سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254134   ڀيرا پڙهيو ويو

باب چوٿون ڇوڙ وارو علائقو قديم مشرقي مؤرخن جي حوالن جي روشنيءَ ۾


اسان وقت جي ڌارا سان هيٺ لهوارا لُڙهندا اچي ڇهينءَ ۽ ستينءَ صديءَ ۾ پهچون ٿا ۽ مشرق جي مصنفن جي واتان سنڌو ماٿريءَ بابت ٻه چار ٻول ٻڌڻ شروع ڪيون ٿا. هن دور کان وٺي، سنڌوءَ جي ڪنارن سان موجود هڪ وسيع علائقي کي جيڪو ڪنهن دور ۾ وڌندو ۽ ڪنهن دور ۾ گھٽبو رهي ٿو، سنڌ جي نالي سڏبو ٻڌون ٿا. هيءُ ملڪ ان درياهه جي نالي سان لاڳاپيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي آريا سنڌوءَ جي نالي سڏيندا هئا.

سنڌ بابت جيڪو پهريون ڪتاب اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو چين ولايت جي ٻڌڀڪشو شين سئنگ Huen Tasng جو لِکيل آهي. سندس ڪتاب جو نالو سي-يو- ڪي آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ”مغربي دنيا جو تاريخي دستاويز“ Record of Western World ايم- اسٽانسلاس جولين M.Stanislas Julein ان ڪتاب جو ترجمو ڪري ان کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو. تازو سرڳواسي پروفيسر Beal (48) به ان جو ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جي لکڻهار سنه - 629-645 دوران هندستان جو سفر ڪيو، تَنهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي. پنهنجي سفر جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هو سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي ۾ به اچي نڪتو هو. هن جي دور تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وارن جو چوڻ آهي ته هو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان لنگھيو هو. پهريائين منهنجو خيال به اهڙو ئي هو، پر جڏهن پروفيسر بيل Beal جي ترجمي وسيلي سي. يو. ڪي جو مطالعو ڪيم ته پنهنجا خيال بدلائڻا پيا.

سي. يو. ڪي ۾ سنڌ بابت جيڪي حوالا موجود آهن، سي سنڌ جي معلومات جي ڏس ۾ نراس ڪن ٿا. حقيقت ۾ شين سئنگ Huen Tasng جي سنڌ اها آهي، جيڪا تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ موجود ئي ڪانه آهي. هن ملڪ بابت سندس بيان ڪيل حقيقتون سندس همعصر تاريخ (تاريخ هندو سنڌ) ۾ بيان ٿيل حقيقتن سان سهمت ڪو نه آهي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو. هي لکڻهار راڄڌاني کي سنڌوءَ جي الهندي ڪناري لکي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته اها سنڌوءَ جي اڀرندي ڪٺار سان ئي هن نگر جا ٿَرڙَ ۽ سنڌوءَ جو ڊگھو سڪل پيٽ، هن سچائيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گھڻا آهن. هيءُ لکڻهار هن شهر کي پي. شين. پو. پُو. لو Pi-shen-po-pu-lo سڏي ٿو، چين جا عالم هن کي وچاوا پُر Vivhava Pur يا وَسماپور Vasma pur يا بالما پور Balmapur سڏين ٿا جڏهن ته جنرل ڪننگهام وري چين جي اچارن کي نظر انداز ڪري آڀي جانواپور Abhi janwa pur (49) سمجھي ٿو. سنڌ ۾ اهي نالا اوپرا ۽ اڻ ڀُنيا آهن. ڪنهن به تاريخ ۾ اهڙا نالا موجود ئي ڪونه آهن. سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته رڳو اسان کي منجھائڻ لاءِ اهو ماڻڊاڻ مچايو ويو آهي. اهو مامرو ته رهندو به منجھي پوي ٿو، جڏهن شين سئنگ اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي راڄڌاني کان ملتان فقط ”نوسو، لي Liorso“ يعني هڪ سو پنجاهه ميل پري ۽ ان کان اڀرندي طرف آهي، پر حقيقت ۾ اهو ٻه سو پنجاهه ميل پري ۽ سندس اتر آهي. سڀني کان وڌيڪ سندس غلط بيان هيءُ به آهي ته سنڌ جو راجا سودر (سؤ- تو- لو- Shu-to-lo) آهي، پر اسان کي مٿي بيان ڪيل تاريخ وسيلي پتو پوي ٿو ته ان زماني (641ع ڌاران) برهمڻ راجا سنڌ تي حڪمراني ڪري رهيو هو. جڏهن هو ٻڌ ڀڪشو سيلاني، سنڌ جو سفر ڪري رهيو هو، ته هن ڳالهه جا به ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا، ته سندس دور ۾ سنڌ ڪيترو وسيع هئي. هو لکي ٿو ته: ”هتي لوڻ تمام گھڻو آهي. هڪڙو لوڻ ته شنگرف جھڙو ڳاڙهو، ڪو اڇو، ته ڪو وري ڪارو آهي ۽ ڪو وري جابلو لُوڻ به آهي (سي-يو-ڪي- 272 II). هن بيان مان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي ته ”شين سئنگ“ جي دور واري سنڌ ۾ Salt Range نمڪ سر يا ڪوه جد وارا علائقا به شامل هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي هيٺئين علائقي ۾ ڪٿي به لوڻ وارو جبل موجود ڪونه آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌ جو اتريون دنگ انهن حدن تائين به وڃي پهچندو هو. جنهن زماني ۾ هي ٻُڌ سيلاني هندستان جو سير سفر ڪري رهيو هو، تنهن زماني ۾ برهمڻ گھراڻي جي حڪمران چچ، باغين هٿان ملتان فتح ڪري ٻيهر سنڌ سان ملائي ڇڏيو هو. ان دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ الور هو. هي ”تاريخ هندو سنڌ“ جو بيان آهي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي، پي-شين-پُولو کي ديره جات واري علائقي ۾ ڳولڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ سو پنجاهه ميل ملتان کان اولهه طرف سفر ڪبو، ته سليمان جبل کان اولهه طرف هليو وڃبو. شين سئنگ جيئن ٻين جاين تي غلطي ڪئي آهي، تيئن هتي به سندس غلطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. دراصل کيس ”اوڀر“ بدران ڏکڻ لکڻ کپندو هو (50).

اهو سوال ته شين سئنگ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي ياترا ڪئي، سو به اسان کي منجھيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنهن ماڳ کي هو او-ٽين-پو-چي-لو O-tin-Po-Chi-lo سڏي ٿو، تنهن کي پروفيسر بيل آتينا باڪيلا Atyanabakela سڏي ٿو، پر ان جو وڌيڪ تفصيل وغيره ڪونه ٿو ڏئي. شهر جو اهڙو نالو ڪنهن به اڳي ٻڌو سڻيو ڪونه آهي. پروفيسر نراس ٿي ڳالهه کي ان ڪري اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو هن، اهڙن شهرن کي سڃاڻڻ جا جتن اڳي به ڪيا هئا، پر سوڀارو ڪونه ٿيو هو، شين سئنگ مالوا کان ٿيندو ڪي- چا Kie-cha ملڪ پهتو، جيڪو اتان کان ٽي سو لي يا پنجاهه ميل پري هو. پروفيسر بيل هن کي ڪڇ ملڪ سمجھي ٿو. توڙي جو کيدا Kheda کي ڪي- چا جي برابر ڄاڻي ٿو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”کيدا“ هڪ شهر جو نالو آهي (انگريز جيڪي ”د“ جو اچار تارونءَ مان ڪڍي نه سگھندا، سي هن شهر کي ڪئرا Kaira سڏيندا آهن)، پر ڪي چا ملڪ جي نالي سان واسطو رکي ٿو. ان ڪارڻ ٿورو پري ڪڇ ملڪ کي ڪي چا سمجھي ٿو. سندس اهو ئي مخصوص نقطهء نظر آهي. مان پوري ويساهه سان چئي سگھان ٿو ته هو پنهنجي هن ويچار ۾ بلڪل غلط آهي. حقيقت اها آهي ته کيدا، گجرات جي هڪ قديم صوبي جو نالو هوندو هو. ان علائقي جي مکيه شهر جو نالو به کيدا هوندو هو. ان علائقي جي اوڀارين سرحد مالوا کان پنجاهه ميل پري هجي ته ڪئت ڪونهي ڪو ”(کيدا هاڻي انگريز سرڪار جو هڪ ضلعو آهي. سندس پکيڙ ايتري وسيع ڪانه آهي). مالوا جي اولاهين سرحد کان ڪڇ جو ملڪ گھٽ ۾ گھٽ ٻارهن سو لي Li ٿيندو. پروفيسر بيل جو هن حقيقت ڏانهن شايد خيال ڪونه ويو آهي. جيڪڏهن سندس خيال ان طرف وڃي ها، ته حقيقت بيان ڪرڻ مهل ضرور هٻڪي ها. کيس ڏيهي ڄاڻ به گھٽ هئي. نه ته هن حقيقت کي ضرور سمجھي ها، ته ماڳن سڃاڻڻ بابت سندس بيان سچائيءَ جي ابتڙ آهن. شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته ”ڪي- چا ۾ ماڻهن جو انگ جھجھو آهي. هو سکيا ستابا ۽ رِيان کيان آهن، هيءُ مالوا جو ڏن ڀرو آهي. ٻنهي ملڪن جي آبهوا، ۽ پيداوار ساڳي آهي. ”مالوا لاءِ ٻڌائي ٿو ته، ”هتان جي زمين ڏاڍي ڀلي آهي ۽ پوکون سٺيون ٿينديون آهن. تنهن زماني ۾ ڪي- چا ۾ ماڻهن جو جھجھو انگ آباد هوندو هو. زمينون سٺيون ۽ پوکون ڀليون لهنديون هيون. هاڻي به کيدا واري علائقي ۾ ماڻهو جام ۽ ٻنيون سٺيون آهن. تنهن ڪري فصل ڀلا ٿيندا آهن، پر ڪنهن به دور ۾ ڪڇ لاءِ اها ڳالهه چوڻ کلڻ جھڙي ٿيندي . حقيقت اها آهي ته شين سئنگ ان علائقي جو بيان ته ڪڇ کان ماڳهين مختلف ڪيو آهي ۽ اهي حقيقتون ته اڃا سوڌو قائم آهن جيڪي اکين سان ڏسي سگھجن ٿيون. هيءَ ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته سنڌ جي راڄڌاني جي نالي جيان، او-ٽين-پو- چي- لو ماڳ بابت به ڪجهه ٻڌائي ڪونه ٿو سگھجي، جنهن جي معنيٰ ڪڇ آهي. چوي ٿو ته ”مکيه شهر کي ٽسي- شي- فا- لو Khie-tsi-shi-fa-lo آهي، جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ڪوٽشوارا Kotishwara آهي، جنهن کي گھڻي وقت کان وٺي ڪوٽشوا Kotish war ۽ ڪوٽيسر (51) Kote Sar سڏيو وڃي ٿو“ اهو سنڌوءَ جي ڪٺار ۽ سمنڊ جي ڪناري سان آباد آهي. سانگي سان هن ڳالهه جو به واڌارو ڪندو هلان ته منجھس اڃا مهيشور Maheshvar جو مندر قائم آهي ۽ پاشوپتا Pashupata فرقي وارا ائين ساڳيءَ ريت اتي پوڄا پاٺ ڪندا آهن، جيئن چين جي هن سيلانيءَ ڀڪشو جي زماني ۾ ڪندا هئا. وري چوي ٿو ته: ”اتي ڪو به حڪمران وغيره ڪونه آهي. سنڌ جي راجا جي ماتحت آهن. زمين هيٺانهين ۽ سم سيڪ واري آهي. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي لوڻ جا تهه ڄميل ڏسڻ ۾ پيا ايندا. چوڏس جھنگلي ٻوٽن جي اوڀڙ پئي پسبي ۽ زمين گھڻي ڪري برپٽ ۽ غيرآباد آهي (سي يو ڪي 276 II). هيءَ اسان کي پڌري پٽ ڪڇ جو بيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شين سئنگ ملڪ جو نالو اڻ لکو ڏنو آهي، پر اسان سمجھون ٿا ته اهو ڪڇ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ڌرتي جو مٿاڇرو هيٺانهون، سم ۽ سيڪ وارو ٻڌايو وڃي ٿو. اچرج جھڙي ڳالهه اها آهي ته پروفيسر بيل جھڙي ماڻهوءَ سڃاڻپ جي اهڙي بيان کي ڌيان ۾ ڪونه رکيو آهي.

