سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو

ڪتاب جو نالو سنڌوءَجو ڇوڙ وارو علائقو
ليکڪ جنرل هيگ
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-16-1
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (790) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     254123   ڀيرا پڙهيو ويو

ضميمو – ب


ماموئي فقيرن جون اڳڪٿيون

ماموئي فقيرن جو پورو احوال، برٽن جي ڪتاب ”سنڌ“ جي چوٿين باب ۾ ڏنل آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ انهن مشهور فقيرن کي ساموئي ڪري لکيو ويو آهي ۽ کين سما گھراڻي جي پهرين راڄڌاني ساموئي سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي. ماموئي (هن لفظ جي معنيٰ آدم خور CanniGals يا اهي ماڻهو جيڪي ڳجھه ڳالهائين) فقيرن کي هفت تن (جڏهن انهن مشهور معروف اڳڪٿيون ڪيون هيون، تڏهن اهي بنا سرن جي رڳو ڌڙ هئا) به چيو ويندو آهي. انهن اڳڪٿين سان لاڳاپيل سنڌي قلمي نسخي جو نقل به مون وٽ موجود آهي. چيو ويندو آهي ته اصلي نسخي ۾ ’معما‘ Muima جو لفظ موجود هو، پر اڻ پڙهيل ماڻهن ان کي ڦيرائي ماموئي ڪري ڇڏيو آهي. معمه لفظ جي معنيٰ ڳجھه يا راز آهي، جيڪو ظاهر ۾ سمجهه ۾ نه اچي. اهي اڳڪٿي وارا بيت هڪ اندازي مطابق چوڏهين صديءَ جي اڳياڙيءَ ۾ چيا ويا آهن، پر سنڌين وٽ اهميت اڃا سوڌو ڪانه گھٽي آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ماموئي فقيرن ڏانهن منسوب ڪيل بيت جيڪي سنڌ ۾ عام مشهور آهن، تن مان ڪي هاڻي اصلي ڪونه رهيا آهن. اهڙيون چٽيون ثابتيون پڻ ملن ٿيون. مثال طور سومرن چوڏهين صديءَ ۾ فاتحن سمن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ڪارڻ انهن بيتن کي ڪتب آندو. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ٽالپرن هٿان ڪلهوڙن هار کاڌي ته ساڳين اڳڪٿي جهڙن بيتن مان ٽالپرن کي ڊيڄارڻ ۽ هيسائڻ لڳا. اهڙيءَ ريت ٽالپر به اڳڪٿيءَ وارن بيتن جوڙڻ ۾ پنهنجي ليکي ماهر هئا. ساڳئي نموني جڏهن اسان اڳڪٿي وارن بيتن ۾ ”ڪلهوڙن کان بادشاهي کسجڻ“ جا ٻول پڙهون ٿا ته وري اتي اهو به لکيل ملي ٿو ته ”اتر کان گھوڙا ايندا ۽ ٽالپرن جي راڄ کي ختم ڪري ڇڏيندا“ ته اسان کي اندازي لڳائڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪانه ٿي ٿئي ته اهي ڪهڙي دور ۾ چيا ويا آهن ۽ انهن جي ٺاهڻ وارا ڪير ٿي سگھن ٿا. برٽن عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪندي، جن بيتن کي قديم ۽ اصلي سمجهيو، تن کي پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني اٿائين ۽ ٻين کي رد ڪري ڇڏيو اٿائين. ائين سمجھه ۾ اچي ٿو ته سندس رد ڪيل بيت ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکن ٿا، جن بيتن کي قديم ۽ اصلي سمجھيو ويندو آهي، تن تي سنڌ وارا اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندا آهن ۽ انهن کي تنقيد کان بالاتر سمجھندا آهن. مون انهن مان هڪ بيت کي حوالي طور هن ڪتاب ۾ ڪتب آندو آهي. ٻيا بيت به سنڌوءَ يا ان جي ڇاڙهن جي حوالي سان اهميت وارا آهن. مذڪوره ساموئي فقيرن جو پهريون بيت اروڙ ۽ هاڪڙي جي وهڪري سان واسطو رکي ٿو.

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙهه سمي ويندا سوکڙي.

