽ ڳولي لڌو آهي، جيڪو مذڪوره ندي جي موجوده وهڪري کان چار ميل کن اوڀر تي آهي. مٿي بيان ڪيل منهنجي خيال خلاف هڪ وڏو اعتراض ڄڻ ته پاڻ هُرتو ختم ٿي ويو. هاڻي ڪمبلي جي ڳولا ڪجي، ان جا ڪي اهڃاڻ ڪنهن اوسي پاسي ضرور موجود هوندا. ابن حوقل جو بيان آهي ته هيءُ شهر راڄڌاني ارمائيل جھڙو يا ان کان ٻئي نمبر تي ضرور هو. هو چوي ٿو ته: ”ارمائيل قنبلي مدينتان ڪبيرتان“ يعني ارمائيل ۽ ڪمبلي ٻئي وڏا شهر آهن (11) ارمائيل موجوده ٻيلي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، پر هن ٻئي نمبر وڏي شهر جا ٿرڙ به ڳولي لهي سگھجن ٿا. هن شهر کي سڃاڻڻ لاءِ مان جيڪي سبب، نشان ۽ پتا ڏنا آهن، تن کان وڌيڪ ڪرنل هالڊڪ وٽ موجود هجڻ کپن. جيڪڏهن وٽس اهڙا سبب، نشان ۽ پتا آهن، ته هن شهر کي سڃاڻڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه ٿيندي. مان ان ڳالهه ۾ هن حقيقت جو واڌارو ڪندو هلان، ته ڪمبلي جو شهر عربن جي حملي دوران اٺين صديءَ جي شروع ۾ موجود هو. مان سمجھان ٿو ۽ مون کي پوري پڪ به آهي ته هن شهر بابت بلاذري جو حوالو به موجود آهي، مڪران جوگورنر هارون، محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ آيو هو ۽ پيشقدمي ڪندي رستي ۾ مري ويو ۽ دفن به ڪنبلي ۾ ڪيو ويو ۽ ڪتاب ۾ بقنبل جا لفظ موجود آهن. ايم. ريناڊ M. Reinaud جي مرتب ڪيل فتوح السنڌ جي نسخي ۾ هن لفظ کي ڪو نقطو وغيره ڏنل ڪونه آهي. جيڪڏهن اسان پاڻ هن لفظ جي اکرن کي نقطا ڏينداسين، ته قنبل يا قمبل جو لفظ بڻجي ويندو.

اها ڳالهه پڻ ضروري آهي ته اسان ”منحتار“ Manhtar جي ٻئي به ڪنهن امڪاني ماڳ جي ڳولا ڪريون، جيڪو ڪمبلي ۽ گھاري سان سفر جي ناتي سان سجھائتو ٿي بيهي ٿو. ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن گھارو، سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي علائقي ۾ موجود هو ۽ ديول ڏانهن ويندڙ رستو اتان مٽيندو هو (12) انهي ڪري منزل جو پنڌ ممڪن حد تائين گھٽائي سگھبو هو. انهيءَ مقصد سان جيڪڏهن اسان لياري يا ڪراچي کي منحتار سمجھڻ بدران، اهو سوچيون ته ”منحتار“، ڪراچيءَ کان ويهه ميل اتر اوڀر وسندڙ هڪ ماڳ هو ته غلط ڪونه ٿيندو. ان حساب سان اهو قديم رستو ڪراچيءَ کان ٽيهه ميل اتر حب ندي پار اڪري، اولهه هلندو ۽ سون مياڻيءَ ڏانهن ويندڙ موجوده رستي کان پندرهن يا ويهه ميل اتر کان لنگھندو هو. اهڙيءَ ريت صفحي 66 تي ڏنل انگن اکرن کي هن ريت صحيح ڪري سگھجي ٿو:

ارمائيل کان ڪنبلي ٻن ڏينهن جو سفر              ميل 46

ڪنبلي کان منحتار ٻن ڏينهن جو سفر              ميل 48

منحتار کان ديول ٻن ڏينهن جو سفر                       ميل 45

امڪان اهو آهي ته ڪمبليءَ کان اوڀر طرف هڪ منزل ۾ ٽيهه يا ٻٽيهه ميل سفر ڪيو ويندو هو. ان جو سبب اهو هوندو هو، جو اهو علائقو خشڪ هو ۽ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ هوندي هئي، تنهنڪري منحتار واريون منزلون ننڍيون هونديون هيون.