شين سئنگ اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته ”او ٽين- پو- شي - لو جي ملڪ کي ڇڏي، ست سو يا ڪجهه وڌيڪ لي پنڌ تي اتر طرف پي- ٽو- شي- لو Pi-to-shi-lo جي ملڪ ۾ پهچبو. پروفيسر بيل هن کي پٽاشيلا جو ملڪ چوي ٿو. جنرل ڪننگھام جو خيال آهي ته اهو پٽالا آهي، جنهن کي هو حيدرآباد سمجھي ٿو. ڪوٽيسر کان حيدرآباد جو فاصلو ست سو لي يا هڪ سو سترهن ميل ٿئي ٿو. ڪوٽيسر کان مٿان نُڪتو ويچارڻ لائق آهي ته اهو ماڳ جنهن کي هو پي- ٽو- شي- لو سڏي ٿو، سو حيدرآباد کان گھڻو اوڀر ڏس تي اڏيل هو. هن ٻڌ ياتريءَ جي عادت رهي آهي، ته جڏهن به هن ڪو وڏو درياهه اڪريو آهي، ته ان جو ذڪر ضرور ڪيو اٿائين. اهڙيءَ ريت جڏهن هو گنگا ۽ نربدا پار ڪري ٿو، ته ان جو به بيان ڪري ٿو. جڏهن سنڌ اڪري ٿو ۽ وري ان کي موٽي پار ڪري ٿو ته اهڙو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ضرور قلمبند ڪري ٿو. سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان کي الوداع چوڻ، به لکڻ کان ڪونه ٿو وساري، اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته جيڪڏهن هو سنڌو اڪري پي-ٽو-شي- لو پهچي ها، ته اهڙو بيان ڪتاب ۾ ضرور لکي ها ۽ سنڌوءَ کي پار ڪرڻ کانسواءِ حيدرآباد جي ماڳن تائين پهچي ڪونه سگھي ها. ان کان علاوه کيس ڪوري کاري ۽ درياهه جو مکيه وهڪرو پڻ پار ڪرڻو پوي ها، جنهن ۾ کيس ڪيترا ڪلاڪ لڳي وڃن ها (52). پر اهڙيءَ حقيقت بابت ڪو بيان ڪونه ٿو ملي ته هو پي- ٽو- شي- لو ڏانهن ويندي سنڌو اڪريو هو. ان ڪري انومان اهو آهي ته مذڪوره ماڳ ائين ساڳئي طرف هو، جيئن او-ٽين- پو- چي-لو هو. يعني ٻئي سنڌوءَ جي اوڀارئين طرف هئا. سوال اهو آهي ته ان ماڳ کي ڪٿي هجڻ کپي؟ فاصلو به ست سو لي ٻڌايو وڃي ٿو. پر هي ٻڌ ياتري پنهنجي ٿڪل ۽ پريشان طبيعت مطابق هميشه جيان هتي به چٽيءَ ريت اهو ڪونه ٿو ٻڌائي ته هن پنهنجي سفر جي شروعات ڪٿان ڪئي؟ تنهن ڪري پي- ٽو- شي- لو (53) جي ماڳن کي لهڻ واسطي ڪٿي ڪٿي جاکوڙڻ کپي، تنهن جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جيتريقدر شين سئنگ جي ٻڌايل فاصلي جو تعلق آهي، ته هو اسان کي فاصلي جو ماپو ٿُلهي ليکي ٻڌائي ٿو ۽ سون ۽ هزارن لي کان ته هيٺ لهيئي ڪونه ٿو. اهو سمجھڻ نه گھرجي ته هو اسان کي ڪنهن وڏي فاصلي جا انگ اکر ٻڌائڻ ٿو گھري، جنهنجو عام ماپو ٽي سو گَزَ هو ۽ اهو ان وقت جي معيار مطابق هو. ان سان گڏ قديم زماني ۾ پنڌ جو ماپو هڪ ڏينهن جي طئي ڪيل فاصلي مطابق ڪٿيو ويندو هو، جيڪو چينين مطابق هڪ سو لِي يا انگريزي سورنهن ميلن جي (54) برابر هو. ان نقطهء نظر مطابق اسان کي هيءُ ستن ڏينهن جو پنڌ سمجھڻ گھرجي شين سئنگ به پنهنجي سفر ۾ طئي ڪيل فاصلي کي انهيءَ مفهوم ۾ لکيو آهي. اهو مفهوم ٻين تائين پهچائڻ واسطي ڪو اڻ چٽو ڪونه آهي، جنهن کي واضح ڪري سمجھائي. ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي جو ڪنهن سفر ۾ ڏينهن جو سراسري پنڌ وڌي ويندو آهي، بعضي ٻيڻو به ٿي ويندو آهي. اهڙي قسم جو سفر خاص طور تي اهڙن علائقن وچان ڪيو ويندو آهي، جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي آهي ڪٿي ترسڻ کان سواءِ لڳاتار سفر جاري رکيو ويندو آهي. پر پوءِ به فاصلي ڪٿڻ وقت ويسر کان يا روايتي طور عام ڏينهن وارو سفر ڌيان ۾ آڻي لکيو ويندو آهي. خاص طور تي هن سفر ۾ به ائين ئي ٿيو آهي. هيءُ ٻڌ ياتري جيڏانهن به ويو آهي. ته ڪنهن نه ڪنهن ويران علائقي مان سندس گذر ٿيو آهي. پي- ٽي- شو- لو سان هڪ جھڙائي رکندڙ شهر پٽاشيلا ٿي ڪونه ٿو سگھي. چيني ٻوليءَ جو اهو اچار بيداسر Bedasir ۽ پٽاسر Pitasir (55) سان ميل کائي ٿو. سِر يا سَر جي پڇاڙين وارا نالا مارواڙ، عمرڪوٽ ۽ ڪڇ جي رڻ جي وچ تي سنڌ جي ”ڍَٽ“ واري علائقي ۾ به گھڻا آهن، جتان جا رهاڪو مارواڙ سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ سياسي طور گھڻو وقت به هن صوبي سان واڳيل رهيا آهن. ان شهر جي ٿاڪن ۽ ٿاڻن کي هن علائقي ۾ ووڙڻ گھرجي، جنهن کي چين جي ٻڌ ياتري پي- ٽو-شي- لو سڏيو آهي. منهنجو اشارو نگرپارڪر واري علائقي ڏانهن آهي، جيڪو هڪ تاريخي قديم ماڳ آهي ۽ جنهن جي ڳولا لاءِ اسان هيڏانهن هوڏانهن جاکوڙي رهيا آهيون (56) ٿي سگھي ٿو ته اهو عمرڪوٽ واري ايراضي ۾ هجي، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ امرڪوٽ به سڏيو ويندو هو. اهو به امڪان آهي ته اها جوءِ ان کان اولهه ڀرو ميرپور خاص واري پرڳڻي ۾ هجي يا وري ان کان به ٿورو ڏکڻ آهل، اوڀر سنڌ جو هيءُ پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو ان زماني ۾ وڌيڪ آباد هوندو هو ۽ منجھس انساني آبادي به ڳتيل هوندي ۽ پي- ٽو- شي- لو واري جُوءِ، جنهن جي اهڙي وصف بيان ڪئي وڃي ٿي، سو ڍٽ واري علائقي کان وڌيڪ آباد هو. شين سئنگ پي- ٽو-شي- لو کان ٽي سو لي پنڌ ڪري او-فان چا O-fan-cha پهتو، جيڪو اتان اتر- اوڀر ڏس تي هو. هن چيني اچار جي شهر جي نالي برابر آواند شهر Awanda ٻڌايو وڃي ٿو. پر ان سان گڏ شڪ جو اظهار به ڪيو وڃي ٿو. مان سمجھان ٿو ته هن شهر بابت ڪوبه پتو پرو پئجي ڪونه سگھيو آهي. ٿي سگھي ٿو ته اهو شهر خيرپور جي حدن ۾ هجي. جنرل ڪننگھام او-فان-چا کي برهمڻ آباد سمجھي ٿي، توڙي جو اوفانچا کي ڪنهن علائقي جي راڄڌاني ڪري به ڪونه لکيو ويو آهي. سندس ڏنل اهڙين ثابتين کي مان اڻپورو سمجھان ٿو. مون کي هن ڳالهه جو پورو يقين آهي ته مٿي بيان ڪيل ٻين ٻن علائقن جيان هي علائقو به سنڌ جي ماتحت هو. انهن ٽنهين مان هر هڪ علائقي کي چيو وڃي ٿو ته ڪنهن جو به حڪمران، راجا ڪونه هو. پر ٽئي سنڌ جا ڏن ڀرو هئا. هيءَ حقيقت ڪڇ سان ته ٺهڪي اچي ٿي. هن ٻڌ ياتري کان ستر سال پوءِ اتفاقي طور تي اسان کي عربن جي فتح سان لاڳاپيل هڪ ڪتاب، ”تاريخ هندو سنڌ“ وسيلي اهڙي معلومات ملي وڃي ٿي، ته مذڪوره دور ۾ ڪڇ سنڌ سان شامل هو. هتي اسان ٻڌياتري کي آسرو نام جو چئي، ڌار ٿيون ٿا. امڪان اهو آهي ته ان دور ۾ سنڌ جو سياسي وايو منڊل ڪجهه وڳوڙي هو. اڳئين گھراڻي جي سياسي سگهه پڄاڻي تي پهتي هئي. هڪ هاڻُو ۽ ڊوهو راجا سنڌ جي سياست جو واڳ ڌڻي ٿيو هو. اهڙيون وارتائون تاريخن ۾ به موجود آهن. سنڌوءَ جي ڪٺار سان لاڳو علائقي جو پاسو ڏئي سنڌ جي اهم ۽ وڏي شهر برهمڻ آباد کان، هو ٻڌ ياتري سياري جي سج جيان لڙي لنگھي هليو ويو هو، (6) جيڪو درياهه جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. اهو سمجھڻ ته هو موجوده حيدرآباد جي اوسي پاسي واري علائقي مان به گذريو هو، تنهن ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونه آهي. هيءَ سوچ ويچار کان ئي ٻاهر ڳالهه آهي، ته هو نيرون جھڙي غير اهم ۽ معمولي قلعي کي ڏسڻ واسطي ڪوهن تان ڪَهي اوڏانهن ويو هوندو، جيڪو تنهن زماني ۾ ان ماڳن وٽ هو، جتي اڳين صديءَ ۾ حيدرآباد جو قلعو جوڙايو ويو آهي. جيڪڏهن اسان پاڳي ٿي پيرو کڻي سندس پيچرن جو پتو لڳايون ۽ سنڌوءَ سان آباد ملڪن سان سندس گسن کي ووڙي ڏسون، ته هوند ان دور جي معلومات جا اَملهه موتي ملي پون. پر سندس اجاين ڳالهين، پنڌن پيچرن جي غلط بيانن ۽ ٿاڪن ٿاڻن جي غلط نالن اهڙين ڳالهين کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