بهه، پٻڻ يا ڪنول ٻوٽي جي پاڙ هوندي آهي ۽ پاڻيءَ جي ڇرن ۽ ڍنڍن ۾ ٿيندو آهي. لوڙهه به هڪ پاڻيءَ جي ٻوٽي جي ڳنڍ نموني پاڙ آهي. اهو ٻوٽو به پاڻي جي ڍورن ڍنڍن ۾ ٿيندو آهي. جيڪڏهن انهن کي چڱيءَ ريت تيار ڪبو ته ساءَ سواد وارو  طعام بڻجي پوندو ۽ سنڌي ان کي ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن، جنهنڪري سڪر سڻائي جي علامت سمجھيو ويندو آهي. انهن کي جيڪڏهن اڻڀو سڻڀو کائيندي ڏيکاريو وڃي ته سمجھيو ويندو آهي ته ملڪ ۾ ڏڪر ۽ ڏولائو ڪاهي پيو آهي. غريب غربو ماني بدران تڏهن کائيندو آهي، جڏهن اناج جو ڏڪار هوندو آهي. تنهنڪري هن بيت جو پويون ڀاڱو ڪجهه منجھيل آهي. سندس مطلب ٻٽو به ٿي سگھي ٿو ته سما اڃا به ترقي ڪندا، بهه مڇي لوڙهه جھڙي سٺي خوراڪ کين نصيب ٿيندي. ان کانسواءِ بيت جي هن حصي جي هيءَ معنيٰ ٿي سگھي ٿي ته سما ايڏا ته مسڪين ٿي ويندا، جو بهه مڇي ۽ لوڙهه جي گھٽ قسم جي کاڌي کي خدا جي نعمت يا سوکڙي سمجھي کائيندا. وري ٻئي پاسي کان جيڪڏهن نظر ڪري ڏسجي ٿي ته اها پڪ ڪانه ٿي پوي ته ٻنڌ جي معنيٰ ”پل“ آهي يا ”ٻنڊو“، جنهن ڏانهن ڀڄڻ جو اشارو ڪيو ويو آهي. لفظ اصل ۾ ”ٻنڌ“ Bandhi آهي ۽ جنس مونث جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ هن لفظ کي اڃا سوڌو ”پل“ جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. ان سان گڏ هلڪي سلڪي ”بند“ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. (1) بند جو لفظ مذڪر آهي. انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ هن لفظ جو هم معنيٰ لفظ Dyke ۽ Dam ٿي سگھي ٿو. خير اها ”ٻنڌ“ هئي يا ”بند“ هو، تنهن کي اسان ڇڏي ٿا ڏيون، پر ڳالهه اها آهي ته اهو هيو ڪهڙي ماڳ وٽ؟ جيڪڏهن اهو ڀڄي ها ته، تباهي مچائي ها، يا سنڌ جي ترقي ۽ تعمير جو سبب بڻجي ها، سو پتو پئجي ڪونه ٿو سگھي. ڇو ته اڳڪٿيءَ واري بيت جي معنيٰ ٻٽي ٿئي ٿي. اروڙ جو شهر ته هن اڳڪٿي وارن بيتن ٺاهڻ کان ٽي چار صديون اڳ تباهه ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته اتان درياهه پنهنجو وهڪرو مٽائي چڪو هو. جيڪڏهن سنڌ جي قديم راڄڌاني اروڙ جي چوڌاري بند ٻڌو ويو هوندو، ته ان جو مقصد اهو هوندو ته متان درياهه پراڻي وهڪري ڏانهن موٽي نه وڃي، جيڪو بکر واري وهڪري ڀرسان ۽ اروڙ جي ويجھو هو. ٿي سگھي ٿو ته ان بيت جو ان وڏيءَ اٿل ڏانهن اشارو هجي، جيڪي اڳتي هلي اچي اروڙ واري پراڻي پيٽ ۾ پيو هو، ۽ اهو وهندو ناري يا هاڪڙي ۾ اچي ڪڙڪيو هو ۽ هيٺ لاڙ ۾ ڏاڍو هاڃو ڪيو هئائين (ساڳئي وقت فائدي وارو به هو.) (2) برٽن جو چوڻ آهي ته ان بيت مطابق اڳڪٿي پوري ڪانه ٿي. هو بيت جي پهرين سٽ ”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ“ جنهن جي معنيٰ آهي ته ”هاڪڙو هڪ دائمي درياهه طور هميشه وهندو رهندو.“ ، ”ڀڄندي ٻنڌ اروڙ“ ۾ ڪجهه ڦير گھير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اصل لفظن بدران رڳو وهندو “Shall Flow” جي لفظن تي زور ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان وقت هاڪڙي جي حيثيت فقط موسمي درياهه واري هئي ۽ جڏهن سنڌوءَ جي پاڻي ۾ چاڙهه ايندو هو ته هي وهڪرو به وهڻ شروع ڪندو هو. هن نقطهء نگاهه کان پهرئين بيت واري ڪيل اڳڪٿي پوري ٿي وڃي ٿي.