اسان هاڻي ڪجهه پوئين دور ڏانهن اچون ٿا. هن دور ۾ ڄاڻ چِٽي ۽ ڪجهه وستار سان ملي ٿي ۽ ان ڄاڻ جا ذريعا قديم مسلمان مؤرخ آهن.

تاريخ هندو سنڌ، هتان جو ڏيهي، دلچسپ ۽ عجيب غريب ڪتاب آهي. چچ نامون به سنڌ ۾ عربن جي شروعاتي حملن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو، جن ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري هن ملڪ تي پنهنجي حملن جي شروعات ڪئي هئي. اٺين صديءَ جي شروعات ۾ هنن حملا ڪري ملتان کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين سڄيءَ سنڌ تي سرسي ڪري ورتي هئي. تيرهين صدي عيسوي جي اڳياڙيءَ ۾ هن ڪتاب جو فارسي زبان ۾ ترجمو محمد بن علي ڪيو، جيڪو عراق جي ڪوفي شهر جو ويٺل هو ۽ اتان هجرت ڪري اچي اچ ۾ ويٺو هو. اصلي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو. هي ڪتاب سنڌ جي فتح کان جلد ئي پوءِ ان ماڻهو لکيو هو، جيڪو پاڻ سنڌ خلاف هن ڊگهي جنگ ۾ شريڪ هو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو انهن هندو راجائن جي احوالن تي مشتمل آهي، جيڪي مسلمانن جي حملن کان گھڻو اڳي سنڌ جا حڪمران هئا. ٻئي نموني سان ائين کڻي چئجي ته اسلام جي شروعات کان وٺي پوئتي ويندي ڇهين صديءَ جي پوئين اڌ تائين ڪن تاريخي حقيقتن تي روشني وجھي ٿو. ڪتاب جي هن حصي بابت پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته منجھس اهي روايتون به لکيل آهن، جيڪي هتان جي ڏيهي ماڻهن عربن کي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ٻڌايون هيون. ان ڪري اهڙين اجاين ڳالهين به اهميت حاصل ڪري ورتي. هنن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن کي بي سود ڳالهين لکڻ جي ڄڻ ته هڪ قسم جي عادت هئي، ڇو ته سندن اهي سڀ ڳالهيون سچيون نه آهن. اسلام کان اڳي سنڌ ۽ عربن جي تعلقات ۽ سنڌ تي عربن جي حملي کي نهايت سادگيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. سندن اوڻاين ۽ فتحن کي به ساڳئي طريقي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. فارسي ترجمي جو اسلوب ائين آهي جيئن سر ايڇ اليٽ Sir H. Elliot بيان ڪيو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان دل تي ڄڻ ڪو خاص اثر پيدا ڪونه ٿو ٿئي. ان ڪتاب جي نقل جا ٻه نسخا منهنجي نظر مان گذريا آهن. ڪن جاين تي اتارو غلط ڪيو ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو پڙهندڙ منجھي پوي ٿو. ڪن جاين تي ٽڪرن جا ٽڪرا پڙهڻ جوڳائي نه آهن. تضاد ۽ ٽڪرائن ڪري ڪتاب جي ستياناس ٿي وئي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته لکڻهار جيڪي ذريعا ڪتب آندا آهن، سي ساڻس سهمت نه آهن. انهن سڀني اوڻاين هوندي به چچ نامو، هڪ قديم تاريخ جي ترجمي جي نقطهء نگاهه کان هڪ نهايت قيمتي ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ (58) تي عربن جي حملي کان ترت پوءِ هڪ عرب لکڻهار لکي پورو ڪيو هو. اسلام جي هن شاندار فتحن بابت ٻيو به هڪ تفصيلي ڪتاب فتوح البلدان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ملڪن جي فتحن بابت لکيل ڪتاب، هن ڪتاب جي لکڻهار جو نالو احمد پٽ يحيٰ آهي ۽ البُلاذري جي نالي سان مشهور آهي. هن پنهنجو ڪتاب نائين صدي عيسوي جي ٻئي اڌ ۾ لکيو. مذڪوره ڪتاب ۾ ”فتح سنڌ“ جي عنوان سان هڪ باب آهي. اهو باب عرب فوج جي مختلف مهندارن جي ڪمان هيٺ سنڌ تي ڪيل حملن جي احوالن تي مشتمل آهي. انهن سنڌ تي آخري هلان ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي اولاهينءَ سرحد تي ڪيترا ڀيرا حملا ڪيا هئا. (7) سنڌ جي فتح کانپوءِ مختلف خليفن جي وقت ۾ مقرر ڪيل اميرن جي ايامڪاري ۾ البلاذريءَ جي دور تائين جيڪي به واقعا ٿيا، سي چڱيءَ پر هن باب ۾ درج ڪيل آهن. فتح سنڌ وارو باب تاريخي واقعن ۾ گهڻي ڀاڱي چچ نامي سان سهمت آهي، پر چچ نامي جيان گھڻي وستار ۾ ڪونه ٿو وڃي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن جو نثر ڏاڍو سولو ۽ لکڻي ڏاڍي سچائي واري، واقعن جي بيان جي هڪجھڙائي، ائين پيو ڀائنبو ته ڄڻ ٻنهي جو ذريعو ساڳيو آهي. ٻنهي هڪ يا ٻن جاين تي هڪ ئي ذريعي جا حوالا نقل ڪيا آهن. جيڪڏهن ٻنهي کي وڏيءَ سوچ سان پڙهبو، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ٻئي پنهنجي پنهنجي الڳ نموني سان لکيل آهن. ٻنهي ۾ واقعن جي هڪجھڙائي، تاريخي سچائي سان سندن هڪجھڙي واسطي ڪري پيدا ٿي آهي. چچ نامي جي حوالن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ڇوڙ واري علائقي جي بندر جو نالو ديبل هو. عربن هن سنڌي لفظ کي پنهنجي اچار ۾ ديول ڪري لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ڪو مندر. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره بندر ديبل ۾ هڪ مندر هو، جنهن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪيو ويندو هو. اهو ڪهڙن ٿاڪن ٿاڻن تي هو؟ تنهن جو اڄ اسان کي ٻڌائن ٿا ته اهو ڇوڙ واري علائقي جي اولهه پاسي هو. آر. ايڇ. اليٽ هن بندر کي ڪراچيءَ ڀرسان سمجھي ٿو ۽ وڌيڪ چوي ٿو ته مندر منهوڙي (59) واري ٻيٽ تي هو. سڀاويڪ ڳالهه اِها هوندي آهي ته هر عبادت خانو اهڙي ٿاڪ تي ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو پهچڻ ۾ سولو هجي. ان ڪري پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته مذڪوره مندر ان ٻيٽ تي ڪونه ٺاهيو ويو هوندو. ڳالهه جو ٻيو گُر اهو به آهي، ته اهو ٻيٽ مٺي پاڻي کان پورا پنج ميل پري هو. ٻي غلطي هيءَ به ڪري ٿو جو پنهنجي هن ويچار کي ٽيڪي ۽ هٿي ڏيڻ واسطي ديبل جي بندر کي به آڻي اوڏو بيهاري ٿو. هو لکي ٿو: ”البُلاذري ديبل جي اپسمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي.“ جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته اها هڪ چِٽي ويجھي ڇڪ ۾ رڳو اهو اڪيلو اپسمنڊ ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان ويجھي ڇڪ ۾ رڳو اهو اڪيلو اپسمنڊ آهي. مان اوهان جو ڌيان هن حقيقت ڏانهن ڇڪائيندس، ته بلاذُري ائين ڪو نه لکيو آهي، پر سندس ترجمي ڪندڙ هڪ فرينچ مسٽر رينانڊ Mr. Reinand اهڙي اپسمنڊ Bay جو ذڪر ڪيو آهي. بلاذُري ”خورالديبل“ Khawrul Daybal جا لفظ ڪتب آندا آهن، جنهن کي ديبل جي کاري Creek يا Estuary چئي سگھجي ٿو، جنهن جو مسٽر رينانڊ La Baie de Daybal ترجمو Bay ڪيو آهي (60) بلاذري جي بيان مطابق ديبل سنڌوءَ جي هڪ ڦاٽ جي ڪنڌيءَ سان وسندڙ هو. هو اسان کي هن کان وڌيڪ ٻي ڪا اهڙي ڄاڻ ڪونه ٿو ڏئي، جنهن مان اسان ان جي صحيح ماڳ جو انومان ڪري سگھون. ڏهين صديءَ جا عرب جاگرافيدان پنهنجي بيانن ۾ منجھيل آهن ۽ ان جي اصلي جاءِ وقوع بابت چٽيءَ ريت ڪونه ٿا ٻڌائي سگھن. ابن حوقل جي اشڪال البلاد ۾ سنڌ جو نقشو ڏنو ويو آهي. انهن ٻنهي تصنيفن ۾ ديبل کي سنڌوءَ جي الهندي ڪناري ڏيکاريو ويو آهي. اهو سندس مکيه وهڪرو سمجھڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ان جا ڦاٽ وغيره ڪونه ڏيکاريا ويا آهن. ساڳئي وقت اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره بندر سمنڊ جي ڪناري سان به آهي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته بندر کي سمنڊ جي ايترو ويجھو ڏيکاريو ويو آهي، جو سامونڊي طوفان جي پهرئين سٽڪي سان ناس ٿي سگھي ٿو. ٻي ڳالهه ته زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ضروري شيون ۽ پاڻي وغيره هتي پري پنڌ تان آندو ويندو هوندو. جيڪڏهن اهو بندر ڇوڙ واري کُليل سامونڊي ڪناري سان آباد هجي ها، ته ناممڪن ڳالهه ڪانه هئي. ڇوڙ سان لاڳاپيل سڀئي بندر سمنڊ کان سورهن کان ٽيهن ميلن تائين وٿيرڪا ۽ درياهه جي ڪٺار سان اڏيل هوندا آهن. ڪيٽي بندر انگريزن جي دور سان واسطو رکي ٿو، سو به سمنڊ کان ڏهه ٻارهن ميل کن پري آباد آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ڏکڻ اولهه واري چوماسي دوران ٻه ٽي ڀيرا ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي. ديبل ڇوڙ واري علائقي جو ڪو گمنام رواجي بندر ڪونه هوندو. منجھس ڪيتريون پڪيون جڳيون ۽ ڪچا گھر هوندا ۽ ائين ڪونه هوندو جو جهازن جي مال چاڙهڻ ۽ لاهڻ وقت ماڻهو اچي لڏا لاهي وهندا هوندا. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته جڏهن عربن هيءُ شهر فتح ڪيو ته اهو وڏو شهر هو ۽ سندس چوڌاري هڪ سگھارو قلعو اڏيل هو. ان شهر ۾ ٺهيل مندر ايڏو وڏو هو، جو گھيري هيٺ آيل شهر جي ماڻهن جي وڏي انگ هتي اچي پناهه ورتي هئي. مندر جي چوڌاري ٺهيل رهائش گاهن ۾ رهندڙ ”ست سو سهڻيون داسيون“ به فاتحن جي هٿ اچي ويون هيون. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هن بيان کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي، پر هن حقيقت مان هڪ ڳالهه چٽي ضرور ٿئي ٿي ته مندر جي جڳهه گھڻي ويڪري هئي ۽ سندس پرگھور به چڱيءَ ريت (61) ڪئي ٿي وئي. اسان کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته عراق کان هدايتن ملڻ کانپوءِ هن شهر کي عرب فوج جي حوالي ڪيو ويو، جن سنڌين جو ڏاڍيءَ بي درديءَ سان قتلام ڪيو. اهو انساني ڪوس پورا ٽي ڏينهن هليو. هن حقيقت مان اها ثابتي ملي ٿي ته هتي ماڻهن جي آبادي جھجھي هئي. بلاذُري جو بيان آهي ته، ”جڏهن محمد هي شهر فتح ڪيو ته انتظام سنڀالڻ لاءِ هتي چار هزار فوجي رهايائين، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هيڏو وڏو ۽ مکيه شهر سمنڊ کان پري آباد هوندو، انهيءَ ڊپ کان ته متان سامونڊي طوفان ان کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ سنڌ سان ڏيساور جي واپار جي سهوليت واسطي درياهه جي ڪٺار سان هوندو. ڇاڪاڻ ته ڏيهي تيار مال کي بندر تائين پهچائڻ ۽ ٻاهران آيل مال کي ملڪ جي منڊين تائين رسائڻ لاءِ، ان بندر جو درياهه جي ڪنهن وهڪري ڀرسان هجڻ ضروري هو. ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌوءَ جي ڦاٽن جو هڪ ڄار پکڙيل هو. منهنجو ويچار آهي ته ديبل گھڻو ڪري سنڌوءَ جي بگھياڙ نالي ڦاٽ جي ساڄي ڪناري تي هو. هن ماڳ وٽ ايندڙ ۽ ملڪ ڏانهن ويندڙ مال کي ڪٿان به پار ٽپائڻ جي گھڻو ڪري ضرورت ڪانه پوندي هئي. يا جيڪڏهن پوندي هوندي ته وڌ ۾ وڌ هڪ ڦاٽ اڪرڻو پوندو هوندو. ڇوڙ واري علائقي ۾ بگھياڙ جي الهندي ڪناري ڦٽل شهرن مان هڪ اهڙو ماڳ آهي، جيڪو قديم ماڳ ديبل ٿي سگھي ٿو. مذڪوره ٿاڪ ٺٽي نگر کان ڏکڻ- اولهه طرف ويهارو ميل کن پري آهي، (ڏسو نقشو iii). ٿرڙ (کنڊر) لاءِ يقين سان چوڻ ته اهو ديبل آهي، تنهن لاءِ ڪا تاريخي ثابتي موجود ڪانه آهي. پر اهڙيون ڏيهي روايتون ضرور موجود آهن، ته اهي قديم ماڳ اهڙي شهر سان واسطو رکن ٿا، جيڪو ڪڏهن پنهنجي اوج تي هو، منجھس واپاري ۽ وقت جي حڪومت جا اعليٰ عملدار رهندا هئا. سندس موجوده نالو ڪڪر بڪيرا Kakar Bukera آهي. هيءُ (ڪڪر بڪيرا) نالو ڪنهن قبيلي پٺيان پيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتان جا رهاڪو وري هن ٿاڪ کان ديهه Deh جي نالي سان به سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هيءُ ماڳ ڪڪر بڪيرا ديهه ۾ موجود آهي. چچ نامي ۾ اهو ذڪر ملي ٿو ته هڪ بڪيرا ديهه ۾ موجود آهي. چچ نامي ۾ اهو ذڪر ملي ٿو ته هڪ سردار کي ديبل يا ديول جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. سندس ذاتي خرچ پکي جي پورائي واسطي ديهه بڪري Bakri به هنجي حوالي ڪئي وئي هئي (ڀ-7). هيءُ لفظ بڪيرا جي بگڙيل صورت ٿو ڀائنجي.معلوم ايئن ٿئي ٿو ته اُتاري ڪرڻ وارن اُتاري مهل سندس اصل شڪل بگاڙي ڇڏي آهي. ٻنهي لفظن کي جيڪڏهن فارسي ٻولي ۾ لکيو وڃي، جھڙيءَ ريت ” بکري ۽ بگيرا“ ته انهن جي لکڻ ۾ فرق ٿورو معلوم ٿيندو ۽ اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ گورنر جي خرچ لاءِ جيڪا ايراضي ڏني ئي هوندي، سا گورنري واري صدر مقام جي ويجھو هوندي. منهنجو هيءُ ويچار ڪو ڪچو ڦڪو ڪونه ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته بڪيرا ديول جي ويجھي وستي آهي ۽ ڀرسان جيڪو ٿَرڙ آهي، سو ديبل (62) آهي. هن قديم بندر جي سڃاڻ واسطي هِتان هُتان ميڙي چونڊي جيڪي ثابتيون گڏ ڪيون اٿم، سي به منهنجي هن ويچار سان سهمت آهن. ابن خردازبه جو بيان (اليٽ - 15-I) آهي ته ديبل کان مهراڻ (سنڌو) جو ڇوڙ، ٻن فرسنگن تي آهي ”ٻئي پاسي وري مسعودي (اليٽ 24-I-) جو بيان آهي ته ”ديبل شهر ۽ مهراڻ جي ڇوڙ جي وچ تي ٻن ڏينهن جي پنڌ جيترو فاصلو ٿيندو.“ ٻنهي ۾ موجود تضاد هن ريت سمجھائي سگھجي ٿو ته پهرئين لکڻهار جو فرسنگن مان مطلب ”ڏينهن“ ڏيکارڻ هو. ڇاڪاڻ ته جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. تنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ديبل سمونڊ کان ست يا اٺ ميل پري نه هجڻ گھرجي. مسعودي پاڻ سنڌ ۾ آيو هو. ان ڪري هن ڏس ۾ وڌيڪ اعتبار جوڳو ذريعو آهي. هو پاڻ ٻن ڏينهن جو سفر لکي ٿو. جنهن مان اسان کي سمجھڻ کپي ته اهو درياهه وسيلي ٻن ڏينهن جي سفر جيترو پري هو. مان سمجھان ٿو ته اهو فاصلو ٿُلهي ليکي چاليهه ميل هوندو. هن جُوءِ مان ڪوبه ماڻهو پنڌ هلي ڪونه سگھندو هو. ڇاڪاڻ ته واٽ تي ڪيترا ڀيرا درياهي ڦاٽ ۽ سامونڊي کاريون اڪرڻيون پونديون هيون. اهو پنڌ بُڪيرا ڀرسان ٿَرڙ لاءِ ٺهڪي اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو ماڳ بگھياڙ ڇاڙهه (63) وسيلي سمنڊ کان پنجٽيهن کان چاليهه ميل ٿيندو. ٻي ڳالهه ته چچ نامي ۾ ديبل ۽ نيرون جا پراڻا پڊ ان جاءِ تي هئا، جتي هاڻي حيدرآباد موجود آهي. ان ٿاڪ جا ٿرڙ، قبرستان جي چوڌاري 1763ع تائين به موجود هئا. غلام شاهه ڪلهوڙي انهن کي صاف ڪرائي، اتي پنهنجي حڪمراني جي راڄڌانيءَ جو نئون قلعو اڏايو. اهو پوري يقين سان ڪونه ٿو چئي ته فرسنگ ۾ ڪيترا ميل فاصلو هوندو هو. سر ايڇ اليٽ هن فاصلي کي گھٽ ۾ گھٽ اڍائي ۽ وڌ ۾ وڌ ٽن ميلن جيترو سمجھي ٿو. پر هن (جلد-1 ضميمو - I ص 400 جو حاشيه) جن ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، تن مطابق فرسنگ جو گھٽ ۾ گھٽ فاصلو ٽي ميل سمجھڻ گھرجي، جيڪو وڌيڪ مناسب آهي. ڏٺو وڃي ته مختلف دورن ۾ علائقي جي مختلف جاگرافيائي صورتحال مطابق اتان جي ماڻهن فرسنگ جي ماپ کي پئي بدلايو سدلايو آهي. جابلو علائقي ۾ فرسنگ جو ماپو ننڍو ۽ ميداني علائقي ۾ فرسنگ جو ماپو وڏو هوندو آهي. ايران ۾ فرسنگ چئن ميلن جيترو هوندو آهي، عراقي عربي جو فرسنگ به چئن ميلن جو هوندو هو. چچ نامي جو مصنف به شايد هن علائقي سان واسطو رکندڙ هو. پراڻي سمي ۾ پنڌ جو ماپو هڪ ڏينهن جي ڪيل سفر سان ڪٿيو ويندو هو. اهو طريقو منجھيل هوندو هو. ان ڪري فرسخ جو ماپو به پيو ڦرندو گھرندو هو. ميداني علائقي ۾ جتي سفر ۾ ڪابه روڪ رنڊڪ ڪانه هوندي هئي ته اهو فاصلو ويهه ميل ڪٿي سگھبو هو. ابن حوقل جو بيان آهي (اليٽ 3-I- ۽ نيرون جي بدران غلطي وچان تيز TIZ لکجي ويو آهي) ته ديبل کان نيرون چئن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. هن مان مطلب اهو ٿيندو ته اهو سڌو مارڳ، جيڪو عام واٽهڙو يا سيلاني وٺي وڃي نيرون پهچندو هو. هاڻي به جيڪڏهن ڪڪر بڪيرا کان سڌو حيدرآباد اچبو، ته ٻنهي جي وچ ۾ فاصلو اسي ميلن کان وڌيڪ بيهندو. پر هن ٻنهي ماڳن جي وچ وارو رستو جيڪو عرب فوج اختيار ڪيو هو، سو هڪ سو ميل کان به وڌيڪ هو ۽ ان کي اڳتي هلي کولي سمجھايو ويندو. چيو ويندو آهي ته عرب لشڪر پيشقدمي ڪندي نيرون تائين پهچڻ ۾ ڇهه ڏينهن لڳايا هئا. ليکو ڪبو ته هڪ ڏينهن جو سفر وڃي سورنهن ميل بيهندو. لشڪر جي اڳتي وڌڻ جي اها سٺي رفتار آهي. ٻي ڳالهه اها به هئي ته هو درياهه جي وهڪري سان پيشقدمي ڪري رهيا هئا ۽ دشمنن جي ملڪ ۾ سفر ڪري رهيا هئا، ان ڪري کين بچاءُ جو سٽاءُ به سٽڻو پيو هوندو ۽ ڪو اپاءُ ڪرڻو پوندو هوندو. ان کانسواءِ مختلف مؤرخن ڌار ڌار رستن سان فاصلي جو ذڪر ڪيو آهي، ان ناتي سان ماڳن سڃاڻڻ ۾ مَدد ملي ٿي.