ٻئي بيت ۾ ڇوڙ ڀرسان بگھاڙ ڦاٽ بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن کي قديم زماني ۾ آر Ar سڏيو ويندو هو. ٺٽي کان تيرهن ميل ڏکڻ ۽ اولهه ان وهڪري جي ڪناري سان پير آر جي درگاهه آهي؟

بيت هن ريت آهي:

وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،

ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.

هن بيت جي پوئين سٽ ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو“ مان پتو پوي ٿو ته هن اڳڪٿيءَ واري بيت جو قديم دور سان واسطو ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته هتي اسان ”بلوچ“ جو لفظ ڏسون ٿا، تاريخن مان اسان کي معلوم ٿيندو ته چوڏهين صديءَ ۾ ”بلوچ“ لفظ کي اهميت ڪانه هوندي هئي. هن بيت ۾ بلوچ جي زوال جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ ان سان گڏ سندس زوال جي تمنا به ڏيکاري وئي آهي. تنهنڪري سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو ته هيءُ بيتُ پوئين دور سان واسطو رکي ٿو.

هيٺ ڏنل بيت جو گھاڙيٽو اهڙو آهي، جو اسان کي پڙهڻ سان ئي پتو پوي ٿو ته ان جو واسطو ڪنهن پراڻي دور سان هوندو.

اچي ويهجا ماڙهوا، ننگر جي آڌار.

پراڻنا پرار، نوان اڏج م نجهرا.

ٻئي بيت جي پڙهڻي وري هن جي ابتڙ آهي، جنهن ۾ نصيحت ڪئي وئي آهي ته ننگر ۾ نه وهو ۽ پراڻ پريان وڃي پنهنجا اجھا اڏيو. ”ننگر جي آڌار جم ويهجاه ماڙهوا، پُراڻئان پرار، نوان اڏجان نجهرا.“ مان سمجھان ٿو ته مٿي ڏنل بيت وڌيڪ صحيح آهي. اهو ڄڻ سمن ڏانهن پيغام هو ته ڇوڙ جو اوڀاريون ڪنارو ڇڏي، اولاهين ڪڙ سان وڃي آباد ٿين. سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ننگر اصل لفظ نگر جو بگاڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي شهر ۽ هن لفظ جو ٺٽي ڏانهن اشارو آهي. ڪنهن زماني ۾ اهو عظيم شهرن مان هڪ هو. هاڻي ته زبون حال آهي، پر پوءِ به ماڻهو هن کي اڃا تائين نگر ٺٽو سڏيندا آهن. هيءَ اڳڪٿي صحيح ۽ اصلي آهي، جنهنجو واسطو چوڏهين صديءَ سان آهي. ٻين بيتن ۾ سمن جي زوال جو ذڪر ڪيل آهي. سنڌ ۾ ٻيون به الائي ڪيتريون اڳڪٿيون هنڌين ماڳين ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. سنڌي انهن کي ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن، پر انهن جو واسطو ڪجهه پوئين دور سان هوندو آهي. هي به سموات دور Samwat era جي پنجابي ٻوليءَ ۾ هڪ اڳڪٿي آهي، جيڪا برٽن جي حاشيه نمبر 388 تي ڏسي سگھجي ٿي.

سنه ”97“ ۾ (پارسي ايران وارا) ايندا

سکر بکر ۽ روهڙيءَ کي والاري ويندا

اهي نيرون ڪوٽ کي به فتح ڪندا

ان کانپوءِ مهديءَ جي فوج ظاهر ٿيندي