انهن سڀني ڳالهين ڪارڻ مان پوريءَ پڪ سان چئي سگھان ٿو ته ڪڪر بڪيرا ماڳ وٽ ئي پراڻي ديبل جا ٿَرَڙ آهن ۽ ڪابه اهڙي شاهدي موجود ئي ڪانه آهي، جنهن مان ثابت ٿي سگھي ته ڪراچي، لاهري بندر يا ٺٽي وٽ سنڌ جو پراڻو ديبل بندر (64) هوندو هو. سر هينري اليٽ کي به صحيح پتو ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي کان نيرون وارا ماڳ سڌي پنڌ سان به هڪ سو ڏهه ميل پري آهن. هيڏانهن وري پنجويهه فرسنگ پنڌ پنجهتر ميل جي برابر آهي. جيڪڏهن کيس هن حقيقت جي پوري ڄاڻ هجي ها، ته هن جيڪا دعويٰ ڪئي آهي، ته ڪراچي ديبل بندر آهي، تنهن تان هڪدم هٿ کڻي وڃي ها. جيتريقدر لاهِري بندر جو تعلق آهي، ته ان لاءِ فقط ايترو چئي سگھجي ٿو ته اهو کارين کي پار ڪرڻو پوي ٿو. ملڪ جي اندرين حصن مان هن بندر تائين مال پهچائڻ ايڏو سولو معلوم ڪونه ٿو ٿئي. هن بندر جي تعمير ملڪ کان جدا هڪ ٻيٽ تي آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ديبل جھڙو بندر جنهن جاءِ تي هجڻ گھرجي، هيءَ جاءِ ان بندر جوڳي ڪانه آهي. هو درياهه جي ڪناري سان ۽ سمنڊ کان سورنهن ميل مٿي آهي. مسعودي جي بيان مطابق اهو سمنڊ کان ان بيان ڪيل فاصلي کان گھٽ ۾ گھٽ ٻيڻو پري هو، پر جيڪڏهن اسان فرض ڪري به وٺون ته ديبل لاهري بندر آهي، ته پوءِ ديبل جو اهم ۽ مشهور معروف نالو هڪ تڇ جھڙي لاهڙي بندر ۾ آخر ڪيئن بدلجي ويو! ٺٽي لاءِ ته ڪو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي ته اهو ديبل آهي. اچرج جھڙي ڳالهه اها آهي ته سمنڊ کان سندس فاصلي کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته سنڌوءَ مان ڪِلي ٻيڙيون هاڪاري ڪو نه سگهبيون آهن ۽ اهڙا ٻيڙا فقط سمنڊ ۾ سفر ڪري سگھندا آهن. هيءَ حقيقت به مشهور آهي ته ديبل سامونڊي بندر هو ۽ اتي سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ وارا ٻيڙا اچي بيهندا هئا. سمنڊ کان ٺٽو، ديبل ۽ سمنڊ جي وچ واري فاصلي کان گھٽ ۾ گھٽ ٻيڻو پري آهي، تنهن ڪري ٺٽي کي ديبل سمجھڻ صحيح ڪونه ٿيندو.

ان کان سواءِ ديبل هڪ واپاري بندر هو. ان جي ڀرسان (65) نڱامرا Nagamara قبيلي سان لاڳاپيل سامونڊي ڌاڙيلن جون وستيون به آباد هيون. انهن سامونڊي ڌاڙيلن خليفي جي رعيت کي ڦريو لٽيو ۽ باندي بڻائي پاڻ سان وٺي آيا (ڀ-8). جڏهن راجا ڏاهر کي انصاف ڪرڻ ۽ باندي بڻايل ماڻهن کي واپس ڪرڻ لاءِ لکيو ويو ته هن انڪار ڪيو. اهو ئي سبب هو جو عربن سنڌ تي هلان ڪئي. (ڀ-9) پر حقيقت سان وڌيڪ ٺهڪندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته عربن کي سنڌ تي حملو اڳئي ڪرڻو هو، پر هن واقعي ڪري هن مقرر وقت کان پهريائين حملو ڪري وڌو هو. ڌاڙيلن واري مامري کان گھڻو عرصو اڳي، مڪران جي اوڀارينءَ سرحد تي مقرر ڪيل عرب فوجي سپهه سالار سنڌ جي اڳرائي ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جي دنگ سان کؤنس ڪندا پئي آيا. حقيقت اها آهي ته مسلمانن جي خليفي کي سنڌ خلاف شڪايت کان راجا ڏاهر کي عربن جي خلاف وڌيڪ شڪايتون هيون. ڇاڪاڻ ته عربن ڪيڪانان (موجوده گنداوا) کان وٺي سيوهڻ تائين سنڌ جي دنگ سان رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ اهي واقعا سنڌي ڌاڙيلن جي عربن تي حملي ڪرڻ جو سبب هئا. سنڌ تي حملي ڪرڻ جو اصلي ڪارڻ اهو هو ته سنڌوءَ جي ماٿري وارو بي انتها سکيو ستابو علائقو هو. سنڌ جي دولت سڃن عربن کي موهي وڌو هو. عربن جي طاقت ان وقت اڻ جھَل هئي. حملي جو اهو واقعو ڏاڍو مهلائتو هو. ڌاڙيلن جي انتقام وٺڻ لاءِ عربن جا پهريان حملا ناڪام ويا هئا. هر حملي ۾ عربن پنهنجو سپهه سالار ٿي ڪُهرايو. عربن کي ڪافرن هٿان جيڪي شڪستون نصيب ٿيون هيون، تن کان ڏاڍا شرمسار هئا ۽ بديل جي قتل جو به کين ڏاڍو ڏک هو. هي سنڌ خلاف ٻي فوجي مهم جو سپهه سالار هو، جنهنجي موت حجاج جي دل کي ڌوڻي رکيو هو. ان زماني ۾ حجاج بن يوسف خلافت جي اوڀارين علائقن جو امير هو. گھڻي وقت کان پوءِ هن وڏي فوج بڻائي سنڌ جي فتح لاءِ رواني ڪئي. لشڪر جي سپهه سالار کي سخت حڪم ڏنو هئائين ته ديبل جو وانگي به جئرو نه ڇڏيو وڃي. سندس حڪم جي سختيءَ سان پوئواري ڪئي وئي. ديبل جي ماڻهن جو پورا ٽي ڏينهن قتل عام ٿيندو رهيو. مندر کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. هن مندر جي نالي پٺيان بندر کي ديبل سڏيو ويندو هو. سارو شهر ڦري لٽي ناس ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ ديبل هڪ کنڊر سمان وڃي رهيو هو. ايڏي وڏي تباهي کان پوءِ به وري هو پاڻ سنڀالي ويو ۽ ڪجهه نه ڪجهه اوج ماڻي ورتائين. انومان آهي ته عربن 710ع ۾ ديبل فتح ڪيو. (ڇاڪاڻ ته صحيح سال جو ڪنهن کي به پتو ڪونه آهي) ٻارهين صديءَ عيسويءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾ يعني عرب حملي کان اٽڪل پنج سو سال پوءِ جلال الدين خوارزم شاه سنڌ تي حملو ڪيوهو ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان گذرندي ديبل کي فتح ڪري گھڻي دولت هٿ ڪئي هئائين (66). اها گھڻي دولت کيس ديبل جي ڦرلٽ مان هٿ آئي هوندي. ڇاڪاڻ ته ڇوڙ واري علائقي ۾ ديبل جي ڀرپاسي ڪيترا ڀريا تريا وڏا ۽ ننڍا ڳوٺ آباد هئا، جن جي خوشحالي ۽ دولت هن حملي آور کي ڦرلٽ لاءِ ضرور لالچايو هوندو. سن 1223ع ۾ چنگيز خان هن ساڳي بادشاهه جي پٺيان پيو، جنهن ڊوڙي اچي هن ڇوڙ واري علائقي ۾ سر بچاءَ ڪيو هو. (67) ديبل سان لاڳاپيل تاريخ جو هي آخري احوال آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره ماڳ تيرهين صديءَ جي پهرين چوٿائي تائين به موجود هو. (68) هڪ صدي يا ڪجهه وڌيڪ پوءِ جڏهن ابن بطوطه کي 1333ع يا 1334ع ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڏسون ٿا، ته ان وقت ديبل موجود ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي يا سندس سفر نامي ۾ ديبل جو ذڪر نظر ڪونه ايندو، پر ان جي جاءِ تي لاهري نالي هڪ بندر اڀري آيو هو، جيڪو بگھياڙ ڦاٽ سان ويهه ميل هيٺ هو. امڪان هن ڳالهه جو آهي، ته بگھياڙ ڦاٽ ۾ واري ڀرجي وڃڻ ڪري سامونڊي ٻيڙا اوستائين پهچي نه سگھندا هوندا، تنهن ڪري ڦِٽي اجاڙ ٿي ويو (69).

عربن ديبل کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، اڳتي وڌڻ واسطي هن ماڳ کي پنهنجو اهم مرڪز بڻايو. سندن فوجون هتان ئي اتر طرف پيشقدمي ڪرڻ لڳيون. ۽ ديبل کان پوءِ هنن نيرون تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. گھيري سان لاڳاپيل سامان ۽ منجنيقون به شامل هيون، جن مان ڪي تمام وڏيون هيون. جن کي سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه، سنڌ ساگر وسيلي ٻيڙين ۾ چاڙهي روانو ڪيو ويو. سنڌوءَ کي سنسڪرت ۾ سنڌ ساگر ۽ فارسيءَ ۾ سنڌو درياهه چيو ويندو آهي. ساگر سنسڪرت ۾ درياهه کي ۽ فارسيءَ ۾ سمنڊ کي چيو ويندو آهي. درياهه جو لفظ البيروني سنڌوءَ لاءِ ڪتب آندو آهي، هو سنڌوءَ جي وهڪري  جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: ”اهو درياهه منصوره وٽان ٻه درياهيءَ جي صورت ۾ وهندو آهي ۽ ٻن ٿاڪن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هڪ ڇاڙهه لوهاراڻي وٽان ۽ ٻي گھڻو اوڀر ڏس تي ڪڇ جي علائقي مان لنگهي، سنڌو ساگر وٽان سمنڊ ۾ پوندي آهي.     

رشيدالدين جنهن پنهنجي تصنيف جامع التواريخ 1310ع ۾ لکي پوري ڪئي ۽ جنهن پنهنجي تصنيف جامع التواريخ 1310ع  ۾ لکي پوري ڪئي ۽ جيڪا اليٽ (42-I-) موجب بيروني جي ”انڊيا“ جي فارسي شڪل آهي، تنهن جو بيان آهي ته ”هن ماڳ (منصوره) وٽ هيءُ وهڪرو ٻه درياهيءَ جي صورت ۾ وهندو آهي. هڪ ڇاڙهه لوهاراڻي جي ٿاڪ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، ٻي اوڀر ڏس تي ڪڇ ڏانهن وڃي ٿي، جنهن جو نالو سنڌ ساگر آهي ”سنڌ جو سمنڊ“ (اليٽ- I-49). هيءُ ڪنهن وڏي وهڪري جو صحيح نالو معلوم ٿئي ٿو، پر ڪنهن ماڳ جو نانءُ نه آهي. چچ نامي ۾ اٺين صدي عيسويءَ دوران اسان انهيءَ ساڳئي نالي واري وهڪري کي وهندو ڏسون ٿا. ان ڪري اسان کي معلوم ائين ٿئي ٿو ته بيروني واري تصنيف ۾ غلطيون آهن، پر رشيد الدين جي لکت صحيح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڌيان ڇڪائڻ جوڳي هڪ ٻي به ڳالهه آهي ته جيڪڏهن سنڌ- ساگر اوڀر ڏس تي ويندڙ هڪ ڇاڙهه هئي، جيڪا ڪڇ ملڪ جو دنگ ڏئي، ڪوري کاري رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ته پوءِ عربن نيرون ڪوٽ تي گھيري ڪرڻ وارو گھربل سامان انهيءَ ڇاڙهه سان ٻيڙين وسيلي ايڏو وڏو وڪڙ ڪري ڇو موڪليو هو؟ جڏهن ته ملڪ دشمن هو ۽ رستو به اڻ ڏٺل هو. جيڪڏهن دشمن ان کي ناس ڪرڻ جا جتن ڪري ها ته اسلامي لشڪر ان کي بچائي به ڪونه سگھي ها. ڪنهن ڪرامت سان دشمن نه ان کي پڪڙي سگھيو ۽ نه وري ان کي تباهه ڪري سگھيو. اهو رستو نيرون ڪوٽ کان گھڻو پري ۽ اعتبار جوڳو ئي ڪونه آهي ته ڪو ائين ٿيو هوندو ۽ نه وري ان جو ائين هئڻ سمجھائي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. اها ڳالهه به سمجھڻ ۽ وسهڻ جوڳي ڪانه آهي، ته ڇوڙ جو ڪو ٻيو ڦاٽ جھازرانيءَ لائق ڪونه هو. هن منجھيل مامري جو نبيرو هن ريت به ٿي سگھي ٿو ته ان دور ۾ ”سنڌ ساگرا“ نالي سان سنڌ ۾ ٻه وهڪرا موجود هئا. هن ويچار واسطي ڪي ٻيا به سبب آهن، جن جي آڌار تي ائين سوچي سگھجي ٿو ۽ ڪنهن انومان ڪرڻ کان وڌيڪ پورو يقين ٿئي ٿو. ائرين Arrian اسان کي ٻڌائي ٿو ته سڪندر واري دور ۾ ڇوڙ واري مکيه علائقي ۾ سنڌوءَ جون ٻه وڏيون ڇاڙهون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون ۽ ٻنهي کي ”سنڌو“ سڏيو ويندو هو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته ٻنهي جو نالو سنڌو هوندو. البيروني جي ڪتاب ۾ هن درياهه جو سنسڪرت ٻوليءَ وارو نالو به محفوظ آهي، جيڪو ”سنڌ ساگر“ آهي ۽ انهيءَ نالي سان سنڌوءَ جي ٻنهي ڇاڙهن کي سڏي سگھجي ٿو. اها ڳالهه به ڄڻ ممڪن ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ته ”سنڌو ساگر“ درياهه جي اڀرنديءَ ڇاڙهه جو نالو هو، ڇاڪاڻ ته اها الهنديءَ ڇاڙهه کان گھڻو وڏي هئي، پر حقيقت اها آهي ته ”سنڌو ساگر“ نالي سڏائڻ جو الهنديءَ ڇاڙهه کي وڌيڪ حق هو. اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته انهيءَ حقيقت کي ٽيڪي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ سگھاريون شاهديون موجود آهن، جيڪي اسان جي هن ويچار کي هٿي ڏين ٿيون ته گھارو ڦاٽ الهنديءَ ڇاڙهه جو صفا هيٺيون حصو هو، جنهن سان پهريائين سڪندر ۽ ان کان پوءِ نِيرڪوس پنهنجا ٻيڙا هاڪاري وڃي سمنڊ تائين پهتو هو. هن حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ به نه ٿو ڪري سگھجي ته ٽالمي هن کي ”ساگاپا“ جي نالي سان سڏيو آهي. ساگاپا گھڻو ڪري ته ساگرا جي بگڙيل صورت آهي. اسان جا سڄاڻ محقق بنا ڪنهن بحث مباحثي جي هن حقيقت کي کُليءَ دل سان قبول ڪري وٺندا ۽ اهڙي قسم جي اعتبار ڪرڻ ۾ ڪا آٻوڇي ڪانه ٿيندي ته ان الهنديءَ سڄيءَ ڇاڙهه جو نالو به سنڌو ساگر هو (70). هي ڳالهه ته گھارو ڦاٽ سنڌو ساگر ڇاڙهه جي پُڇڙي آهي، ان حقيقت جي خود چچ نامو به پٺڀرائي ڪري ٿو. چيو وڃي ٿو ته عرب سپهه سالار ”حڪم ڪيو ته منجنيقون ٻيڙين ۾ چاڙهي، نيرون روانيون ڪيون وڃن، هنن سنڌ ساگر نالي درياهه ۾ ٻيڙيون (71) آڻي وڌيون“. هي بيان اسان کي چٽيءَ ريت ٻڌائي ٿو ته ديول سنڌو ساگر جي ڪناري سان اڏيل ڪونه هو. جيڪڏهن ديول سنڌ ساگر جي ڪٺار سان هجي ها، ته ٻيڙيون اُتي ته اڳ ۾ ئي موجود هجن ها (72) ۽ ”آڻي وجھڻ“ جا لفظ ڪتب ڪونه آندا وڃن ها. ديول جي ماڳن کي ڳولهي لهڻ واسطي جنهن لاءِ مون کي پورو ويساهه آهي ۽ ان حقيقت کي ڪنهن حد تائين ثابت به ڪيو آهي، ته اسان کي گھاري ۽ بگھياڙ جي ڪنارن ڀرسان ڪنهن امڪاني جُوءِ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. امڪان آهي ته ٻنهي مان هڪ ڦاٽ جي ڪٺار سان ديول جو شهر ضرور موجود هوندو. هن ڳالهه جي به پوري پڪ آهي ته پاڻيءَ جي جنهن وهڪري تي ديول اڏيل ڪونه هوندو، سا سنڌ- ساگر واري ڇاڙهه هوندي. ڇاڪاڻ ته ڇوڙ جي ٻي درياهي ڇاڙهه عرب فوج جي ٻيڙن لاءِ اهڙي سولي ۽ سهنجي ڪانه هوندي، جھڙي نيرون پهچڻ لاءِ هي ڇاڙهه هوندي ۽ ملڪ جي اندرين حصن ڏانهن ۽ فوج جي تحفظ لاءِ منجنيقون کڻي وڃڻ واسطي هن وهڪري کان وڌيڪ بهتر عربن لاءِ ٻيو پاڻيءَ جو رستو ڪونه هو. جيڪڏهن هن حقيقت کي قبول ڪيو وڃي ته ديول بگھياڙ جي ڪٺار سان وسندڙ هو. ته پوءِ هن حقيقت کان به لنوائي ڪونه ٿو سگھجي ته گھارو به ته سنڌ ساگر جي پڇڙي (73) آهي.

هن نڪتي کي ثابت ڪرڻ واسطي اڃا هڪ دلچسپ سوال کي نبيرڻو پوندو ته سنڌ تي عربن جي حملي دوران سنڌو ساگر پنهنجي پوري شڪل ۾ وهي رهيو هو. يا اهو دائمي وهڪرو هو. يا فقط چاڙهه جي رُت ۾ وهڻ لڳندو هو. يا پهرئين باب جي بيان جيان سندس وهڪري جو سلسلو ٽُٽي ڪجهه ڏکڻ ڏس تي آهلجي پيو هو. هتي اهڙيون ڪي پڪيون شاهديون موجود ڪو نه آهن جن مان اسان کي ڪو دڳ ملي وڃي. ان دور ۾ هن وهڪري کي ڪو لڳاتار سلسلو ڪونه رهيو هو، تنهن خيال جي ڪٿان به پٺڀرائي ۽ ٽيڪو ڪونه ٿو ملي. ڪٿي به اهڙو بيان ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. هن وهڪري ۾ پاڻي ٿورو يا ماڳهن ڪونه هو. تاريخن ۾ اهڙا بيان ڪونه ملندا، ته سنڌ دشمن فوج ڇوڙ واري علائقي جي ڪهڙي ڦاٽ مان لنگھي ديول تائين پهتي هئي. اسان ڏسون ٿا ته عرب لشڪر جي ڪنهن وهڪري ٽپڻ جي سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب ماٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر جتان هو ڪو وهڪرو پار ڪن ٿا، ته ڪير به کين سامهون روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونه آهي. مؤرخن واسطي عرب لشڪر جي پيشقدميءَ جو شروعاتي نُڪتو ديول آهي، پر ”ارمائيل“ جي سوڀ جو ذڪر تمام گھٽ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو لس ٻيلي ۾ هو. سندس دلچسپي هن ڳالهه ۾ به ڪانه آهي، ته عرب لشڪر جي اها ڊگھي پيشقدمي شيراز جي وڏي شهر کان شروع ٿي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ٻئي وڏي شهر وٽ ختم ٿي. جيڪڏهن سنڌوءَ جي سنڌ ساگر ڇاڙهه ان وقت تائين وهندي هجي ها، ۽ اڪرڻ جوڳي نه هجي ها، ته سنڌي اڳواٽ ئي اتان ٻيڙيون ڪڍرائي ڪنهن ڏاهپ جو ثبوت ڏين ها، يا پار اُڪرڻ وقت عربن جي سامهون ضرور ٿين ها. ان جو لازمي نتيجو اهو ٿئي ها جو، عربن جيڪو سنڌين سان پهرين مهاڏو اٽڪايو، تنهن ۾ ضرور دير ٿئي ها، ۽ ڪتابن ۾ به ان جو ذڪر موجود هجي ها. ديول جھڙي وڏي ۽ اهم شهر جو سنڌو ساگر جي کاٻيءَ ڪٺار سان موجود هجڻ دل کي ڪونه ٿو آئڙي، ڇاڪاڻ ته ان ڇاڙهه جي وهڻ ڪري ڌرتي کان ڪٽجي الڳ ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن هن ديول جي اڏجڻ مهل اهو وهڪرو وهندڙ ۽ جهازرانيءَ لائق هو، ته هيءُ سمجھڻ ڪجهه مشڪل لڳي ٿو ته پوءِ هن جي ڪنڌيءَ کي ڇڏي بگهياڙ کي آخر ڪهڙي سبب ترجيح ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ ساگر تي هجي ها ته سگھارين جاين ٺاهڻ لاءِ پٿر به ويجھو ملي ها، پر ان بدران بگھياڙ تي هجڻ ڪري ٻارهن ميلن تان پٿر آڻڻو پيو ٿي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به حقيقت اسان جي ويچار خلاف وڃي ٿي ته اٺينءَ  صدي عيسويءَ ۾ سنڌو ساگر واري ڇاڙهه وهندي هئي. جيڪڏهن اها حقيقت ائين نه آهي، ته پوءِ چچ نامي ۾ ڪتب آندل نالو موجوده وهڪري ”ڪلري“ ڏانهن منسوب ڪيو ويو ٿو ڀانئجي. سنڌوءَ جو اهو ڦاٽ ٺٽي کان اتر ان ٿاڪ وٽان ڇڄندو هو، جتان درياهه ڪجهه ويڪرو ٿي وڃي ٿو. ان ماڳ جي ڊگھائي ڦاڪ پنجويهن ڊگرين جي متوازي ۽ ويڪرائي ڦاڪ اها پراڻي آهي، جيڪا سڪندر جي دور ۾ هئي. پاڻيءَ جو اهو وهڪرو جنهن لاءِ لکيل آهي ته ٻيڙيون آڻي سنڌو ساگرا ۾ وڌيون“، سو ٿي سگھي ٿو ته خان واهه Khanwah هجي (8) شايد اهو سنڌو ساگر جو پويون وهڪرو هو، جيڪو الهندي کان منهن مٽائي ڏکڻ ڏانهن وهڻ لڳو هو. اهو بگھياڙ سان ان ٿاڪ وٽ ملندو هو، جنهن کي مان ديول جا پراڻا پڊ سڏي رهيو آهيان.

اها حقيقت هاڻي ظاهر ٿي چڪي آهي، ته سنڌوءَ جي اولاهين ۽ اوڀارين يعني ٻئي ڇاڙهون سنڌو ساگر نالي سان سڏيون وينديون هيون. نيرون تي گھيري ڪرڻ وارو سامان به سنڌو ساگر وسيلي موڪليو ويو، سو به هاڻي اسان کي سمجھه ۾ اچي ويو آهي. عربن جن ٻيڙين تي منجنيقون رکرايون هيون، تن تي مشتمل سڄو آرماڙ الهندي طرف واري سنڌو ساگر وسيلي مٿي ويو هو. ان سان گڏ مسلمان فوج به ساڄي ڪناري سان سفر ڪري رهي (74) هئي ۽ ٻيڙن تي رکيل سامان جي حفاظت به ڪري رهي هئي. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته ان دور ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو صدين تائين موجوده وهڪري کان گھڻو اوڀر طرف هو. جڏهن هو سنڌو ساگر وٽ پهتا ته درياهه جو رخ سر اوڀر طرف ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ اتر طرف هلڻ لڳا ۽ آخر نيرون جي طرف هڪ جاءِ وٽ اچي پهتا هئا. ٻيڙن مان قلعي جي گھيري سان لاڳاپيل سامان لاٿو ويو ۽ فوج قلعي ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳي. ديبل کان نيرون تائين فوج جيڪو ورن وڪڙن وارو پنڌ ڪيو، تنهن جو ڪل جوڙ هڪ سو ميل بيهي ٿو، چچ نامي جي بيان مطابق اهو پنجويهه فرسخ آهي، اها هڪ ڪافي ثابتي آهي ته ديول جو ماڳ، منهنجي سڃاتل ٿاڪ ۽ ٿرڙ کان ٿورو پنڌ اولهه ڏس تي بيهندو، پر اهو لاهري بندر ڀرسان ڪونه ٿو بيهي، جھڙيءَ ريت جنرل ڪننگھام جو ويچار آهي. هن ماڳ کان نيرون گھٽ ۾ گھٽ هڪ سو ويهه ميل پري ٿيندو.

(9) نيرون ڪوٽ ان ماڳ تي موجود هوندو هو، جتي هاڻي حيدرآباد جو قلعو اَڏيل آهي، جنهن جو بيان مان اڳي به ڪري آيو آهيان. چچ نامي جو بيان آهي ته: ”هتي گاهن سان سائي جوءِ آهي، جنهن کي بلهار سڏن ٿا ۽ علائقي جو نالو باروئي Barui آهي. مهراڻ جو پاڻي اڃا ڪونه پهتو آهي. لشڪر کي اڃ ڪري ڏاڍي تڪليف آئي. جيتريقدر منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته بلهار ۽ باروئي واري ايراضي ته موجود ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي ۽ هاڻي جيڪي علائقا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن ۾ سڃاڻي به ڪانه ٿي سگھجي. مهراڻ جي پاڻيءَ جو حوالو اسان کي فقط تڏهن سمجھه ۾ اچي سگھندو، جڏهن اسان سوچيون ته چاڙهه جي رُت ۾ مهراڻ منجھان واهه کوٽي نيرون واريءَ جُوءِ ۾ پاڻي آندو ويندو هوندو. اهو وقت مَئي مهيني کان سيپٽمبر تائين ٿي سگھي ٿو. باقي سال جي ٻيءَ موسم ۾ اهي واهه سڪل رهندا هئا. جيڪڏهن سنڌو پنهنجي پيٽ ۾ وهندو هوندو، ته اهو گھٽ ۾ گھٽ سورهن ميل پري هوندو. ٿي سگھي ٿو ته ان وقت هن کان به گھڻو پري اوڀر طرف هجي. نيرون تنهن زماني ۾ ڪو مکيه ماڳ ڪونه هوندو هو ۽ سندس قلعو به ايڏو مضبوط ڪونه هو. پهريون ته هن قلعي جا دروازا عربن لاءِ ڪونه کوليا ويا هئا. پر پوءِ بنا ڪنهن مقابلي جي هنن آڻ مڃي. هيءُ ماڳ ديبل کان منصوره يا برهمڻ آباد ۽ اروڙ ڏانهن ويندڙ وڏي رستي تي هڪ مکيه ٿاڪ هوندو هو. ادريسيءَ پنهنجي جاگرافي ٻارهينءَ عيسوي صديءَ ۾ لکي پوري ڪئي، سو لکي ٿو: ”نيرون، ديبل ۽ منصوره جي وچ تي آهي. ماڻهو هن ماڳ ڏانهن وڃڻ لاءِ درياههَ اُڪرندا آهن (اليٽ- 78-I) - اليٽ جي تاريخ ۾ اهڙي راءِ جو اظهار ڪيو ويو، جنهن کي هن صاحب سمجھائڻ جي به ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، جنهن مان پڙهندڙ اهو محسوس ڪري وٺندو، ته سنڌو نيرون جي بلڪل ڀرسان وهندو هو. ائين سمجھه ۾ اچي ٿو ته ادريسي ابن حوقل جو اُتارو ڪيو آهي، ۽ نالن ڏيڻ مهل کانئس غلطيون ٿي ويون آهن. پر اهو صحيح ٻڌائي ٿو ته منجباري مهراڻ جي الهندي ڪناري سان آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ديبل کان منصوره ويندو ته کيس درياهه اڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته منصوره منجباريءَ کان ٻئي طرف آهي (اليٽ 37-I-). اهڙي ريت ادريسيءَ جو ٻيو بيان به منجھيل آهي ۽ اليٽ جي ايڊيٽر ان تي ڪابه ٽيڪا ٽپڻي ڪانه ڪئي آهي. هو منصوره کان هيٺ سنڌوءَ جي وهڪري جي رخ بابت لکندي چوي ٿو: ”مهراڻ هيٺ وهندو نيرون ڏانهن وڃي ٿو (اليٽ –I ص 78). پر ڏٺو وڃي ته ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاران ئي هن درياهه اهو رُخ اختيار ڪيو آهي ۽ نيرون کان پندرهن يا سورهن ميل ويجھو وهڻ لڳو. ڦليليءَ واري ڦاٽ بابت چاڙهه جي رت وارو هيءُ بيان جنرل ڪننگھام جي بيان کان مختلف ڪونه آهي (اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا ص- 279). ڇاڪاڻ ته ان ڦاٽ جو منهن حيدرآباد کان ٻارهن ميل اتر طرف سنڌوءَ مان هوندو هو. سنڌوءَ درياهه هيءُ رخ گذريل صديءَ ۾ اختيار ڪيو هو، جنهن جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي. جنرل ڪننگھام هيءُ به ذڪر ڪري ٿو ته نيرون جي ڀر پاسي ۾ هڪ ڍنڍ هوندي هئي، جنهن ۾ پاڻي بيٺو هوندو هو. محمد بن قاسم جا ٻيڙا اچي اتي بيٺا هئا. (اينشنٽ جاگرافي آف انڊيا-280). چچ نامي ۾ اهڙو ڪوبه حوالو موجود ڪونه آهي، ته نيرون قلعي ڀرسان ڪا وڏي ڍنڍ موجود هئي، پر جيڪڏهن اتي ڍنڍ موجود هئي ته پوءِ اهو سڄو قصو: ”سارو لشڪر پاڻي نه هجڻ ڪري اڃ سان سخت تڪليف ۾ ڇو هو؟ پوءِ اوهيڙي جي اهڙي اوڪ ٿي جو ڍنڍون ڍورا تليون ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿي ويون.“ هيءَ سڄي من گھڙت ڪهاڻي آهي.